Saturday, March 20, 2021

امر لغاري جون ڪھاڻيون - عاشق چانڊيو

امر لغاري جون ڪھاڻيون

عاشق چانڊيو



منھنجي ھٿ ۾ ھڪ ڪتاب آھي ۽ اھو ڪھاڻين جو ڪتاب آھي جنھن جو ليکڪ امر لغاري آھي. پاڻ ڪھاڻي جي باري ۾ وڌيڪ ڪو نه ڳالھائينداسين ته ڪھاڻي ڪڏھن ٺھي، ڪيئن آهي، گولي لڳي اٿس يا نه، اڳتي سفر ڪندي يا نه ڪندي وغيرھ. پاڻ بس ڪتاب ‘برف جون بيساکيون’ جي ڪھاڻين تي ڳالھايون ٿا.

مذڪوره ڪتاب ۾ ڪُل ۱۵ ڪھاڻيون آھن جيڪي سڀيئي پنھنجو ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ آھن.


۱.برف جون بيساکيون

ھي ڪتاب جي ٽائيٽل ڪھاڻي آھي. جنھن ۾ ‘ھڪ ننڍڙي ڇوڪري ڄنگھن کان معذور آهي ۽ بيساکين ذريعي ھلي ٿي’ جي ڪھاڻي آهي. ھن جا ماءُ پيءُ ٿڌا شھر گھمندا رھن ٿا پر کيس ڪا صلاح نه ٿا ھڻن ڇاڪاڻ ته ھو معذور آھي، ھوءَ پنھنجي ڏاڏي سان گھر ۾ رھي ٿي ۽ ذھني طور ڏاڍي چست آهي. ھو پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا رهن ٿا، ڏاڏي کيس پنھنجي پٽ(ھن جو پيءُ) جا قصا ٻڌائيندي رهي ٿي. ھڪ دفعي ٻوڏ اچي ٿي، ھو گھر جي ھيٺين منزل کان مٿين منزل شفٽ ٿي وڃن ٿا اتان بالڪني مان فطرت جا نظارا ڏسي ٿي، پکي پکڻ جيڪي ٻوڏ جي آيل پاڻي تي لٿا آھن. گيلري جي ٻئي پاسي کان ڪبوترن جا آکيرا آھن جن ۾ ڪبوتر پنھنجي ٻچن کي چھنبون چھنبن ۾ ملائي گُج مان کارائيندا آھن. ھوءَ اھي نظارا ڏسندي آھي، ھن کي ڪبوترن تي ڏاڍو پيار ايندو آهي. ھڪ ڏينھن ٻلي ڪبوترن جي آکيري تي حملو ڪندي آهي، ھڪ ٻچو ھيٺ ڪِري مري ويندو آهي، ھڪڙو ٻچو ٻلي کڻي ويندي آهي. ڪبوتر آکيري تي حملو ڏسي بيھوشي جي حالت ۾ ڀت سان ٽڪرائجي ھيٺ ڪرندو آهي ته ڏاڏيس پاڙي جي گھر مان ڪبوتر کي حلال ڪرائي ھن کي کارائڻ لاءِ پچائيندي آهي. پر ھوءَ ڪبوتر نه کائيندي آهي ۽ اندر وڃي ٽي وي آن ڪري خبرون ٻڌڻ لاءِ ويھندي آهي جتي نظر ٽي وي تي ھلندڙ پٽي ۽ فوٽن تي پوندي آهي جيڪي ڪشمير ۾ برف پوڻ ڪري ٿيل حادثن ۾ مري ويا آهن. ھوءَ بيھوش ٿي ڪري پوندي آهي ۽ کيس ڏاڏيس علاج لاءِ اسپتال کڻائي ايندي آهي، اتي جڏھن ھن کي ھوش ايندو آهي ته ھوءَ چڱي ڀلي ٿي ويندي آهي، ھاڻي کيس بيساکين جي ضرورت نه آهي.

ھي ھڪ شاندار ڪھاڻي آھي جنھن ۾ ھڪ معصوم ڌيءُ جي خواهشن، حسرتن ۽ پنھنجي پيءُ جي پيار جي محرومي جو ذڪر ٿيل آهي ۽ ان معذوري ڪري پيدا ٿيل اڌمن جو احساس آهي. جيئن فرانز ڪافڪا جي ناوليٽ ‘metamorphosis’ جي ڪردار جا اُڌما ھوندا آھن. ڪھاڻي ۾ فطرت جي منظرن کي به سٺي نموني چٽيو ويو آهي.

۲. ڊاڪٽر گلاب کي ڪٿان لڳي؟

ھي ڪھاڻي ٻن ڊاڪٽرن جي ڪھاڻي آھي ۽ ضمير متڪلم ۾ لکي وئي آهي. ڊاڪٽر گلاب ھن جي ڪلينڪ سامھون پنھنجي ڪلينڪ کولي ٿو، ھن جا مريض به ڊاڪٽر گلاب کان علاج وٺڻ لڳا. ڊاڪٽر گلاب ھر سال ڪلينڪ سامھون خيرات ڪندو ھو جنھن ۾ ھو سڀين کي(ھندو، مسلمان، ڀيل، ڀاگڙي) ساڳيي ٿانون ۾ ماني کارائيندو ھو، تنھن ڪري ماڻھو مٿس ڪافر، قادياني، ٿڙيل جا الزام ھڻندا رھندا ھئا. ھن کي به ڊاڪٽر گلاب مٿان کارون اچڻ لڳيون جو سندس سڀ مريض ھن ڏانھن ھليا ويا هئا ۽ ھو ھن خلاف ڪو سُٽ منجھائڻ جو سوچيندو رھندو ھو. ھڪ دفعي موالين طرفان درگاھ کي باھ لڳي وئي جنھن ۾ چار قرآن پاڪ شھيد ٿي ويا، مزار جو پڙ به سڙيو ۽ ھڪ متولي جي ھٿ به سڙي پيو.

متولي اميد علي شاهه ھن وٽ علاج لاءِ آيو ۽ کائنس ڪنھن سڻڀي ماڻھو جو نالو ايف آئي آر ۾ لکرائڻ لاءِ مدد گھري. ھو اڳ ۾ ڊاڪٽر گلاب کان سڙيو پئي، کيس سوگھو ڪرائڻ جو وجھ مليو ھئس، ھن ڊاڪٽر گلاب جو نالو تجويز ڪيو. متولي کي جو سڻڀو نالو مليو ته ھن ڊاڪٽر گلاب جو نالو ڏيارائي ڇڏيو ۽ شھر ۾ ھڙتالون ڪيائون ته ڊاڪٽر گلاب قرآن پاڪ شھيد ڪرايا آهن، ڊاڪٽر گلاب ٻَڌجي ويو، ماڻھن گلاب کي پنهنجي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ڊاڪٽر گلاب سندن حوالي نه ڪيو ويو ۽ رات جو ھن کي جڏهن جيل حوالي ڪيو ويو ته اتي کيس ماڻھن ماري وڌو. موٽ ۾ متولي جا ماڻھو ھن ڏانھن آيا ۽ کيس چيائون ته تنھنجو ڪم ٿي ويو ھاڻي اسان جو ڪم ڪر، ھو کائنس ويھ لک گھري رھيا ھئا.

ھي ڪھاڻي ھڪ ته ملن جي سڻڀائپ کي وائکو ڪري ٿي ۽ ماڻھن جي مذھبي جنون کي پڻ نروار ڪري ٿي ته مذھب جي معاملي ڪنھن تي رڳو الزام لڳي، ھمراھ چٽ! ٻيو ته ماڻھن جي دلين ۾ جيڪو بغض ۽ ساڙ آهي ان کي پڻ کولي بيان ڪري ٿي ته پاڻ دلين ۾ ڪيترو حسد پاليون ويٺا آهيون. ٽيون ته جيڪو پاڻ وٽ قانون آهي ان جي پت به وائکي ڪري ٿي جو ھروڀرو ھڪ بيگناھ ڊاڪٽر گلاب کي ڦاسايو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته موالين مان کين ڪجھ ملڻو ناهي، ھو ڊاڪٽر مٿان صرف پئسي حاصل ڪرڻ لاء ڪيس داخل ڪن ٿا ۽ ڪنھن سڻڀي ماڻھو نه ھجڻ سبب صوبيدار ايف آئي آر به داخل ڪون ٿو ڪري! ھڪ ئي ڪھاڻي ۾ ٽن چئن مسئلن جو ايڏو سٺي نموني اڀار ڪيو ويو آهي جو پڙھندڙ ڪا به مونجهه محسوس نه ٿو ڪري.

۳.سُرخ پريءَ جو گھوٽ

ھن ڪھاڻي ۾ ھڪ چچريل لاش سرخ جبل جي دامن ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي، گند ڳولھيندڙ ٻار جڏهن اتان شيشا ميڙڻ آيا ته ھنن جي نظر لاش تي پئي. ھنن ڳوٺاڻن کي اطلاع ڏنو، لاش اسپتال کڄي آيو، ماڻھن کي لاش جي سڃاڻپ لاء گھرايو ويو، ماڻھو سڃاڻپ لاءِ آيا، عورتون به آيون. عورتون جڏھن لاش جي سڃاڻپ لاءِ اندر ٿي ويون ته سڀين مان ھر ھڪ لاش کي پنھنجو عزيز جو مڙھ ٿي سمجھو. ڪنھن چيو ھي منھنجو پٽ آھي، ڪنھن چيو ھي منھنجو وَرُ آهي... اخباري رپورٽر انھن عورتن کان پنهنجي عزيزن بابت پڇي ٿو. ھتي اڳ ۾ به ڪيترا ئي ماڻھو گم ڪيا ويا ھئا. انھن جو ڏوهه ھي ھيو ته ھو سرخ جبل جي عقيق مان پنھنجو حق ٿي گھريو. لاش جي گھڻن وارثن ٿيڻ تي اسپتال ۾ گوڙ ٿي ويو، فورسز طلب ڪئي وئي، ماڻھن کي پوئتي ھٽائڻ لاءِ ھوائي فائرنگ ڪئي وئي پر ماڻهو ڪو نه مڙيا ويتر گوڙ وڌي ويو، اتي ڌماڪو ٿيو ۽ اسپتال سرخ سسين سان سٿجي وئي....

ھن ڪھاڻي کي پڙھندي ماڻھو درد جي درياھ ۾ لڙھندو وڃي ٿو ۽ اخباري رپورٽر جيڪي عورتن کان سندن عزيزن بابت پڇي ٿو انھن عورتن جي ڏکايل ڳالھين کي ٻڌي لڙڪ لڙيو پيا اچن. ھي ڪھاڻي اڄ جي حقيقي حالتن جي به عڪاسي ڪري ٿي جتي سنڌ جا اڄ به الائي ڪيترا نوجوان گم آھن ۽ سندن ونيون، ڀيڻون ۽ مائرون ايئن ئي ڪوڪون ۽ واڪا ڪنديون رهن ٿيون ته اسان جا ٻچڙا، اسان جا ڀائر ۽ اسان جا وَرَ ڪٿي آھن. ڪھاڻي مان ھڪ ٻڍڙي جو صدائون ھيٺ پڙھڻ لاءِ ھيٺ ڏجن ٿيون.

“اڙي او، انڌوُ! عقل جا دشمنوُ! اھو منھنجو بالاچ آهي، منھنجو پنھنجو، ابي ڏاڏي کان نسل در نسل ڄمي وڏو ٿيندڙ! اھو ملڪ دشمن ناهي، دھتشگرد ناھي، اھو منھنجو بالاچ آهي. سرخ جبل تان عقيق چونڊي سڄي ڳوٺ کي ورھائي کارائڻ وارو بالاچ... مون ٻڍڙي سميت ننڍي وڏي جو سھارو، سرخ پريءَ جو گھوٽ،منھنجو معصوم ٻچڙو......!! “

مٿين سٽن ۾ ڪيڏو نه درد آھي ۽ اھڙيون درد ڀريون صدائون اسان جي ڪنن تائين به روز پڙاڏا بڻجي  پُڄن ٿيون پر ھتي به ته ڪو دانھن ورنائيندڙ ڪونھي!

۴.معصوم ھوش محمد جي گمشدگي

ھي ڪھاڻي ھوشو جي حيرانگي سان شروع ٿئي ٿي. ھن جي حيرانگي جو سبب ھڪ ڳالھ آھي جيڪا سدائين ھو پنھنجي پيءُ ۽ ٻين پاران ٻڌي ٿو ته “يار، پنھنجو حال ڪونھي. بس مولا پيو کارائي!”

ھوشو ان سوال بابت پنهنجي ماءُ کان به پڇي ٿو ته بابا سڄو ڏينهن نه ڪم ڪري نه ڪار پوءِ کيس مولا ڪيئن پيو کارائي!؟ ماڻھنس کيس چوندي آهي ته پڻھين جي ته خبر ناھي پر مان توھان کي ڪپڙا سبي سبي کارايان ٿي. ھوءَ ھوشو کي پڙھائيندي به آهي ۽ کيس دعائون ڪندي آهي ته ھوشو کي ڪا نوڪري ملي پوي. پر نوڪري جي نالي ھوشو کي نوبت خان ياد اچي ويندو آهي ڇو ته سڄي ڳوٺ جون نوڪريون نوبت خان جي ھٿ ۾ ھيون. نوبت خان جو ڳوٺ جي لُچن لوفرن تي وڏو دٻدٻو آهي. ھو مسيت جي ملان کي پئسا ڏئي پنھنجي تعريف ڪرائي ٿو.ماڻھنس پوءِ ھوشو کي نوبت خان جي ڀوُ کان پٽ کي پڙھائڻ کان به روڪيو ۽ کيس ٻني ڏانهن موڪلڻ لڳي. ڳوٺ ۾ تيل ۽ گئس به نڪتو آهي تنھن ڪري گئس ڪمپني لڳائي وئي آهي پر ان ۾ ڳوٺ جي ڪنھن به ماڻهو کي ملازم طور نه ٿو رکيو وڃي. ھوشو ۽ ٻيا ڪجھ نوجوان ميٽنگ ڪري سجاڳي مھم ھلائڻ چاھين ٿا، جڏهن ھو مھم لاءِ نڪرڻ ٿا ته ھوشو ۽ ڪجھ دوستن کي گم ڪيو وڃي ٿو ۽ باقي بچيل دوستن تي وري ھوشو ۽ سندن دوستن جي اغوا بعد قتل جو الزام ھڻي گرفتار ڪيو وڃي ٿو.

ھي ڪھاڻي وڏيرن جي دٻدٻي ۽ ظلمن کي ظاھر ڪري ٿي ۽ اھي جيڪي معصوم خواھشن جا قتل ڪن ٿا انھن جا پردا فاش ڪري ٿي.انھن معصوم خواھشن جي قتلن بابت پڙھندي ماڻھو غم جي غار ۾ غرق ٿي وڃي ٿو. ھيٺ ٿورو اقتباس پيش ڪجي ٿو.

“تنھنجي پيءُ ٻڌايو پئي ته تيل واري کوھ ڀرسان ڪانڊيري پرھياڙ جي ڳوٺ ۾ ھڪ نوجوان انڪري مارجي ويو آهي جو هن ذر ذر تيل ڪمپنيءَ وارن تي نوڪري ڏيڻ لاءِ زوربار پئي وجھايو.”

ھوشو جي ماءُ جون اکيون ايئن چوندي الائي ڇو آليون ٿي ويون.

“تو کي خبر آهي ته اُھو ڇوڪرو ڪيئن پڙھيو ھو؟ “

“ نه، امان. مونکي ته خبر ناهي! “

“ ھن کي به ھن جي ماءُ.... تنھنجي ماءُ وانگر ڪپڙا سبي سبي پڙھايو ھو... “

۵.رئيس خداداد جو دوزخ

ھي ڪھاڻي ۱۰ حصن ۾ لکيل آهي. ليمو رئيس خداداد کان قرض کڻي متو سان شادي ڪري ٿو پر پوء قرض عيوض ٻنھي کي گھڻو ئي لوڙڻو پوي ٿو. رئيس ليمي کي ڪجھ لکڻ عيوض وڪڻي ڇڏي ٿو ۽ پويان سندس گھر واري متو کي ساڻس ٻارن سميت رئيس خداداد جي قيد خاني ۾ آندو وڃي ٿو. انھي قيد خاني ٻين غريبن جون به ونيون ۽ نياڻيون قيد آھن. اتي رئيس خداداد جا لاٺڙيا انھن جي عزتن سان کيڏندا رھن ٿا. متو جي عصمت جي به پائمالي ٿئي ٿي ۽ کيس ناجائز ٻار ٿي وڃي ٿو. ليمون ڪجھ سنگتين سميت وڪرو ٿيل جڳھ تان ڀڄي اچي متو ڏي اچي ٿو، ھو جڏھن متو کي ڳورھاري ڏسي ٿو ته پنڊ پھڻ ٿي وڃي ٿو. پر پوءِ متو جي سڏڻ ۽ سڏڪڻ تي ھن جي اکين جا بند به ڀڄي پون ٿا. ليمون متو ويجھو اچي ٿو ۽ ھو ھڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري روئندا رھن ٿا، سندن ٻار به ھراسجي وڃن ٿا.اتي ٺڪاءُ ٿين ٿا ۽ رئيس جا لاٺڙيا ليمي کي خاندان سميت ماري ڇڏين ٿا.

ھي ھڪ ڏکائيندڙ ۽ ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ ڪھاڻي آهي. ھي ڪھاڻي مونکي برزباني ياد آهي. رسول ميمڻ چواڻي ڪھاڻي اھا ڪامياب آھي جيڪا ھڪ دفعو پڙھڻ کانپوء ياد ٿي وڃي. ڪجھ ڪھاڻيون جيڪي مونکي ياد آھن انھن ۾ رسول ميمڻ جي ڪھاڻي ‘حليمان’ ،اختر حفيظ جي ڪھاڻي ‘۳۰۱۷’ ۽ امر لغاري جي ھيءَ ڪھاڻي ‘رئيس خداداد جو دوزخ’ شامل آهن. ان کان علاوه ڪتاب جون ٻيون ڪھاڻيون به شاندار آھن، جنھن ۾ ’نانگن کاڌو’، سُوئو موٽو’، ۽ ‘بنا ناڻي لاڙڪاڻو ڪيئن گھمبو؟’ شامل آهن پر آءُ مضمون جي طوالت کي نظر ۾ رکندي انھن جو تت ھتي پيش نه ٿو ڪريان. ھن ڪتاب کي ڪو پرائيز به مليل آھي پر خبر ناھي ان پرائيز جو نالو ڪھڙو آھي. ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران شايع ڪيل آهي.

No comments:

Post a Comment