Saturday, March 13, 2021

هڪ عورت

هڪ عورت

چراغ حسن حسرت

انجنيئر عبدالوهاب سھتو


 

لهندڙ سج جي ڪرڻن، افق کي رتائين چادر ڍڪائي ڇڏي هئي. اولهه طرف ڳاڙهين ۽ ڪاراڻ مائل ڳاڙهه-سرين ڪڪرين جو هجوم هيو. مان سمنڊ ڪناري، هڪڙي بينچ تي ويٺو هيس. سامهون ٻيڙيون ۽ جھاز، گن بوٽ ۽ موٽر بوٽ، سامونڊي نيرين وِيرُن تي، ڪنول جي گلن وانگر، جھومي رهيا هيا. هوا، نرم ۽ تيز هئي. سمنڊ ماٺو ۽ بنا شور جي هيو. رکي رکي، ڪنهن سامونڊي پکيءَ جي چِيهه، انهيءَ ماٺار کي ٽوڙي پئي وڌو. ڪو شخص منهنجي ويجھو اچي ويهي رهيو. مون هڪڙي نظر کڻي کيس ڏٺم. اڌڙوٽ عمر جو لڳي رهيو هيو. چنبڙيل ڳل، زرد چهرو، اکيون اندر تي، جن کي چشمي ڍڪي ڇڏيو هيو، چڳ ڏاڙهي، طوطي جهڙو نڪ، ڪوٽ ۾ چتيون لڳل هيس، پتلون به گهڻي پراڻي پئي لڳي.


ڪن ماڻهن سان اسان ٻيهر ٻيهر ملندا آهيون، پر سندن منھن مھانڊا، اسان جي ذهن ۾ ياد به نه رھندا آهن. وري ڪن ماڻهن جي صورت ڪجهه اهڙي هوندي آهي، جو اسان سندن هڪ جھلڪ ڏسي وٺندا آهيون، ۽ سالن تائين نه وسرندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڊنب ۾ ڪو چهرو لمحي لاءِ نظر ايندو آهي، ۽ اسان جي ذهن تي اڻ-مِٽ نقش چِٽي ويندو آهي. مون کي ايتري ڊگھي سياحت دوران، اڪثر اهڙا عجيب غريب چهرا نظر آيا آهن، جيڪي سڄي عمر ياد رهندا. مثال طور؛ سڪندريه جو اهو ڪٻڙو عطر فروش جنهن کي مون ”سوق الشيخ“ جي مُهڙ تي ڏٺو هيو، ڪيترا سال گذرڻ بعد به مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي.

وينس جو اهو ٻيڙياتو، جنهن جي ٻيڙيءَ تي مون سير ڪيو هيو، پنهنجي بي چين ۽ بي قرار نظرن جي ڪري، مون کان ڪڏهن به نه وسرندو.



ميامو منجهه، مون هڪ ڪمزور عورت کي ڏٺو هيو، جنهن کي ڏٺي ائين پئي لڳو، ته ڪنهن جوڙيندڙ چندن جي ٽاريءَ منجھان بت تراشيو آهي. اهو به سچ آهي ته منهنجي خيال جي دنيا، اڄ به سندس تصور سان رنگين آهي. وري ”مارسيلز“ ۾... خير! ان قصي کي ڇڏيو.

ها! ته مون چيو پئي ته ان شخص جي چهري ۾ ڪا اهڙي ڳالهه هئي جو ڪو به ماڻهو کيس هڪ دفعو ڏسڻ کان پوءِ وساري نه ٿي سگھيو. هو سمنڊ جي لهرن تي جُوھَ وجھيو، ٿورو ڀڻڪي رهيو هيو. ليڪن سندس ڀُڻ ڀُڻ ۾ روئڻ ۽ ٻاڏائڻ وارو انداز هيو. ائين پئي لڳو ڄڻ، سندس دل ڏُکاري آهي. ۽ پوري سنسار اندر، ڪنهن ساڻس ڪا نيڪي ناهي ڪئي. مون سندس چهري تي هڪ نظر وجھندي دل ۾ چيو؛ ”هيءُ شخص، ڪو ناڪام ڊاڪٽر پيو لڳي. شايد ويچاري جي پريڪٽس نه ھلي سگھي. هو سِرڪي، منهنجي ويجھو آيو ۽ وڦلڻ لڳو. هاڻ سندس آواز وڌيڪ چٽو هيو. ليڪن سندس لفظ، بلڪل چچريل ۽ سمجھڻ لائق نه هيا. ائين پئي لڳو ڄڻ نڙيءَ منجھان نه بلڪ آنڊن مان پئي نڪتس. ڇو جو اهي ڦڦڪندڙ معدي سان، گھڻو مشابهه هيا. اُپڪائي وڏي وات چيائين؛ ”هيءُ سفيد ۽ ڳاڙهيون ٻيڙيون، هيءُ جھاز ۽ اسٽيمر، ڪيئن پيا سمنڊ جي شفاف سيني تي ڊوڙن. اسان جي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ جو ساڳيو حال آهي. اڄ اها ماٺي سمنڊ جي سطح تي تري پئي، ليڪن سڀاڻي طوفاني ويرون، کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي وٺنديون.“ اهو چئي هن مون ڏانهن داد طلب نظرن سان ڏٺو.

هاڻ مون کان به رهيو نه ٿيو. پڇيومانس؛ ”ڇا مان اهو پڇي سگھان ٿو ته اوهان ڪير آهيو؟“

سندس وات ۾ هڪ آن نڪتي. پوءِ روئڻهارڪي لهجي ۾ چوڻ لڳو؛ ”هڪ ناڪام انسان!“

”اهو ته مان پهرينءَ سٽ سمجھي ويو هيس. ليڪن ڇا اوهان مون کي ٻڌائي سگھو ٿا ته اوهان جي ناڪاميءَ جو سبب ڇا ھيو؟

ھڪ عورت!

”هڪ عورت!“ مون تعجب منجھان ڏانهس ڏٺو؛ ته پوءِ هن ناڪام ڊاڪٽر، پنهنجي جواني، حسن ۽ عشق ۾ گذاري هوندي. الله! ان شخص جو داستان ڪيڏو عجيب هوندو.

هن پنهنجي کيسي مان ٻيڙي ڪڍي ۽ ان کي دکائي، چيائين؛ ”لڳي ٿو ته اوهان، منهنجو قصو ٻڌڻ ٿا گھرو!؟“

”جي! هائو!“

”ته پوءِ ٻڌايو!“

ٻيڙيءَ جو دونهون، هوا ۾ وٽڙي پئي ويو. مون کي ائين لڳي رهيو هيو، ڄڻ ان جي ڇلن منجھان هڪڙو دلڪش رومانس اُڀري رهيو هجي.

”رات جا اٺ ٿيا هيا، ھاربني روڊ تي، هڪ ڊگھي چوٽيءَ واري گھر اندر گهڙيس. سردين جي موسم هئي. هوا تيز لڳي رهي هئي. منهنجو ڪمزو جسم، ڏڪي رهيو هيو. مون کي ڏسندي ئي دربان چيو؛ ’جلدي هلو! اوهان جو ئي انتظار ٿي رهيو آهي. مان ور وڪڙ ڪمرن ۽ سوڙهين ڳلين مان ٿيندو، هڪڙي ڪمري ۾ پهتس. جنهن جي دروازي تي نرم ۽ ٿلها بخملي پردو ٽنگيل هيو. هڪ حسين عورت، جنهن جون خماريل اکيون، عجيب اشتياق سان دروازي ۾ کُتل هيون. سا چُلهه آڏو، هڪڙي صوفي تي ستي پئي هئي. مون کي ڏسڻ شرط، اها اُٿي ويٺي ۽ چوڻ لڳي؛ شڪر آهي جو اوهان آئيو. مان ته نورل کي اوهان ڏانهن موڪلي رهي هيس. اي الله! مون کي ڇا ٿي ويو! گوڏن ۾ سور! مٿي کي چڪر! اکيون سڙن ٿيون! خدا جي واسطي، مون کي ٻڌايو ته مان ڇا ڪيان؟

مون جواب ڏنس؛ ٻه ٽي ڏينهن آرام ڪيو!

هوءَ صوفي تان لهي، منهنجي ويجھو آئي ۽ مُٺيون ڀڪوڙي، ڏُکاري لهجي ۾ چوڻ لڳي؛ اوهان نه ٿا ڄاڻو، مان اڄ رقص ڪندي رهي آهيان. فلم جي شوٽنگ پئي هلي. سڀاڻي مون کي وري رقص ڪرڻو آهي. بس اتيرو ٿي چاهيان ته گوڏن جي سور جو علاج ٿي وڃي. مون کان ته هليو به نه ٿو ٿئي!

اوهان کي احتياط ڪرڻ گھرجي! موسم خراب آ.

هن پنهنجون ڀوريون ٻانهون، منهنجي ڳچيءَ ۾ وڌيون ۽ چوڻ لڳي؛ خدا جي واسطي، ٻڌاءِ ته مان ڇا ڪيان؟

سندس خوشبودار وار، وکريل هيا. منهنجي اداس دل، سندس اميد اڀاريندڙ جسم جي گرميءَ ۽ سندس ڇهاءَ جي ڦٿڪي کي پسي رهي هئي. انهيءَ حسينا کي مصيبت ۾ ڏسي، منهنجي دل ڀرجي آئي ۽ مون انتهائي ملول لهجي ۾ چيس؛ ٽنڪچر آيوڊين لڳايو!

ٽنڪچر آيو ڊين!؟ ڇا اوهان ٻي ڪا دوا نه ٿا ٻڌائي سگھو؟

منهنجي سمجهه ۾ ٻيو ڪو علاج نه ٿو اچي! خدا اوهان تي رحم ڪري!

ڊاڪٽر......... ڊاڪٽر! تون ڇا پيو چوين مان صبح جو ڇا ڪندس؟

مون حيران ٿي چيس؛ ڊاڪٽر.....؟ مان ته اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ جو مستري آهيان! اوهان سڏيو، حاضر ٿي ويس.

هن ڪاوڙ منجھان مون کي ڌڪو ڏنو ۽ چوڻ لڳي؛ گستاخ، بدتميز، بيهودا!‘

ايتري ۾ خدمتگار ڊوڙندو آيو؛ حضور! ڊاڪٽر صاحب جن آيا آهن!‘“

ٻيڙي وسامي چُڪي هئي. هُن اها دکائي ۽ ڪش هڻندي، آهستي آهستي چيائين؛ ”پوءِ هن، اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ وٽ منهنجي شڪايت ڪئي. مون کي اتان ڪڍيو ويو. هاڻ مان وري بيڪار پيو رُلان. مطلب ته مان هڪ ناڪام انسان آهيان. منهنجي ناڪاميءَ جو باعث، ھڪ عورت آ.“

ٻيڙيءَ جو دونهون، هوا ۾ پکڙيل هيو ۽ ان سان گڏ، منهنجي متوقع رومانس جا چيٿڙا، فضا ۾ وٽڙي رهيا هيا.

§

No comments:

Post a Comment