Friday, December 20, 2019

نمازَ جو وَقفو - ناصر قاضي


نمازَ جو وَقفو
ڪهاڻي
ناصر قاضي
ميرن جي دورَ جي اَڏايَل اها ’ڪپڙي بازار‘ به خوبصورتيءَ جو هڪ نادر نمونو هوندي هئي، جو اوائلي ارڏن شھتيرن سان ڪنڊي تي ٺھيلَ مضبوط ڇَتَ هيٺان اها ڍَڪيَلَ ’ڪپڙي بازار‘ شروع ته ’درزي بازار‘ کان ٿيندي هئي ۽ ٿورو اڳتي هلڻ سان ’ڪپڙي بازار‘، اڃا اڳتي هلڻ سان ’پنسار بازار‘ ۽ پوءِ ’مائي بازار‘ ۾ تبديل ٿي ويندي هئي..!! انھن چئني ڍڪيل بازارن جي منڍَ ۾ شھر جو ’وڏو علم پاڪ‘ واقع هو، جڏهن ته انھن چئني بازارن جو ڇيھه جتي ٿيندو هو، اتي وري شھر جو ’وَڏو ٽڪاڻو‘ هوندو هو. مطلب ته ’وڏي علم پاڪ‘ کان ’وڏي ٽڪاڻي‘ تائين، اندر چار ئي ڍڪيل بازارون به ڇا ته بازارون هونديون هيون، جو اوائلي طرز تي ٺھيل ڪاٺَ جي پراڻن مضبوط شاندار درن سان سجايل دڪان ڀرسان دڪان، وري دڪان ۽ دڪان ئي دڪان..!!


’ڪپڙي بازار‘ ۾ صبح جي پھر جو حسن به ڇا ته من موهيندڙ حسن هوندو هو، جو صبح جو سوير ان باراز واري گهٽيءَ مان خاڪروب صفائي ڪري ويندا هئا ته ميونسپالٽيءَ پاران مقرر ٿيل ليمون پخالي روزانو پابنديءَ سان اچي، علم پاڪ واري هينڊ پمپ تان پخال پر ڪري، چئني بازارن ۾ ڇڻڪار ڪري ويندو هو ته مٿان وري واري واري سان کلندڙ دڪانن مان گلابَ جي گلن ۽ اگر بتين جو هڳاءُ پيو ايندو هو ۽ اهڙي هڳاءَ سان گڏ دڪان مان ڪٿان قرآن پاڪ جي تَلاوَت جا آواز ته ڪٿان وري گيتا جي گونجار پئي گونجندي هئي. اهڙي سمي ۾ ڀرسان وارن هوٽلن مان ڪيترا ئي مزدور هڪڙي ڊِشَ تي ڪيتريون ئي چينڪون ۽ پياليون ساڻ کڻي، ڪپڙي بازار جو رخ ڪندا هئا. ڪپڙي بازار کان ٿورو اڳڀرو شھر جو مين پرائمري اسڪول هئڻ ڪري، شھر جا سوين ٻارَ اسڪول ويندي، ڪپڙي بازار مان مستيون مذاقون ڪندا گذرندا هئا ۽ ٻارن جي اهِڙي اچ وڃ جي ڪري لالَ گلابي پشم يا لائيءَ جا گهورائو پورهيتَ به ڪپڙي بازار ۾ پيا ڦرندا هئا، جن کان ڪيترا ئي ٻار پنھنجون من پسند شيون خريد ڪري، اسڪول روانا ٿيندا هئا. بازار جي دڪانن جا سيٺيا صبح جي پـھر ۾ وري پنھنجن پنھنجن دڪانن تي ئي اسٽولن يا وري هيٺ قالين تي ويھي، سامھون ۽ ڀرسان وارن دڪانن جي سيٺين سان پيا ڪچھريون ڪندا ۽ چانھين جون چسڪيون وٺندا هئا. پوري ڪپڙي بازار جي سيٺين جي هڪ يونين پڻ هئي، جنھن يونين تحت ٻين سھولتن سان گڏ هفتي ۾ هر جمعي تي صرف هڪ دڪان کانسواءِ، بازار جا ٻيا سمورا دڪان بند رکڻ جو قانون جڙيل هو.
ليمون پخالي، علم پاڪ واري هينڊ پمپ تان وڏي پخال جڏهن ڀريندو هو ته پاڻ سان آندل ننڍي سانداري به علم پاڪ واري سبيل جي ڊرم مان ٿڌي پاڻيءَ جي ڀري ساڻ کڻندو هو ۽ ڪم ڪرڻ وقت اڃ لڳڻ تي ننڍي سانداريءَ مان ٻه چار ڍڪ ڀري وٺندو هو. ليمون چئني ڍڪيل بازارن ۾ ٻه ٻه هٿ پخال جا هارڻ مھل به روزانو ان اوسيئڙيءَ ۾ هوندو هو ته جنت فقيرياڻي ڪھڙي مھل ٿي بازارن ۾ اچي، دڪانن تي سين هڻي. جنت فقيرياڻي، جيڪا سموري بازار جي هڪ هڪ دڪان طرف پنھنجو جستي جمن وڌائي، هڪ مخصوص انداز ۾ ’آهي الله‘ چئي خير گهرندي هئي، سا منگتي هوندي به ليمي جي دل تي راڄ ڪندي هئي ۽ ليمون هر دم جنت جي هڪ جهلڪ پسڻ جي اوسيئڙي ۾ بيتاب ۽ بيقرار هوندو هو. جنت فقيرياڻي پوري بازار ۾ واڪا وراڪا ڪري، ٻه ٺڪريون ڪمائڻ باوجود به ليمي جي لاءِ ناز جي ديوي بڻيل هوندي هئي. جيڪا بازار مان ڦيرا ڏيندي، ليمي کي پنھنجي بيرخيءَ سان گهائيندي رهندي هئي. پر ڪڏهن ڪڏهن گداءُ ڪندي ڪندي، جڏهن کيس ٿڪاوَٽ محسوس ٿيندي هئي ته ليمي جو ڀاڳ اهڙيءَ طرحَ وَرندو هو، جو هوءَ موقعو ڏسي، هڪ ناز ۽ انداز سان پنھنجي جستي جمن کي سِڪَنِ کان خالي ڪري، بنا ڪجهه ڳالهائِڻَ جي ليمي طرف وڌائيندي هئي ۽ ليمون پنھنجي ننڍي سانداريءَ جو پاڻي انھيءَ جمن ۾ اوتيندي، جنت جي دِيدارَ جا دانَ پِنِي اندر کي ٺاريندو هو.
ان کان علاوه به ڇٺي ڇماهيءَ ليمي جو عشق ان وقت معراج ماڻيندو هو، جڏهن جنت جا بک ۽ اڃ سبب لاهه نڪري ويندا هئا، تڏهن ليمي تي کيس راضي ٿيڻو پوندو هو ۽ بازار جي ڳتيل گهٽين ۾ ليمي کي ڳولي ڦولي، کيس پيار سان پڪاري، شاهن نانوائيءَ جي هوٽلَ تان ماني کارائڻ جو انگل ڪندي هئي ته ليمون ان وقت مٿس هيڪاندو فدا ٿي ويندو هو. پوءِ ٻئي ڄڻا وڃي شاهن نانوائيءَ جي هوٽلَ جا مھمان ٿيندا هئا.
ڪپڙي بازار ۾ سيٺ حاجي بشير به پنھنجو مٽ پاڻ هوندو هو، جيڪو سَٺِيڪو سالن جو اڌڙوٽ، سدائين اڇو اجرو رهندو هو. پاڻ، شھر جي ڪپڙي جو وڏو واپاري ۽ پوري شھر جي معزز شخصيت ليکيو ويندو هو. سردي، گرمي، مينھن توڙي آنڌي طوفان ۾ به ڀلي هڙئي بازارون بند هجن، پر سيٺ بشير جو دڪان کليل رهندو هو، سواءِ جمعي واري موڪل جي.! سيٺ بشير، دڪانَ جي پابند هجڻ سان گڏ نمازَ جو پڻ پابند هو. ايسيتائين جو جيڪڏهن ڳچ گراهڪيءَ يا عيد برات جي موقعن تي بازار گرم هئڻ سبب، مسجد ۾ باجماعت نماز تائين ڪو نه پھچي سگهندو هو، تڏهن به فرصت ملندي ئي دڪان ۾ پيل ڪاٺَ جي دروازي جا تاڪَ وَرائي، دڪان جي اندرئين حصي ۾ نماز ضرور پڙهي وٺندو هو ۽ ان دوران سندس دڪان جي دروازي تي هڪ عبارَت ’نمازَ جو وقفو‘ اڇي رنگ جي پاٺي تي لکيل ملندي هئي.
