Monday, December 30, 2019

ڪجهه ڳالهيون ’لِحاف‘ افساني بابت - ضراب حيدر


ڪجهه ڳالهيون ’لِحاف‘ افساني بابت
ضراب حيدر
ڪڏهن ڪڏهن مرڻ تي دل چوندي آهي. اِن لاءِ نه ته ڪو زندگيءَ مان بيزاري آهي پر بس ڪنھن ننڍڙي رومانس خاطر.
منھنجي محبوبائن جھڙي آپا عصمت!
تو کي محبوبائن جھڙي آپا اِن ڪري پيو چوان جو اِها به هڪ وڏي ڪھاڻي آهي، جو زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪنھن آپا سان به عشق ٿي ويندو آهي. مان جڏهن اڃا اسڪولي زماني ۾ هوس ته مون اهڙي ئي هڪ عشق جي ڪھاڻي پنھنجي اکين سان ڏٺي ۽ پِرائي هئي. اڄڪلهه ته اسان جي سنڌي معاشري ۾ ادا/ اديءَ جي عشق جون اهڙيون ڪھاڻيون جام آهن، سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ته اصل کوڙ پر شھرن ۾ به اُن جو رواج پئجي ويو آهي. منھنجي محبوب طارق قريشيءَ اِن موضوع تي هڪ شاندار ڪھاڻي ”فريم ٿيل چِتائون“ لِکي هئي.


پر آپا تو کي مان محبوبا آپا اِن ڪري پيو چوان ته تون ڪھاڻي آهين. اهڙي ڪھاڻي جيڪا دنيا جي هر موضوع جي گُجيءَ ۾ تڳندي رهي. باوجود سوين هزارن الزامن جي تو جيڪو ڪھاڻيءَ کي پيار، سليقو ۽ مانُ ڏنو، سو تنھنجي نانءَ کي ڪھاڻي اتھاس ۾ پھرين پِلي ڪارڊ تي اُڪريل ئي ڏيکاربو رهندو. ’لِحاف‘، ’چوٿي ڪا جوڙا‘، ’جڙين‘، ’بِڇو پُڦي‘، ’پِھلي لڙڪي‘، ’هندستان ڇوڙدو‘، ’دو هاٿ‘، ’نني ڪي ناني‘ ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا افسانه آهن جن ۾ زندگيءَ جي ڪرب سان گڏوگڏ، عورت جي محسوسات جون اُهي نزاڪتون نظر اچن ٿيون، جِن کي پڙهندي سِسراٽيون نِڪري وڃن ٿيون. آپا تون پنھنجي لکڻين ۾ جيتري بيباڪ آهين ۽ جيتري ظالم سمجهي وئي آهين، ايتري ڀلا ڪٿي آهين.... نه نه مان نه ٿو سمجهان ....
آپا عصمت، تو جڏهن پنھنجي وڏي ڀاءُ اردو جي مشھور اديب، مرزا عظيم بيگ چغتائي تي هڪڙو خاڪو ”دوزخي“ لکيو هو. وڃ ڙي تو اُن خاڪي ۾ پنھنجي مرحوم ڀاءُ کي به ڪين بخشيو هو. اُهو خاڪو جڏهن هڪ رسالي ۾ ڇپيو ۽ اُهو سعادت حسن منٽو جي ڀيڻ ناصره اقبال پڙهيو ته منٽو کي چيائين؛
”سعادت! هيءَ عصمت ڪيڏي بي هودي آهي، پنھنجي مُئل ڀاءُ کي به نه ڇڏيائين. ڪيڏيون فضول ڳالهيون لکي وئي آهي.“
جنھن تي منٽو ڀيڻ کي چيو ته؛
”تون مون تي اهڙو خاڪو لِکڻ جو، جي وعدو ڪرين ته مان هِن وقت ئي مرڻ لاءِ تيار آهيان. شاهجھان پنھنجي محبت جي ياد هميشه قائم رکڻ لاءِ تاج محل جوڙايو ۽ عصمت پنھنجي ڀاءُ جي ياد قائم رکڻ لاءِ ’دوزخي‘ لِکيو. شاهجھان ٻين ماڻهن کان پٿر کڻايا، تراشايا ۽ پنھنجي محبوبا جي لاش تي هڪڙي عظيم الشان عمارت تعمير ڪرائي ڇڏيائين. جڏهن ته عصمت هڪ ڀيڻ جا جذبا چونڊي چونڊي هڪڙو اُوچو تخت جوڙيو ۽ پنھنجي نرم نرم هٿن سان ڀاءُ جو لاش اُن تخت تي رکي ڇڏيائين. پر اڄ به تاج محل، شاهجھان جو دل آويز اشتھار محسوس ٿيندو آهي، جڏهن ته ’دوزخي‘ عصمت جو محبت جو حسين ۽ لطيف اِشارو آهي، جيڪا جنت هِن خاڪي ۾ آباد آهي تنھن جو عنوان، اشتھار هرگز نه ٿو لڳي.“
آپا ڪاش! مان تنھنجي زماني جو ڪو لوفر ٻار هُجان ها ۽ تنھنجي ڀائرن جيان تنھنجي ڪا چپاٽ يا ٺونشو نصيب ٿئيم ها. اِهو اِن لاءِ چوان ٿو ته آرٽسٽ جا هٿ ۽ آڱريون به ڄڻ ڏات جي ڀڳوان جا هٿ هوندا آهن. (مان ريئل آرٽسٽ جي ڳالهه پيو ڪريان، چور دروازن کان آيل يا هٿ ٺوڪين ٺاهيل آرٽسٽن جي ڳالهه نه پيو ڪريان.) مون کي ياد ڪونھي پر شايد منشي پريم چند يا وري گانڌيءَ کان آٽوگراف وٺندي، تو سندس هڪ آڱر کي ڇُھيو هو ۽ اِها تمنا ڪئي هئي ته؛
”ڪاش! اِها هڪ آڱر چُرائي سگهجي.“
هل ڙي! ڇا ته جذبا هئا آپا. اسان جا ته اديب ليکڪ، رُڳو ڪنھن نه ڪنھن کي آڱر ڪرڻ جي چڪر ۾ سدائين مصروف رهندا آهن. زندگيءَ ۾ ڪا هڪ اڌ شيءِ لِکي سموري عمر اُن تي پاڻ کي ڪيش ڪرائيندا آهن. يا وري ڪنهن نه ڪنهن پليٽ فارم تان هٿن يا آڱرين سان ڀاشن ڏيندي، مداحن کي آڱرين تي نَچائيندا آهن.
آپا عصمت! مون پنھنجي آيل ڪھاڻي-ڪتاب ”حيدرآباد“ ۾ پنھنجي پاران ۾ تنھنجو ذڪر صرف هڪ سِٽ ۾ ڪيو آهي. اِهو ئي ته ”عصمت جيڪو عام ڪيو، جيڪي انگيون ۽ انگ اُگهاڙا ڪيا، پوءِ به شايد گهڻو ڪجهه رهجي ويو ڪھاڻيءَ جي نٿ ۾، جنھن جو پڪريز شايد توهان کي نظر اچي ئي نه سگهيو.“ مان شايد پاڻ کي ڦَني خان سمجهڻ لڳو هوس يا وري ڪھاڻي جو چنگيز خان يا هلاڪو ٿي سوچڻ لڳو هوس. پر ڪھاڻي ۾ ڪو ئي به چنگيز خان، هلاڪو يا ڦني خان ٿي نه سگهندو آهي. خاص طور تي آرٽسٽ ته هرگز نه.
مون شايد اِهو ان ڪري به سوچيو هو ته جو مون کي تنھنجو هڪ افسانو ”ڪوئٽ انڊيا- هندستان ڇوڙدو“ ياد هو. مون کي الائي ڇو لڳو هو، آپا تو اُن افساني جي ڪردار، جنھن تي شروع ۾ ته ڪافي ڪاوڙ ۽ تنقيد جو اظھار ڪيو هو پر وري تو کي اُن ڪردار تي آرٽسٽ وارو پيار اچي ويو هو. پر پوءِ سوچيو هئم ته آرٽسٽ ماڻهو، ڪڏهن به ڪنھن ڪردار سان نفرت ناهي ڪري سگهندو. ڇو جو هو جنھن ڪئمرا جي اک سان پنھنجي ڪردار کي جانچيندو آهي، اُن سان کيس اُها ڪُنڊ يا اينگل به ضرور نظر اچي ويندي آهي، جنھنڪري بڇڙو گندو ڪردار به ڪٿي نه ڪٿي پيار لائق بڻجي پوندو آهي. آپا تو ’لِحاف‘ افساني ۾ جيڪو موضوع کنيو ۽ تو کي ڪورٽن تائين ڇِڪيو ويو، مرد توڙي عورتون تو کان ڊڄڻ لڳا، نه صرف ايترو پر رستي ويندي به تو کي ’رنڊي، واهيات‘ جھڙا جملا ٻُڌڻا پيا. تنھن موضوع تي اڄ به لِکڻ ممنوع آهي. اُن دور ۾ ته سوچڻ به جھڙوڪر گناھ هو. گناھ جيتوڻيڪ جنت ۾ به ٿيو. ابليس جو سجدي کان انڪار ۽ آدم جو روڪڻ باوجود اُهو داڻو کائڻ. پر ڪجهه گناهن جو تذڪرو ڪرڻ، ڪٿي ڪٿي ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. سو آپا مون ڳالهه پئي ڪئي ته آرٽسٽ ماڻهو، ڪڏهن به پنھنجي ڪردار کي نفرت يا ڪاوڙ جي ڪُن ۾ اُڇلائي نه سگهندو آهي. آپا تو ته ’لِحاف‘ ۾ ’بيگم جان‘ جي ڪردار جيڪا جان ڏني سا پنھنجي جاءِ تي، پر آخري ڪاوڙ وارو جملو جيڪو تو افساني جي مُنھن ۾ اُڇلايو، اُن تي سعادت منٽو جھڙي ڪھاڻيڪار به چيو ته؛ ’جيڪڏهن مان هُجان ها ته اُن جملي کي حذف ڪري وڃان ها.‘ پوءِ روبرو به شايد، سعادت حسن منٽو تو سان اُهو ذڪر ڪيو ۽ جواب طلبيو.
الا ...! آپا! منٽو پاڻ چيو آهي ته؛ ’اُن سوال تي تنھنجي چھري تي شرم ۽ حجاب اچي ويو.‘ تو ڪو به جواب نه ڏنو ۽ خاموشيءَ سان هلي وئينءَ. جنھن تي منٽو جي واتان نِڪري ويو؛
”سالي يه تو عورت نِڪلي.“ منٽو، شايد کن پل لاءِ، مرد واري معاشري جو شڪار ٿي ويو هُجي. مان نه ٿو سمجهان ته ليکڪ خاص ڪري ڪھاڻيڪار ڪو مرد يا عورت به هوندي آهي.
پر آپا مون کي حيرت آهي ته مون وٽ اهڙا به ڪردار آهن، جن تي مون کي سچ به آرٽسٽ واري همدردي هوندي به شايد اُها همدردي نه ٿئي. همجنس پرستيءَ واري موضوع تي جيتوڻيڪ اسان جي سنڌي ادب ۾ به لِکيو ويو آهي. تازو اصغر گگو جي هڪ ڪھاڻي اِن موضوع تي پڙهي اٿم، جو اُن جي تازي آيل ڪتاب جو مُھاڳ مون ئي لِکيو آهي. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ’لِحاف‘ ۾ همدردي لائق ’بيگم جان‘ آهي يا وري اُهو نواب آهي جيڪو لسڙاٽ ڇوڪرن جي چڪر ۾ ’بيگم جان‘ جي جسم ۾ هڪ اهڙي خارش جو مرتڪب بنجي ٿو، جيڪا عورت جي صنف جو حِصو آهي يا وري اُن جي جِبلت جو؟ آپا مان به اِن موضوع تي لِکان پيو، سالن کان، پنھنجي مُشاهدن ۽ ريسرچ آڌار. پر اُها ڪھاڻي مڪمل ڪري نه سگهيو آهيان، جو مان عورت جي صنف ۽ جبلت جي وچ ۾ پينڊوليم جيان لڙڪندو رهيو آهيان. انصاف اِن ڪري به نٿو ڪري سگهان جو انصاف لاءِ چار آنا ئي سھي، مون کي ظالم ٿئڻو پوندو ۽ فطرت جي اُن رنگ جو ذڪر ڪرڻو پوندو، جنھن کان عورت پنھنجي صنف يا وري جبلت کي بي خبر رکي، دانسته ڪائنات جي هڪ خاص رنگ کان محروم رهي ٿي. آپا تو وارو ڪردار، بيگم جان جسٽيفائڊ آهي، پر مون وارا ڪردار جسٽيفائڊ اِن ڪري به نٿا ٿين جو اُنهن عورتن جي هڪ هٿ-ٺوڪئي نظرئي تحت فطرت کي ڄاڻي واڻي اِگنور ڪيو آهي. تو جڏهن فيمينيزم جي ڳالهه ڪئي ۽ اُن تي لِکيو ته اُن وقت به دنيا ۾ اِهو نظريو ايڏو نه عام هو، نه وري ڪو جام ٿيو هو. اڳ عورت جو جسم، مرد جي مرضي واري ڳالهه هئي، هاڻي ’ميرا جسم، ميري مرضي‘ واري ڳالهه هلي رهي آهي. ۽ اِهي ٻئي رويا به ته ٻه انتھائون آهن. مرد جي مرضي ته صريحًا ظلم آهي ئي آهي، پر ’ميرا جسم، ميري مرضي‘ جي نعري هيٺ به ته جسم (مرضيءَ سان ئي سهي) ڪنهن مرد کي پيش يا نيلام ڪيو ويو نه!؟ بھرالحال، اِنهن لقائن جي باوجود آپا سچ ته اِهو آهي ته مان پنھنجي آس پاس جي عورتن کي اڄ به معصوم سمجهان ٿو. ڇو جو مون کي خبر آهي ته نعرا بھرحال محرومين مان جنم وٺندا آهن. منھنجون ايندڙ ڪيئي ڪھاڻيون، معصوم عورت ۽ دوزخي مرد جي ڪردارن سان ٽِمٽار هونديون....
آپا تو سان اڃا کوڙ ڳالهيون ڪرڻيون آهن، وري ٻئي ڀيري.

No comments:

Post a Comment