Saturday, December 28, 2019

پاڻيءَ جي مسواڙ - خالد حسين ڪوري


پاڻيءَ جي مسواڙ
مختصر ڪھاڻي
خالد حسين ڪوري
ميمڻ کان هڪڙي شيخ، مٺي پاڻيءَ جو کوھ خريد ڪيو. پئسن جي ادائگي به ٿي وئي.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ ميمڻ ۽ شيخ ٽڪرائجي ويا.
ميمڻ چيو: ”چڱو ٿيو ملي وئين! ڀائو! هڪڙي ڳالھ ذهن ۾ هجئي، سودو کوھ جو ٿيو هيو، پاڻيءَ جو نه. پاڻيءَ جا الڳ پئسا لڳندئي؟“


شيخ وراڻيو: ”مون به تو کي پئي ڳوليو... “
ميمڻ: ”اهو ڇو ڀلا.؟“
شيخ: ”اهو ان ڪري ته کوھ ۾ تنهنجو پاڻي پيو آهي. تنھن پاڻيءَ جي مسواڙ پوندئي. ڳالھ سمجھ ۾ اچئي ۽ مسواڙ ڀرين ته ٺيڪ. ور نه ته کوھ مان پنهنجو پاڻي، ڏينھن ٻن ۾ ڪڍرائي وڃ.“

(خالد حسين ڪوري جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment