Friday, December 20, 2019

سچي محبت يا ٽيمپريري پيار - ھمير گاد


سچي محبت يا ٽيمپريري پيار
(طنز ۽ مزاح)
ھمير گاد
هن دور ۾ جيڪي ماڻھو محبوبه جهڙي نعمت کان محروم آھن، اهي ڏاڍا خوش نصيب آھن. ڇاڪاڻ ته هن دجالي دور ۾ في محبوبه رکڻ، زال رکڻ کان به مشڪل ڪم آھي.
۽ محبوبه جيڪڏھن سهڻي هوندي ته اڃا وڌيڪ مٿي جو سور ثابت ٿيندي. ان همراھ جا ته ٻئي جهان ويا، جنهن جي سهڻي محبوبه هوندي. سڄو ڏينهن اهو محبوبه جي گهٽيءَ ۾ لامارا پيو ڏيندو. پريشانيءَ ۾ رات جو هن کي ننڊ ئي ڪو نه ايندي هوندي. بار بار پيو پاسا ورائيندو.


حليم بروهيءَ چيو آھي ته؛ ”عشق ڪرڻ کان اڳ، فيصلو ڪجي ته فقط عشق ئي ڪرڻو آھي، يا عشق کان پوءِ محبوبه سان شادي به ڪرڻي آھي. جيڪڏھن ارادو محبوبه سان شادي به ڪرڻ جو آھي، ته پوءِ مائٽن کي چئجي ته وڃي پاڻ عشق ڪن. ڇو ته اوهان جي شادي فقط اُتي ٿيندي جتي اوهان جا مائٽ چاهيندا، ۽ نه اُتي جتي اوهان چاهيندا.“
اڪثر ماڻھو پنهنجن محبوبائن تي پاڻيءَ وانگر پئسا خرچ ڪندا آھن. بعد ۾ وري دانهون به ڪندا آھن ته اسان هيترو خرچ ڪيو. روز ايزي لوڊ موڪليندا هياسين.
اهڙن ماڻھن کي پهريان سوچڻ گهرجي ته محبوبه تي پاڻيءَ وانگر پئسا خرچ ڪرڻ کان بهتر هو ته ويگن وٺي ڪرائي تي هلائين ھا ته ڪيڏو ڪمائن آ. گهر وارا به خوش..
اڄ ڪلھ جيئن ماڪڙ فصلن کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، ايئن ئي عاشقن محبوبائن کي ۽ محبوبائن عاشقن کي تباھ ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر ناهي ڇڏي.
سوپ سيريلز به ماڻهن کي ايترو ڪنفيوز نه ڪيو هوندو، جيترو محبوبائن عاشقن کي ڪيو آھي.
منهنجو هڪ دوست  آ، نالو اٿس شيدو شيدائي. اهو به هڪ ڏينهن اهڙي عشق ۾ اچي ڦاٿو جو هن بعد ۾ عشق کان ئي توبہ ڪري ڇڏي. پاڻ هو پرائيوٽ جاب ڪندو آھي. پهريان روز پنهنجي محبوبه جي شڪايتن جون سيل لڳائي ڇڏيندو هو. شادي ڪرڻ کان پوءِ هاڻي هو ماشاءَالله سان پنج وقت جو نمازي آھي.
ڪڏھن ڪڏھن ڪچهريءَ ۾ ساڻس محبوبه جو ذڪر نڪرندو آھي ته رڳو توبہ توبہ ڪندو آھي. اسين دوست جڏھن کيس چوندا آھيون ته؛ ”ايتري توبہ ڇو ٿو ڪرين؟“ ته چوندو آھي؛ ”ماڻھو گناھ ڪرڻ کان پوءِ ايتري توبہ ئي ڪندو آھي. مون به ڏاڍا گناھ ڪيا.“ اصل ۾ سندس مختصر قصو هي آھي ته.. (فليش بيڪ ۾ وڃڻو پوندو.)
