Sunday, March 28, 2021

شڪايت! - مٺل جسڪاڻي

شڪايت!

مختصر تاثراتي ڪھاڻي

مٺل جسڪاڻي



تصوير ڏسي پھرين ته ٻُڏي وئي! پڪ سان ھوءَ جوانيءَ واري ڄمار جيترو پوئتي ھلي وئي ھوندي!

ايترو ته اوھان کي به اندازو ھوندو ته جواني جي ڄمار ڪھڙي ھوندي آھي ۽ ڪيستائين ھلندي آھي؟


منھنجي خيال ۾ ۱۵ سال عمر ۾ جوان ٿي وڃبو آھي ۽  ۳۰ سال عمر تائين جوان ھجبو آھي. ھوءَ تصوير ڏسي،  ۳۰ سال عمر واري جوانيءَ تائين پوئتي ھلي وئي ھئي. اُن ڪري ته ھُن ڪجهه ٿڌا ساھه کنيا ھئا!

ھوءَ مون سان گڏ، منھنجي سامھون ئي ويٺي ھئي. ائين ئي ويٺل ھئي، جيئن ۳۳- ۳۴ سال اڳ منھنجي سامھون ويھندي ھئي.

ھُن جي ھٿ ۾ ٻہ تصويرون ھيون. ھڪ تصوير کي ڏسي ھُن چيو “ھيءَ وڳو تون فيصل آباد مان وٺي آيو ھئين.” اِھا سندس تصوير ھئي. سندس ھٿ ۾ موجود ٻيءَ تصوير ان مرد جي ھئي، جنھن کي ھُن اڪثر ڪجهہ پڙھندي يا لکندي ڏٺو. ھُوءَ ڳچ دير تائين کيس ائين ڏسندي ڏسندي، ساڻس مسخري، کينچل، کل ڀوڳ به ڪندي ھئي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڪاوڙ ۾ چوندي ھئي “دنيا ۾ ٻيو به ڪو ڪم ڪار آھي يا صرف پڙھبو ۽ لکبو...!”. ھوءَ ھاڻي جوان نه آھي، پر سندس اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ ٻولھائڻ، کل ڀوڳ، مسخري، کينچل سڀ جواني وارا اٿس ۽ کيس جواني واري ساڳي شڪايت اڃان به آھي.

 

(ماھوار پرڀات ميگزين، ٻيون شمارو، آڪٽوبر ۲۰۲۰ع، ص:  ۲۴ تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment