Saturday, December 7, 2019

مان ڪو واندو آھيان - مختيار سھتو


مان ڪو واندو آھيان
مختصر ڪھاڻي
مختيار سھتو
هن جا مون کي سؤ کن شعر ياد هئا. ھو ڏاڍو پيارو شاعر هو.
هڪ ڏينهن خبر پيم ته سندس ماءُ مري وئي آهي. مون کي ايڏو ڏک ٿيو جو سمجهيم ڄڻ منهنجي ماءُ مري وئي آهي.
ساڻس تعزيت ڪرڻ لاءِ، سندس نمبر هٿ ڪيم. ڊڄي ڊڄي فون ڪئيمانس.
پهرئين جملي ۾ پڇيائين؛ ”ڪير ٿو ڳالهائين؟“
چيم؛ ”توهان جو مداح! توهان سان تعزيت ڪرڻي اٿم.“
چيائين: ”آئون ڪو واندو آهيان ڇا بند ڪر فون! ڪانهي ڪا ضرورت!“
ان ڏينهن کان هن جا سڀ شعر وسري ويا.
سوچيم؛ ”هن جي ماءُ ڇو مئي؟ هي ڇو نه مئو؟.“

(مختيار سھتو جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment