Saturday, December 7, 2019

طبقاتي اڻ برابري - طارق قريشي

طبقاتي اڻ برابري
زوجياتي ادب
طارق قريشي
ٻنھي ٻارن يعني سراج الدين ۽ قمرالدين، ماءُ کي تپايو ته اڄ فاسٽ فوڊ واري ڪنھن پڪوان خاني تي ھلڻو آھي. مسمات قمرالنساءِ، پنھنجي رڍ جھڙي غريب مڙس، ميان بدرالدين کي چيو: ”اڄ ڇا به ٿي پئي، شام جو جيئن ئي آفيس مان اچين ته گاڏي گيريج ۾ پارڪ نه ڪجانءِ، آئون ۽ ٻار تيار ويٺا ھونداسين، ٻاھر ھلي ٻارن کي ڪٿي فاسٽ فوڊ کارائينداسين.“
ميان بدرالدين، چيو؛ ”سرڪار! توھان کي ته خبر آھي ته لاسٽ ٽائيم مون کي فوڊ پوائزننگ ٿي پئي ھئي، ٽي ڏينھن لوڙيو ھئم، سو مون فاسٽ فوڊ کائڻ کان توبنھن ڪري ڇڏي آھي.“


”تو کي ڪير ٿو چئي ته تون به کائجانءِ، رڳو سراج الدين، قمرالدين کائيندا ... ظاھر آھي ته انھن سان گڏ مان به فاسٽ فوڊ کائينديس.“
ميان بدرالدين، پنھنجي زوجه محترمه مسمات قمرالنساءِ ۽ ٻارن سراج الدين ۽ قمرالدين کي ڪلب سينڊوچ، بروسٽ، فرينچ فرائز ۽ برگر کائيندي ڏسي رھيو ھئو. مسمات قمرالنساءِ کيس کائڻ لاءِ صلاح ڪئي پر ميان بدرالدين محڪم ۽ مستحڪم انداز ۾ انڪار ڪندي چيو، ”مون قسم کڻي ڇڏيو آھي ته مان ڪڏھن به فاسٽ فوڊ کي ھٿ نه لائيندس، سو مون کي مھرباني ڪري معاف ڪيو.“
اھو به عجب اتفاق آھي ته ساڳئي ئي ريسٽورنٽ ۾ ميان بدرالدين جو انڊر ويئر فرينڊ، جڳ مشھور داستاني شفاخاني ۽ نثري مطب جو مالڪ حڪيم ضراب حيدر نيرون ڪوٽي (پوشيده امراض جو ماھر) به پنھنجي عيال ۽ حرم پاڪ سان گڏ اڳ ۾ ئي آيل ھئو. ميان بدرالدين کي خبر ئي ڪو نه پئي ته سندس دوست حڪيم ضراب حيدر نيرون ڪوٽي، پنھنجي موبائيل سان ھن جا فوٽو ڪڍي رھيو آھي.
شام جو جڏھن ميان بدرالدين فيس بوڪ کوليو ته پنھنجي تصوير ڏٺائين. تصوير ۾ نظر آيو پئي ته ھڪ صحتمند ماءُ يعني (مسمات قمرالنساءِ) پنھنجي ٻن ٻارن (سراج الدين ۽ قمرالدين) سان فاسٽ فوڊ کائڻ ۾ مصروف آھي، ٿوري وِٿِيءَ سان پرتي ٿيل ڪرسيءَ تي ميان بدرالدين ڪنڌ جهُڪائي، خاموش ويٺل آھي.
ميان بدرالدين جي فيمليءَ جي اھا تصوير، ميان بدرالدين جي انڊر ويئر فرينڊ يعني جڳ مشھور داستاني شفاخاني ۽ نثري مطب جي مالڪ حڪيم ضراب حيدر نيرون ڪوٽي (پوشيده امراض جي ماھر) پوسٽ ڪئي ھئي ۽ ان تي نوٽ ھنيو ھئائين:
”اڄ مون کي شھر جي مشھور فاسٽ فوڊ ريسٽورينٽ ۾ ھڪڙو انوکو منظر نظر آيو. اھو فقط ھڪڙو منظر نه ھئو، بلڪه سماج جي بي حسي ھئي..... ھن پوسٽ ۾ ڏنل تصوير کي غور سان ڏسو، ھڪ امير ڪبير فيملي ۽ ان جا خوشحال ۽ صحتمند ٻار طرحين طرحين طعام کائي پيٽ ڀري رھيا ھئا، پر افسوس جو ڀر ۾ ويٺل نوڪر کي ھڪڙو گرھ ڏيڻ به گواره نه ڪيائون.“

No comments:

Post a Comment