Monday, March 29, 2021

درياءُ - ناصر بلوچ - ننگرچنا

درياءُ

پنجابي ڪھاڻي

تخليق: ناصر بلوچ

ترجمو: ننگرچنا



هُو راويءَ جي نئين پُل هيٺان لنگهي رهيا هيا. ٻيڙيءَ ۾ هُنَ جي اڳيان مغل شھزادين جي مُھانڊن واري ڪامڻي ويٺي هئي. ڏينھن هوري هوري پڄاڻيءَ ڏي وڌي رهيو هو. هُو چُڀڙڪ چُڀڙڪ ڪندي، ٻيڙيءَ جو ونجهه هلائيندي، کيس جُوههَ وجهيون ڏسي رهيو هو. هُوءَ ميڻ جي مورت وانگر هُنَ جي اکين ۾ رجندي وئي. سامھون جھانگير جي مقبري جا مُنارا ڏسڻ ۾ اچي رهيا هيا. ڏسندي ئي ڏسندي کيس ڄڻ ته مورَ جا پَرَ لڳي ويا.


هُنَ جي مورڻي هُنَ جي اندر جهُونگارڻ لڳي، هُو اُڏندو اُڏندو مقبري جي مُناري تي وڃي ويٺو. هُنَ جا پَرَ کُلي ڇَٽُ هڻي بيٺا. هُو نچندي نچندي مناري جا ڏاڪا هيٺ لھي آيو ۽ قبر جي تاج وٽ وڃي ويٺو. هُنَ قبر کي ٺونگو هنيو..... ۽ جھانگير جي ڪُلهي کي لوڏو ڏنو ... جھانگير اُٿي ويٺو. هُنَ جھانگير کي وري سمهي پوڻ جي صلاح ڏني _ جھانگير سمهي پيو. هُو اُڏندو، ريل جو بند ٽپي وڃي نورجھان جي ڀرسان ويٺو _ هُنَ نورجھان کي جاڳايو .....

“ظِلِ الاهي توهان ! ... توهان جي شڪل مبارڪ؟” هُنَ اکيون مھٽيندي چيو.

“ٽاڻي انوسار گهڻو ڪجهه مَٽجي وڃي ٿو. منھنجي اکين ۾ ڏس! اِهو مان ئي آهيان، تنھنجو ظِلِ الاهي.”

“اچ! اچ ته آصف جاهه جي گهر هلي ٻيھر نکيٽي ٿا ڪريون.”

“دشمن ڀاءُ جي گهر؟”

“نه، مھرالنساءِ! ايتري دير ۾ ته پربت به پاڻي ٿي ويندو آهي. هي پنجاب آهي، هتي ڀائر ڀينرن کي شينھن ڪُلهي چاڙهيندا آهن، کين ڀڄي وڃڻ ناهن ڏيندا.”

“مان مھابلي مغلِ اعظم جي دَرَ تي پلجڻ واري ادنيٰ ٻانهي. مغلِ اعظم جي مٿي تي همايون جو تاج سلامت هجي! سلطنت وڌي، دينِ الاهيءَ جو شان مٿانھون ٿئي. ابوالفضل ۽ فيضي، آئينِ اڪبري ٺاهڻ وارا اڃا جيئرا آهن.”

“همايون کي شاهه طھماسپ ۽ بلوچن جو ٿورائتو هجڻ کپي، جن کيس سدا لاءِ دربدر ٿيڻ نه ڏنو. همايون اُهو ٽاڻو ياد ڪري جڏهن بابر هُنَ جي کَٽَ جي چوڌاري ڦيرا پائي، پاڻ سڌو ٿي سمهي پيو هو ۽ پنھنجي حياتي همايون کي صدقو ڪري ڏني هئائين. اهو بابر، جنھن کي لوڌيءَ جو لشڪر نه ماري سگهيو، تنھن کي همايون جھڙي پُٽَ جي اُڪِيرَ ماري وڌو. سچ آهي ته بادشاهن جي محبت بادشاهن لاءِ هوندي آهي.”

پاڻي پَٽَ جي جنگ جو ميدان آهي. لوڌي ۽ بابر جو لشڪر آمهون سامهون آهن. جنگ زورن تي آهي. هڪ ڪارو مھاوت تير کائي هاٿيءَ جي ڪنڌ تان ڪري ٿو ۽ هڪڙي مئل سپاهيءَ جو گهوڙو ڪاهي جهنگِ مُنھن ڪري ٿو. راههَ ۾ کيس هڪڙو ساڌو مُنھِن پئي ٿو.

“ڪير آهين؟ مھاراج!”

“سائين! دراوڙ آهيان.”

“گهايل آهين؟”

“جنگ تان موٽيو آهيان.”

“ڪھڙي يُڌِ آهي؟ مھاراجَ!”

“لوڌي ۽ بابر جي وچ ۾ جنگ آهي.”

“ڌرم جي يُڌِ آهي؟”

“نه، ٻئي مسلمان آهن. تخت جو جهيڙو آهي.”

“مھاراجَ! ڪوروَنِ ۽ پانڊوَنِ کان وٺي اڄ تائين ڀارت ۾ رَتَ جو درياءُ وهي رهيو آهي.”

“هر هنڌ اها يُڌِ آهي. تخت جي يُڌِ.”

“هِنَ جنگ ۾ ڪير سوڀارو ٿيندو؟”

“ڀڳوان ڄاڻي. اڃا ته بندا مَرن پيا، ڪپجن پيا.”

“وشنو مھاراج جي جَئه هُجي.”

“ڇا چيئي؟ سائين!”

“وشنو مھاراجَ جي جئه! جنھن جي شُڀُ نانءَ تي مون سنياسُ ورتو آهي.”

“شھر، جهنگ، پربت، ساگر، هر جاءِ تي هر ڪوئي جئه جئه ڪار ئي ڇو ٿو ڳولي؟”

“ٻيو ڇا آهي سنسار ۾؟!”

“سپاهين جا ٻارٻچا، گَهرُ، ويڙهو.”

“ستايل پيو لڳين!”

“گهران نڪتي پنج ورهيه ٿي ويا آهن.”

“جوڳيءَ جو ڌَرمُ، سنياسُ ۽ سپاهيءَ جو ڌرم يُڌِ آهي. پُٺِ ڏيکاري توهان چڱو نه ڪيو آهي. تلوار سپاهيءَ جو مانُ آهي.”

“جوڳي شانتيءَ جو پرچارڪ ٿيندو آهي.”

“سپاهيءَ جي شانتي ميدان ۾ آهي.”

“سائين! مان ڌرم، مانَ مريادا ۽ شانتيءَ کي نه ڄاڻان. مان ته ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ فوج ۾ ڀرتي ٿيو هيس. منھنجو ڌَرمُ، منھنجا ٻارَ، منھنجي ڌَرمَ پتني آهي.”

“تو ڌَرمَ پتنيءَ لاءِ ڌَرمُ وڃايو، ميدان ڇڏيو. اها ته منش جي ڪامنا آهي.”

“نه، سائين! مون ميدان لاءِ ڌرم پتني ۽ ٻار ڇڏيا هئا.”

“پوءِ ميدان مان ڀڄي ڇو آئين؟”

“مونکي سِڪَ هئي مھاراجَ! ته مان پنھنجي پتني ۽ ٻارن جي وچ ۾ ساههُ ڏيان.”

“ڌيرج، مھاراجَ! ڌيرج. جيون جي چنتا ۾ موت آهي. بندو ٺڪاڻو ڇڏيندو آ ته گم ٿي ويندو آ، تنھنجو ٺڪاڻو ميدان آهي.”

“مان ڪنھن لوڌيءَ، ڪنھن بابر کي نه ٿو ڄاڻان. مان ته پنھنجو پاڻ کي ڳوليندو ٿو وتان. موتُ منھنجي سامهون بيٺو آهي. منھنجو رَتُ ايندڙ وقتن جو ڏُکُ آهي.”

هُو سوچن ۾ ٻڏو الائي ڪٿي وڃي پھتو. ٻيڙي مقبري کان اڳتي ٽپي وئي. ماٺ ويٺل مغل شهزادين جھڙن مھانڊن واري ڇوڪريءَ چُپِ جي شيشي کي ڀڳو.

“توهان ڇا سوچي رهيا آهيو؟”

“ڪجهه به نه.” هُنَ جون اکيون هُنَ جي مُکَ تي موٽي آيون.

“توهان ته الائي ڪھڙيءَ ويل کان سوچ ۾ ٻُڏل آهيو. ڇا سوچي رهيا آهيو؟”

“مان سوچي رهيو آهيان ته هيءُ درياءُ سُڌَ نه آهي ته ڪٿان پيو وهندو اچي ۽ هِنَ کي الائي ڪھڙن اڻ ڏٺل ساگرن ۾ رلجي وڃڻو آهي؟”

“مون نه سمجهيو!”

“ڇا؟”

“هتان جي تاريخ.”

“پڪنڪ ۾ ڀلا تاريخ وري ڪٿان اچي وئي!”

“بس، ائين ئي هڪ دليل اچي ويو.”

“دليل!”

“تون نورجھان آهين نه؟”

“منھنجو نالو مھرالنساءِ آهي.”

“هڪ ئي ڳالهه آهي.”

“حد ڪري ڇڏيَئي! ان ڳالهه تي جهيڙو ٿي پوندو.”

“مونکي ته ائين لڳندو آهي ته سڄي تاريخ رڳو زَرِ، زمينَ ۽ زال تي جهيڙو آهي.”

“توهان سدائين اوپريون ڳالهيون ڪندا آهيو!”

“اوپريون!!”

“هائو، توهان جي ڳالهين ۾ ڪڏهن به ڳانڍاپو نه هوندو آهي.”

“اصل مامرو ئي ڳانڍاپي جو آهي. مونکي لڳي ٿو ته هن سڄي لکت تي ڪنھن پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيا آهن. ڪٿي ڪا ڳنڍ کُلي ٿي ته ڪٿي ڪا گم ٿي وڃي ٿي. ”

“پليز! اسان پڪنڪ تي آيا آهيون.”

هُو ماٺ ٿي وڃي ٿو ۽ ونجهه ڇڏي ٻيڙيءَ کي درياءَ جي سِيرَ ۾ ڇڏي ڏئي ٿو.

 

(ناصر بلوچ جي ڪتاب “سيتيان اکيان والي” مان ترجمو ڪئي ۽ ماھوار ”امرتا“ ۾ ڇپي.)

No comments:

Post a Comment