Sunday, March 28, 2021

دل جي ڪورن ڪاڳرن تي - مٺل جسڪاڻي

دل جي ڪورن ڪاڳرن تي...

ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



دعوتون پيون ملنديون آھن. انھن ۾ پيو وڃبو آھي. ھر دعوت، انيڪ ڪھاڻيون، اڻ لِکيون ڇڏي، پڄاڻيءَ تي پھچي ويندي آھي. پاڻ بہ وسري وڃي ٿي، ان سان لاڳاپيل ڪھاڻيون بہ وسري وڃن ٿيون.

جڏھن ڪا نئين دعوت ملي ٿي، تہ پراڻيون دعوتون ۽ انھن دعوتن ۾ سرجندڙ ڪھاڻيون، ڪي ذھن تي تري اينديون آھن، ڪي وسريل رھجي وينديون آھن. نئين دعوت سان لاڳاپيل نيون ڪھاڻيون سرجنديون آھن.


دعوت ملي. معمول وانگر دعوت جا سانباھا شروع ٿيندي ئي، ننڍيون وڏيون ڪھاڻيون بہ سرجڻ لڳيون. فلاڻا فلاڻا وڃڻ جو طئہ ٿيو. فلاڻن ۾ ھڪ سوجهرو بہ ھو.

سوجهري سوچيو ”پري جو پنڌ آھي. پنھنجن ۾ دعوت آھي. ٻہ ٽي ڏينھن تہ لڳندا. خوب ڪچھريون ڪبيون. خوب گهمبو. سنگت ساٿ سان ملبو“.

سوجهري دل ئي دل ۾ سوچيو ھو. رٿيو ھو. سوچيو ٻين بہ ھو، رٿيو انھن بہ ھو. ٿيو ائين، جيئن اڳ ۾ ٿيندو آھي.

دعوت سدائين اڳواٽ ملندي آھي. وڃڻ جا ارادا ۽ منصوبا پيا بدلبا آھن. ھن دعوت لاءِ بہ اڻ سنبريل سنبري پيا. سنبت جي خبر عام ٿي. اڳ ۾ سنبريلن ماٺ ڪئي. نوان ايترا سنبري پيا، جو اڳ ۾ سنبريل، يا تہ نون سنبريلن کي سنبرڻ نہ ڏين، يا وري پنھنجي سنبت منسوخ ڪن. ٿيو بہ ائين، تہ نون سنبرندڙن جي احساسن ۽ خواھشن کي مانُ ڏنو ويو. انھن کي اجازت ملي، تہ اوھان ڀلي دعوت ۾ وڃو.

دعوت ڪنھن ھڪ کي ملندي آھي، تہ ان ھڪ جو مسئلو ھوندي آھي، پر جيڪڏھن دعوت گهر کي، ڪٽنب کي ملندي آھي، تہ سڀني جي مٿي جو سور ٿي پوندي آھي. ھي دعوت بہ مائٽن ۾ ھئي، سڄي ڪٽنب کي ملي ھئي. ان ڪري ئي سنبرڻ وارا وڌندا ويا. ھڪڙا سنبري ويٺا، تہ ٻيا بہ سنبري پيا. سنبرندڙن ۾ ردوبدل ٿيندي رھي. دعوت ويجهي ايندي وئي، مٽ سٽ وڌندي وئي. آخر اُھا گهڙي اچي پھتي، جنھن مھل دعوت تي وڃڻ وارن کي، دعوت لاءِ نڪرڻو ھو.

ھن دعوت ۾ سوجهرو سنبريل ويھي رھيو. روشن کي بہ ماٺ ڪري ويھڻو پئجي ويو. دلدار کي دعوت واري ڏينھن کان نہ وڃڻ جي صلاح مليل ھئي. ان جو ارادو ڪھڙو بہ ھو، اھو بہ چپ رھيو.

سڪيلڌو بہ گهر جو ڀاتي آھي. وڏن ۾ شمار ٿئي ٿو. ننڍن سان گڏ نڪرندو آھي يا ويندو ئي پاڻ اڪيلو آھي. ھن دعوت ۾ ننڍا گهڻا سنبريا، ان ڪري سڪيلڌي جي وڃڻ نہ وڃڻ تي بحث ٿيڻ لڳو. گهڻن جي مرضي ھئي، سڪيلڌو نہ وڃي. سڪيلڌي جي مرضي ھئي، تہ وڃي.

سڪيلڌي جي وڃڻ نہ وڃڻ تي ايترو بحث ٿيو، جيترو دعوت ڪندڙن، دعوت جي نبيري تي بحث ڪيو ھوندو. دعوت ڪرڻ تي بحث جي نتيجي ۾ حتمي فيصلو ٿيو ھوندو، ان جو اعلان ٿيو ھوندو، ان تي عمل ٿيو ھوندو. سڪيلڌي جو دعوت ۾ وڃڻ نہ وڃڻ تي بہ بحث ٿيو، حتمي فيصلو نہ ٿيو. سڪيلڌي لاءِ ھاڻ ھڪ طرف باھہ، ٻئي پاسي پاڻي واري صورتحال ھئي.

دعوت لاءِ نڪرڻ وقت ائين ٿيو، تہ سڪيلڌو بہ روانو ٿي ويو. ويو، تہ نہ ويندڙ حيران ٿيا، نہ وڃي ھا، تہ ويندڙ حيران ٿين ھا. ڇو تہ صورتحال ئي اھڙي ٿي پئي ھئي.

اڪثر دعوتن جون اڪثر ڪھاڻيون اڻ لِکيون رھجي وينديون آھن. ھي ھڪ اھڙي دعوت ثابت ٿي، جنھن جي ڪھاڻي، دل جي ڪورن ڪاڳرن تي، ھڪ يادگار ڪھاڻي بڻجي، قلمبند ٿي پئي.

 

(روزاني آجيان شڪارپور، اڱارو ۱۹ جنوري ۲۰۲۱ع)

No comments:

Post a Comment