Wednesday, December 18, 2019

قسمتي ملاقات


قسمتي ملاقات
”ٽوٽڪا“ ڪتاب ٻيو
ڪمپوزنگ: وھاب سھتو

ٽوٽڪو نمبر پھريون.

Image result for anecdotes
ڪنھن وڏيري وٽ ھڪ نوڪر ھيو. ماني کارائڻ لاءِ ھٿ ڌئارڻ لڳو. ڪوزو پورو صفا ٿيل نه ھيو. وڏيري نوڪر کي جھڻڪيو. آئنده لاءِ ھدايت ڪيائينس ته؛ ”ڪوزو يا ٻيا ٿانءَ ھميشه صفا ڪري پوءِ آڻجن.“
ھڪ دفعي، وڏيري وٽ چار پنج مھمان آيا. مھمانن لاءِ ماني آڻڻ کان اڳ ۾، ياددھانيءَ طور، وري به وڏيري صفائيءَ جو تاڪيد ڪيس. نوڪر ماني ٺاھي، پاڻ کائي، ٿانءَ صفا ڪري، ڍڪي رکيا. ماني آڻڻ لاءِ حڪم ٿيس. سڀ خالي ٿانءَ، صفا ٿيل، ڪپڙي سان ڍڪي، کڻي آيو. سڀيئي ھٿ ڌوئي کڻي کولين ته ڪاريءَ وارا ڪک. وڏيرو گرم ٿيو ۽ نوڪر کان سبب پڇيائين. نوڪر عرض ڪيو ته؛ ”حضور جن جو اڌ ڪلاڪ اڳ، اھڙو حڪم ٿيو ته جيڪو ٿانءُ آڻين سو صفا ھجي.“
وڏيرو ۽ مھمان کلي پيا ۽ ٻي ماني تيار ڪرائي، اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ کاڌائون.


ٽوٽڪو نمبر ٻيون.

ھڪ ماڻھوءَ کي، مٿي کنھڻ جي عادت، گھڻي ھوندي ھئي. اکر ھوندا ھئس خراب، ان ڪري لکڻ شروع ڪرڻ سان ئي آڱريون مس سان ڀرجي وينديون ھيس ۽ انھن آڱرين سان مٿو کنھندو ھو ته پيشانيءَ تي مس جا داغ ٿي پوندا ھئس. ھڪ دفعي نوڪر کي چيائين ته؛ ”جڏھن مون وٽ ماڻھو ويٺل ڏسين تڏھن، جيڪڏھن پيشانيءَ تي ڪو مس جو داغ ڏسڻ ۾ اچي ته ’چئجانءِ ’براءِ خادم ديگر حڪم چيست‘ يعني ’غلام لاءِ ٻيو حڪم ڪھڙو آھي‘، ته آ يڪدم سمجھي ويندس ۽ رومال سان منھن صفا ڪري ڇڏيندس.“
گھڻن ڏينھن کان پوءِ ھن وٽ گھڻا دوست اچي سھڙيا. نوڪر کان پارسي جملو، تيستائين وسري چڪو ھيو. مالڪ جي منھن تي مس جو داغ ڏسي چوڻ لڳس؛ ”حضور! اوھان وارو ٻڌايل جملو مون کان وسريو ويو آھي، باقي اوھان جو منھن اڄ به ڪارو آھي.“
تنھن تي مالڪ نوڪر تي ڪاوڙجي، نوڪريءَ کان جواب ڏئي ڇڏيو.


ٽوٽڪو نمبر ٽيون.

ڪو ڳوٺ جو پٽيل، ھميشہ بيمار گذاريندو ھيو. پٽ ڪو نه ھيس. ڇيڙي نبيري، سندس زال ڪندي ھئي.
آخر پٽيل گذاري ويو. ڳوٺ جو پاڙو پاڙو ٿي، عذرخواھي ڪري ويا. پڇاڙيءَ جو بيوقوفن جو پاڙو آيو. سڀني چيو؛ ”مائي! دنيا فاني آھي.“
مائيءَ ورندي ڏني؛ ”بس! مڙس کان سواءِ دنيا ۾ رھڻ خواري آھي.“
بيوقوفن جي سردار چيو؛ ”مائي! اسين سڀيئي تنھنجا مڙس ٿيڻ لاءِ تيار آھيون. مڙسن جي ڪھڙي کوٽ.“
نيٺ سڀ مار کائي، گھرن ڏانھن موٽيا.


ٽوٽڪو نمبر چوٿون.

آلو ۽ بالو، ٻئي چرچائي ھئا. ڪنھن شاديءَ تي ٻنھي کي ماني گڏ ملي.
بالوءَ جي ڀرسان ڪتي لنگھي ويئي، تڏھن آلوءَ چيو ڪتيءَ کي ته؛ ”مون کي بالوءَ جون ٿيون اکيون آڏيون اچن نه ته ھوند مار ڪڍانءِ ھا.“
تڏھن وري بالوءَ ورنديءَ ۾ ڪتيءَ کي چيو ته؛ ”ڪتي! ٿورا وسارجانءِ نه. اھو آلو نانو ھوءِ، جنھن ڇڏي ڏنو اٿيئي. ٻيو ھجي ھا ته ڌڪ ھڻي ڪڍيئي ھا.“
آلو ڏاڍوشرمندو ٿيو.


ٽوٽڪو نمبر پنجون.

ڪنھن مالڪ، نوڪر کي چيو ته؛ ”آئون چئين بجي پاڻيھي ننڊ مان جاگندس. پر جي جاڳ نه ٿئي ته مون کي سڏ ڪري ننڊ مئون نه اٿارج. رڳو ٻليءَ وانگر ميائو ميائو ڪج ته آئون پاڻيھي جاڳندس.“
نوڪر، اٿارڻ جي مقرر وقت تي، گھڻيئي ڀيرا ميائو ميائو ڪيو. پر مالڪ نه اٿيو. نيٺ نڪ ۾ ھٿ وجھي، ڇڪي اٿاريائينس. مالڪ کي ڪاوڙ آئي ۽ نوڪر کي ڏاڍا دڙڪا ڏنائين.
نوڪر چيو ته؛ ”سائين! منھنجو ڪھڙو ڏوھ! ٻلي ته اوھان مون کي اڳيئي بنائي پوءِ سُتا ھئا. ٻليءَ جو ڪم آھي نيٺ رنھنبوٽا ھڻڻ.“
مالڪ کي پنھنجي بيوقوفيءَ واري حڪم تي افسوس ٿيو ۽ نوڪر کي ڇڏي ڏنائين.


ٽوٽڪو نمبر ڇھون.

ھڪ شاھوڪار وٽ، منو بيوقوف نوڪر ھو. مالڪ رڳو کنگھندو ھو ته ڊوڙي اچي حاضر ٿيندو ھو.
نيٺ مالڪ گھنڊڻي خريد ڪئي ۽ نوڪر کي چيائين ته؛ ”تون آھين گھنڊڻيءَ جو نوڪر. گھنڊڻيءَ جي آواز تي ھلندو ڪر، بنا گھنڊڻيءَ جي ڪو به سڏ ڪريئي ته ان کي چئو ته پنھنجي زبان بند رک.“
ھڪ دفعي شاھوڪار جو ننڍڙو پٽ آيو ۽ ميز تان گھنڊڻي کڻي، ٻاھر وڄائيندو ڊوڙندو ويو. نوڪر ان جي پٺيان ھلڻ لڳو.
پويان، ڪنھن ڪم لاءِ، شاھوڪار سڏ ڪيس ته چيائينس؛ ”پنھنجي زبان بند رک!“
شاھوڪار، يڪدم پنھنجو حڪم رد ڪيو.


ٽوٽڪو نمبر ستون.

ھڪڙي بيوقوف، ڪنھن حڪيم کان دوا وٺي، ڪِريءَ جو پڇيو. حڪيم چيس ته؛ ”ڏڌ، مٺاڻ ۽ کاري شيءِ نه کائجانءِ.“
ھن وري پڇيو ته؛ ”سائين! ڳاڙھا مرچ کائجن.“
حڪيم چيس؛ ”نه!“
وري پڇيائين؛ ”ڀلا ڌونئرو کائجي؟“
حڪيم چيس؛ ”نه!“
نيٺ حڪيم ڪڪ ٿي چيس ته؛ ”فقط ڦاھو نه کائج! ٻيو جيڪي کپيئي سو وڃي کاءُ!“
ويچاري سمجھيو ته ڦاھو به ڪا شيءِ آھي. تڏھن وري به حڪيم کي چيائين ته؛ ”سائين! مون ڦاھو نه ڏٺو آھي. متان ڀل ۾ کائي ويھي رھان. مھرباني ڪري اوھين ڦاھو کائي ڏيکاريو ته ائين آئون نه کاوان.“
نيٺ حڪيم بيزار ٿي، تڙائي ڪڍيس.


ٽوٽڪو نمبر اٺون.

ھڪ ماڻھوءَ پٽ کي ويٺي نصيحت ڪئي ته؛ ”ڪوڙ، ايمان جي ڪتر آھي.“
ايتري ۾ ان ماڻھوءَ کي، گھر جي ٻاھران، لھڻيدار سڏ ڪيو. پٽ کي چيائين ته؛ ”ٻاھر وڃي ورندي ڏيئي اچ ته بابو گھر ڪونھي.“
پٽس چيو ته؛ ”بابا! اوھان ھينئر فرمايو ته ڪوڙ، ايمان جي ڪتر آھي، پوءِ اوھين ڪوڙ ڇو ٿا ڳالھايو؟“
لاچار ٿي پيءُ ورندي ڏني ته؛ ”ڪوڙ، ننڍن ٻارن لاءِ، ايمان جي ڪتر آھي. پر وڏن لاءِ خوراڪ آھي.“


ٽوٽڪو نمبر نائون.

