Wednesday, December 20, 2023

رابعا - جميل احمد پال - ننگر چنا

رابعا

پنجابي ڪھاڻي

جميل احمد پال

ترجمو: ننگر چنا



منصور حيران هو تہ ڇا هيءَ اُها رابعا آهي، جنھن هڪ ڀيري هِنَ ڏي ڏسي ٿُڪي ڇڏيو هو ۽ جنھن جي هڪ جهلڪ جي لاءِ هُو سِڪَندو رهندو هو، پر هُوءَ منصور ڏي ڏسندي ئي ڪونہ هئي.

اڄ اُهائي رابعا کيس دعوت ڏئي رهي هئي.


منصورَ مُنڍَ ۾ تہ اِهو سمجهيو تہ هُوءَ ساڻس ڀوڳُ ڪري رهي آهي. اڄ ڪيئي ورهين کان پوءِ ٻنهين جي ملاقات ٿي تہ رابعا جو لھجو ئي مَٽيل هو. هڪ زماني ۾ تہ هُوءَ منصور ڏي ڏِسَندي ئي نہ هئي. جيڪڏهن هُو ڪا ڳالهه پُڇَندو هئس تہ هُوءَ سِڌي مُنھَن سان ورندي ئي نہ ڏيندي هئس. منصور هُنَ جي پويان چَريو ٿي پيو هو. اِها چريائپ عشق واري نہ هئي، پر بس رڳو چِلوِلائي هئي. منصور جوانُ ٿيو تہ سندس جواني ڪجهه وڌيڪ ئي رنگين هئي. سھڻو ڪڻڪائون رنگُ، ٺھندڙ هَڏُ ڪاٺُ، مُنھَن تي سُونھَندڙَ مڇن جي ڪري مردانگيءَ جو تاثرُ، مٿان وري شربتي اکيون، جَنِ ۾ اهڙو نشو جيڪو اُڏندڙَ پکيءَ کي هيٺ ڪيرائي وجهندو هو.

ڇوڪريون هُنَ مٿان ائين ڪِرنديون هيون، جيئن ماکيءَ تي مکيون ۽ هُو بہ قدرت پاران مليل انهن سوکڙين جو ڀرپور لاڀُ وٺندو هو.

پر رابعا هُنَ جي لاءِ للڪار بڻجي وئي هئي.

رابعا سندس جيون ۾ پھرين ڇوڪري هئي، جنھن هُنَ جي پرواھ نہ ڪئي هئي. جيئن جيئن منصور هُنَ ڏي ڇِڪجَندو ٿي ويو، تيئن تيئن هُوءَ کائنس پري ٿيندي پئي وئي. هڪ ڀيري جڏهن منصور گهٽي سَکڻِي ڏسي هُنَ جو اَڳُ ورتو تہ رابعا ڪاوڙ منجهان چيو هيس، “ماڻهوءَ جو ڦَرُ ٿي، پاسي ٿي وڃ، نہ تہ مان جُتي لاهي تو واري مٿي تي هڪ وارُ بہ نہ ڇڏينديس.” ۽ منصور ماٺ ميٺ ۾ هڪ پاسي ٿي ويو هو. پنھنجي عزت هر ڪنهن پياري هوندي آهي.

بس اُهو ئي ڏينھن ھو، جنھن کان پوءِ هُنَ رابعا جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو. منصور جي جيون ۾ ڪيئي ڇوڪريون آيون. هُنَ جا يار ساڻس ساڙ ڪندا هئا. ڪي پڇندا هئس تہ تو وٽ ڀلا ڪا گدڙَ سِنگهي آهي ڇا؟ پر هُو کين ڇا ڏسي ها!

پوءِ ڪيئي ورهيہ لنگهي ويا. رابعا جو وهانءُ ٿي ويو. هُوءَ پرڻجي ساڳي ئي پاڙي جي پوئين گهٽيءَ ۾ وئي هئي. مُنڍَ مُنڍَ ۾ تہ هُوءَ ڏهاڙي پيڪين ايندي هئي، پر هوري هوري اهو ڪم گهٽجندو ويو. پرڻي جي هڪ سال کان پوءِ سندس گهرِ پھرين ڌيءَ ڄمي. رابعا جو پيڪين اچڻ گهٽجي ويو. جڏهن کيس ٻي ڌيءَ ڄائي تيسين منصور جو وهانءُ بہ ٿي چڪو هو.

منصور بي اي ڪرڻ کان پوءِ نوڪريءَ جي لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو هو. پوءِ هُنَ کي پوليس کاتي ۾ نوڪري ملي وئي. اِها نوڪري ڏاڍي سخت هئس. مُنڍَ ۾ تہ ڪيئي مھينن تائين ٻئي شھر ٽريننگ جي لاءِ رهڻو پيس. پاسنگ آئوٽ کان پوءِ سندس ڊيوٽي ٿورو ويجهو لڳي، پر هئس ڏاڍي سختي. ستوڳي موڪل بہ نہ ملندي هئس. ڪجهہ نہ ڪجهہ ٿي پوندو هو تہ موڪل رد ٿي ويندي هئس. ڪيئي ڀيرا اڌ اڌ ڏينھن تائين سڙڪ جي ڪپر تي اُسَ ۾ بيھڻو پوندو هئس، ڇو تہ ڪنھن حڪمران کي اُتان لنگهڻو هوندو هو. اِنَ هوندي بہ منصور ۽ سندس ماءُ سَرها هئا تہ ڇوڪري کي نوڪري ملي وئي هئي. نوڪري مليس تہ ماڻس کي منصور جي پرڻي جي اچي لڳي ۽ هُنَ سندس پرڻو پنھنجي ڀاءُ جي گهر ڪرائي ڇڏيو. سندس گهڻي وقت کان ئي پنھنجي سيالڪوٽ واري ڀاءُ جي ڌيءَ شازيا تي اک هئي.

شازيا منصور جي جيون ۾ اچي رنگ ڀَريا. هُو پوليس جي ڏکي ۽ وقت گهرندڙ نوڪري تان موٽي گهر ايندو هو تہ شازيا مرڪي سندس آڌرڀاءُ ڪندي هئي. هُنَ جي پسند جون شيون رَڌيندي هئي ۽ هُنَ جي لاءِ سٺا سٺا ڪپڙا سِبرائيندي هئي، جَنِ کي پائي منصور جي مردانگي اڃا وڌي جَرڪي پوندي هئي. شازيا منصور جي زال ئي نہ پر سندس عاشق بہ هئي. منصور بہ شازيا کي پائي باقي سڀئي ناتا ٽوڙڻ شروع ڪري ڇڏيا. عاليا، فاعزا، مُنِي، اَبِيحا، اَنعَم، زُنيرا .... هڪ ڊگھي پالَ هئي، جيڪا وهانءَ کان پوءِ سُسِي شازيا تي اچي پُوري ٿي وئي. شازيا ئي منصور کي پيءُ ٿيڻ جو اعزاز بخشيو. پرڻجڻ کان ڪي ڏھ مھينا کن پوءِ منصور جي گهر پھريون پُٽ ڄائو. وهانءَ کي اڃا ٻہ سال ٿيا هئس جو ٻيو پُٽ بہ ڄميس. هُنَ جي ماءُ ڏاڍي سَرهي هئي، پر منصور تي سندس سنگتي کِلندا هئا ۽ مٿس ٺٺول ڪندا هئا، “توهان زالَ مڙسَ کي ايڏي تڪڙ ڇا جي آهي؟ ملڪ جي آبادي اڳ ڪھڙي گهٽ آهي!؟”

منصور کِلي ڏيندو هو. سندس سنگتي بشير چوندو هئس، “جي تون انهيءَ رفتار سان ٻار ڄڻيندو رهئين تہ مرڻ تائين ٻہ درجن کن ٻار هوندءِ.” منصور کِلي چوندو هئس تہ ٻيو ٻار ڀُلَ چڪ ۾ ٿي ويو آهي. اسان هُنَ جي لاءِ تيار ئي نہ هئاسين، پر سُڌَ تڏهن پئي جڏهن ڳالهہ اسان جي وَسَ مان نڪري چڪي هئي.

منصور جي پرهيز جي باوجود سندس پرڻي جي چوٿين سال کيس ٽيون پٽ ڄائو.

