سنڌي ڪھاڻي ھڪڙي ھنڌ بيٺل آھي
منوج ڪمار
سنڌي ڪھاڻيءَ جو
سفر ۲۰۱۹ع ۾ به جاري آھي. اڳي کان لکندڙ ڪھاڻيڪارن کانسواءِ ڪيترا ئي نوان ليکڪ به
ڪھاڻي لکي رھيا آھن. ھن سال ڪيترن ئي نون ڪھاڻيڪارن جا مجموعا شايع ٿيا آھن. انھن
۾ اختر حفيظ جو “ٽيھه منٽ”، حميد ابڙي جو “مٽي جو مان”، نور نبي راھوجو جو “خواب
مرندا ناھن”، مجيب اوٺي جو “بارش کان بارش تائين”، مرتضى ناريجي جو “ضمير جو موت”،
جعفر شاھاڻي جو “ڪائنات جو موت” ۽ امداد رند جو “ٽيون نسل” قابل ذڪر آھن. انھيءَ
کانسواءِ سينيئر ليکڪن جيئن منور سراج، طارق قريشي ۽ رسول ميمڻ جا به ڪھاڻين
مجموعا شايع ٿيا آھن.