Sunday, March 28, 2021

قصو سُتل جاڳيل جو

قصو سُتل جاڳيل جو

چراغ حسن حسرت

انجنيئر عبدالوهاب سهتو

 


هيءُ داستان، مون پنهنجي نئين سفر دوران، بغداد جي هڪ ڪٻڙي مصور کان ٻڌو. هُن اها ڪهاڻي نقل ڪئي هڪ ارمني طيب جي، جيڪو هڪڙي اک کان ڪاڻو ۽ هڪ ٽنگ کان منڊو هيو. جڏهن ته انهيءَ ارمي طبيب، خود مرزا حسن تبريزيءَ کان هيءُ واقعو ٻڌو هيو.

چيو مرزا حسن ته؛ ”جڏهن مان بغداد آيس ته مون وٽ هڪ حبہ (پئسو) به نه هيو. هڪڙي شيرازي سوداگر، جيڪو جواهرن جي تجارت ڪندو هيو، منهنجي نوجوانيءَ ۽ پرديسي هئڻ تي ترس کائي، مون کي پاڻ وٽ نوڪر رکيو. مون ايڏي سچائيءَ ۽ سُچتائيءَ سان ڪم ڪيو جو منهنجي مالڪ جي تجارت، جيڪا نوڪرن جي بدديانتيءَ جي سبب پوئتي پيل هئي، سا ٻهير ڀڙڪو ڏئي اُٿي ۽ اڪثر فرنگي واپاري، اسان وٽان مال گھرائڻ لڳا. پوڙهو سوداگر، منهنجي ڪارڪردگيءَ ۽ ديانتداريءَ مان اهڙو خوش ٿيو جو ٿوري عرصي پڄاڻان هن پنهنجي اڪيلي ڌيءَ مون سان پرڻائي ۽ ڪاروبار منجهه، منهنجو حصو مقرر ڪري ڇڏيائين. جيئن ته سندس ڪو ويجھو مٽ مائٽ نه هيو، منهنجي سس کي به مُئي ڳچ عرصو ٿي چڪو هيو، تنهنڪري هاڻ منهنجي زال ئي سندس ساري جائداد جي وارث هئي. ليڪن اسان جي شاديءَ کي سال به نه گذريو هيو جو اها پاڪدامن پڻ گذاري وئي. منهنجو سهرو، ڌيءَ جي وڇوڙي جي صدمي کان چڙهي نه سگھيو ۽ ٿورڙن ڏيهاڙن ۾، ھُن به فاني دنيا کان جاوداني جھان ڏانهن موٽ ڪئي.


منهنجي سهري جو ڪاروبار، گھڻو ڦهليل هيو ۽ هاڻ مان بنا ڪنهن ڀائيوار جي، ان جو مالڪ هيس. ليڪن گهرواريءَ جي موت، دل تي اهڙو اثر ڪيو جو ڪنهن ڪم ۾ دلي نه پئي لڳي. ٿورا ڏينهن اها ڪيفيت رهي. آخر هڪڙي دوست، جيڪو مون کان عمر ۾ وڏو هيو ۽ زماني جا لاها چاڙها ڏسيو ويٺو هيو، سمجھايو ته؛ پيارا! زماني جي اها ئي واٽ آهي. موت تي ڪنهن جو زور نه  ٿو هلي. قضا ربانيءَ سان جيڪو ٿيڻو هيو، سو ٿيو. هاڻ، صبر ڪر. اگر ڪنهن به طرح سان دل نه ٿو سنڀالي سگھين ته شراب کي سنگتي ۽ رازدان بڻاءِ، جو روح کي راحت ۽ دل کي طاقت بخشي ٿو ۽ دل جي درسنيءَ تان مٽي ۽ مير هٽائي ٿو.“ اهو چئي هن ساڳئي يعقوب ارمنيءَ وٽان، شيرازي خمر ۽ پورچوگال جي انگور جون يخ ٿڌيون بوتلون گھرايون، ۽ پنهنجي هٿن سان جام ڀري، پيش ڪيائين.

واقعي! هڪ ٻه جام پيئڻ سان اهڙو سُرور نصيب ٿيو جو جھٽ ٿوري گهڙيءَ لاءِ، پنهنجون سموريون تڪليفون وساري ويٺس ۽ خوشيءَ جي عالم ۾ جھونگارڻ. حافظ جا شعر، جيڪي شراب جي تعريف ۾ لکيا اٿائين، سي پڙهڻ لڳس. انهيءَ شخص، جيڪو ظاهر ۾ منهنجو دلي دوست ۽ لڪ ۾ منهنجي تباهيءَ پويان هيو، چيو؛ ”جيستائين چنگ، رباب ۽ عودي باجو هڪيو حاضر نه هجي، شعر پڙهڻ جو مزو نه ٿو اچي. اگر تنهنجي اجازت هجي ته مان هڪڙي ڳائڻيءَ کي، جيڪا عرب ۽ عجم جي موسيقيءَ تي مهارت رکي ٿي ۽ ظاهري سونهن سان به سينگاريل آهي، سڏائي وٺانس؟“

مون وٽ ان وقت، بري ڀلي جي تميز نه رهي هئي، چيومانس؛ ”ڪهڙو حرج آ!“

هن ته اهو ئي گھريو پئي. ڀڄندو ڀڄندو ويو ۽ پاڻ سان هڪڙي حسينا کي، جيڪا يهودي نسل مان پئي لڳي، سازندن سميت وٺي آيو.

ساري رات، نچڻ ڳائڻ جي محفل، سجيل رهي. صبح جو مون کين ڇڏيو ۽ پاڻ سمهڻ لاءِ ڊهي پيس. شام ڌاري اک کُلي. ان وقت مٿي ۾ سنهون سنهون سور ۽ لڱن ۾ عجيب قسم جي پَٽَ هئي. مان وهنتس ۽ چيم ته دڪان جو کنڌو واچيان. ايتري ۾ ساڳيو همراه آيو ۽ منهنجي ڪيفيت ٻڌي چوڻ لڳو؛ ”شراب کان سواءِ، ان مرض جو ڪو علاج ناهي. بوعلي سينا ’قانون‘ ۾  ئي لکيو آهي.

مطلب ته سندس ريهڻ ريبڻ تي، وري به پورچوگاني شراب جو دور هليو. اها رات به ساڳئي مشغلي ۾ گذري وئي. پوءِ ته مون کي به اهڙي چوس اچي پئي جو رات ڏينهن، ڳائڻ پيئڻ جي محفل گرم رهڻ لڳي. اڪثر ظريف ۽ گفتي جا غازي ماڻهو، جن کي درٻاريت جي آدابن ۽ رئيسن کي خوش ڪرڻ جو ڍنگ، چڱيءَ طرح ياد هيو، گڏ ويهندڙ طور محفل ۾ شريڪ ٿيا. پوءِ ته خلوت ۽ جلوت جي صحبتن ۾، ساڻ رهڻ لڳا.

ساڳي اسرائيلي ڳائڻي پڻ، اڪثر محفلن ۾ شريڪ ٿي هئي. اهڙيءَ طرح مون ٿورڙن ڏينهن ۾ چڱو خاصو پئسو ضايع ڪري ڇڏيو. وري آهستي آهستي اها ڪيفيت ٿي جو جيڪا نقدي منهنجو سهرو ڇڏي ويو هيو، سڄي کپي وئي. صرف دڪان ئي بچيو هيو. ان جي حالت به ڏاڍي خراب هئي. مون کي عيش عشرت ۾ گم ڏسي، ڪارندا هٿڙيون هڻڻ لڳا. ڳچ مال، ڇپر ڇپر ۾ وڪڻي، سارو ناڻو تڳائي ويا. جڏهن بزم جي يارن ڏٺو ته هاڻ هن ۾ اسان جون فرمائشون پوريون ڪرڻ جي طاقت باقي نه بچي آ ته اهي به آهستي آهستي ٿي کسڪڻ لڳا. ٿورن ڏيهاڙن ۾ حال اھو وڃي ٿيو جو منجھانئن ڪو راهه ويندي مون کي مليو ته منهن ڦيريون پئي ويو.

دوستن جي بي وفائيءَ، منهنجي دل تي وڏو اثر ڪيو. هڪ ڏينهن گھر جو جائزو ورتم ته خبر پئي ته اڃا ٿورا زيور بچيل آهن. اهي وڪڻي، مون دڪان کي سڌارڻ ڏانهن ڌيان ڏنو. خيانتي ڪارندن کي ڪڍيم ۽ دڪان جو سڄو ڪم ڪار، پاڻ ڪرڻ لڳس. جيتوڻيڪ، منهنجي پهرين واري حالت نه رهي هئي. ليڪن دڪان جي اڃان حالت اهڙي هئي جو مان اطمينان سان زندگي بسر ڪري پئي سگھيس. منهنجي پراڻن يارن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي ته انهن وري مون سان رستا رکڻ گھريا. پر مون، منجھانئن ڪنهن کي به، چخي نه ڪيو. تاريخ ۽ سوانح جي ڪتابن جي مطالعي سان پنهنجي دل وندرائڻ لڳس. انهن ڪتابن ۾ ”الف ليله و ليلي“ ته حڪمت ڏاهپ جو خزانو آهي. ان ڪتاب ۾ مون کي بغداد جي هڪڙي سوداگرزادي ابوالحسن جي ماجرا عجيب نظر آئي، جنهن پنهنجي دولت دوستن تي لٽائي. پوءِ هارون رشيد ۽ زبيده خاتون جي مهربانيءَ سان، تنگيءَ جي زندگيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، بارگاه خلافت ۾ مقربين منجهه شامل ٿيو ۽ نيٺ پنهنجي مراد کي پهتو. مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته ابوالحسن جي زندگيءَ جا واقعا، منهنجي حياتيءَ جي داستان سان گھڻا ملن جلن ٿا. جيڪي جيڪي ونھوير مٿس آيا هيا، سي سمورا مون تان وهي ويا هيا. مان اهو قصو، ورائي ورائي پڙهندو هيس. ليڪن دل نه پئي ڀري. آخر منهنجي دل تي ان جو اهڙو اثر ٿيو جو مون پاڻ کي، سچ پچ ابوالحسن سمجھڻ لڳس.

هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي خيال آيو ته؛ ”بغداد جي ماڻهن جيڪو ورتاءُ، ابوالحسن سان ڪيو هيو، سو انهن مون سان ڪيو آ. ڇو نه مان به ان وانگر، ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي پنهنجو مهمان بڻائي، اسر ڌاري کيس ڇڏيندو رهان ۽ بغداد وارن سان ڪو به واسطو نه رکان.“ انهيءَ ڪري مون ان ڏينهن ئي انهيءَ تجويز تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شام ڌاري پنهنجي خادم کي سڏي چيم؛ ”اڄ رات کاڌي تي، مون سان هڪڙو مهمان پڻ هوندو ۽ رات به هت ئي گذاريندو.“

مان، دجله جي پل تي پهتس ته گاڏي ٽيشڻ تي پڄي چُڪي هئي ۽ مسافر، پل ٽپيو، شهر ڏانهن اچي رهيا هيا. منجھن مختلف قسم جا ماڻهو هيا! ڪجهه فرنگي، ارمني ۽ يهودي هيا. ڪجهه هندستاني زائرين. هڪڙو ٽولو، مصري شاگردن جو هيو، جيڪي عراق جي آثار قديمه جي تحقيق لاءِ آيل هيا ۽ بغداد جي اخبارن ۾، ڪيترن ڏينهن کان سندن متعلق خبرون ڇپجي رهيون ھيون. ليڪن مون کي منجھانئن ڪنهن سان به ڳالهائڻ جي همت نه ٿي. اهي وڃي چُڪا ته عمان، بحرين ۽ ساحلي عربستان جي تاجرن جو ٽولو آيو. منهنجي دل گھريو ته منجهانئن ڪنهن ھڪ کي پنهنجو مهمان ڪيان. مگر آدرڀاءُ چوڻ لاءِ، موزون لفظ نه مليا. ورائي ورائي سوچي، رڪجي پئي ويس ته خدا ڄاڻي اهي ماڻهو، منهنجي عجيب غريب درخواست ٻڌي ڇا چوندا. اصل ۾ ڪنهن اڻ واقف کي، پاڻ وٽ ترسائڻ لاءِ دعوت ڏيڻ، ڏاڍو ڏکيو ڪم آ. بغداد جو اهو سوداگرزادو ابوالحسن وڏو دلير ۽ باهمت ماڻهو هوندو، جيڪو هر رات، هڪڙي نئين شخص کي، پاڻ وٽ مهمان ڪندو هيو.

جھٽ کن ۾، پل بلڪل خالي ٿي وئي. هاڻ صرف ٻه مسافر اتي رهجي ويا هيا. منجھانئن هڪڙو ڪَرڙِوَڍِ عمر جو ڊگھو شخص هيو. جڏهن ته هن پنهنجو حليو، سوداگرن وارو بڻائي رکيو هيو. ليڪن پنهنجي ڪارين ۽ چمڪيلين اکين، ويڪري پيشانيءَ، وقار، حشمت ۽ وِک مان ڪنهن وڏي خاندان جو شخص لڳي رهيو هيو. ٻيو هڪڙو شخص حبشي خادم هيو، جيڪو هڪڙو بڪسو ۽ ٻه ڪمبل کنيو، پويان آئي پئي. اهو ڏسي، منهنجي دل ۾ خيال آيو ته هيءُ شخص پڪ خليفو هارون الرشيد آهي ۽ هيءُ حبشي، سندس خادم مسرور. مگر مون کي پنهنجي انهيءَ خيال تي پاڻ ئي کل آئي. ڇو جو خليفي هارون الرشيد کي گزاري وئي پورا يارهن سؤ سال ٿي چُڪا هيا. مونکي حوصلو ته نه پئي ٿيو ته ان شخص آڏو پنهنجي دلي مدعا، زبان تي آڻيان. ليڪن وري هن خيال مان دل کي قوت ملي ته اڃان ڍَرَ ڪئي ته اڄوڪي رات به اڪيلي ۾ گذارڻي پوندي. تنهنڪري اڳتي وڌي، وڏي ادب سان چيومانس؛ منهنجا سائين! اگر اوهان اڄوڪي رات، هن خادم وٽ گذاريو ته مان گهڻو ٿورائتو رهندس.“ اھو ٻڌي هو مون کي چتائي ڏسڻ لڳو. ائين پئي لڳو ڄڻ هو مون کي ڪو چور يا ٺڳ سمجھندو هجي. ليڪن جهٽ پلڪ ۾ سندس شڪ لھي ويا ۽ هو مون سان گڏجي هلڻ لڳو. رستي ۾ مون کيس پنهنجي يارن جي بيوفائيءَ جو داستان، مختصر طور تي، چئي ٻڌايو. اهڙيءَ طرح، منهنجي ان عجيب درخواست جو سبب، کيس سمجهه ۾ اچي ويو.

رات جو کاڌي کان واندو ٿيڻ بعد، هن مون کي پنهنجا حال ٻڌايا. هو پاڻ عمان ۾ ڄائو هيو ۽ موتين جي تجارت ڪندو هيو. ليڪن هاڻ، ڪيترن سالن کان هو ۽ سندس ڀاءُ، موصل ۾ رهن ٿا. هن زماني جا ڪيترا ئي لاها چاڙها ڏٺا هيا. زنجبار، شمالي لينڊ، الجزائز، طرابلس ۽ سوڊان وغيره ملڪن جا سير به ڪري چڪو هيو. سامونڊي قزاقن ۽ غلام وڪڻندڙن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، کيس ياد هيون. جن کي ٻڌي رڳن ۾ رت ٽچڪڻ لڳندو هيو. منجهن طرابلس جي درزيءَ ۽ اسپين جي شهزاديءَ جو قصو، ٻن دوريشن ۽ ڊينڊي عطرفروش جي حڪايت مون کي ڏاڍي وڻي. مگر هو پنهنجي انداز ۽ اطوارن منجھان، ايتري قدر شائسته مهذب پئي لڳو، جو مون کي سندس ڳالهين تي، جيڪي هڪڙي لاپرواھ ۽ سپاهي-خيال ماڻهوءَ کي زيب ڏين ٿيون، يقين نه پئي آيو. بلڪ وري وري خيال پئي آيو ته هيءُ شخص هارون الرشيد  ته نه ٿو ٿي سگھي. مگر ڇا عجب آهي، جو شاهه فيصل سان سندس صورت گھڻي ملي جُلي پئي.

جڏهن رات، اڌ کان مٿي گذري چُڪي ته مون چيو؛ ”اوهان آرام ڪيو! منهنجو مٿو ڦري ٿو پيو. مان سگار پيئڻ جو عادي ناهيان. ليڪن اوهان جي اصرار تي مجبور ٿيس.“ اهو چئي، مان ته پنهنجي کٽ تي وڃي سُتس. هو به اُٿيو ۽ ٻئي ڪمري ۾ سمهڻ لاءِ هليو ويو. مون ڏٺو ته خلافت جي ايوان ۾، هاٿي-ڏند جي تخت تي ويٺو آهيان. منجهس الماس ۽ زبرجد جا ٻُڙا جڙيل هيا. منهنجو لباس، زريءَ تي ۽ سونو آهي. منهنجي پٽڪي ۾ اوندهه ۾ چمڪڻ وارو لعل، ٽمڪي رهيو آهي. اوچتو ڪنيزن جو هڪڙو ٽولو ظاهر ٿيو. اهي سموريون زريءَ جي تارن وارو لباس پاتل هيون. سندن مٿن تي، زمرد جا تاج هيا. اهي منهنجي سامهون اچي، بيهي رهيون ۽ بربط وڄائي وڄائي هڪڙو خوشي وڌائڻ وارو گيت ڳائڻ لڳيون. پوءِ سؤ حبشي غلام، جيڪي سفيد ريشم لباس پاتل ۽ سونهري پٽيون لڳايل هئا، هٿن تي سونهري ٿالهه رکيل هين، آيا ۽ انهن کي منهنجي سامهون رکي، ساڄي کاٻي ٿي بيٺا. هاڻ ٿورو شور ٿيو ۽ هڪڙو ڊنيڊو، جنهن جو رنگ آبنوس کان وڌيڪ ڪارو هيو، قلابازيون کائيندو، منهنجي سامهون آيو. هڪڙي ڪنيز، جيڪا مڙني کان خوبصورت ۽ نازڪڙي هئي، تنھن وڌي ان ڊيندي جو هٿ پڪڙيو. ٻئي ملي، عربي شعر چوڻ لڳا. جن ۾ بغداد جي خليفي جي عظمت ۽ شوڪت جو ذڪر ڪيل هيو. مان کين روڪي پڇڻ تي هيس ته توهان ڪير آهيو؟ ۽ مون کي هتي ڪنهن آندو آهي ته هڪڙي وڏي ٽهڪ جو آواز آيو. مون چڱيءَ طرح اکيون مهٽي ڏٺو ته اها ڪنيز ۽ ملازم سڀ غائب هيا ۽ مان پنهنجي گھر جي بستري تي پيو هيس. پهرين ته مون کي خيال آيو ته اهو موصلي سوداگر دروازو کولي هليو ويو آهي ۽ شيطان منهنجي ڪمري ۾ گھڙي منهنجا حواس ٽيڙي پکيڙي ڇڏيا آهن. وري مون سوچيو ته ابوالحسن جو اهو خيال هيو، مگر نيٺ سندس خيال غلط ثابت ٿيو. لڳي ٿو ته خليفي هارون الرشيد يا شاهه فيصل، پنهنجي ايوان سلطنت جي جھلڪ پسائي، مون کي پنهنجي گھر پهچائي ڇڏيو آ.

 مان اٿي، ٻئي ڪمري ۾ گھڙيس ته ڇا ٿو ڏسان ته منهنجو خادم علي، مدهوش پيو آ ۽ موصلي سوداگر ۽ سندس خادم جو ڪو پتو پرو ناهي. هاڻ مون پنهنجي گھر جي خبر ورتي. صبح ٿيو ته گھر اندر جيتريون به قيمتي شيون هيون، منجھانئن ڪا به نظر نه آئي. منهنجي سيرانديءَ کان، ڪنجين جو جيڪو ڇنگو پيو هوندو هيو، سو پڻ غائب آ. انهيءَ رات جو، منهنجو دڪان کولي، سڄو مال اسباب، ڪو ٻهاري ويو هيو.

جڏهن مون پوليس ۾ رپورٽ ڪئي ۽ ٻڌايم ته؛ رات، شاهه فيصل، موصلي سوداگر جي ويس ۾، مون وٽ مهمان هيو، ليڪن منهنجو خيال آهي ته اهو شاهه فيصل نه هيو.‘ ان تي هو سڀ لکڻ لڳا. منهنجي ڳالهه ٻڌي بغير، مون کي پاڳل سمجھي، ڪڍي ڇڏيائون.

هيءُ آهي اهو داستان، جيڪو مون پنهنجي ستين سفر ۾، ڪٻڙي مصور جي زباني ٻڌو ۽ کانئس نقل ڪيو. ارمني طبيب، جيڪو هڪ ڄنگهه کان منڊو ۽ هڪ اک کان ڪاڻو هيو ۽ ان ارمني طبيب کي، مرزا حسين تبريزيءَ، هيءُ قصو ٻڌايو ھيو.

§

No comments:

Post a Comment