Sunday, February 28, 2021

ٽيڊي باشا

ٽيڊي باشا

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

 


نڪ ڊگھو، منھن اڀو، وار ھِپي ڪٽ. بت ۾ سنھو جھڙو تلھڙ، اکيون وڏيون ۽ ويڪريون. وات کان بس ئي نه. هر وقت يافتو پيو لڳندس. جڏھن ڏس، تڏھن جھوٽا کائيندو پيو ھلندو. ڪڏھن به ساڳيو فئشن نه. ڪڏھن ڪگڙو ته ڪڏھن ڪھڙو. ڪڏھن ته ڪيترن ئي فئشنن جو لباس زيب تن. قلندري ڪنٺو ڳچيءَ ۾، چمڪيلو ڪنگڻ ٻانھن ۾. آڱرين ۾ اٺ-ست منڊيون. استنجا ڪيئن ڪندو ھوندو؟ ڪندو به ھوندو يا نه، اھا ڪنھن کي به خبر نه.


لٽا، سدائين ڀليل پاتل ھوندس. ڪانئچ پائيندو ته مٿان ٻئي رنگ جي بشرٽ ۽ ٽئين رنگ جو ٽوپ. پينٽ پاتائين ته مٿان ٽئين رنگ جي قميص ھوندي. پٽو ته ھوندس ئي ڪو نه. پٽي جي خبر نه ھوندس، جي ھجيس ته الائي ڪيترا وٺي. پينٽ سان وري مفلر ڳچيءَ ۾ يا مٿي کي ٻڌل. انھيءَ رنگين مزاجيءَ ۽ ڏينھن ۾ ڏهه فيشن پائڻ واري روش سبب، ٽيڊي باشا نالو پئجي ويو اٿس.

ٽيڊي باشا پاڻ کي هر وقت ٽپ ٽاپ رکڻ جي جستجوءَ ۾ ھوندو آ. جڏھن ته کيس ڪو به اھو احساس نه ڏياريندو آھي ته توھان سمارٽ ٿا لڳو يا فئشن جا ابا آھيو. ماڻھن مان قدر ئي نڪري ويو آھي. ماڻھن لاءِ، سندس اھا مستقل شڪايت ھوندي آھي.

جڏھن ڏس، وتي روڊ ماپيندو. جنھن تنھن سان، هروڀرو ڳالھائڻ جي ڪوشش. اگر ڪنھن گرلز اسڪول کان ڪا سوڙهيءَ چادريءَ ۾ ويندڙ نظر آيس ته ان جي ڪڍ. ان وانگر چيلهه کي لوڏا لما کارائي، هيٺئين ڌڙ کي اڳتي پوئتي ۽ هيٺ مٿي ڪندو پيو ويندو. کيس گھر تائين ڇڏي، پوءِ موٽندو. موٽي اچي ماڻھن ۾ ڊاڙ هڻندو؛ فلاڻيءَ جو گھر منھنجو ڏٺل آ، مان وڏن کي به سڃاڻانس.

رستي ويندي ڪو لسو ڇورو نظر چڙهي ويس ته ھاسيڪاري موٽر سائيڪل ڍري ڪري، رانگ سائيڊ تي آڻي به، اڳيان اچي ڏيندس. صفا ويجھو آڻي يڪدم ڪنتري هڻي، بچائي ويندس. واه! سھڻا لوڏ تنھنجي!“ سينڍ ڏئي، سائيڊ پوز هڻي، ڀر مان لنگھڻ وقت، مطلب جي ڳالهه به ڪري ويندس. ڇوري اگر ورنديءَ ۾ منھن گهنجايس ته بچائڻ جو احساس ڏياريندي چوندس؛ مروان! موٽر سائيڪل هيٺان پئي آئين. بچايومانءِ! احسان ته نٿو مڃين الٽو سيد سان منھن ڪنو ٿو ڪرين.

الائي ڪيترا دفعا نوڪري ورتائين. ٻه ٽي مھينا ڪا نوڪري هليس ته ڇيھه ڪيائين. وري ساڳيو ئي رلندو وتندو ۽ منٿون ڪندو وتندو؛ ”بابلا! بيروزگار آھيان، نوڪري وٺرائي ڏيو.

ڪٿان نه ڪٿان پئو لڳيو وڃيس. نوڪري به مليو وڃيس.

ھڪ دفعي، بيروزگاريءَ واري ايامن ۾، ڪنھن پڇيس؛ ”بابلا! آخرڪار اوھان نوڪري ڇڏي ڇو؟

”بابلا! ڇا ڪيون. اسان شاھاڻا ٻار! ھڪ نوڪريءَ ۾، ھڪ پکيءَ ۾، ھڪ طعام ۾ ۽ ھڪ جنس ۾، اسان کي مزو اچي ڪو نه. پاڻ هر قسم جو مزو وٺون. لاابالي افعالن جي، وڪالت ڪيون ويندو.

اگر ڪنھن پڇيس؛ سائين ٽيڊي باشا، ڀلا ڪا سروس ٻروس ڇو نه ٿا ڪريو؟

اڙي مروان! هيءُ ڀلا تنھنجي پيءُ جي خرچ تي ٿو هلان؟“ چھڙ ڏئي چوندس.

ٽيڊي باشا‘، چڙ اٿس. ڪنھن ڀل ڀلايو چيس ته پوءِ ان جي اُتري. کيس به اهڙي ٻڌڻي پوندي. منھن تي ڪير به ’ٽيڊي باشا نه سڏيندو اٿس. اھو سندس پر-پٺ جو نالو آھي. سندس اصل نالي جي شايد سندس ماءُ پيءُ کي ئي خبر ھجي ته ھجي. باقي سڀ ڪو کيس ان ئي نالي سان سڏي ۽ سڃاڻي.

سوديبازيءَ جو وڏو شوقين. ٻه ٻير پوئتي ڀلي وڃي پر سودو ضرور ڪري. اھا عادت، مستقل اٿس. ھڪ دفعي ساڍي چئين هزارين واري راڊو گھڙيءَ تي، ستين سئين واري نئين اليڪٽرانڪ واچ مٽائي وٺي آيو. ان جي هلڻ ۽ انگن جي ڦير گھير اهڙو وائڙو ڪيس جو شونق ۾، سڄي واچ کولي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين. پڇڻ تي چيائين؛ ڏسان پيو ته ڪھڙي مڪينزم تي ٿي هلي!

مولائي به اھڙو آ جو ڪاٿي ويٺو ته ڇٽو. ڄڻ ڍڳا ڍور وڪڻي، پئسا بئنڪ ۾ ٿانيڪا ڪري، اچي ويٺو آ. اٿارڻ لاءِ ڀلي وڃي پوليس ۾ رپورٽ ڪجي پر هيءُ اٿندو ڪو نه.

البته جي اوچتو رستي سان ويندڙ ڪنھن ڪار ۾، ڪا منھن اگھاڙي عورت ڏٺائين، جهٽ ۾ اٿي موٽر سائيڪل، ڪار جي پويان لڳائيندو.يار! پکي ڏاڍا سٺا پئي ويا. اسان جو به ھوائي جھاز آ، اتي ئي ٿا وڃي پڄونس. پينٽ جي پٺئين کيسي مان ڪنگو ڪڍي، سائيڪل موٽر جي سائيڊ شيشي ۾ سينڌ ڪڍندي، ڊاڙ هڻندو. سائيڪل موٽر تي لانگ ورائي، اسٽئنڊ سڌي ڪري، پينٽ جي اڳئين کيسي مان ڪارو چشمو ڪڍندو. ٻنھي ھٿن سان پائيندي، جھڪي آئيني ۾ پنھنجي منھن تي ٺھندڙ آهر ڦھڪائيندو. پوءِ چاٻي وجهي، ڪِڪ هڻندو. گاڏي گھڻو ڪري اسٽارٽ نه ٿيندس، بيٺلن کان ڌڪو ڏياريندو. پر وات تي ھوندس؛ اجھو ٿا پکين کي پڄون، بابلا!.

شاھي رستي تي ھلندي، پٺيان تيز رفتار بس ايندي ڏٺائين ته ڪنھن موڙ وٽ موٽرسائيڪل ڍري ڪري، هٿ سان اڳتي نڪري وڃڻ جا اشارا ڏيندس ۽ وات سان سيٽي به وڄائيندو. ھوبھو ائين جيئن گاڏين جا انڊيڪيٽر ھوندا آھن. يعني بتيءَ جو ٽمڪو ۽ موسيقيءَ جو ٽڙڪو. انھيءَ بھاني سان بس ۾ ويٺل عورتن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو. اگر اندر ڪا عورت ويٺل نظر آيس ته پوءِ بس جي پٺيان سکر تائين هليو ويندو. بس ڊرائيور به اڪثر ڇتو ڪري وجھنس. پڄڻ ئي نه ڏينس.

اڄ به شاھي رستي واريءَ ھوٽل تي ويٺو ھو. چوڌاري ماڻھن جو ميڙ لڳو پيو ھئس. وچ ۾ ويھي بازيگرن وانگر، زبان جا ڪرتب پئي ڏيکاريائين؛ سائين واه! فئشن جي ڇا بات ڪيون! اڄڪلهه جون عورتون اھي فئشن ڪري اوھان جي ڀرسان لنگھي وڃن، ته توھان جا حيرت ۾ حواس ئي ختم ٿي وڃن. بابلا! اعتبار نه اچي ته گرلز اسڪولن جي ڀرسان وڃي بيھي ڏسو. اينديون پيون ته توھان جھڙا ڇرڪجي ويندا. ڇاتي لوڏيندي چيائين؛ اڳيان هيڊ لائيٽ چيلھه لوڏيندي چيائين؛ وري پٺيان انڊيڪيٽر پيون ڏينديون اينديون.

ڳالھ کي وڌائيندي چوڻ لڳو؛ بس سائين رنگ لڳا پيا آھن. ماڻھو دنيا جا رنگ ڏسي! ماڻھو چوندا آھن؛ دنيا دو رنگي آھي! پر مان اھا ڳالهه نه مڃيندس. دنيا جا ايترا رنگ آھن جو توھان ڳڻيو ته ڳڻي نه سگھو. ھا ڀلا وزم ٻزم جو ذرو اَٿوَ يا رڳو ائين نڙي ٿا هڻايو. بابا وزم ذري ھجي ته پوءِ ڪيئن ٿا اسان ٿياسافيڪل ڳالھيون ٻڌايون. ٻڌو نه اٿو پيئون ٿا چرس، گھمئون ٿا عرش، اسان ملنگ بابائن جي خدمت ڪندؤ ته توھان کي به عرش جو سير ڪرائينداسين.

گلو ڀٽ ۽ ربن ماڇيءَ وارن کي، سلفيءَ ۾ چرس ڀرڻ لاءِ ڀڙڪايائين. اھي وزم ٺاهڻ ۾ مشغول ٿي ويا.

ڀلا سائڙي ٻائڙي به گھوٽجي؟ گلوءَ وارن کان پڇيائين.

نه سائين!“ گلوءَ مختصر جواب ڏنس.

”تلسي به ھنئي اٿو يا؟

”تلسي ڇا آھي؟؟ گلو ڀٽ پڇيس.

”اڙي بابلا! اوھان ڇا ٿا چئوس؛“ ذھن تي زور ڏيندي چيائين: ”ھا! يار! ناز بوءِ!“

نه سائين! اوطاق جا مالڪ پوکڻ ڪو نه ڏيندا. ھي ئي الائي ڪيئن ويٺا آھيون.“

تاش چوپڙ؟

”مند تي! ھاڻي نه!“

ته پوءِ ڀينگ لڳي پئي آھي!“ ٽيڊي باشا، کين اصل شين جي اھميت کان آگاهه ڪندي چيو.

سائين اھو وري ڪاڏي ڦري ويا آھيو؟ ڪنھن پڇيس.

تنھن تي ٽيڊي باشا وري ساڳين خيالن ۾ موٽي آيو.

ھا بابلا! اسان مولائي ماڻھو آھيون. نه ھڪ گيڙ تي، نه ھڪ پير تي. تنھن ڏينھن وري ھڪڙي سنگتي وٽ ويس. اھو به اسان وانگر مولائي. اھي اھي فوٽو پيا ھئس جو وات ئي پاڻي پئي ٿيو. ڪن جا ڪپڙا صفا لٿل، اڳيان هٿ ڏيو، اونڌيون ستيون پيون آھن. ڪي اڀيون بيٺيون آھن. ڪي ڪيئن ته ڪيئن. بس ڪيا بات آ.

ايتري ۾ سلفيءَ جو وزم ٺھي تيار ٿيو. ان کي ڏسندي ئي گلو ڀٽ کي چيائين؛ ان کي مان سر ڪندس ۽ تنھنجي ھٿن ۾ ڪندس!“

تنھن تي گلو ڀٽ پنھنجي هٿن جي ٻڪ ۾ سلفي وڌائيندي چيس؛ سائين اچي ي ي..!“

ڀلي ڀلي ڪري اچي! سر سيد جو بچي! ڪوڙي ڪانگڙ ۾ نچي! گلو ڀٽ جي ھٿن ۾ ٺھيل ٻڪ ۾ پيل سلفيءَ مان ڪش هڻڻ لاءِ جھڪندي نعرو ھنيائين.

ٻن ٽن منٽن جو وڏو ۽ ڊگھو ڪش ھنيائين جو سلفيءَ مان دونھين جي بدران باهه جو شعلو ڀڙڪي اٿيو.

ڏي ي ي ..! حيدر! قلندر!! ڪيو ھو قادر قلندر!! ھو ھو...“ سلفيءَ مان، منھن ڪڍندي نعرو ھنيائين ته گلوءَ ۽ ربن ماڇيءَ وارن به سر ٿيل سلفيءَ کي ڏسندي، نعري سان گڏ ساڳيو نعرو دھرايو.

دم هڻڻ کانپوءِ دماغ عرش تي گھمڻ لڳس. چوڻ لڳو؛ اڄڪلهه گرلز اسڪولز ۾ پڙھائي وري ڪٿي آھي. مائٽ خوش ته اسان جون پڙھڻ ٿيون وڃن. جڏھن امتحان ٿا ٿين ته حالت ته هلي ڏسو. اڌ تي ڪارتوس ته اڌ تي خط. مال مڪس. ڇوڪرين جا به حواس ختم. جيڪو ملين سو ئي لکن. ماسترياڻيون به ڪاپي ڪرائين.

“ماسترياڻيون جيئن کين چون، تيئن ڪن. پنھنجي گذر سفر لاءِ ھنن مان ئي پئسو ڪڍن. ٺاهه ٺوهه جي سامان لاءِ پئسو، مٿان ئي مٿان نڪريو وڃي. دير ٿيڻ جو سبب مائٽ پڇندن ته ٻڌائينديون؛ آپا ويھاري ڇڏيو. چيائين؛ اڪيلي آھيان! ڪا گھڙي ويھه، ۽ برٿ به سکي وٺ. سو برٿ پئي سکيم.“

”اھو نه ٿو چوان ته ڇوڪرين کي تعليم نه ڏيارجي. ڏيارجي! پر ايترو ڇڙواڳ نه ڇڏجين. ڇڙواڳيءَ تي سينسر وجھجي. اسڪولن کان ٿيون نڪرن، بس، ٽاپڙ ٽاپڙ، ڄڻ هرڻيون ٿيون وڃن.ان تي، گهڻن وات-ڦاٽن ۾، ٽھڪڙو پئجي ويو.

”بابلا! اوھان منھنجي ڳالھين تي پت ڪريو ٿا الائي نه. الاھي ته مونکي به پيش ڪيون ويون. پر پاڻ مومن مولائي، پنھنجين نياڻين وارا، انھن ماسترياڻين کي لفٽ ڪرايون ئي نه.“ ڊگھيءَ تقرير کي انٽرويل ڏئي ڪش هڻڻ لاءِ جھڪيو.

ڪش هڻي وري سلفي ٻيھر سر ڪيائين. دوڏا ٻاهر نڪري آيس. تارا ڳاڙھا ٿي ويس ۽ رڳو ٽمڪيس پئي، ڄڻ اجھو پاڻي وهين. دماغ کي فرحت اچي ويس.

بابلا! سائين باشا کي ھڪ پاڪيٽ ۽ ماچيس به وٺي ڏي نه؟ گلوءَ کي چيائين.

”بابلا! پئسا ناھن نه ته کوڙ پاڪيٽ وٺي ڏيون ھا. گلوءَ، سڃائي ظاهر ڪئي.

اڙي بابلا! اوڌر سوڌر تي ئي وٺي ڏي نه! شام پنج ئي روپيا تو کي ازغيبي اتي ئي اتي، ملي ويندا نه. سائين باشاه جي ڳالھين تي اعتبار ناھي ڇا؟

سائين اعتبار ڇو ناھي؟ توھان بلڪل سچ ٿا چئو. حالت واقعي اهڙي فتنه ساز لڳي پئي آھي. گلو ڀٽ جواب ڏنس.

توھان رڳو اتي نه، پر هر لائين ۾ ڏسو. سياست ڏسو. صدر ايوب آيو ته عورتون ڪراچيءَ ۾ بلڪل اگھاڙيون پئي نظر آيون. ڪڇو ۽ باڊي، باقي ٻيو ڪل پيران دا خير. ڀٽي جي دور ۾ ۽ يحيٰ جي دور ۾ ڇا ڇا نه ٿيو؟ هينئر ڇا نٿو هلي؟ بابا مان ٿو چوان جيستائين انھن جي آزادي بند نه ٿيندي، تيستائين اھي فتنا، ملڪ مان نه ويندا. انھن جي روز اسڪول وڃڻ لاءِ ٽانگا ۽ رڪشا پنھنجا ھجن. پر ان تي تمام گھڻو خرچ آھي. ڪٿان پوري ٿئي!!؟

کرا خيال ٻڌي، ٻڌندڙ حيرت ۾ هئا. ذھن ۾ هئن ته ڪم از ڪم ھھڙي رولوءَ کي ته اھڙي کليل ۽ آزاد ماحول جي پاسخاطري ڪرڻ گھرجي.

ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين؛ سائين خرچ پکي پوري ڪرڻ لاءِ ضروري آھي، ايترو پئسو ھجي. ننڍيون ۽ ٿوريون آھن ته مائٽ رشوت وٺي پورت ڪندا اچن. پر جڏھن وڏيون ۽ گھڻيون ٿيون ٿين ۽ اچا اچا فيشن ٿيون ڪن ته ايترو فالتو پئسو ڪٿان ٿو اچي. مائٽ ته ايترو خرچ ڪو نه ڏيندن. پوءِ ضرور ڪو دوسرو ڪم ٿيندو. پوءِ اخبار ۾ پيو ايندو؛ اڄ ميونسپل گٽر تان تازو ڄاول ٻار هٿ آيو. انھيءَ کان سٺو آھي ته ڪني آڱر وڍي ڇڏجي. نه ئي ٽڪر ھوندو ۽ نه ئي ڪتو ڀؤڪندو. آھي ڪن نه!“ چؤڦير نھاريندي چيائين. جنھن تي سڀني ھاڪار ۾ داد ڏنس.

ھا توھان جي ڳوٺ ۾ ته گرلز اسڪول ڪونھي نه؟! نون آيل سگريٽن مان، ھڪ سگريٽ ۾ پريٽيل چرس ذري ڀري، تيلي هڻندي، پڇيائين.

نه سائين نه! توھان بي ڌڙڪ چئو، جيڪو چوڻو اٿو چئو. ٻڌندڙن مان ھڪ همٿ افزائي ڪيس.

الائي متان يار ھجي ۽ منھنجي ڳالهه ٻڌي ڪنھن کي چڙ لڳي.“ وقفو ڏئي، وري چوڻ لڳو؛ ”خير! ڪنھن کي چڙ لڳي ته ڀلي لڳي! اسان حق سچ چوڻ وارا! ڪنھن کان ڊڄڻ وارا ٿورو ئي آھيون. اگر ڊڄون ھا ته نوڪريون ڇو ڇڏيون ھا! صاحب رشوت وٺڻ لاءِ چيو. ٺپ انڪار ڪيومانس. رويو خراب ڪيائين. سفارش وارو جيڪ اوچو لڳل ھئس. ڪنڌ ڪيئن ڪڍائي؟ کيس تنگ ڏسي، نوڪريءَ کي ٿڪ هڻي آيس. اسان آھيون مولائي لڏو. ھڪ ھنڌ سان ڪا نه پوي. سدائين سير سفر، ڪڏهن جھنگ جهر، ڪڏھن بر بحر ته ڪڏھن ٿر ٿوهر پيا ووڙيندا وتون.

سلفيءَ جو آخري ۽ وڏو ڪش ھنيائين. جنھن کانپوءِ ربوءَ سلفي ڇنڊي، ٻيو وزم ٺاهڻ شروع ڪيو. تيستائين سگريٽ کي باهه ٻاري ڏنائين.

ٻڪ ۾ جهليل چرس واري سگريٽ مان، ڳاڙھو منھن ڪڍي چيائين؛ وري ملن کي ڏسو! ڦٽي اٿن... اڙي مان ٿو چوان، توھان مسيت ۾ ويھي سيرا ۽ حلوا کائو. توھان جو سياست سان ڇا؟!. ھاڻي ٿا هٿ هڻن ته استعمال ٿي وياسين. ڀٽي کي ڦاسي ڏياري، ھاڻي هٿ ھنيائون ته ڇا ٿي پيو؟!

ڀٽي کي ملن ڪيئن ڦاسي ڏياري؟ انھن جي ته حڪومت ئي نه ھئي. انھن لاءِ ڪيئن ٿا چئو؟!“ ٻڌندڙن مان ھڪڙي نوجوان جرح ڪيس.

اڙي بابلا! تنھنجي واڇن مان اڃا ٿڃ جي ڌپ ٿي اچي. تو کي ڪھڙي خبر ڪڪڙ ڪيڏانھن مٽندي آملڪ اسان ٿا ھڻون، انھن ڳالھين کي اسان ٿا ڄاڻون. اوھان کي ڪھڙي خبر! ڳالهه ٻڌ! ڦاسي ته ملن ڪا نه ڏنس، پر جي قومي اتحاد واري تحريڪ نه هلائين ھا ته ڀٽو صاحب ائين وڃي ھا ڇا؟ تون سڄو ڏينھن ڏاٽو ۽ کٿي هٿ ۾، ڳوٺ کان ٻاهر نڪتين ئي ڪو نه، تو کي ڪھڙي خبر. تڙي پٽيندي چيائينس.

ان سان گڏ ٻيا به ڀڻڪا ٿيا؛ اڙي بس نٿو ڪري ويھين! تو بودل کي ڪھڙي خبر ته دادوءَ ۾ ڌاڙو لڳو آ! سائين باشا کي ڇڏ ته پيو موج ڪري. سائينءَ جي دل کي ناراض نه ڪر.

ربوءَ، سلڦيءَ جو ٻيو وزم تيار ڪري ورتو ھيو. سائين باشا وڏو دم، هڻي سلڦيءَ کي سـَرِ ڪيو ۽ ٽمڪندڙ ڳاڙھن دوڏن واري ڪاراٽجي ويل چھري سان چوڻ لڳو؛ ھا ڌاڙا ٿا لڳن. ڪا جهل پل ناھي. ھاڻي وري رشوت ۽ زنا کي ٿا بند ڪن!؟! اڙي مان ٿو چوان پھرين اھي ڦاٽڪ بند ڪن، جن مان خالي انجڻ واريون ننڍيون وڏيون ريلون، ٻن ٽن ڊرائيورن سان هيٺان ٿيون لنگھن. ور نه ڪنٽرول ڪو نه ڪري سگھندا. اھي ريڊار به تباه ٿي ويندن.

سائين باشا شايد سوٽو سرس ھنيو هئو، يا فلسفو اھڙو ڳوڙهو ڳالھايو ھيائين، جو ڪنھن کي سمجهه ۾ ئي نه آيو. سڀني ڄاتو ته وڦلي ويو آ.

ھڪڙي سڻوپري، پٽڙيءَ تي آڻڻ لاءِ، ڳالهه ڪٽيندي چيس؛ سائين توھان اڄ فلسفي ۾ ڏاڍو مٿي ٿا ڳالھايو. شايد اھو ٿياسافيڪل جملو چيوَ، جيڪو اسان جي سمجهه کان گهڻو مٿي ھيو. ڪجهه اسان اڌ-پڙهين جو به خيال ڪيو.

