Saturday, March 20, 2021

ڇِڙ وِڇِڙ ڳالھيون

ڇِڙ وِڇِڙ ڳالھيون

امر لغاري



اسان وٽ جيترا ڪھاڻي، ناول ۽ شاعري جي تنقيدي سمجھ بابت ابھام آھن اوترا ئي ھڪ عام اخباري ريويو، ڪريٽيڪل ريويو، تنقيد ۽ اڪيڊمڪ رسرچ اسٽڊي پيپر بابت. چڱا ڀلا پڙھيل ۽ لکاري ھڪ تبصري (تبصرن جا درجن کن قسم آھن) کي تنقيدي مضمون سمجھندا، ھڪ عام مضمون کي اڪيڊمڪ پيپر سمجھندا (جڏھن ته اسان وٽ، خاص ڪري ڪھاڻي، ناول ۽ شاعريء تي، ڪن ٿورڙن ماڻھن کي ڇڏي، اڪيڊمڪ پيپر نه ھجڻ جي برابر لکيا وڃن ٿا). 


ايئن ئي اسان ھر ان فيلڊ ۾ گھڙي ٿا پئون جنھن تي اسان جو ڪو به “آئوٽ پٽ” ڪونھي يا پروفيشنلي اسان ان سان لاڳاپيل ئي ڪو نه آھيون. ھڪڙي اجرڪ کي رنڱ ڪرڻ واري وٽ مان جو وڃي ويھان ۽ چوان: يار, رنڱ تون صحي نٿو ڪرين يا وتائي فقير وانگر ڪنھن ريڙھي واري وٽان گذري کيس چوان ته ھي ھيترا گدرا رکيو ويٺو آھين کائين ڇو نٿو ته....ان رويي يا ايپروچ کي سادگي تہ سڏي سگھجي ٿو پر تنقيد يا اصلاح ھرگز نه. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بہ سوين اسان جھڙا ماڻھو آھن، انھن جا به رويا اھڙا ئي آھن، پر شيون اڳتي اھي ٿيون وڌن جن ۾ ڪوالٽي، سنجيدگي، ڊائريڪشن، ايپليڪيشن ۽ ٻين شين disciplines کي متاثر ڪرڻ جي صلاحيت يا قوت ھوندي آھي. باقي شيون (مثبت يا منفي... پوريون يا اڻپوريون) اھڙين سنجيده لکڻين لاء ماحول ٺاھڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آھن. لکڻين ڏانھن ٻئي جي رويي تي اسان ڦوڪڻي وانگر ڦاٽي ٿا پئون پر لکڻين ڏانھن عملي طرح اسان جو رويو ڪھڙو آھي. ڪي ماڻھو ڪجھ ليکڪن جا نالا وٺي چوندا آھن ته اھي سنڌي ادب کي ٽيڪ ڏيو بيٺا آھن، ڪي وري چون ٿا ته ڪجھ به ڪونھي ڪاريءَ وارا ڪک آھن .... ٻنھي جي ڪا به اھميت ڪونھي. Claim لاء آرگيومينٽ کپي، آرگيومينٽ لاء evidence کپي ۽ ايويڊينس لاءِ reasoning ... اھي ڪٿي آھن اسان جي ڳالھين ۾؟ اسان ڇو وڙھيا پيا آھيون؟ ماڻڪ وڏو ڪھاڻيڪار آھي ۽ خيرالنساء وڏي ڪھاڻيڪارہ آھي....(اسٽيٽمينٽ جاري ڪري ڇڏي) پر اسٽيٽمينٽ واري وٽ آرگيومينٽ آھي ڪونه...ايويڊينس آھي ڪونه...امر لغاري جديد ڪھاڻيء کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آھي يا ڪليم ٻٽ ناول کي جديد بنائي ڇڏيو آھي...پر ڪريٽيڪل رسيپشن ڪٿي آھي؟ ڪٿ ڪٿي آھي؟ سنجيده اڪيڊمڪ ڊسڪورس ڪٿي آھي؟ ماڻھوءَ گڏ ڪري ڪتابن تي پروگرام ڪرائڻ يا فيسٽيولز ۾ ويھي ميڙ سامھون دعوائون ڪرڻ خراب ڳالھ ناھي، پر انھن کي سنجيده ڊسڪورس ۾ تبديل ٿيڻ کپي. عبدالقادر جوڻيجي سنڌي عظيم ڪھاڻيء کي گولي لڳڻ جي ڳالھ ڪئي، پر اڃا تائين سنڌ ۾ ان عظيم ڪھاڻيء تي ڪو ڍنگ جھڙو ڪتاب ڪونه آيو آھي. قادر کي به يقين ھو ته ان کان پوء به سٺي ڪھاڻي لکي پئي وڃي، ڇو ته ھن رحمت الله ماڃوٺي، طارق عالم، نصير ڪنڀر، منظور جوکيي جي ڪن ڪھاڻين بابت زبردست راء ڏني آھي. ھو نوجوانن تي اخبارن ۾ انڪري نه لکندو ھو جو ھن کي خبر ھئي ته جي ھو ڪنھن ھڪ تي لکندو ته باقي پنج ھن کي گاريون ڏيندا....