Saturday, December 7, 2019

ڪرملي جي روزگار جو قصو - دريا خان شنباڻي


ڪرملي جي روزگار جو قصو
مختصر ڪھاڻي
دريا خان شنباڻي
گذريل سال اونهاري جي موسم ۾، ڪرملي جو گڏهه، گرمين جي سٽ نه سهندي، گذاري ويو. گڏهه گاڏو ۽ ڪرملي، ڏک ۾ جهري پيا! اهو سور ڪرملي جي گهرواري ڪجهه مهينا ته برداشت ڪندي رهي. پر آخر هڪ ڏينهن هوءَ به وات ڦاڙي کيس چوڻ لڳي؛ “اي موڳا مٽر! آخر ڪيترا ڏينهن گڏهه جي غم ۾ نڍال رهندين؟ اٿي ڪو هٿ پير هڻ! هيترا سار ٻار آھن، اهي ماني کائيندا، مٽي ته ڪو نه کائيندا”.
ڪرملي اهڙو ڪڇي، جهڙو ڀت.


آخر سيارو سهڙڻ لڳو ته هڪ همراهه اچي غمزده ڪرملي کي چيو؛ “تو کي ڪو سڻائو روزگار ڪرڻ کپي”.
ڪرملي منهن مُونن مان ڪڍي، کيس سواليه نظرن سان تڪڻ لڳو. تنھن تي همراهه چيس؛ “سياري ۾ گرم گرم آنا ڏاڍا کپندا آھن، سو گهر ۾ ويهڻ بدران، روزيءَ سان به لڳو پيو هوندين ته گڏهه جي غم مان به نڪري ايندين”.
ڪرملي کي ڳالهه وڻي. پر ٿوري دير ۾ منهن خراب ٿيس، جو همراهه چيس؛ “ڪرملي، ان ڌنڌي لاءِ به پهريان تو کي خرچ ڪرڻو پوندو. تنهن ڪري گڏهه ته هونئن به رهيو ناهي، سو گاڏو وڪڻي سامان وٺڻو پوندئي”.
ڪرملي ڪجهه پريشان ٿيو ته همراهه چيس؛ “ڪهڙو وري تو کي پاڻ گڏهه گاڏي ۾ جوٽڻو آھي، جو گاڏو بيهاريو ويٺو آھين”.
آخر ڪرملي پنهنجو گاڏو، جيڪو ٽيھن هزارن ۾ شوق مان ٺھرايو هو، سورھن هزارن ۾ وڪيائين. ٻاهران ئي ٻاهران، گرم آنن وڪڻڻ وارو روزگار ڪرڻ لاءِ سمورو سامان، گئس سلينڊر (جنھن ۾ گئس به ڀرايائين) مصالحا ۽ مصالحا ڪٽڻ لاءِ همام دستو، رکڻ لاءِ ننڍا ننڍا دٻا، گرم آنا رکڻ لاءِ ڪولر، آنا اوٻارڻ لاءِ هڪ وڏو ديڳڙو، اخبارن جو هڪ ٿهو وغيره ... اهو سمورو سامان هڪ چنگچي تي کڻي گهر پهتو ته سڀئي گهروارا خوش ٿيا. ڪرملي به سڀاڻي تي ڪو نه ڇڏيو، “جيڪو ڪر سو اڄ ئي ڪر” جي نعري هيٺ ان ئي شام ديڳڙو چاڙھي ۲۵ کن آنا اوٻاريائين ۽ پهرين ڏينهن اهو ٿيو جو سندس پير مٿان گرم پاڻي به هارجي پيو. پر همت نه ڇڏيائين ۽ پير کي اڳڙي ٻڌي، ڪم کي لڳي ويو. پهرئين ڏينهن جي خوشيءَ ۾ سندس ٻارڙا ۱۰ آنا ته اتي جو اتي کائي ويا، باقي بچيا ۱۵ آنا سو ڪولر ۾ وجهي ۽ مصالحا اخباري ٽڪرن ۾ ويڙھي، گهرواري کان ايئن دعا پني نڪتو ڄڻ جنگ تي ويندو هجي.
ڪرملي سج لٿي مهل چنگچيءَ تي چڙھي شھر پهتو ۽ شھر ۾ ٻه اڍائي ڪلاڪن جي انتظار کانپوءِ، هڪ بس آئي ۽ ڪرملي ان تي سوار ٿي هوڪا ڏيڻ شروع ڪيا “بال آنا ... بال آنا ... گرم گرم آنا”. ان وقت اڃا پوري طرح سيءَ شروع نه ٿيا هئا، ته بوائل آنا ڪٿان وڪرو ٿين؟! وري به ڪجهه گهڙيون بيهي هوڪا ڏيندو رهيو. پر ڪنهن هڪ به آنو نه ورتو. بس به الائجي ڪٿان کان ڪٿي پهچي چڪي هئي. هاڻي ڪرملي کي آنا وڪڻڻ جي ڳڻتي گهٽ، پر واپس موٽڻ جي وڌيڪ هئي. سو هن پڪو پهه ڪيو ته ايندڙ اسٽاپ تي لهي پوندو ۽ نيٺ بس به ننڍڙي اسٽاپ تي بيٺي ته ڪرملي به لھي پيو.
ڪرملي ۽ سندس زال کي اها ڳالهه ته ذهن ۾ ئي نه آئي ته رات جو ڪرملي پاڻ کي به ڪو سيءُ لڳندو. هو هڪ ننڍڙي پوتڙي سان ئي گهران نڪتو هو. ڪرملي کي ان اسٽاپ تي اهڙو ته سيءُ ورايو جو سيءُ چئي اڄ نه پوان، ڪڏھن پوان. ٻاهر روڊ تي گاڏين جي هوا به کيس سٽي لاٿو. نيٺ اڍائي، ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هڪ بس آئي ۽ ڪرملي به ان ۾ سوار ٿيو ۽ “گرم آنا ... بال آنا” چئي پندرھن آنن مان اٺ آنا وڪڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر هاڻي ڪرملي کي آنن جي گهٽ، پنهنجي اسٽاپ جي ڳڻتي وڌيڪ هجي. سو هو ڪنڌ هيٺ ڪري ٻاهر نهاري وري سڌو ٿي بيهي رهي. بس هئي جيڪا روڊ نه پر آسمان ۾ ڄڻ اڏامي رهي هئي. ڪرملي آخر رڙھندو اچي بس جي گيٽ وٽ بيھي رهيو پر هن کي پوءِ به خبر نه پئجي سگهي، ته هو ڪٿي پهتو آھي. ٻاهر ٻه، ٽي بلب ٻرندي ڏسي ته بس جي گيٽ کي ڌڪ هڻي پر ڊرائيور ته هوش ۾ ئي نه هجي، آخرڪار بس جو ڪلينر به ڪرملي مان تنگ ٿيو ۽ جهنگ ۾ بس کي ڌڪ هڻي روڪرايائين ۽ بس بيهندي ئي هن ڪرملي کي پويان اهڙو ته ڌڪو ڏنو جو هن هيٺ وڃي گوڏا کوڙيا. هاڻ ڪرملي ڪٿي وڃي، سو روڊ نه ڇڏيائين ۽ هڪ بي منزل مسافر جيان هلندو ويو ...
صبح واري اذان کانپوءِ جڏھن ڪجهه سوجهاندو ٿيو ته خبر پيس ته بس ته هن کي سندس اسٽاپ کان به اڳتي لاٿو هو. پر هو اڳتي هلندو ويو. پوئتي گهروارا سڄي رات ننڊ ڪندا رهيا. گهر ۾ رکيل آنا وري ڪتا کائي ويا.
ڪرملي شام جو نڪرڻ کان اڳ، گئس سلينڊر واري باهه به ڦوڪ ذريعي نه وسائي هئي، سو گئس به هلي هلي ختم ٿي چڪي هئي.
ڪرملي صبح جو ڏھين وڳي، وڃي گهر پهتو ته ٻارن سميت سندس گهرواري به ڏکويل هئي. ڪرملي پنهنجي گهرواريءَ کي ايترو چئي کٽ تي آھلجي پيو ته “سارنگ ماءُ! هي روزگار به مون کان زور آھي”.

No comments:

Post a Comment