Monday, December 23, 2019

ابت ڪنڊڙي - معراج خالد نظاماڻي


ابت ڪنڊڙي
طنز و مزاح
معراج خالد نظاماڻي
خبر ناهي ڪنهن هنيو، پر پويان کان مغز ۾ چنبو لڳو الاءِ ڏنڊو، پر اهڙو لڳو جو ڪاڪڙو ٻاهر نڪري آيو. دماغ بولاٽيون پئي کاڌيون ۽ ڳالهايان ته آواز ئي نه نڪري. بس غرڙ غو غرڙ غو لڳي پئي هجي. ايئن پئي لڳو، جهڙو ڪبوتر چوڳو پيا کائين. ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ڇا ٿيو. جيڪا ڳالهه ڪريان سا ابتي. جيڪي ڪم ڪريان سي ابتا. قميص پيرن ۾ پايو ويٺو هجان، ڪانچ مٿي تي. گهران موڪلين ڀاڄي وٺي اچ، آئون صوف ۽ ڪيلا وٺيو اچان. بس ايتري خبر پئي ٿي ته پنهنجا ڪهڙا آهن، پرايا ڪهڙا. باقي نالا به ابتا پئي ورتم، دانش کي ظهير ۽ ظهير کي دانش. شعيب کي پنهل ۽ پنهل کي شعيب پئي چيم. مطلب دماغ جا ٽپڙ ٽيشڻ تي لڳا پيا هئا. منهنجي حالت ڏسي گهر وارن کي اچي پريشاني ٿي ته هن کي الاجي ڇا ٿيو آهي. اوڙي پاڙي جي ٻارن به چريو چريو ڪري چيڙائڻ شروع ڪري ڇڏيو! گهر وارا ماني آڻيو اڳيان رکن، آئون ڊوڙيو وڃي، ٻڪرين سان گاهه يا مينهن سان گڏ آهوري ۾ ڪتر چران. شڪر ٿيو گهر ۾ ڳجهون پاليل ڪو نه هيون، نه ته انهن سان ڍونڍ تي به گڏ ويٺو هجان ها!


منهنجي اها حالت ڏسي، مائٽن آل مائٽ ڪانفرنس گهرائي. ساڙ سڙين مائٽن صلاح ڏني ته؛ ”هن کي ڪنهن ٻوري ۾ وجهي، ڳوٺ کان ستر ڪلوميٽر پري، ديوين جي وچ ۾ ڇڏي اچوس.“ جڏھن ته گهڻن رحمدل ۽ همدرد مائٽن چيو ته؛ ”ويچاري سان اهڙي حالت نه ڪريو. هن جا نٽ بولٽ ڍرا ٿي ويا آهن. شاڪ به ختم اٿس. وائپر به ڪم ڪو نه پيا ڪن. هلي ٿو ته چين چين جا آواز پيا اچنس. سڄي انجڻ جو ڪم ٿيندس. کيس ماڻهن جي ڪنهن سٺي مستريءَ وٽ کڻي هلجي. خرچ ته کائيندو. پراڻي گاڏي آهي. پئسي جو زيان ٿيندو پر ٿي سگهي ٿو ڌڪي اسٽارٽ ٿي وڃي!“ آخرڪار وڏي ڇڪ ڇڪان کانپوءِ، فيصلو ٿيو ته؛ ”صبح جو گلو گوماندر ۽ هريڙ هڙکائو، هن کي گاڏي ۾ وجهي ڪراچي کڻائي ويندا.“
صبح ٿي ته تماشو شروع ٿي ويو. مون کي رسن سان ٻڌي ايئن گاڏي ۾ وڌائون، ڄڻ ٽاهوڙ ڍڳو هجان. گاڏي هلي ته مون کي هر شيءِ ابتي پئي نظر آئي. ڳوٺ کان ڪراچي تائين روڊ اهڙا پئي محسوس ٿيا جو هريڙ هڙکائو کي چيم ته؛ ”روڊ اهڙا آهن جو گاڏي ۾ پاڻي جو گلاس رکي، ڪراچي تائين کڻي هلون ته به ڦڙو نه هارجي.“ رستي تي ايندڙ هر شيءِ ڏسندو ويس. ٽريفڪ مڪمل ترتيب سان پئي هلي. انتظاميه ماڻهن جي خدمت ۾ لڳي پئي هئي. گهٽيون پاڻي سان ڌوتيون پيون هيون. گند جو ڪٿي نالو نشان به ڪو نه هو. هر ماڻهو ٻئي جي خدمت پئي ڪئي. تعليمي ادارا؛ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون عالمي ليول جا ٺهيل هئا. انهن ۾ سڄي دنيا جا قسمين قسمين شاگرد نظر آيا. هر ڪو ماڻهو پرامن، نه ڪنهن کي ڦرلٽ جو ڊپ، نه مارجڻ جو خوف، نه وري ڪنهن کي اها چنتا ته منهنجي اولاد کي ڪير نقصان نه پهچائي وڃي، هر ڪو بي اونو، آزاد لڳو پيو هو!
بهرحال، ۹ ڪلاڪن جو سفر ڪري، ماڻهو مستري وٽ پهتاسين. گلو گوماندر ٽي هزار فيس جي پرچي ڪٽرائي. ٻئي مون کي ماڻهو مستري جي دڪان ۾ ڪاهي هليا. ان ننهن کان چوٽي تائين چيڪ اپ ڪري، ۵ ٽيسٽون لکي ڏنيون ته اهي ڪرائي سڀاڻي وري اچجو. ڀڳاسين ٽيسٽن جي پويان. اهي ڪرائي هوٽل جو اچي پاسو ورتوسين. ٻي ڏينهن مستري ٽيسٽون جانچي چيو ته؛ ”همراهه ۾ ته ڪابه گڙٻڙ ڪانهي، هي ته پاڏو لڳو پيو آهي!“
اهو ٻڌي هريڙ هڙکائو رڙ ڪري ڪاوڙ ۾ چيو؛ ”اهو ڇا پيو چوين؟ همراهه جي کوپڙي ۾ ڄارو ڀريو پيو آهي. ڳوٺ وارا چونس ئي ڦٽل ٽريڪٽر. هن کي هر شيءِ ابتي ٿي نظر اچي. آخر ڪجهه ته هوندس؟“
ماڻهو مستري چيو؛ ”اها زبان وڃي پڻهين سان ڳالهاءِ، هتي عزت سان ڳالهاءِ! باقي اوهان واري همراهه کي اها ئي وچڙندڙ بيماري آهي، جنهن ۾ سڄي خلق جڪڙيل آهي!“
گلو گوماندر چيو؛ ”سائين معاف ڪجو! هريڙ هڙکائو به ڪجهه ڪجهه بي دماغو آهي. گهر جا سڀ ٽپڙ وڃائي ڀينگ ڪري ڇڏي اٿس. سو دل ۾ نه ڪريو. پر اسان وارو همراهه ته چوي ٿو ته هن کي کوپڙيءَ ۾ پويان ڪو چنبو يا ڏنڊو لڳو آهي!“
ماڻهو مستري چيو؛ ”هي بلڪل سچو آهي، اهو چنبو يا ڏنڊو رڳو ان کي لڳل ڪونهي. اهو ڪن کي ڇڏي، باقي پاڻ واري سڄي راڄ کي ڪيترن ئي سالن کان لڳل آهي.“
”پر سائين ان جو ڪو علاج به ته هوندو؟“؛ گلو گوماندر چيو.
”علاج بلڪل آهي. اهو هي آهي ته خلق پنهنجا آڱوٺا درست جڳهه تي لڳائي. بار بار ساڳيا چونڊيل نه چونڊي. جيستائين اهي ابن ڏاڏن کان چونڊيل وري وري چونڊبا ايندا، تيستائين اها بيماري ڪا نه ويندي.“
”پر سائين ان بيماري جو نالو ڇا آهي؟“ هريڙ هڙکائو پڇيو!
ماڻهو مستري چيو؛ ”نالو ڪو آهيس ته ڪو نه. پر اڄ کان پاڻ گڏجي ان بيماري جو نالو ’ابت ڪنڊڙي ٿا رکون!“

No comments:

Post a Comment