ھڪڙي واپاريءَ جي دڪان تي، سودي وٺڻ لاءِ، تمام گھڻا ماڻھو آيل ھيا. ايتري ۾ سندس ڪنھن گھري دوست اچي ٻاھران سڏ ڪيس.
کيس پري وٺي وڃي پڇيائينس ته؛ ”ان جو اگھ ڪھڙو آھي؟“
دڪاندار چيس ته؛ ”اھا ڳالھ دڪان تي ڇو نه ٿي ڪيئي؟“
دوست چيس ته؛ ”دڪان جي دروازي تي لکيو پيو آھي ته؛ بي ايمان جي منھن ۾ ڌوڙ. ان ڪري ڀانيم ته اوھين آيل ماڻھن کي متان اناج ڳري اگھ ۾ ڏيندا ھجو ۽ مون سان سچي نه ڪريو ته پوءِ اوھان جا لکيل اکر اوھان کي آڏو نه اچن.“


ٽوٽڪو نمبر ڏھون.

ھڪ ماڻھوءَ نوڪر رکيو. ساڻس انجام ڪيائين ته؛ ”سڄو ڏينھن حاضر رھج. سج لٿي کان پوءِ ڪو به ڪم نه ڪج.“
ھڪ دفعي مالڪ ۽ نوڪر گڏيا پئي ويا ته مالڪ کي اتفاق سان ٿاٻو اچي ويو ۽ گوڏو زخمجي پيس ۽ ومي ڀرسان پاڻيءَ جي کڏ ۾ ڪريو. نوڪرکي ھڪل ڪيائين ته؛ ”وارو ڪر! ٻڏان ٿو.“
نوڪر اُتي ٻانھون ٻڌي عرض ڪيو ته؛ ”سائين! ٻڏين ته پنھنجيءَ قسمت کي چئو. سج لٿي کان پوءِ آئون ٻڌل نه آھيان.“
نيٺ مالڪ ويچارو ڦٿڪي ڦٿڪي نڪتو ۽ اچڻ سان انجام واري لکيل پني ۾ درستي ڪيائين.


ٽوٽڪو نمبر يارھون.

ھڪڙي دڪاندار جا ٻه نوڪر پاڻ ۾ وڙھيا. ھڪڙي نوڪر ٻئي نوڪر کي چماٽ ھنئي ته ان دڪاندار کي دانھن ڏني.
دڪاندار، چماٽ ھڻندڙ کي چار آنه ڏنڊ ڀري ڏيڻ جو حڪم ڪيو.
نوڪر يڪدم ھڪ چماٽ، خود دڪاندار کي ھڻي ڪڍي ۽ ھڪ آڌيو اڇلائي ڏنائين. چيائينس ته؛ ”سائين! چار آنه اوھين رکو ۽ چار آنه فرياديءَ کي ڏيو، جو مون وٽ اھو آڌيو ٻڌو آھي.“
دڪاندار، پنھنجي ڪيل فيصلي سبب، ڏاڍو شرمسار ٿيو.


ٽوٽڪو نمبر ٻارھون.

ڪنھن ماڻھوءَ کان پڇيائون ته؛ ”عمر ڪيتري اٿيئي؟“
چيائين ته؛ ”آئون پنھنجي پنھنجي پيءُ کان ھڪ ورھيه ننڍو آھيان.“
ماڻھن پڇيس ته؛ ”اھو ڪھڙو حساب آھي؟“
جواب ڏنائين ته؛ ”جڏھن منھنجي پيءُ رضا ڪئي، تڏھن ھو ٽيھن ورھين جو ھيو ۽ مان بن سالن جو ھوس. ھن جو وڌڻ بند ٿيو ۽ آئون وڌندو رھيس. اڄ آئون اڻٽيھن سالن جو آھيان پر منھنجو پيءُ ٽيھن سالن جو ئي رھيو. چئبو ته آئون پيءُ کان ھڪ ورھيه ننڍو آھيان.“


ٽوٽڪو نمبر تيرھون.

ھڪڙي ماڻھوءَ تي ديواني ڪورٽ ۾ دعويٰ ٿي. جوابدار عرض ڪيو ته؛ ”قرض جا پئسا، منھنجي پئدائش سارو، قسطون ٿين.“
فرياديءَ عرض ڪيو ته؛ ”سائين! شاھوڪار آھي. ان ڪري قسطون نه ٿين.“
اتي جوابدار عرض ڪيو ته؛ ”ٽي ڏينھن مھلت ملي، جو زيور وغيرھ وڪڻي قرض جي ادائيگي ڪريان.“
اتي فرياديءَ وري تڪڙ ۾ چيو ته؛ ”سائين! گھر ۾ لولي جو لوڻ به ڪو نه اٿس. ھن وٽ زيور ڪٿان آيا؟“
مئجسٽريٽ صاحب کان کل نڪري ويئي ۽ جوابدار جي مرضيءَ موجب قسطون ڪيائين.


ٽوٽڪو نمبر چوڏھون.

ھڪڙو ڪمھلو (بي وقتو) مھمان، ڪٿي وڃي سھڙيو. سندس نالو ھو ڀانو.
ڪُني ۾ ڀت ته گھر جي ڀاتين لاءِ پورو مس ھو، پر جيتريون ڏويون (ڪاٺ جا چمچا)، ھر ھڪ گھر جي ڀاتيءَ لاءِ واڌايون ويون، اوتريون ته مھمان به لھڻيون. مھمان جي ٿانءَ ۾ ڀيري سان نالي ماتر ڀت ٿي آيو. اتي ڏوئلي ۽ ڀاني مھمان جي ھيٺينءَ ريت گفتگو ٿي؛
مھمان؛ ”ڏويا! جي تون سريا ڀريا، ڪياني تو آئو تو ڏاني ڀريا؟“ (معنيٰ؛ ڏوئلا! تون ڏسڻو وائسڻو، ڀت سان ڀرجي ٻاھر ڇو نٿو نڪرين؟“
ڏوئلو؛ ”ڪي ڪران ڀايا ڀانا! مائو بجائي ٺالھا ڪانا. جي دٻائي ڏوئلي ري ڏانڊي، ته کيجڙو اپائون آئوگي ھانڍي.“ (معنيٰ؛ ڀاءُ ڀانا! آئون ڇا ڪريان؟ مائي رڳو ڏوئلي جا ڪنا وڄائي ٿي. جيڪڏھن ڏوئلي جي ڳن کي ڀت ۾ زور ڏئي ته سڄيءَ ھنڍيءَ جو ڀت ڪڍي تو کي ڏيان.“


ٽوٽڪو نمبر پندرھون.

گھوٽ-پيءُ ۽ ڪنوار-پيءُ جي مٽي مائٽي ڪرن بابت ھيٺين گفتگو ھلي:
ڪنوار-پيءُ؛ ”آئو سگاپڻ ڪران، بات ڪران، من-ڀائي جي تياڙي بي ھان ري من ۾ ھو تو باڙي بيگو آئي.“ (معنيٰ؛ اچو ته سڱاوت جون ڳالھيون، دل واريون ڪريون. جيڪڏھن تنھنجي وھانءَ ڪرڻ تي دل ھجي ته ٻڪرين جي واڙيءَ تي سگھو اچجانءِ، جيئن کير ڀاٽ ڳالھ نه ٻڌي.)
گھوٽ-پيءُ؛ ”نينا موٽا نو پرڻايا. جسرا ڪڏھن ني گايا. جي کير و ڀاٽ نان کبر گھاتان تو مارا ڏونڙا اين جايا.“ (معنيٰ؛ ننڍا وڏو مون نو پرڻايا. ڪڏھن ڳالھ ٻاھر ڪا نه نڪتي. جي کير و ڀاٽ کي خبر ڏيان ته پوءِ اڇا وار مون اس ۾ ڪيا آھن ڇا؟)


ٽوٽڪو نمبر سورھون.

ٻه جت، ٻن وڏيرن کي ڀاڙي تي، اٺن تي چاڙھيو پئي آيا. ٻئي ھڪ شاخ جي سوڙھيءَ موريءَ تي آمھون سامھون اچي گڏيا. ھڪ جت ٻئي کي ھڪل ڪري چيو ته؛ ”پنھنجو اٺ جھل ته پھرين آئون لنگھان. ڇاڪاڻ ته منھنجي اٺ تي وڏيرو صاحب چڙھيل آھي.“
ٻئي جت جھٽ ورندي ڏني ته؛ ”بند ڪر وات! جيڪڏھن تو سان وڏيرو صاحب چڙھيل آھي ته مون سان وري ڀيل جو گڏھ آھي ڇا؟“
ٻنھي امير کان کل نڪري ويئي.


ٽوٽڪو نمبر سترھون.

ھڪڙي دفعي ڪچھريءَ ۾ ٻن مسخرن ھوڏ ٻڌي ته ڪوڙ ۾ ڪير ٿو وڌي.
پھرئين چيو؛ ”بابي جو ايڏو ته وڏو پٽڪو ھوندو ھو، جو سندس ھڪ پڇڙي اتر ته ٻي پڇڙي ڏکڻ ھوندي ھئي.“
ٻئي چيو ته؛ ”بابي وٽ ھڪڙو ايڏو اٺ ھوندو ھو، جنھن جي ڳچي آسمان کان به اڍائي فوٽ مٿي ھئي.“
تڏھن پھرئين چيو؛ ”مار! ايڏي ڊگھي اٺ لاءِ مھار (يعني نوڙي) ڪھڙي ڪم ايندي ھئي.“
ٻئي چيو؛ ”اوھان جي بابي صاحب جن جو پٽڪو.“
ويٺل سڀ کلڻ لڳا.


ٽوٽڪو نمبر ارڙھون.

ھڪڙي ڀيري، بيوقوفن ۾ ڪا شادي ٿي. دعوت ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيائون. پنھنجي پٽيل جو، پٽڪي سان ٻوٿ ٻڌي، کيس ڇني جي وچ ۾ کڻي ويھاريائون ته ضروري صلاح جي گھرج پئي ته ٻوٿ کولبو نه ته عقل ڀلي بند پيو ھجي.
ديڳ ۾ ٻارھن سير چانور، رڌڻ ويھي رھيا. ماڻھو ٽيھن ديڳين جيترا اچي گڏ ٿيا. اتي وڏيري چيو؛ ”او بيوقوفو! ايتري خسيس ڳالھ لاءِ مون وٽ آيا آھيو ته ديڳ ۾ ھڪدم اٺ سير لوڻ جا وجھي ماني ھلايو.“
بس ماني شروع ٿي. ويچارا دعوتي ڏاڍا پشيمان ٿيا. ڪو پيو چوي ته؛ ”مون کي تپ آھي ۽ ماني نٿي وڻي.“ وغيرھ.
نيٺ رسم موجب اڳاڙيءَ جا پئسا ڏيئي، ماني وڃي گھر کاڌائون.
پوءِ سڀني بيوقوفن، پنھنجي پٽيل جي عقل تي واھ واھ ڪئي ته؛ ”اڳاڙي به ملي، شادي به ٿي ۽ ماني به سڀڪنھن وڃي گھر کاڌي.“


ٽوٽڪو نمبر اوڻويھون.

ھڪڙي ماڻھوءَ جو پيءُ مري ويو ته ھڪدم ڏنڊو کڻي، لاشي سان وڙھڻ لاءِ تيار ٿي ويو. سڀني، پٿر تي ويٺل ماڻھن، سمجھيو ته؛ پڻس سان سندس محبت ھئي، ان ڪري ڪل ٿڙڪي وئي اٿس. سو جھلي ٻڌي ويھاريائونس. پر اتي به وڙھڻ جي پيو ڪري.
ڪنھن پڇيس ته؛ ”پڻھين تي ڪھڙي ڪاوڙ اٿيئي؟“
جواب ڏنائين ته؛ ”ھن وقت مرڻ جو وارو ڏاڏي جو ھيو. بابي کي ڪھڙو حق ھيو جو، ڏاڏي جي ڪم ۾ دخل اندازي ڪيائين.“
موت وقت به سڀني کان کل نڪري ويئي.


ٽوٽڪو نمبر ويھون.

ڪنھن ماڻھوءَ جو پيءُ مري ويو ته يڪدم ڪاوڙجي اٿي ھليو. چي؛ ”بس! بابي سان نه ڳالھائيندس.“
ماڻھن پڇيس؛ ڪھڙي ڪاوڙ اٿيئي؟“
جواب ڏنائين ته؛ ”جڏھن پروڪي سال ۾ چانور سستا ھئا تڏھن ڇو نه ٿي مئو. ھن وقت سندس مرڻ جو ٻيو ڪو به مطلب ڪونھي. رڳو اسان کي خوار ڪرڻ جي نيت اٿس.“
سندس ان جواب تي، نھارو سڀ کلڻ لڳا.


ٽوٽڪو نمبر ايڪويھون.

ڪو ماڻھو ويلي تي ھڪ سير ان کائيندو ھيو. دوست چيس ته؛ ”تولو تولو ڪري ان کي ھٽائي، پاڻ کي ھڪ پاءَ تي ھيراءِ ته چڱو ڀلو رھين.“
جواب ڏنائين ته؛ ”اڃا تائين اوھان منھنجيءَ سڃاڻپ کان واقف نه آھيو. گھڻي کائڻ ڪري مون کي طاقت وارو سمجھندا آھن ۽ چوندا آھن؛ ”فلاڻو، ھيترو ان، ھڪ ويلي تي ھضم ڪري سگھي ٿو.“
سندس دوست کان ٽھڪ نڪري ويو.


ٽوٽڪو نمبر ٻاويھون.

ھڪڙي ماڻھوءَ کي، مٽي ڪڍڻ لاءِ کوھ ۾ ڍاريائون ته پڻس کي ھڪل ڪري چيائين؛ ”ابا! منا ڪاڍ! تڙھو خوڙو لاگي.“ (معنيٰ ابا! مون کي ٻاھر ڪڍ! کوھ سوڙھو ٿو لڳي.)
پڻس، جيڪو ٻاھر ٻين ماڻھن سان گڏ بيٺو ھو، تنھن کي جوش اچي ويو ۽ مانھن کي چيائين؛ ”ڪاڍو ميازي ڏيڪري نا ٻاھر! نا ته کوھ پرھو بکريح.“ (معنيٰ؛ منھنجي پٽ کي ٻاھر ڪڍو، نه ته کوھ کي ڊاھيندس.)
ماڻھو کل ۾ ويڙھجي ويا.


ٽوٽڪو نمبر ٽيويھون.

ھڪڙي اڻ-پڙھيل کي اسي ورھين جي عمر ۾ پھريون دفعو ڪورٽ ۾ شاھدي ڏيڻ لاءِ سڏ ٿيو. اتي ھن ريت سوالن جا جواب ڏنائين؛
مئجسٽريٽ؛ ”نالو ڇا اٿيئي؟“
شاھد؛ ”سائين! ڪوڏاڻي جو نالو ڏاڙھون اٿم. سڌرڻ کان پوءِ پاڻ تي نالو انب رکايم.“
مئجسٽريٽ؛ ”عمر گھڻي اٿيئي؟“
شاھد؛ ”رئيس وڏا! تو کان چاليھارو ڪتيون مٿي ٿيندس.“
مئجسٽريٽ؛ ”(کلي) ھن کان اڳ ڪڏھن ڪنھن ڪورٽ ۾ ويو آھين؟“
شاھد؛ ”بچين شال! تنھنجو جڏھن نياپو آيو، تڏھن ويھڻ واجبي نه ڄاتم. ڀانيم ته متان ڏوراپو ڏين. نه ته اسين لسي-پياڪ، شھر کان ائين ڀڄون، جيئن نانگ بلا کان.“ وڌيڪ چيائين؛ ”ٻي مانيءَ جي ھلاکي ڪا مَ ڪجانءِ.“
مئجسٽريٽ صاحب کي کل اچي وئي ۽ کيس موڪل ڏنائين.


ٽوٽڪو نمبر چوويھون.

ھڪڙي ٻڪرار وٽ، ھڪڙو ڪتو ھوندو ھيو، جنھن کي روز رات جو، ھڪ تمام ٿلھي ماني ڏيندو ھيو. ويچارو ٻڪرار، ھوندو عقل جو گھٽ ھو.
ھڪ دفعي اٽو ٿورو ھوس، جنھنڪري ڪتي کي ماني ڪا نه ڏنائين. ان رات بي وقتو مھمان اچي ويس. مھمان کي چيائين؛ اڄ رات بنا کاڌي سمھي رھ. تو کان وڌيڪ مون کي ڪتو پيارو آھي، سو به بنا کاڌي ويو ھليو.“
مھمان کي سندس سياڻپ جي اڳي ئي خبر ھئي. پر لاچار، ھان ۾ ھان ملائڻ لاءِ، وري پڇيائينس؛ ”ڪتي کي ھڪ-وقتي ماني ڏين ڇا؟“
جواب ڏنائينس؛ ”ھائو! ڏيانس ھڪ-وقتي ٿو، پر اھڙي ٿلھي جو تو جھڙا پنج مڙس جيڪڏھن ھيٺان اچي ويا ته پوءِ پٽن کي ڏس ڏيندا.“
مھمان مرڳو کڻي ماٺ ڪئي. جيئن تيئن ڪري رات ڪٽي، صبح جو سويل ئي پنڌ پيو.


ٽوٽڪو نمبر پنجويھون.

ھڪ پير مرد، حڪيم کان دوا وٺڻ ويو. حڪيم پڇيس؛ ”عمر ڪيتري اٿيئي؟“ ته جواب ۾ وات پٽي بيھي رھيو.
تنھن تي حڪيم پڇيس؛ ”وات پٽڻ جو مطلب ڇا آھي؟“
جواب ڏنائينس؛ ”ڏندن مان منھنجي عمر ڏس.“
حڪيم، يڪدم سوال پڇڻ، بند ڪيا.


ٽوٽڪو نمبر ڇويھون.

ھڪڙي بيوقوفن جي ڳوٺ جي ڀرسان، ھڪڙو ڊٺل کوھ ھوندو ھو، جنھن ۾ رات جو، ھفتي ۾ ھڪ يا ٻه دفعا، ڪا نه ڪا رڍ يا ٻڪري ڪرندي ھئي. ھڪڙي ڏينھن پنھنجي ڪانفرنس ڪيائون ته ڇا ڪجي؟
جدا جدا رٿون ڏيڻ لڳا؛
ھڪڙي چيو؛ ”ڏنڊا کڻي لڪي بيھجي. جڏھن ڪا رڍ ٻڪري ڪري ته کوھ کي مار ڏجي.“
ٻئي چيو؛ ”ڊنگھر گڏ ڪري کوھ کي باھ ڏجي.“
نيٺ سندن پٽيل فيصلو ڪيو ته؛” واجھ وجھي، گھلي بڇڙو ڪري، ڇڏي اچجيس.“
ايتري ۾ ھڪڙو سياڻو، ھنن جي ڪانفرنس وٽان، اچي لنگھيو. ان چين ته؛ ”لٽارائي ڇڏيوس.“
تڏھن مس مس وڃي ڪانفرنس برخواست ٿي.


ٽوٽڪو نمبر ستاويھون.

ھڪ زميندار اوطاق جي ڀرسان، ھڪ ايڪڙ وونئڻ پوکايا. ان ايڪڙ ۾، ڪيترن سالن کان، ڍور ڍڳي ٻڌڻ ڪري، ڀاڻ جام ھو. اچي ڦٽيون لڳيون. ڪو سؤ مڻ پيو تڪي ته ڪو ڇھ ويھون پيو چوي. جيترا وات، اوتريون ڳالھيون. زميندار به چونڊائي نه. چي؛ ”سڄي اسٽيٽ کان پوءِ ھيءُ ايڪڙ چونڊائبو.“
ھڪ رات اوطاق ۾ زميندار چيو؛ ”سڀاڻي خميس ڏينھن، ھيءُ ايڪڙ چونڊائبو. اڌ حصو ھاريءَ جو آھي. باقي اڌ مان چار مڻ، ڍل جي بلي ۽ اڌ مڻ لوڪل فنڊ جي بلي رکي، باقي ڦٽيون مسجد شريف جي حوالي ڪندس.“
اتفاقًا ان رات ڪچھريءَ ۾ چور به ويٺا ھئا. اھي رات جو سڀ ڦٽيون چونڊي ويا. صبح جو ڏسن ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آھن.
کنيائون پير. نيٺ مسجد شريف ۾ اچن ته ھڪ چور ڦٽين تي تڏا رکيو ستو پيو آھي. چور کي جھلي، اوطاق ۾ وٺي آيا ۽ ڦٽيون توريائون ته ساڍا پنجاھ مڻ ٿيون.
زميندار دڙڪو ڏيئي چور کي چيو؛ ”سچ ٻڌاءِ ته ٻيون ڦٽيون ڪٿي؟“
چور چيو؛ ”سائين! مون کي ڌمڪايو نه! آئون حق تي آھيان. تو کي تڪليف کان ڇڏايوسون. رات اسان ٽن ڄڻن گڏ ڦٽيون چونڊيون. پوءِ توريوسون ته ھڪ سؤ ڏھ مڻ ٿيون. ھڪڙو ڄڻو پنجونجاھ مڻ، ھاريءَ جو حصو، کڻي ويو. باقي رھيا پنجونجاھ مڻ. ھڪڙي کنيا چار مڻ ڍل جو حصو ۽ اڌ مڻ کنيائين لوڪل فنڊ جو حصو. باقي ساڍا پنجاھ مڻ مون وٽ رھيا، سو به مسجد شريف جو حصو. جيڪڏھن چور آھيان ته به مسجد شريف جو. باقي تنھنجو ڇا ٿو وڃي جو مون مسڪين کي کڻي ٻڌايو اٿيئي؟“
زميندار کان کل نڪري ويئي ۽ ڀونڊو ڏيئي، ڦٽيون ڦري، ماني کارائي، امڻي ڇڏيائينس.


ٽوٽڪو نمبر اٺاويھون.

ڪڪڙي ڍڳي کي صلاح ملي ته؛ ”تنھنجو قدر ڪونھي. تنھنڪري ڪم کان جواب ڏيئي ڇڏ.“
ڪڪڙي کي به ڳالھ دل سان لڳي، سو ڪم ڪرڻ کان ته قسم کڻي ڇڏيائين. ھاري اچي ڏسي ته ڪڪڙو، ڪاوڙيو ويٺو آھي. ڪتر، جيئن آھي، تيئن پيئي آھي ۽ ڪم تي ھلڻ کان پڪي نابري واريو ويٺو آھي. ھاري ٿو ڍڳي سان گفتگو ڪري:
ھاري؛ ”ڪڪڙا! ٻڌاءِ ته ڇو ڪتر ڪا نه کاڌي اٿيئي؟“
ڪڪڙو؛ ”کڻ پنھنجي ڪتر ۽ ڪونڊار. لڳو ڪو نه اٿم لاچار، جو ڪ کاوان تنھنجي ڪتر ڪنڊن جھڙي.“
ھاري؛ ”اڄ ڏسان ٿو تنھنجا ابتا پار. پڇ پٽائين ٿو پنھنجو ۽ جھلين ٿو مفت مار. نه ته ٿيءُ سچار، ۽ ھلي وھُ ھرن ۾.“
ڪڪڙو؛ ”اڄ ڪڪڙو نه اٿيئي ڪالھوڪو، ڀلج نه ڀورا. کولي ڪر ظاھر، جي ڪيئي ٿورا. سڄي تنھنجي آڪھ، پلين منھنجا ڪلھا ڪورا. پوئي ڪو نه شرم، نادان نسورا. ڪڏھن ڏنوءِ ڪو نه ڏورا، ڪو آنو اوتڻيءَ جو.“
نيٺ فيصلو نھري ڍڳي وٽ ويو.
نھرو ڍڳو ٿو فيصلو ڪري؛ ”نڪا گھٽ گھوٽ ۾، نڪا ڪمي منجھ ڪنوار. صبح آيو وچينءَ تي، ڪڪڙا يار. ڏيندو سڀڪو حساب ڪتاب، ڌڻيءَ جي درٻار. ڪونھي قصور ڪڙميءَ جو، ھو آھي قرضي سندو زميندار. تون به لڪيو چرين لوسڻ، ۽ وڃائين ٿو وقار. گھرو ٻيئي ٿا اتر، ھڪ ٻئي کان آڱر ٻه-چار. ڪري معاف ھڪ ٻئي کي اڳين ڪار، پرچي وڃو پاڻ ۾.“
نيٺ، ھاري ۽ ڍڳو، ھڪ ٻئي کي انجام اڪرام ڏيئي، ٺھي ويا.


ٽوٽڪو نمبر اوڻٽيھون.

ھڪڙي ماستر صاحب، شاگردن کي چيو ته؛ ”زباني حساب ڏيان ٿو، مگر ڪو به شاگرد ٺڳي نه ڪري. جنھن کي جھڙو سچو پچو جواب خيال ۾ اچي، اھو ٻڌائي.“ پوءِ حساب ڏنائينِ ته؛ ”ھڪ پائيءَ جا پنج پلا ملن ٿا. ٻڌايو ته ھڪ آني جا پلا ڪيترا ملندا؟“
سڀ شاگرد ماٺ ڪري ويھي رھيا. گھڻيءَ مھل کان پوءِ چيائينِ؛ ”بابا! حساب ۾ ڪھڙي مشڪلات آھي جو سڀيئي منجھي پيا آھيو؟“
سڀني شاگردن، ادب سان، عرض ڪيو ته؛ ”سائين! ٺڳي اسان کان ڪا نه ٿيندي ۽ نڪي ڪوڙ ڳالھائينداسون. اسان ته پنھنجي سڄيءَ ڄمار ۾ ڪٿي به ھڪڙيءَ پائيءَ جا پنج پلا ڏيندي وٺندي ڪين ڏٺا.“
ڳچ تائين ماستر صاحب به ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.


ٽوٽڪو نمبر ٽيھون.

ھڪڙيءَ اوطاق ۾ نَوَ مسافر اڳ ۾ ئي ٽڪيل ھئا. اوطاق واري انھن جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو ته ڏھون ڄڻو به اچي نڪتو. اوطاق وارو نون ڄڻن جي ماني کڻي آيو. جڏھن ڏھين ڄڻي کي ڏٺائين، تڏھن ان کي چيائين ته؛ ”بابا! تون اڌ ڪلاڪ کن ترس.“
ھن چيو؛ ”سائين آئون بيمار آھيان. وڃان ٿو اڳتي دوا لاءِ. مون کي ماني کارايو ته پنڌ پوان.“
تڏھن سڀني چيو ته؛ ”اسين نوَ ئي پوءِ کائينداسون. ھيءُ ڀلي اڳ ۾ کائي.“
ھن کي ماني ملي ته نَوَن ئي ڄڻن جي کائي ويو. تڏھن مس مس وڃي مڙس جو ڍءُ ٿيو. اتي اوطاق جي مالڪ پڇيس؛ ”بابا! ڪھڙي بيماري اٿئي؟“
مسافر چيو ته؛ ”سائين! اٺن ڏينھن کان وٺي، ان تان ارواح کجي ويو اٿم. ويلي تي اڍائي سير، مس مس ٿو کائي سگھان.“
اوطاق جي مالڪ چيس؛ ”ابا! ڌڻي ڪندو ته چڱو ڀلو ٿيندين. پر جيڪا ڪري ويلو ان ۾ ھيءَ ڳالھ به ياد ڪجانءِ ته؛ جيئن ڪو ويلو، ھت وري نه پوئي.“
بک تي ويٺل مھمان به کلڻ لڳا.

پورو ٿيو.

No comments:

Post a Comment