Tuesday, December 24, 2019

اعتبار - مٺل جسڪاڻي


اعتبار
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
جُمي ۽ ڪمن وٽ، جڏھن به ڏھه روپيا گڏ ٿيندا ھئا، ٻئي مينھن جو گاھه ڪري، منجهند جي ماني گهران کائي، ڳوٺ کان ٽنڊوڄام پنڌ ايندا ھئا. پوءِ بس ۾ چڙھي حيدرآباد ويندا ھئا.
حيدرآباد ۾ ٻن ٽن سينيمائن جا پوسٽر ڏسي، ڪا به ھڪ فلم ڏسندا ھئا. انٽرويل ۾ ڪجهه نه ڪجهه وٺي، کائيندا ھئا. فلم ختم ٿيڻ کان پوءِ، اونھارو ھوندو ھو، ته شاھي بازار جو ھڪ ۽ ريشم گلي جو ٻه دفعا چڪر ھڻي، بس اسٽاپ ڏانھن ويندا ھئا.


بس ۾ چڙھڻ کان اڳي، سياري ۾ کاڄا، اونھاري ۾ ڀڳڙا به وٺندا ھئا. آخر ۾ وٽن چئن پنجن ماڻھن جو ڀاڙو به بچندو ھو. بس ۾ جيڪڏھن ڪنھن جو ڀاڙو نه ڀرڻو پوندو ھئن، ته ٽنڊوڄام مان به ڪا نه ڪا شيءِ وٺي، کائيندا، ڪچھري ڪندا، ڳوٺ وري ايندا ھئا.
ڪمن ڪرڙوڍ عمر ۾ ئي ھيءُ فاني جھانُ ڇڏي ويو. جُمي جي شادي دير سان ٿي، پر ھاڻي ڏاڏو به آھي، نانو به آھي. ڪڏھن ڪڏھن اولاد سان اھي يادگيريون ونڊ ڪري ٿو ته سندس اولاد به ھن تي اعتبار نه ڪندو آھي.

No comments:

Post a Comment