هاڻ تہ منصور جي زال کي کُٽڪو ٿيڻ لڳو. جي اسان ٻئي اهڙا ساوا آهيون تہ پوءِ ٻارن جي ڄَمَ کي ڪجهہ روڪڻو پوندو. هڪ تہ گهڻا ٻار سنڀالڻ اوکا آهن، ٻيو انهن جي کاڌ خوراڪ ۽ تعليم جو خرچ ڪٿان ايندو؟ هُو پاڻ تہ پوليس ۾ معمولي سپاهي هو. پوليس جو کاتو ڏاڍو بدنام آهي، پر هر سپاهيءَ کي رشوت وٺڻ جو وَجُهہ ناهي ملندو ۽ معمولي پگهار ۾ ڀلا ڪيترا ٻچا پالي سهگجن ٿا. منصور کي ٽئين ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ ڪاليج جي پروفيسر جميل جي ڳالهہ اڪثر ياد ايئدي هئي، جيڪو ڪلاس ۾ چوندو هو، “ڇوڪرا! ياد رکو، گهڻا ٻار ڄڻڻ ڪو سورهيائي جو ڪم ناهي. اهو ڪم توهان کان وڌيڪ سٺي نموني سان ڪتا ڪري سگهن ٿا. انسان کي گهرجي تہ رڳو اوترا ٻار ڄڻي جَن کي سُٺو کارائي سگهي، جَنِ کي سٺي سِکيا ڏئي سگهي. جَن ٻارن کي توهان سُٺو کارائي پياري نہ ٿا سگهو، سٺي اسڪول ۾ پڙهائي نہ ٿا سگهو، انهن کي پيدا ڪرڻ جو توهان کي ڪو حق ناهي.”

۽ منصور پروفيسر جي نصيحت تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. هُنَ شازيا سان طئي ڪيو تہ آپريشن ڪرايو وڃي. ٽي پُٽَ گهڻا آهن. اسان کي وڌيڪ اولاد جي گهرج ناهي. اڳئين مھيني مُندَ ٿوري ڀلي ٿي وڃي تہ شازيا کي آپريشن ڪرائي ڇڏڻو هو. معمولي آپريشن جنھن ۾ رڳو پندرهن منٽ لڳڻا هئا ۽ اڳتي جي لاءِ ٻارن ڄمڻ کان بچاءُ ٿي ويندو آهي.

اڄ ڪلهه شازيا پيڪين ويل هئي. منصور جي ماءُ هُنَ سان گڏ ئي پنھنجي ڀاءُ سان ملڻ هلي وئي هئي. منصورُ گهر ۾ اڪيلو هو. نُنھُن سَسُ کي وئي اڃا ڇھ ڏينھن مَسَ ٿيا هئا، پر ڄڻ تہ گهر جي سڄي رونق پاڻ سان کڻي ويون هيون. اڃا هڪ سَتوڳُ ٻيو بہ رهڻ کان پوءِ کين موٽي اچڻو هو، پر منصور لاءِ ڏکيائي ٿي پئي هئي. هڪ تہ هن کان زال جو وڇوڙو سھڻ ڏکيو ٿي پيو هو، پُٽن جي سارَ ايندي ئي هُو موبائل فون مان انهن جو تصويرون ڪڍي ڏِسڻ ويھي رهندو هو ۽ ڏهاڙي زال ۽ ماءُ سان فون تي ڳالهائي وٺندو هو، پر هُنَ لاءِ رات جو ويلو گهارڻ ڏاڍو اوکو ٿي ويندو هو.

منصور جي کاتي ۾ موڪلون ڏاڍيون گهٽ هونديون هيون. گهڻو ڪري هڪ ڏينھن اڳ سُڌَ پوندي هئس تہ ايندڙ ڏينھن واري موڪل رد ٿي وئي آهي. ڏاڍي ڪاوڙ چڙهندي هئس. اڄ ڪلهہ حالتون ڪجهہ صحيح هيون، اِنَ ڪري انچارج واري واري سان سڀني کي موڪل ڏيڻ جو چئي ڇڏيو. منصور جي موڪل خميس واري ڏينھن اچڻي هئي.

۽ اربعا واري ڏينھن اهو واقعو ٿي پيو.

منصور ڊيوٽيءَ تان لٿو گهر اچي رهيو هو. گهٽيءَ جي موڙ وٽ رابعا ڏسڻ ۾ آيس. هُوءَ منصور ڏي ڏسي مُرڪي. منصور سَرهو ٿيڻ بدران پريشانُ ٿي ويو. ڇا اِها جائي بہ رابعا هئي؟ اَکِ ڇِنڀَ ۾ هُنَ کي پنھنجي ڪيئي سالن جي ياد اچي وئي. هُو موٽَ ۾ مُرڪي بہ نہ سگهيو.

“موڪل ڪھڙي ڏينھن اٿئي؟” رابعا بنان ڪنھن آڳي پيڇي جي پُڇيس. گهٽي سِکڻي هئي، پر هُنَ کي سُڌَ هئي تہ ڪنھن بہ مھل ڪير بہ اچي سگهي ٿو. ڪنھن بہ گهر جو دَرُ کُلي سگهي ٿو.

“مون کي سڀاڻي موڪل آهي.” منصور وڏي ڏکيائيءَ سان وراڻيس.

“مان سڀاڻي ڏهين وڳي اچي وينديس.” رابعا تڪڙ ۾ چيس ۽ اڳتي وڌي وئي.

حيران پريشان منصورَ پوئتي ڪنڌ ورائي ڏٺو. رابعا گهڻو اڳتي وڃي چڪي هئي. هُو ڪٿي ايندي؟ سندس گهر؟ ڇو ايندي؟ منصور سوچيندو ئي رهجي ويو. زال فرج ۾ ڪيترن ئي ڏينھن جا ٻوڙَ رَڌي رکي وئي هئس، پر اُهي بہ هاڻي ذري گهٽ ختم ٿي چڪا هئا. ماني هُو اڄ ڪلهہ بازار مان وٺي ايندو هو. اڄ بہ وٺي آيو هو. هُنَ فرج منجهان ٻہ آنا کڻي آمليٽ ٺاهي، ماني کائي ورتي. پوءِ چانھ جو هڪ ڪوپ ٺاهي پيتائين. هُنَ کان اڄ ڪو بہ ڪم ڌيانُ سان نہ ٿي رهيو هو. جڏهن هُنَ ٿوري دير کان پوءِ ڏهاڙي وانگر زال کي فون ڪئي، تڏهن بہ سندس ڌيان رابعا ڏي هئو. جوڻس فون تي ڳالهائيندي ٻئي پاسي کان اندازو هڻي ورتو ۽ پڇڻ لڳس، “اڄ توهان جو ڌيانُ وِرڇِيَل پيو لڳي. ٺيڪ ته آهين؟ مٿي ۾ سُور تہ نہ اٿئي؟”

“ڪجهه ناهي، بس ٿڪيل آهيان.”

“پوءِ توهان آرام ڪيو. ڪيڏي سخت نوڪري ٿا ڪريو!” جوڻس جي لھجي ۾ ٻاجهہ ۽ خلوص هو.

پر منصور کي آرام ڪٿي هو؟ هُن کي هر هر خيال ٿي آيو. ڇا رابعا جائي بہ ائين چيو هو؟ يا مون کي ٻُڌَڻ ۾ ڪا ڀُلَ ٿي؟ هُنَ کي رات جو بہ ننڊ چڱي ريت نہ آئي. سپني ۾ هَر هَر رابعا اچي ٿي ويس. هڪ ڀيري هُنَ سپنو ڏٺو تہ رابعا آئي آهي، هُنَ سان لڳي ويٺي آهي ۽ اُمالڪ شازيا در کولي اندر آئي آهي ۽ رابعا کي ڳُتَ کان پڪڙي مارڻ شروع ڪيو اٿئين. پريشانيءَ وچان سندس اَکِ کلي وئي.

هُو صبح جو سوير اُٿيو. ڏهاڙي جي ڪِرت وانگر وِهنجي ٻاهر نيرن وٺڻ هليو ويو.

نيرن مان واندو ٿي، هُنَ پوليس کاتي جي هڪ امتحان جي سَنبَتِ لاءِ ڪتاب ڪڍيو. ٻہ مھينا پوءِ امتحان ٿيڻ وارو هئس ۽ منصور جو خيال هو تہ امتحان ڏئي ترقي ڪريان. پر ڪتاب سندس اڳيان هوندي بہ ڪٿي پري هئو. هُنَ جو دماغ رابعا ڏي ڀَٽڪي رهيو هو. ڪڏهن هُنَ جو هن تي ٿُڪڻ ياد ٿي آيو تہ ڪڏهن جُتي لاهي مٿي تي هڪ بہ وارُ نہ ڇڏڻ واري ڳالهہ . پوءِ بہ رابعا کيس سٺي لڳندي هئي. منصور سوچيو تہ جيڪڏهن شازيا سندس جيون ۾ نہ اچي ها تہ رابعا جي کوٽ تِھائين وڌيڪ کُکي ها. اِها کوٽ سڄي زندگيءَ لاءِ هئي، پر رابعا ڪيو ڇا؟ ڇا جائي بہ هُنَ اچڻ جو چيو هو؟ منصور هُنَ جي جملي جي باري ۾ غور ڪيو. هُنَ چيو هو: “مان سڀاڻي ڏهين وڳي اينديس.” ڪٿي اينديس؟ اها ڳالهہ نہ ڏسي هئائين پر ڪٿي اچي سگهي ٿي؟ اِنَ کان اڳ هُنَ موڪل جي باري ۾ بہ پڇيو هو. ڇا هُنَ کي سُڌَ هئي تہ منھنجا ٻار وَيل آهن ۽ مان گهر ۾ اڪيلو آهيان؟

منصور ٻاهريون دَرُ بنان ڪڙي ڏيڻ جي ڇڏي ڏنو هو. گهٽيءَ ۾ ڪو بہ کَڙڪو ٿيو پئي تہ هُو تڪڙ ۾ دَرَ ڏي ڏسڻ ٿي لڳو.

ساڍا ڏھ ٿي ويا. پوءِ دَرُ کُليو. رابعا ئي هئي. هُنَ کي ڄڻ تہ ويساھ ئي نہ پئي آيو تہ دَرُ کُليل هوندو. هُنَ اندر گهڙندي ئي در کي اندران ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. منصور هُنَ ڏي تَڪي رهيو هو. هُوءِ اڱڻ مان ٿيندي ورانڊي ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل منصور وٽ پھتي ۽ ڪمري ۾ جهاتي پائيندي چيائينس، “زال، ٻار ۽ امان سيالڪوٽ ويا اٿئي نہ !” هُنَ جي لھجي ۾ سوال نہ پر ڄڻ تہ اطلاع هيو.

“توکي ڪيئن سُڌَ پئي؟”

“بس پئجي وئي. مايُن کي اهڙين ڳالهين جي سُڌَ پئجي ويندي آهي. اندر ڪمري ۾ نہ هلون؟ مون وٽ وقت ڏاڍو گهٽ آهي.”

“چانھ پيئندينءَ؟” منصور پڇيس.

“چانھ کي ڇڏ، اندر هل.”

هُنَ جو آوازا سندس ساٿ نہ ڏئي رهيو هو.

منصور ماٺ ميٺ ۾ اُٿيو ۽ اندر ڪمري ۾ وڃي بيڊ تي ويھي رهيو. اِهو جوڻس جو هُنَ جو گڏيل بيڊ هو، جيڪو هُوءَ ڏاج ۾ کڻي آئي هئي. رابعا هُنَ سان گڏ اچي ويٺي.

“مون سوچيو، منصور ڪاليج جي زماني کان منھنجي پويان پَيل آهي، اَڄُ ڀلا هُنَ جي کڻي مڃي ٿي وٺان!” اِهو چئي هُنَ کِلَڻ جو جَتَنُ ڪيو پر اِها کِلَ نہ هئي.

منصور کي ڪنھن ڳالهہ تي ويساھ نہ ٿي آيو. اڄ سج ڪھڙي پاسي کان اُڀريو هو؟ هُنَ ڪنھن دور ۾ رابعا جي باري سُڌَ ناهي تہ ڇا ڇا سوچيو هو. اڄ رابعا هُنَ سان گڏ ويٺي هئي تہ منصور سڀ ڪجهہ وساري ڦيراٽين ۾ اچي ويو هو.

“ڇا ٿيو آهي؟” هُنَ وڏي مشڪل سان پڇيو.

“ٿيڻو وري ڇاهي، ڪجهہ ناهي ٿيو، بس مان تنھنجِي پراڻِي سَڌَ پوري ڪرڻ آئي هان. پر مون وٽ ويلَ ڏاڍي گهٽ آهي، تڪڙ ڪر.” رابعا ايئن چيس ڄڻ تہ هُوءَ چور هجي.

پر منصور جو دماغ ڪٿي ٻئي هنڌ هو، “اڄ ٿيو ڇاهي؟” هُنَ وري پڇيس.

“منصور! مان ٿي چوانءِ ويلَ نہ وِڃاءِ. مان سَسُ سان ڪُوڙ هڻي آئي هان تہ بازار ٿي وڃان. بازار اچڻ وڃڻ ۾ ٿورو وقت بچي پوندو آهي، بس ايتري وقت لاءِ مان تو وٽ آئي هان. پنھنجو چاھُ پورو ڪري وٺ.”

منصور اڃا بہ حيران هو.

“ڇا ڳالهه آ؟ مڙسَ سان جهيڙو ٿيو اٿئي؟” نيٺ هُنَ پڇيس.

“جهيڙو ڇو ٿيندو؟ هُو ڀلو ماڻهو آهي.” رابعا چوڻ لڳس.

“پوءِ؟”

“پوءِ ڇا؟ تون ڳالهين ۾ وقت ڇو وڃائي رهيو آهين؟” هُنَ کي ڪاوڙ اچي وئي.

“تنھنجي مڙس ۾ ڪا کوٽ آهي؟” منصور ڏاڍي ڏکيائي وچان پڇيس.

رابعا چيس،”نہ، منھنجي مڙس ۾ ڪا کوٽي تہ ناهي، هُو تہ ڏاڍو ڀلو مرد آهي، هُنَ مان جِندُ ڇڏائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.”

“پوءِ مون وٽ اچڻ جو مطلب؟” منصور پڇيس،” جڏهن مان ڳڀرو هئس تڏهن تہ ويجهو اچڻ بہ نہ ڏيندي هئينءَ. مان تنھنجي پويان پويان هوندو هئس ۽ تون .....” هُنَ ڳالهہ اڌ ۾ ڇڏي ڏني.

“بس، آهي نہ ڪو مطلب.” رابعا ڳالهه مَٽائڻ جي ڪئي.

هُوءَ وڏي چاھ سان آئي هئي ۽ منصور سان لڳي ويٺي هئي، پوءِ بہ سندس سَرِيرُ ٿڌو برف لڳو پيو هو.

پر منصور ڪٿي مُڙَڻ وارو هو. اِهائي رابعا هئي جنھن هڪ ڀيري هِنَ ڏي ڏسي ٿُڪ اڇلائي هئي. منصور کي هڪ هڪ ڳالهہ ياد اچي رهي هئي. اِهائي رابعا هاڻ سندس گهر اچي، انهيءَ ڪم جي گُهرَ ڪري رهي هئي، جنھن ڪم جي لاءِ منصور ڏھ سال اڳ سِڪَندو رهيو هو.

“جيئن ڪِن مردن کي ٻين جي ديڳڙيءَ جو چسڪو لڳي ويندو آهي، ڀلا ڪا اهڙي ڳالهہ تہ ناهي؟” هُو پاڻ کي اهو چوڻ کان جهلي نہ سگهيو.

“منصور! توکي سُڌَ آهي تہ مان اهڙي ناري ناهيان. بس تون پنھنجي مرضي پوري ڪري وٺ، جيڪو چوانءِ ٿي سو ڪر، وقت ٿورو آهي، مان سَسُ سان بھانو ڪري آئي هان، تون تڪڙ ڪر.” رابعا چيس. هُنَ جو بدن اڃا بہ ٿڌو برف لڳو پيو هو، ڄڻ تہ ڪو لاش هجي. بستري يا سيجَ واري ڪوساڻِ ۽ نرميءَ جو منجهس نالو نشان ئي نه هو.

“پوءِ بہ خبر تہ پوي، هاڻ ٿيو ڇاهي جو تو جھڙي عورت مون تي مھربان ٿي رهي آهي.” منصور ڄاڻڻ لاءِ زور ڀريس.

“منصور! مون کي ٻہ ڌيئون آهن. منھنجو جيونُ ڏينھون ڏينھن اَوکو ٿيندو پيو وڃي. سَسُ کي پوٽو کپي. هُوءَ پوٽي جي لاءِ منھنجي مڙس کي قسم قسم جون صلاحون ڏئي رهي آهي. ٻيو پرڻو ڪرڻ جو چويسِ ٿي. تنھنجا ٽي پُٽَ آهن. مون سوچيو، توسان هڪ ڀيرو سمهي ڏسان، ڪھڙي خبر، ائين ڪرڻ سان رب مون تي پنھنجي ٻاجهہ ڪري ۽ منھنجي گهر بہ پُٽ ڄمي پوي.” رابعا ڀرجي آيَل نِڙيءَ سان وراڻيس ۽ مُنھُن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.

*

سَتوڳُ= هفتو

سَتوڳي= هفتيوار

 

(ماھوار “چانڊوڪي” جي مھرباني)

No comments:

Post a Comment