Thursday, March 11, 2021

جوڳين جو سميگار

جوڳين جو سميگار

فلئش فڪشن

ميوارام نجار



جهوني جوڳياڻي، ڏاڍي بُکايل هئي صبح ساڻ بکئي پيٽ پنڻ لاءِ نڪتي هئي پر ڪٿان به کيس خيرات نه ملي هئي. هلندي اوچتو سندس نگاهه هڪ وڏي شامياني تي پئي جنهن جي آس پاس ڪيئي موٽر ڪارون بيٺيون هيون. هوءَ خوش ٿي تڪڙي تڪڙي شامياني طرف ڀڳي، اِهو سوچي ته خيرات نه ملي ته بچيو سچيو کائڻ لاءِ ملي ويندو.


سھڪندي جيئن شامياني ڀرسان پھتي ته اندران ايڪوسائونڊ تي مُرلي جا آواز اچي رهيا هئا، هوءِ ويتر خوش ٿي وئي. شامياني جي لنگهه کان جيئن اندر وڃڻ چاهيائين ته در وٽ ويٺل همراهه کيس روڪيندي چيو ،

“ڪيڏانهن پئي اندر ڀڳي وڃين مائي جوڳياڻي ...؟”

“ابا، ڏاڍي بُکايل آهيان، ڪو ڀت آڻي ڏي ته کائي توکي دعائن سان رڱي ڇڏيان .”

“هل مائي هل، دعائن سان ٿي رڱين، شل نه ڏسو ڪو شاميانو ڀڳيون بيٺيون آهيو، چيم نه ته هتي ڪو ڀت ڪونهي.”

“ابا! پوءِ ڀلا هي هيڏو شاهي شاميانو ڇو لڳايو اٿن، اندر ته شادماڻا لڳا پيا آهن، مُرليون پيون وڄن.”

همراهه ڇڙٻ ۽ ڍڪو ڏيندي کيس چيو “هل هتان مائي، شادماڻو ڪونهي، وڏا وڏا ماڻهو ۽ اسڪالر لٿل آهن، جوڳين تي سيمنار آهي.”

جهوني جوڳياڻي کاڏي تي هٿ رکي حيرت وچان اِهو چوندي مايوس مايوس هلي وئي،

“الائي ڪهڙو  سميگار........اِهو جوڳين جو سميگار وري ڇا؟”

 

(ڏھاڙي ڪاوش ۲۰۲۱ع ۾ ۱۰ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment