Tuesday, December 31, 2019

سنڌي ڪھاڻي ھڪڙي ھنڌ بيٺل آھي


سنڌي ڪھاڻي ھڪڙي ھنڌ بيٺل آھي
منوج ڪمار
Image may contain: 1 personسنڌي ڪھاڻيءَ جو سفر ۲۰۱۹ع ۾ به جاري آھي. اڳي کان لکندڙ ڪھاڻيڪارن کانسواءِ ڪيترا ئي نوان ليکڪ به ڪھاڻي لکي رھيا آھن. ھن سال ڪيترن ئي نون ڪھاڻيڪارن جا مجموعا شايع ٿيا آھن. انھن ۾ اختر حفيظ جو “ٽيھه منٽ”، حميد ابڙي جو “مٽي جو مان”، نور نبي راھوجو جو “خواب مرندا ناھن”، مجيب اوٺي جو “بارش کان بارش تائين”، مرتضى ناريجي جو “ضمير جو موت”، جعفر شاھاڻي جو “ڪائنات جو موت” ۽ امداد رند جو “ٽيون نسل” قابل ذڪر آھن. انھيءَ کانسواءِ سينيئر ليکڪن جيئن منور سراج، طارق قريشي ۽ رسول ميمڻ جا به ڪھاڻين مجموعا شايع ٿيا آھن.


جيستائين ھن وقت لکجندڙ سنڌي ڪھاڻي جي معيار جي ڳالھه آھي ته اسان کي ڪافي سٺا ڪھاڻيڪار به ملن ٿا، جيڪي ڪھاڻي لکڻ جي ڍنگ کان واقف آھن. وٽن موضوعن جي به نواڻ آھي. ساڳئي وقت، گھڻي ڀاڱي اھڙا ڪھاڻيڪار پڙھڻ لاءِ مليا، جيڪي انتھائي روايتي ھيا ۽ جن وٽ پڙھندڙ لاءِ ڪا نواڻ نه ھئي.
ھن وقت لکجندڙ اڪثر سنڌي ڪھاڻيون روايتي گھاڙيٽي ۾ آھن. اسان کي ڪي نوان تجربا گھٽ نظر اچن ٿا. ساڳئي وقت معياري سنڌي رسالن جي کوٽ ۽ سٺن ايڊيٽرن ۽ ايماندار نقادن جي اڻھوند سبب، نون ڪھاڻيڪارن کي پنھنجي تخليقن کي سڌارڻ جو موقعو به نه ٿو ملي. اسان جا وڏا ڪھاڻيڪار، پنھنجي دور جا وڏا پاڙھو به ھئا، جيڪي عالمي ادب جي عظيم روايتن سان گڏوگڏ، جديد تحريڪن ۽ نون تجربن کان به واقف ھئا. اسان جو نئون ڪھاڻيڪار، اردو کانسواءِ تمام گھٽ ٻين ٻولين جي ادب کي پڙھي ٿو. جنھن ڪري اُھو نون لاڙن کان، اڻواقف آھي. انھيءَ ڪري به اسان کي ھن وقت جي لکجندڙ ڪھاڻيءَ ۾ اسلوب جو ورجاءُ ملي ٿو. اڪثر ڪتاب، ليکڪن جا پنھنجي خرچ تي ڇپايل آھن ۽ جيڪي عام طور تي دوستن يا اديبن ۾ ورھايل آھن. انھيءَ ڪري به سنڌي ڪھاڻي سجاڳ ۽ اڻڌريي پڙھندڙن جي راءِ کان به محروم ٿيندي وڃي، جيڪا ڪھاڻيءَ جي واڌ ويجھه لاءِ ضروري آھي. ايئن کڻي چئجي ته نون موضوعن جي کوٽ، تجرباتي اسلوبن کان اڻڄاڻائي، ايڊيٽر جي قلم کان اڻڇھيل، ۽ پڙھندڙ ۽ نقاد جي راءِ کان محروم ھئڻ سبب، سنڌي ڪھاڻي ھڪڙي ھنڌ بيٺل آھي.
ھڪڙو ٻيو ٽرينڊ ھلي رھيو آھي، جيڪو شارٽ اسٽوري لاءِ ڪافي نقصانڪار آھي. اھو ٽرينڊ، سوشل ميڊيا تي ڪھاڻين کي شايع ڪرڻ آھي. فيسبڪ تي رکيل اھي ڪھاڻيون، بنا ڪنھن ايڊٽنگ واري عمل مان گذرڻ جي، سڌو پڙھندڙ تائين پھچن ٿيون. جنھن جي ڪري ان ۾ رھجي ويل ٻولي ۽ اسلوب جي ڪچاين کي بھتر ٿيڻ جو موقعو نه ٿو ملي. ساڳئي وقت، ڇاڪاڻ ته اھي ڪھاڻيون فيسبڪ جي دوستن جي لاءِ ھونديون آھن، تنھنڪري انھن تي ڪا تنقيدي راءِ به نه ٿي اچي.
ٻيو اھو ته ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا تي پڙھڻ وارن جو توجہ انتھائي ٿورو ۽ سرسري ھوندو آھي. تنھنڪري گھڻا نوجوان، فليش فڪشن، مائڪرو اسٽوري، مختصر افسانو يا اھڙن قسمن جون ڪھاڻيون لکي رھيا آھن، جيڪي ڪردارن ۽ پلاٽ کان وانجھيل ھونديون آھن. انھن جون مختصر ڪھاڻيون، ٽن سٽن کان وٺي پندرھن يا ويھن سٽن تائين آھن ۽ انھن ۾ فقط چند ڊائلاگن ذريعي ڪجھ لمحن جي ڪنھن وارتا کي بيان ڪيل ھوندو آھي. اھو ٽرينڊ، ھاڻ اخبارن جي مئگزين واري حصي ۾ وڌي رھيو آھي. مون کي ايئن لڳي ٿو ته اھو ٽريند سنڌي ڪھاڻي جي روايتن، ان ۾ ٻولي جي سونھن، ان جي موضوعن جي نواڻ کي ڪافي نقصان پھچائيندڙ آھي.
اميد ٿي ڪجي ته سنڌي ڪھاڻي اڃا بھتر ٿيندي ۽ ايندڙ وقت ۾ اسان کي ڪجھه بھتر پڙھڻ لاءِ ملندو.

(ڪاوش سنڊي ميگزن ۳۰ ڊسمبر ۲۰۱۹ع ۾ ڇپيل)
Image may contain: one or more people and text

No comments:

Post a Comment