سندس محبوبه جنهن ڏي هو هر چوٿين ڏينهن ايزي لوڊ موڪليندو هو. هوءَ هن سان پيار کان وڌيڪ شڪ ڪندي هئي. هن جو نمبر جيڪڏھن ڪنهن ڏينهن گهڻو وقت مصروف ملندو هيس ته سوچيندي هئي پڪ سان ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان ڳالهائيندو هوندو. منهنجو دوست هن کي ڏيڍ ڪلو وزن وارا قسم کڻي کڻي يقين ڏياريندو هو ته؛ ”جانو! تنهنجو قسم! آئون ته آفيس جي ڪم لاءِ همراھ سان ڳالهائيندو آھيان.“
۽ وري جڏھن منهنجو اهو دوست رات جو پنهنجي محبوبه جو نمبر ملائيندو هو ته هڪ ئي جواب ايندو هيس؛ ”آپ ڪا مطلوبه نمبر پڇلي دو گهنٽي سي مصروف هي.“
جيستائين ھن جو نمبر فري ملي، تيستائين هو موبائل ۾ ڪينڊي ڪرش گيم کيڏي ٽائيم پاس ڪندو هو. جڏھن بعد ۾ هن سان شڪايت ڪندو هو ته هوءَ روئي چوندي هيس؛ ”جانو، تو مون تي شڪ ڪيو، پنهنجي راڻي شھزاديءَ تي.“ اهڙي جذباتي حملي واري ڊائلاگ تي هو کيس چوندو هو ته؛ ”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين! آئون پنهنجي سڳي چاچي تي شڪ ڪري سگهان ٿو تو تي نه.“
منهنجي ان دوست جي محبوبا کي وري نيڪ بڻجڻ جو به ڏاڍو شوق هو. هن عظيم عورت ته پنهنجا گناھ به ان ويچاري منهنجي مسڪين دوست جي کاتي ۾ ھڻي ڇڏيا. هڪ ڀيري منهنجي دوست کي چيائين؛ ”ڏس دلبر! تو ڏي ايتري وقت کان ميسيج ڪري ڪري منهنجي نماز ئي هلي وئي.“
منهنجو اهو دوست، ڪجھ وقت ته سوچ ۾ پئجي ويو ته صبح جو يارهين وڳي، ڪهڙي نماز جو ٽائيم آھي..
ويچاري سان ڏاڍو ظلم هو. مون ان کي هڪ ڀيري سمجهايو به هو ته تون غريب جو ٻار آھين، ماشاءَالله سان نوڪري به اٿئي، عزت سان پنهنجي زندگي گذار! ڇو ٿو بجليءَ جي تارن ۾ ھٿ وجهين. ۽ ھن وڏا ٽهڪ ڏئي چيو هو؛ ”صفا چريو آھين، تو کي اها به خبر ناهي ته غريب جا ٻار ئي ته بجليءَ ۾ ھٿ وجهندا آھن!“
منهنجي دوست کي پنهنجي محبوبه کان اڪثر اها شڪايت هئي ته هوءَ هن کي جڏھن چوندي هئي ته؛ ”جانو جڏھن به اداسي ٿيئي ته مون سان ڳالهائيندو ڪر، جڏھن به تو کي مشورو وٺڻو هجي ته مون کي حڪم ڪندو ڪر. پر حرام آ جو هن ڪڏھن اهو چيو هجي ته؛ ”جانو جڏھن به ٻه ڪلو ٽماٽا کپئي ته مون کي حڪم ڪندو ڪر.“
هن کي ان ڳالھ جو بعد ۾ ڏاڍو ڏک  ٿيو هو.
آئون اوهان کي اڳتي ٻڌائيندو هلان ته منهنجي دوست شيدو شيدائي جي ان محبوبه جي شادي بعد ۾ هن جي وڏي ڀاءُ سان ٿي وئي هئي ۽ هُن پورو هڪ سال ان ڏک ۾ بليڪ وائيٽ دور ۾ رليز ٿيل سٺ کن فلاپ فلمون ڏٺيون.
منهنجي دوست جي سابقه محبوبه ۽ هاڻوڪي ڀاڄائي، هن جي ڀاءُ سان روز گهر ۾ وڙھندي هئي. روز ٻنهي جو جهيڙو هوندو هو. تازو ڪجھ ڏينهن پهريان، خبر پئي ته منهنجي دوست جو وڏو ڀاءُ هن وقت چرين جي اسپتال گدو بندر ۾ ايڊمٽ آھي.

No comments:

Post a Comment