انڪري ھو دنيا جو ادب پيو پڙھندو ھو، ۽ ان ادب بابت پيو لکندو ھو...۽ انڪري انھن اديبن جون ڳالھيون پڙھي پڙھي اسان به ٿوري گھڻي دانشوريء جھڙا ٿي پياسين. ڪھاڻيون، ناول، شاعري ڀلي توڙي لائين پئي لکبي، پر ان تي ٻن لفظن يا سٽن جي راء ڏيڻ کان اڳ ان کي پڙھڻ ضروري آھي. اھا ڪٿ ڪرڻ ضروري آھي ته اھا ڀلي ڇا ۾ آھي ۽ ڪسي ڇا ۾ آھي. ڪھاڻيءَ جو ترجمو ٿي ٻين ٻولين ۾ وڃڻ ڪا عالمي ڪسوٽ ڪونھي....پر عالمي ادب مان جيڪي ايڪيھين صديء ۾ لکيل ڪھاڻين جا جي اوھان وٽ ترجما آھن ته پنھنجون ڪھاڻيون انھن سان ڀيٽي پرکي وٺو. اڄ جي ڪھاڻي ستر جي ڏهاڪي جي ڪھاڻيء سان ڪونه ڀيٽبي، ستر واري ڪھاڻي بوڪيشو جي ڪھاڻين سان ڪونه ڀيٽبي، ايڊگر ايلن پو جي ڪھاڻيء جي وصف جان باٿ جي ڪھاڻيء جي وصف سان ڀيٽبي، منٽو کي ڪافڪا سان ڪونه ڀيٽبو، جمال ابڙي کي گارشيا مارڪيز سان ڪونه ڀيٽبو، ماڻڪ کي امر جليل سان ڪون ڀيٽبو...خيرالنساء کي ماھتاب محبوب سان ڪونه ڀيٽبو....ھر ڪنھن وٽ پنھنجي پنھنجي ڪھاڻي آھي. سڀنيء وٽ ڪھاڻيء جو جھان ۽ فني لوازمات پنھنجي پنھنجي دور جا آھن. خيرالنساء جون ڪھاڻيون ماھتاب مھبوب جي ڪھاڻين کان موضوع، اسلوب، نواڻ ۽ پنھنجي دور جي جديد ڊسڪورس ڪري گھڻو مختلف ۽ فورس فل آھن. اڄ تائين ڪنھن ان تي لکيو آھي؟ انھي طريقي سان منور سرج، اخلاق انصاري، جان خاصخيلي، لياقت رضوي، رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون آھن. انھن کي پنھنجي دور کان اڳ وارن سان ڀيٽڻ بيوقوفي آ. ڇو ته اھي جيتوڻيڪ ھر دور جي نمائندگي ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون پر پنھنجي نمائنده فني لوازمات ۽ موضوعي نمائندگيءَ سان. انھن کي آغا سليم يا حميد سنڌيء سان ڀيٽي نٿو سگھجي. ھر دور جو ادب پنھنجي دور جو نمائنده ادب ٿئي ٿو. اھو ھر گذريل دور جي ادبي روايتن کي پاڻ ۾ ايئن جذب ڪري ڇڏي ٿو جو آھي ان دور جون نظر نٿيون اچن پر نئين دور سان پيوند ٿي وڃن ٿيون. انڪري ھي دور ريٽيلنگ، ٽرانس ريئلزم، پوسٽ ناڊرنزم، آٽوفڪشن، پوسٽ فيمينزم، پوسٽ ھيومن، ميجڪ ريئلزم، پيروڊي، ۽ انھن سان گڏ ٻين ڪيترن عنصرن جي مڪسنگ جو دور آھي. ايئن نه ڪيو، يار، ته مونکان پوء اوندھ آھي يا منھنجي يار کان پوء اوندھ آھي. ھي دور “سموليشن ۽ سمولڪرا” جو دور آھي، جتي حقيقت گم ٿي وئي آھي، جيڪو ڪجھ اسان ڏسون پيا، سماج جي شڪل، سا فقط “اميجز جي نمائندگي” آھي. حقيقت جي ڪا خبر ڪانھي. فرد جي سماجي  نمائندگي (symbolic other) ٻوليء جي بائنريز جي ھير ڦير ۾ پاڻ ھيٺ مٿي پيو ٿئي. اسان جي گھڻائي “اسٽيٽ آئيڊيالاجيڪل ايپريٽس ۽ ريپريسو اسٽرڪچر” جي شيپ ٿيل آھي. اديب ان سان مخاطب آھي. جي اھو پاڻ به انھن جو شيپ ٿيل ھوندو تہ قصو ڪٿي پھچندو. (انورٽيڊ ڪاما ۾ ڪجھ ٽرمز الٿيوزر، لاڪان ۽ بوديلارڊ وٽان اڌارا ورتا ويا آھن. جن کي سنڌيء ۾ جيئن جو تيئن رکيو ويو آھي، ۽ ڪھاڻيڪارن جا نالا مثال طور ڏنل آھن...).

 

(امر لغاري جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment