Sunday, February 28, 2021

ٽيڊي باشا

ٽيڊي باشا

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

 


نڪ ڊگھو، منھن اڀو، وار ھِپي ڪٽ. بت ۾ سنھو جھڙو تلھڙ، اکيون وڏيون ۽ ويڪريون. وات کان بس ئي نه. هر وقت يافتو پيو لڳندس. جڏھن ڏس، تڏھن جھوٽا کائيندو پيو ھلندو. ڪڏھن به ساڳيو فئشن نه. ڪڏھن ڪگڙو ته ڪڏھن ڪھڙو. ڪڏھن ته ڪيترن ئي فئشنن جو لباس زيب تن. قلندري ڪنٺو ڳچيءَ ۾، چمڪيلو ڪنگڻ ٻانھن ۾. آڱرين ۾ اٺ-ست منڊيون. استنجا ڪيئن ڪندو ھوندو؟ ڪندو به ھوندو يا نه، اھا ڪنھن کي به خبر نه.

تاريخ ۾ ائين ڪونھي

تاريخ ۾ ائين ڪونھي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو


 

وڏا ۽ اڻڀا، ڇڏيل ۽ ڇوڙو ٿيل ڇَتَا، ليڙون ليڙون لٽا، ميرا ۽ نِڪُ. پنھنجي منھن وڦلڻ ۽ باڦڻ جي عادت. ڪئنال جي ڪڏهن اورينءَ ڀر ته ڪڏهن پرئين ڪپر، لٺ هٿ ۾ کڻي ڀاڄ ڪندو وتندو. ريچڪ اچي ويس ته ڪو رولو گڏهه ڦاسائي، مٿس چڙهي ڪنھن کي ڍوڍيندو وتندو. گڏهن تي چڙهڻ مھل، ڳاٽ اوچو ڪري، اڙيون هڻندو هلندو آهي ۽ رڙيون ڪندو هلندو آهي ته؛ ”شھنشاھي گهوڙيءَ جي رستي کان هٽي وڃو. ڪنھن کي به ڪا تڪليف آئي ته مان ذميوار ناهيان. سانوڻ توڙي سياري، ڪپڙن مان اگر بيزار ٿيو ته وٺي ٽپ ڏيندو، ڌو ڪئنال ۾. ڪپڙن سان گڏ، پاڻ کي به ڌوئي پاڪ صاف ڪري وٺندو ۽ ڪپڙن سڪائڻ لاءِ وٺي ٽاپ سان ڀاڄ ڪندو.

پگھر جو حشر

پگھر جو حشر

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



جنھن وقت به گھر ۾ گھڙان، گھوڙا گھوڙا! لڳي پئي آھي. ساهه بند ڪري جلد ئي ٻاهر نڪري ٿو اچان. ادا ڇا ڪيان! گھر ۾ ڏهه ڀاتي، ست نياڻيوڻ، تن مان به ٻه اٿاريم باقي پنج. ٽي پٽ، پاڻ ٻه سر. آءٌ پوڙھو قبر لائق. وڏو پٽ سو به اڃا مئترڪ ۾ مس پھتو آھي. ھجي ھان پھريٽو ته هينئر نوڪري ڪري ڪمائي ھان. ھٿ به ونڊائيم ھا. وڏين ٻن ڌيئن جو ته بار لاٿو اٿم. اھي پنھنجن ٻچن سان خوش آھن. باقي ٻين ٽن جي بار لاهڻ جو به اونو اٿم. اٿارڻيون ته پنج ئي اٿم. پر ٻه ننڍيون آھن. پر حالت ڪھڙي ٿو پڇين يار! پئسي کي سڀ مستي آھي. پندرنھن سؤ روپيا پگھار اٿم. جي پي فنڊ وغيره ڪٽائي صافي چوڏنھن يا سوا چوڏنھن سؤ ٿا ملن. ههڙي ظلم جي مھانگي ملڪ ۾ ڪاڏي ڪري ڪاڏي ڪيان. جي ڏيان ٿو قرضين کي ته بک ٿو مران، جي کائون ٿا پيٽ ۾ ته قرضي ٿا بڪيون پٽين. جيڏانھن تيڏانھن ويل. زندگي تيل ٿي وئي آھي. اسان ته ٻين لاءِ زندگي وقف ڪري ويٺاسين، پر پنھنجي حالت تي ڪڏھن نظر نه ڪئيسين. هينئر حالت اھا آھي جو ڪانئچ ٿو وٺان ته قميص ٿي ڦاٽي، قميص ٿو وٺان ته ڪانچ ٿي ڦاٽي، جي ٻئي ٿو وٺان ته ھنيانءُ ٿو ڦاٽي.

صحت جو راز

صحت جو راز

مختصر ڪهاڻي

مجيد گل



ٽرين ۾ سيٽ بڪ ڪرائڻ کان پوءِ هن سک جو ساهه کنيو. سڪون سان سيٽ ڳولڻ لڳو. سيٽ ملڻ کان پوءِ ويهڻ شرط عادت موجب ڪنهن خوبرو چهري لاءِ هن نظرون ڊوڙايون. پر نا اميد موٽي آيون ٻه چار کڳوڙ پوڙهين کان سواءِ باقي ڇڊا ڇڊا مرد ويٺا هئا. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳو؛ ”اڄ ته قسمت ئي ڦٽل آ! ان خيال ۾ هو ته بوگي جي  گيٽ تي هڪ  ڇوڪرو ۽ ڇوڪري نروار ٿي ٽڪٽ تي نمبر ڏسڻ کان پوءِ سيٽن جا نمبر ڏسندا هن طرف وڌڻ لڳا. ڏسندي ئي هن کان ڄڻ رڙ نڪري وئي. ”اڙي گهوڙا!“ دل ئي دل ۾ چوي ٿو؛ ”يا خدا، منهنجي ويجهو ڪٿي اتي ئي سيٽ ملين، هو ٻئي سيٽن جا نمبر ڏسندا هن جي سامهون سيٽ تي ويهي رهن ٿا. ”واهه مولا....!! هن کان ذري گهٽ رڙ نڪتي هئي.“

Saturday, February 27, 2021

عينڪ

عينڪ

ننڍڙي ڪهاڻي

رزاق سهتو



ڀئونرن ۽ پوپٽن، گلڙن تي ڦيرا پئي ڪيا. کيس چيم؛ ”ڪيڏو نه من موهيندڙ نظارو آهي.“

اکيون منظر ڏانهن کنيائين ۽ چيائين؛ ”ڪاش اسان به گل هجون هان، پوپٽ هجون هان، پکي هجون هان، آسمان تي اڏرون هان، ڪا ئي سرحد نه هجي ها، آزاد ڦيرا ڏيون هان. پکين وانگر وڻ ۾ آکيرو ٺاهي ويهجي ها، آنن تي آرو ڪجي ها. ٻچڙا ڦٽن ها، چهنب سان چوڳو ڏئي جوان ڪيون ها. پوءِ هو اڏامي هليا وڃن هان. سندن پيٽ جو دوزخ ڀرڻ جو ڪو اونو نه هجي ها. نڪي ٻچڙن جي وڇڙي وڃڻ جو ڏک ٿئي ها. پاڻ انسان جو آهيون. پيٽ ڀرڻ ۽ ٻچا پالڻ لاءِ رڳو انسان کي ئي پئسو ڪمائڻو پوندو آهي.“

Friday, February 19, 2021

بـيـرو ۽ موتي

بـيـرو ۽ موتي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھوٽل ۾، ھڪڙي ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل تي، شاعر معشوق موتي ويٺو آھي. کانئس اک بچائي، ٻيءَ ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل تي اچي ويٺو آھيان. ويجھو وڃانس ھا ته ڳچيءَ پئجي وڃي ھا. چانھه جي صلاح ڪري ھا پر آخر ۾ پئسا مون کي ڀرڻا پون ھا. شاعر ماڻھو آ، بي حوصلائيءَ ۾ ڪيترو به کائي سگهي ٿو. ان کان علاو، مٿو مفت چٽي ھا.

Monday, February 15, 2021

اڳيان به ڪاف ته پويان به ڪاف

اڳيان به ڪاف ته پويان به ڪاف

مختصر ڪهاڻي

نصرت سڪندر



”فيقيرن جو سڳڙو مون کي ڪين لڳڙو...“

ڳاڙهي مني بس، جنهن جي درين جي شيشن تي پکين جون سهڻيون تصويرون ٺهيل هيون ۾ شمن علي ميراليء جي گاني جي ڌم لڳي پئي هئي.

اها مني بس جنهن جي سيٽن تي رنگ برنگي ڪشن چڙهيل هئا، سا ڳاڙهي لاري جي نالي سان پوري تر ۾ مشهور هئي، جنهن ۾ ڪجهه ڇسا مرد ۽ ڪاليجي ڇوڪرا رڳو ان ڪري چڙهندا هئا جو ڊرائيور سندن پسند جا گانا هلائيندو هو. مني بس جي اڳيئن دروازي کان ڪنڊيڪٽر شهر جي نالي سان لاڳيتو آواز ڏيندو رهندو هو. اهو مشڪي ڪنڊيڪٽر به عجيب هو، مٿي تي سنڌي ٽوپي ابتي رکي، ٻنهي ڪنن ۾ پنجن رپين وارا سڪا رکي، وڏن پانچن واري ڪانچ جو هڪ پانچو مٿي ڪري، سواري کي پيو سڏيندو هو، سندس اکيون هيڊيون ۽ ڏند پيلا هئا.

Friday, February 5, 2021

راڻي باغ

راڻي باغ

ڪهاڻي

ضراب حيدر



جڏهن کان ڊاڪٽرن واڪنگ جي صلاح ڏني آهي تڏهن کان روزانو راڻي باغ  ۾ ويندو آهيان، راڻيءَ باغ منهنجي گهر جي تمام ويجهو آهي. واڪ ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي پر راڻي باغ جو ماحول ڄڻ مونکي وڌيڪ تندرست ۽ توانو ڪري ڇڏيو آهي. نوڪريءَ تي وڃڻ وارن ڏينهَن ۾ ته مان شام جو ئي واڪنگ لاءِ راڻي باغ وڃي سگهندو آهيان، پر موڪل وارن ڏينهَن ۾ صبح سان ئي راڻي باغ ايندو آهيان، موڪل جي ڏينهن ٽائيم هُجڻ ڪري واڪنگ کان سواءِ اندر زو ۾ به گهمندو آهيان ۽ جانور ڏسي دل وندرائيندو آهيان. راڻي باغ جي زُو ۾ اچڻ کانپوءِ مونکي اِهو احساس شدت سان ٿيندو آهي ته هي دنيا به هڪ زُو آهي ۽ هرڪوئي پنهنجي پنهنجي سوچ جي پڃري ۾ قيد آهي. يا وري هر ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي باندر، اُٺ پکي، لومڙ گدڙ يا وري سوئر سمجهندو آهي. مان شايد باندر هوندي به اُٺ پکي ئي هئس جنهن زندگي کي اکيون پوري قبول ڪيو هئو. اسڪول واري زماني ۾ جنهن ڇوڪريءَ سان محبت جو اظهار ڪيم ته اُن  مُنھن ۾ گهروڙي بُجو ڏنو، اُن ڪري يونيورسٽي ۾ جنهن ڇوڪريءَ کي چاهيم اُن سان اظهار ڪري نه سگهيس. امان جيڪا ڄٽي ڄامڙي زال پرڻائي اُن سان زندگي گُذاري ڇڏيم، منهنجي زال پن جي ٻيڙي ڇِڪيندي هئي ۽ مان ڪي ٽو جا سگريٽ ڇِڪيندو هئس. هوءَ ذهني ۽ جسماني طور سنڍ هئي ۽ مان ذهني جسماني طور بُزدل هئس. زندگي ڪنهن زو ۾ اُٺ پکيءَ جيان گذري وئي.