”بابلا! مان به اھو ئي ته چوان ٿو ته اڃا مرد ئي پورا ڪو نه پڙهيا آھن ۽ ھاڻي وري هليون آھن، ھنن جون بربليون علم کي ڪلھو ڏيڻ. ڏس! وري برٿ سينٽر ڪڍيا اٿن. ڪندا معاشري جو ٻيڙو تباهه. ماڻھو وري مونکي ٿا چون ته آءٌ رولو آھيان. بابلا! اسان انھن کان وڌيڪ ٿياسافيڪل قسم جو ماڻھو آھيون. اسان هر شيءِ کي اکين سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. هر غم کي، دم سان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھنن کي ڪھڙي خبر ته اسان رلون ڇو ٿا. ان جو اھو ئي سبب آھي....“ ٿوري ساھي پٽي، ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳو؛ ”اڳ ۾ ماڻھو ڏهين پندرهين روپئي ۾ موج ڪري ايندو هئو. چڪلن تي بندش پئي آ، پاڻ ڏسو ڇا حشر ٿيو آ. بابلا! وڻ کي ٿڙ وٽان وڍبو ته وڻ ختم ٿي ويندو يا نه؟ ٽيڊي باشا سوال ڪيو.

نه سائين، تيئن شاخون زور ڏئي ڦٽنديون. ماڻھن جواب ڏنس.

چڪلن بند ڪرڻ جو به تيئن مثال آھي. چڪلن تي بندش وجهڻ سان زنا جو ريٽ وڌائي ڇڏيائون. شريف ۽ لچ جي گھر ۾ تميز گھٽ رهي آھي. اڳ ۾ الڳ جاين کي چڪلو چئبو هئو ۽ ھاڻ اھي عام گھرن سان رلي ملي ھڪ ٿي ويون. هيءَ زنا تي بندش آھي؟ نه بلڪل نه! سگريٽ جو آّخري وڏو سوٽو ھنيائين.

ايتري ۾ رستي تان ھڪ ڪار لنگھي. جنھن ۾ ھڪ ٻه، منھن اگھاڙي زائفان ويٺي ھئي. ان تي نظر پوندي ئي اٿيو. ڪنگو ڪڍي، سائيڪل موٽر جي سائيڊ شيشي ۾ وار ٺاھيائين. سائيڪل موٽر تي لانگ ورائي، اسٽينڊ فري ڪيائين. ڪارو چشمو پينٽ جي پوئين کيسي مان ڪڍي، اکين تي آڻي، جھڪي، آئيني جي مدد سان ٺاھي، پاتائين. ڪِڪِ ھنيائين. گاڏي اسٽارٽ نه ٿيس. ڌڪو ڏياريندي ڊاڙ ھنيائين؛ بابلا! ڇٽي کان پوءِ، اسان جو به ھوائي جھاز آھي. اتي ئي ٿا پڄونس!“

گيئر مٽائي، اڳتي نڪتو ته گلو ڀٽ ڀڻڪيو؛ سائين بابلا! پنجن روپين جي پارت ھجيو.

اڙي هل! ڀينگيا! اھي پئسا ويا. ڏڌل کير ٿو ٿڻين پوي. اڙي ھو ته ڏينھن ۾ تو جھڙن ڏھن کي ڀوڪ بڻائيندو آ ۽ خرچو ڪڍندو آھي. ڀر ۾ بيٺل جھوني بس ڊرائيور چيس، جيڪو اڄ موڪل تي ھو. جنھن جو چوڻ ھوندو آھي؛ اسان ڏينھن ۾ سوين ماڻھو ھڪ ھنڌان کڻي، ٻئي ھنڌ کپائي ايندا آھيون.

گلوءَ، ھڪ ڀيرو روڊ تي حسرت جي نگاهه وڌي. موٽر سائيڪل، اکين کان دور نڪري وئي ھئس. پڪ ھئس ته ڪار کي ڪڏھن ڪين پڄندي، جيئن شام جو کيس پنج روپيا ازغيبي نه ڪين پھچندا.

No comments:

Post a Comment