Saturday, December 28, 2019

ڪتن تي خرچ - درشن متوا

ڪتن تي خرچ
مختصر ڪھاڻي

ليکڪ: درشن متوا
ترجمو: تاج سروھي
انڪم ٽيڪس انسپيڪٽر کي ٽن ملازمن سان گڏ ڏسي، ھن پنھنجو پاڻ کي ڇنڊ ڦوڪ ڪئي. پوءِ دڪان جي دخل تي اٿي بيٺو. تڪڙ ۾ ھٿ ٻڌي انھن کي سلام ڪيائين. انھن کي ويھارڻ لاءِ، سامھون پيل ڪرسين کي، پنھنجي ڌوتيءَ سان، صاف ڪيائين.
آيل آفيسر، صاف ڪيل ڪرسين تي ويٺا. ھيءُ، سندن خدمت ۾ خشڪ ميوا ۽ مختلف فروٽن جا جوس کڻي آيو.


وڏي آفيسر کائڻ پيئڻ کانپوءِ، ھٿ سان پنھنجا شھپر صاف ڪيا ۽ دڪاندار کان حساب ڪتاب جو رجسٽر وٺي، ان جي جاچ پڙتال ڪرڻ لڳو. ھڪ صفحي تي نظر پوندي ھو ٿورو حيران ٿيو ۽ پوءِ مسڪرائڻ لڳو. پنھنجي ماتحتن کي اھو صفحو ڏيکاريائين ۽ پڙھي ٻڌايائين ته ھو به ٽئي کلڻ لڳا.
”ڪھڙا ته ماڻھو آھن........انڪم ٽيڪس بچائڻ لاءِ، ڪتن کي کارايل ماني جي قيمت به خرچ ۾ ٿا لکي ڇڏين.“
رجسٽر جي صفحي تي لکيل ھو؛ ”مورخ ۱۲ فيبروري سن....... ڪتن کي ماني کارائڻ جو خرچ پنجاھ رپيه.“
دڪاندار به معنيٰ خيز انداز ۾، انھن سان گڏ، کلڻ لڳو.
ٿوري دير ويھڻ کان پوءِ، ھو اٿي ھليا ويا.
دڪاندار اھو رجسٽر ٻيھر کوليو. خشڪ فروٽ ۽ جوسن تي خرچ ڪيل رقم جو حساب لڳائي، رجسٽر ۾ ھڪ نئين سِٽَ جو واڌارو ڪيائين؛ ”تاريخ ۲۰ اگسٽ سن....... ڪتن تي خرچ ڪيل رقم ڏيڍ سؤ رپيا.“

(تاج سروھي جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment