Friday, April 21, 2023

نور جوڻيجو جو ناول خالي پڻي جو کاڄ - اڀياس

ڪلچرل تصورن جي تعمير کان جديديت پُڄاڻان جي فلسفي تائين!

(نور جوڻيجو جو ناول خالي پڻي جو کاڄ)

خليق ٻگهيو



سنڌي ادب جي تخليقي دنيا ۾ هن وقت ناولَ تيزيءَ سان تخليق ٿي، ٻين افسانوي ۽ غير افسانوي ادبي صنفن شاعري، ڪھاڻي، تاريخ، تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتابن کان وڌيڪ مقداري نوع ۾ وڌيڪ کپت جي ضمانت بڻيل آھن. اُھا ناولن جي مقداري نوعيت جي کپت ليکي سگهجي ٿي. جڏھن ته معيارَ جي لحاظ کان ڏِسڻو پوندو ته هنن ناولن جي وافر مقدار ۾ شايع ٿيڻ سان، سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌي سماج جي ڪيتري خدمت ٿي رھي آھي؟ ۽ تخليقي سطح تي هِنن ناولن ۾ معيار جي سطح ڇا آھي؟ اُنهيءَ ڏَس ۾، موجوده دَور جي سنڌي ناولن جي فهرست ۾ نور جوڻيجو جو ناول ” خالي پڻي جو کاڄ “ به ڪنھن طرح، مقداري نوع ۽ واپار Commercialize ٿيڻ توڙي انتقاد جي اسڪرين تان اڃان غائب نه آھي. هيءُ ناول”سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد “ نومبر ٻه هزار ٻاويهه ۾ شايع ڪيو آھي. هِن ناول جي سڀ کان وڏي خاصيت هيءَ آھي ته هيءُ ناول، پڙھندڙن کي موجوده عھد جي انساني سماج ۽ تھذيبي قدرن متعلق نوَن سوالن ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ناول جي ڪھاڻي، پُڄاڻيءَ تائين پُھچندي به ڪا فڪري سطح جي حتميت نٿي ڏِئي يا ائين چَئون ته ناول جي ڪھاڻي، فلسفياڻي سطح تي ڪُليت پسند موقف ڏيڻ جي مجاز ڪانهي، جنھنڪري اُھو سمورو اختيار پڙھندڙ جي وس ۾ آھي ته هُو ناول جي ڪھاڻيءَ بابت ڪھڙن زاوين کان ڏِسي ٿو ۽ ناول ڪھڙو سنيھو تجويز ڪري ٿو؟ اُھا هن ناول جي جديد ترين فني ۽ فڪري خاصيت آھي. ٻيو ته هيءُ ناول پڙھي محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي ناولائي ادب، ڪرداري نوعَ جا پراڻا ۽ روايتي پئمانا ٽوڙي رهيو آھي. هن ناول جا ڪردار، پنھنجي روين ۾ پوسٽ ماڊرنسٽ محسوسات رکن ٿا. هيءُ دَور، جنھن کي اسان جديد پُڄاڻان جي نالي سان سڃاڻون ٿا، سو تخليقي آزاديءَ جو دَور قرار ڏنو ويو آھي. هِن دَور ۾ جتي انساني زندگيءَ ۽ اُن جي قدر ۽ قيمت جو شعوري ادراڪ وڌيو آھي. اتي سماجي زندگي، وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وڌيڪ پيچيده پڻ ٿي پئي آھي. ادب، پنھنجي پڙھندڙن/ تنقيد کان سواءِ اڄ به پنھنجي اھميت وڃائي ويھي ٿو. تخليقي آزاديءَ جو تصور، لکاريءَ جو سڀني نظرياتي حدبندين ۽ نظاماڻي سرشتي کان آزاد ٿي لِکڻ جو تصور آھي. آرٽ ۾ پڻ تخليقي آزاديءَ کي پڻ وڌيڪ متعارف هن جديديت پُڄاڻان جي دَور ڪيو آھي، پر جهڙيءَ طرح هن دَور ۾ زندگيءَ جون حقيقتون پنھنجي گهرائي ضايع ڪري ويون آھن. تهڙو مثال ماضيءَ ۾ نٿو ملي. گهرائي وڃائڻ واري مام شين ۽ لقائن جي گهڻ معنويت ڪري وجود ۾ آئي آھي. گهڻ معنويت ڪنھن فن پاري جي متن جو مطالعو بڻجي يا ڪثير معنائون ڪنھن سماجي ڪردارن متعلق هجن، فڪري استقامت ٽوڙي سطح پڻو جنمينديون آھن. سطح پڻي جو جنم فائدو توڙي نقصان ڏئي ٿو. ھر جيو يا جيوت جو ڪائنات ۾ ضايع ٿيڻ عظيم ڏک آھي Rejection is pain، جنھن کي هيءُ دَور پنھنجي ڪُک ۾ جنم ڏئي رھيو آھي.

Friday, April 7, 2023

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب ”سُکَ وَندِي“ جو تعارف - رياض ڪلهوڙو

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب ”سُکَ وَندِي“ جو تعارف

رياض ڪلهوڙو



”تمام ٿورا هوندا، جن جو ڪردار انهن جي گفتار جي موافق هجي.“ سري سقطيؒ جا اهي لفظ انجنيئر عبدالوهاب سهتي جهڙن امر ڪردران لاءِ چيل آهن. انجنيئر عبدالوهاب جهڙو ڳالهائڻ جو کرو، تهڙو مزاج ۾ چٽو ۽ چهرو. سندس لکڻيون به ساڳئي سواد سان سرشار...! هونئن به اهي ماڻهو ئي سٺو لکي سگھندا آهن، جيڪي سٺو سوچيندا آهن. سٺا ليکاري نتيجن سان گڏ، معمول جي وهنوار ۽ انسان جي فطرت ۽ عادت کي اوليت ڏيندا آهن. لکڻ کي پنهنجي عادت بڻائي، سماج ۾ ٿيندڙ ننڍين ننڍين تبديلين تي قلم کڻندا ۽ تفصيل سان لکندا آهن. پنهنجي ئي لکيل لفظن کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪندا آهن. پيچيده سوچن ۽ خيالن کي سلجھائي، سولو بڻائيندا آهن. نفسياتي طور ڪو به ماڻهو ساڳيا لفظ وري وري پڙهڻ ناهي چاهيندو. سٺن اديبن جي هڪڙي خصلت اها به آهي ته، هو تحرير ۾ دلچسپ، پرڪشش، دلفريب ۽ غير معمولي لفظن کي شامل ڪري، پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارن جو ڌيان ڇڪائيندا آهن. اهي ئي وڏا ليکڪ چئبا، جن جي لکڻ جو بنياد، مطالعو، مشاهدو ۽ مسافتون هجي. جيڪي لکڻ کان پهرين پڙهڻ جا عادي هجن. سماج ۾ ٿيندڙ ڀلايون ۽ برايون پرکي سگھن. جيڪي لفظن ۾ روح ڦوڪي سگھن. جيڪي ماڻهن کي لفظن جي دنيا ۾ ٻوڙي ڇڏين. جن جون لکڻيون پڙهڻ سان لڱن ۾ سيسڙاٽيون پئجي وڃن. جن کي پڙهڻ سان ماڻهو مدهوش ۽ متوالا ٿين. انجنيئر عبدالوهاب جهڙا ماڻهو ئي وڏا ليکڪ چئبا، جيڪي دلين سان گڏ ذهنن تي به حاوي ٿين. جيڪي ٻولن ۾ چٽا، ڄڻ چانڊاڻ ۽ فعلن ۾ اجرا، ڄڻ ڏينهن لڳن. جن جي لکڻين ۾ رواني هجي، ائين لڳي ڄڻ برزباني هجي.