سيٺ بشير جي دڪان جي بلڪل سامھون وارو ڪپڙي جو دڪان ڪاڪي ٺاڪو مل جو هو، جيڪو پڻ عمر جو اڌڙوٽ ۽ پڪي واپاري مزاج جو مالڪ هو. سيٺ بشير ۽ ڪاڪو ٺاڪو مل پاڻ ۾ تمام گهاٽا يار پڻ هئا، جن جي اچڻ ۽ دڪانن کولڻ کان وٺي سومھڻيءَ جو دڪان بند ڪرڻ جا ٽائيم به اٽڪل ساڳيا هئا. ٻئي سيٺيا هڪٻئي تي گهورَ گهورَ به ويندا هئا، پر سندن وچ ۾ وري ٽڪي پئسي جي ڳالهه تان جهيڙا به سموري بازار ۾ مشھور هوندا هئا. تازو ڪجهه ڏينھن اڳ ئي، سيٺ بشير عورت گرهاڪن کي ڏيکارڻ لاءِ عمدي قسم جي لان جي ٿري پيس سوٽَ جا ٽي ٿان، ڪاڪي ٺاڪو مل وٽان کڻي کين ڏيکاريا هئا ۽ جڏهن واپسيءَ جو وقت آيو ته دڪان ۾ ڳچ ٿان پٿريل هئڻ ڪري سيٺ بشير ٽن مان ٻه ٿان ڪاڪي ٺاڪوءَ کي واپس ڇا ڪيا، پوءِ ته جيڪا ڪاڪي سڄي بازار مٿي تي کنئي..!!
”اڙي بشو! هي نماجي آن، حاجي آن، نيڪ آن، مون کان ٽي تاڪيا وٺي، وري ٻه ٿو موٽائين..!!“
”اڙي واڻيا سيٺيون! تو ٽو پيس لان جا ٻه ٿان مُڪا، ٽي ٿانَ وري ڪٿان آيا..!!“
”اڙي مشلا! عجتَ شان ٿانُ واپس ڪر! نه ته باجار ۾ بڇڙو ڪندوشانءِ..!!“
ڪاڪو ائين چوندي سيٺ بشير جي دڪان طرف ٽپي پيو ۽ پٿريل ٿان اُٿلائيندي پُٿلائيندي اهو ٽيون ٿان ڳولي ڪڍيائين، جيڪو سيٺ بشير کان گهڻائيءَ جي ڪري ذهن تان ترڪي ويو هو.
”اڙي بشو مشلا! هي ٿان وري جوءِ لاءِ لڪايو اٿئي ڇا؟“
”اڙي ڪاڪا! پوڙها ٿي ويا آهيون، مڙئي دماغ مان نڪري ويو، مون ٽو پيس لان سمجهي هئي..!!“
”تو پيش لان شمجهي هئي...!!!“ ڪاڪو دبرندو پنھنجي دڪان طرف ويو ۽ ڪلاڪ به نه گذريو، جو ٻئي سيٺيا پنھنجن پنھنجن دڪانن مان هڪ ٻئي سان ڪچھري ڪندي، چانھيون پيئندي، کلندي، هڪٻئي کي پنھنجون ڀڳل ڄاڙيون ڏيکاريندي نظر آيا.
شھر جو جهونو استاد، ماستر گلزار به ڪڏهن ڪڏهن صبح جي پھر ۾، ڪپڙي بازار طرف ايندو هو ۽ ڪجهه وقت سيٺ بشير جي دڪان تي ويھي، ساڻس توڙي ڪاڪي ٺاڪو مل سان ڪچھري ڪري وٺندو هو. ماستر گلزار شھرگيريءَ جي حوالي سان سندن پراڻو ساٿي هو. ان ڏينھن به سيٺ بشير جڏهن معمول موجب صبح جو دڪان تي پھچي، ورد وظائف ڪري، جڏهن اخبار پڙهي رهيو هو ته پريان ماستر گلزار کي پنھنجي طرف ايندو ڏٺائين، جيڪو آهستي آهستي سندس دڪان طرف ئي اچي رهيو هو. ماستر گلزار کي ايندو ڏسي سيٺ بشير به پنھنجي دڪان کان ٻه قدم اڳتي وڌي سندس آجيان ڪئي ۽ هٿ کان کيس وٺي اچي دڪان جي اسٽول تي ويھاريائين. خوش خيرعافيت بعد سيٺ بشير پريان گذرندڙ چانھه واري کي سڏ ڪري، بنا کنڊ تي اسپيشل چانھه کڻي اچڻ جو کيس آرڊر ڏنو ۽ ماستر گلزار سان ڪچھري ڪرڻ لڳو. ملڪ جھان جي حالن احوالن دوران ماستر گلزار، سيٺ سان مخاطب ٿيندي چيو:
”ادا! بُڪ ته کولجانءِ، ڌيءَ نجمه تو کان ڪجهه پئسه رهائي وئي هئي، اڄ پينشن ورتي اٿم، اها پنھنجي امانت ته وٺي ڇڏ..!!“
جنھن تي رواجي طرح سيٺ بشير کيس وراڻيو:
”سائين! ڪھڙي تڪڙ آهي! پوءِ اچي ويندا..!!“
”اڙي نه يار! تنھنجو حق آهي، تون نياڻين جو لحاظ رکندو آهين، تو کي شابس هجي، وري ڌيءَ نجمه به مون کان پڇندي..!!“
سيٺ بشير بڪ کولي، چپن چپن ۾ ’باجي نجمه، باجي نجمه‘ چوندي سندس نالو ڳولڻ لڳو؛
”سائين! ڌيءَ ۹۸۰ روپيه رکائي وئي آهي..!!“
ماستر گلزار، کيسي مان پئسه ڪڍي کيس ڏنا ۽ ڪجهه وقت ڪچھري ڪرڻ کانپوءِ جڏهن موڪلائڻ لڳو، تڏهن سيٺ بشير تڪڙ ۾ اٿي، پريان خاني مان ڪجهه ڳولڻ لڳو ۽ هڪ معياري قسم جي پوتي آڻي، ماستر گلزار کي ڏيندي چيائين:
”سائين اچي! هي ڌيءَ نجمه لاءِ نياڻپو کڻي وڃو ۽ ٻڌائجوس ته اُچي ڪاٽن جي ڳچ ويرائٽي مون وٽ اچي وئي آهي. شام جي پھر ۾ ڪڏهن اچي پسند ڪري وڃي..!!“
ماستر گلزار، کلندي کيس هائوڪار ڪندي، سندس شڪريو بجا آندو.
هڪڙي جمعي ڏينھن، جڏهن سيٺ بشير جي دڪان کلڻ جو وارو هو، تڏهن سندس دڪان کليل هجڻ کان سواءِ ٻي سموري بازار بند هجڻ ڪري، سنسانيءَ جو ڏيک ڏئي رهي هئي. ساڳي ڏينھن اونھاري جي شام جو ٽيپھريءَ جي ويجهو ماستر گلزار جي ڌيءَ نجمه اچي سيٺ بشير جي دڪان تي نڪتي، جنھن کي سيٺ بشير ڌيءَ چئي، مٿي تي هٿ رکي کيڪاريو. سيٺ بشير هميشه جيان عورت گراهڪن جي اچڻ تي دڪان جي پردن کي ورائي ڇڏيو ۽ عام رواجي سلام دعا بعد، گهربل ڪاٽن جا ڳچ ٿان لاهي، نجمه جي آڏو رکيا. ڪافي دير پسند ناپسند بعد به سيٺ بشير مختلف ٿان ڪڍندو ويو ته ايتري ۾ ٽيپھريءَ جون آذانون اچڻ لڳيون. سيٺ بشير پنھنجي دڪان جا تاڪ ورائي، ٻاهران نماز جو وقفي وارو پاٺو لٽڪائي، دڪان جي اندرئين حصي طرف آيو ته نجمه به سندس پويان دُڪان جي اندرئين طرف هلي وئي.
ساڳي ويلي جنت به ليمي سان الائي ڪيئن راضي ٿي هئي، جو منجهند کان شام تائين شاهن نانوائيءَ جي هوٽل تي اندر ڪنڊ ۾ بئنچ تي ويھي، ٻئي ڄڻا راز نياز جون ڳالهيون سلي رهيا هئا. جنت ليمي سان ڪيترو پھر گڏ گذاري، ناز مان چوٽيءَ جي سڳيءَ جي ڦندڻ کي هٿن ۾ ڦيرائيندي چيو:
”ليمان! ٿاڻي واري پراڻي بنگلي ڏي هلون..!!“
ليمي هڪ وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو:
”ڇو سائين! اجهو سانجهيءَ جون ٻانگون آيون، پراڻي بنگلي تي ڏينھن جو به ڪو پکي پکڻ نه اچي، هن ويلي وري سائينءَ جو بنگلي ڏي خيال سو ڪيئن ويو..!!؟؟“
”ليمان! هل ني، ڪو ڪم اٿم..!!“
”حاضر مٺا حاضر! اجهو، اٿي ته هلون..!!“
پوءِ ٻئي ڄڻا، شاهن نانوائيءَ جي هوٽل تان اٿيا ۽ ٿاڻي جي پريان ڦٽل بنگلي طرف هلي پيا، جتي آدم ذات ته ڇا، پر ڪو پکي به ڪو نه اڏاڻو،،!! جنت ڦٽل بنگلي جي اولھه طرف اڳيان اڳيان هلندي رهي ۽ ليمون حيرانيءَ مان سندس پٺيان پٺيان ٿي آيو، جنت هڪ ڪنڊ وٽ اچي بيھي رهي ۽ ليمي کي پيار سان نھاريندي چيائين:
”ليمان او ليمان..!!“
”جيءُ ڪيان مٺا..!!“
”ليمان! سالن کان هڪ ٻن ئي وڳن ۾ گهاريو اٿم، اڄ هتي ڀلي طمع پوري ڪر! ۽ سڀاڻي بزار مان هڪ نئون وڳو وٺي پاراءِ ني..!!“
ليمي اهو سڀ ڪجهه ڇا ٻڌو، جھڙوڪر کيس پراڻي بنگلي ۾ لڪل ڪنھن نانگ بلا ڏنگي وڌو هجي. ليمون هڪ ٽڪ جنت کي ڏسڻ لڳو..!! ٻي ساعت هن پاڻ سنڀاليندي کيس وراڻيو:
”چوين ڇا ٿي محبوب سائين! تو ليمي کي ايڏو لعنتي سمجهيو آ ڇا..!!؟؟ ليمون، جيڪو حق بنا ڪاڏي نه وڃي، سو تو تي طمع پوري ڪندو..!! ليمون تنھنجو عاشق آهي سو آهي، پر تنھنجو مدو ڪين آهي...!!“
”اڙي! ائين چوين ته ڏهه ڏهه وڳا وٺي ڍڪيانءِ، اهڙي لعنت ليمي تي ڇو وِڌِئه..!!“
”اڙي محبوبن تي هَٿَ رکبا آهن، پر محبوبن ۾ هٿَ وِجهبا ڪين آهن..!! اڙي محبوب سائين! زمين ڦاٽي ڇو نه پئي، ليمون مري ڇو نه ويو، قيامت ڇو نه آئي، جو محبوبن ليمي کي اهڙو ڀانيون..!!“
”بادشاهه پيرَ! قيامت ڇو نه آئي..!! بادشاهه پير! مون تي ازل ڇو نه آيو..!!“
ائين چوندو ليمون پخالي ڏکويل ۽ حيران، هڪ رستي طرف نڪري پيو ۽ گهمندي گهمندي ساڳي بازار مان گذريو، جتي سيٺ بشير ۽ نجمه پنھنجو ڪم لاهي ڪپڙا ڇنڊي پائي چُڪا هئا.
نجمه، پَنھنجي خريد ڪيل وڳن جي ٿيلھي کنئي. تيستائين سيٺ بشير به دُڪان جو ٻيڪڙيل تاڪ کوليو ۽ نماز جي وقفي وارو پاٺو هٽائي ڇڏيائين. نجمه واپس وڃڻ لاءِ اڃا دڪان جي دروازي مان گذري رهي هئي ته سيٺ بشير جي نظر ٻاهران گذرندڙ ليمي پخاليءَ تي پئي ته تڪڙو ڊوڙي وڃي، هڪڙي خاني مان وڏي پوتي ڪڍيائين. دُڪان جي ڏاڪي تان پير هيٺ رکي لَھندڙ نجمه کي روڪيندي وڏي آواز سان چيائين:
”ڌيءَ ترس! هي نياڻپو ته کنيو وڃ ني.“
نجمه مُرڪندي کينچلي انداز ۾ کانئس پوتي ورتي ۽ تڪڙي هلندي وئي. پر ليمي جون اڳ ئي حيران ٿيل نگاهون سيٺ بشير جي اڳٺ ۾ اٽڪي پيون، تڪڙ ۾ ٻڌڻ ڪري جنھن جو ھڪڙو ڇيڙو اڃا لڙڪي رهيو هو.




(ضراب حيدر جي فيسبڪ ٽائيم لائين تان کنيل، جيڪا اتي ھيٺئين نوٽ سان رکيل آھي)



ڪھاڻي جو پنھنجو هڪڙو جَھان آهي، جيڪو هلندو ئي رهندو ۽ دريافت به ٿيندو رهندو. ڪھاڻي لِکڻ لاءِ مان سدائين چوندو رهندو آهيان ته؛ ڪھاڻي سان عشق ضروري آهي.
ناصر قاضي گذريل اٺن سالن کان مونسان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي، هو منھنجون ڪھاڻيون پڙهڻ سان گڏوگڏ منھنجي ڪھاڻين جو وڏو مداح به آهي صبح جون جڏهن به آفيس ۾ گڏبا آهيون ته چوندو آهي؛
”سائين، لِکي اٿوَ ڪا نئين ڪھاڻي ته ڏيو، مان پڙهان به ۽ ڪمپوز به ڪريان. منھنجي ڪھاڻي سڀ کان اول طارق قريشي پڙهندو آهي. اِهو مان اڪثر چوندو رهندو آهيان، پر طارق قريشي کان به اڳ منھنجون ڪھاڻيون ناصر قاضي پڙهندو آهي. ناصر هڪڙو سُٺو گائيڪ آهي. کيس سُرن جي وڏي ڄاڻ آهي. ان حوالي سان هُن سنڌ جي راڳين جا ڏاڍا زبردست پروفائيل لکيا آهن، جيڪي عوامي آواز ميگ ۾ ڇپجندا رهيا آهن. اُنهن پروفائيلن جا ٻه ٻه ڪتاب تيار آهن، جِن جو مَھاڳ نصير مرزا لِکي چُڪو آهي.
ناصر جڏهن اُهي پروفائيل لکندو هو ته مون کي اول پڙهائيندو هو. مان معمولي ايڊٽ دوران، کيس سدائين اِهو چوندو هوس ته؛
”ناصر تنھنجي ٻولي ڏاڍي سگهاري آهي، اُن کان سواءِ ننڍا ننڍا جملا ۽ جيڪا منظرنگاري ڪرين ٿو، سا به ڪمال آهي. مون کي الائي ڇو لڳي ٿو ته تنھنجي اندر ۾ ڪو ڪھاڻيڪار لِڪل آهي. يار اُن ڏانھن ڌيان ڏي. تون جيڪي جملا لِکين ٿو ۽ جيڪا منظرنگاري ڪرين ٿو سا ته ڪھاڻيءَ ۾ ئي جُڳائي ٿي.“ منھنجي ڳالهه، ناصر دل سان لڳائي. گذريل سال کان ڏٺم ته هُن ڪھاڻين جا ڪتاب به وٺڻ شروع ڪيا ۽ پوءِ اوچتو هڪ ڏينھن صبح جو هڪڙي ڪھاڻي لِکي کڻي آيو. ڪھاڻي پڙهيم ته مان دنگ رهجي ويس. مون کي ناصر تي ڏاڍو پيار آيو. مون کي هر اُن ڪھاڻيڪار تي پيار ايندو آهي، جيڪو ڪھاڻيءَ سان نڀائيندو آهي. هُن هينئر سوڌو، ٽي ڪھاڻيون لِکيون آهن. جيڪي بنهه شاندار آهن. صبح، طارق کي ناصر جي ڪھاڻي پڙهڻ لاءِ موڪليم. طارق، ڪھاڻي پڙهي، مونکي هي لفظ انباڪس ڪيا؛
”ناصر قاضي کي ڏسي لڳي ئي ڪو نه ٿو ته هي معصوم نظر ايندڙ ماڻهو، ايڏو سٺو لکي سگهي ٿو. ناصر جي پھرين ڪھاڻي، پِھرين مئچ ۾ سينچري ڪرڻ وانگر آهي. سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ هڪ شاندار واڌارو.
ضراب! ناصر قاضي جي پھرين ڪھاڻي ايڏي ڪمال جي آهي، ته سوچ اڳتي هلي ڇا ته ڪھاڻيون لکندو! واهه! دل خوش ٿي وئي. ناصر کي شاندار ڪھاڻي لکڻ تي ۽ حوصلا افزائي ڪندڙ ضراب حيدر کي به لک لک مبارڪون.“
ناصر قاضي جي ڪھاڻي ”نماز جو وقفو“ توهان به پڙهي ڏسو.


No comments:

Post a Comment