Friday, April 7, 2023

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب ”سُکَ وَندِي“ جو تعارف - رياض ڪلهوڙو

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب ”سُکَ وَندِي“ جو تعارف

رياض ڪلهوڙو



”تمام ٿورا هوندا، جن جو ڪردار انهن جي گفتار جي موافق هجي.“ سري سقطيؒ جا اهي لفظ انجنيئر عبدالوهاب سهتي جهڙن امر ڪردران لاءِ چيل آهن. انجنيئر عبدالوهاب جهڙو ڳالهائڻ جو کرو، تهڙو مزاج ۾ چٽو ۽ چهرو. سندس لکڻيون به ساڳئي سواد سان سرشار...! هونئن به اهي ماڻهو ئي سٺو لکي سگھندا آهن، جيڪي سٺو سوچيندا آهن. سٺا ليکاري نتيجن سان گڏ، معمول جي وهنوار ۽ انسان جي فطرت ۽ عادت کي اوليت ڏيندا آهن. لکڻ کي پنهنجي عادت بڻائي، سماج ۾ ٿيندڙ ننڍين ننڍين تبديلين تي قلم کڻندا ۽ تفصيل سان لکندا آهن. پنهنجي ئي لکيل لفظن کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪندا آهن. پيچيده سوچن ۽ خيالن کي سلجھائي، سولو بڻائيندا آهن. نفسياتي طور ڪو به ماڻهو ساڳيا لفظ وري وري پڙهڻ ناهي چاهيندو. سٺن اديبن جي هڪڙي خصلت اها به آهي ته، هو تحرير ۾ دلچسپ، پرڪشش، دلفريب ۽ غير معمولي لفظن کي شامل ڪري، پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارن جو ڌيان ڇڪائيندا آهن. اهي ئي وڏا ليکڪ چئبا، جن جي لکڻ جو بنياد، مطالعو، مشاهدو ۽ مسافتون هجي. جيڪي لکڻ کان پهرين پڙهڻ جا عادي هجن. سماج ۾ ٿيندڙ ڀلايون ۽ برايون پرکي سگھن. جيڪي لفظن ۾ روح ڦوڪي سگھن. جيڪي ماڻهن کي لفظن جي دنيا ۾ ٻوڙي ڇڏين. جن جون لکڻيون پڙهڻ سان لڱن ۾ سيسڙاٽيون پئجي وڃن. جن کي پڙهڻ سان ماڻهو مدهوش ۽ متوالا ٿين. انجنيئر عبدالوهاب جهڙا ماڻهو ئي وڏا ليکڪ چئبا، جيڪي دلين سان گڏ ذهنن تي به حاوي ٿين. جيڪي ٻولن ۾ چٽا، ڄڻ چانڊاڻ ۽ فعلن ۾ اجرا، ڄڻ ڏينهن لڳن. جن جي لکڻين ۾ رواني هجي، ائين لڳي ڄڻ برزباني هجي.


انجنيئر عبدالوهاب سهتي، چوڻين ۽ پهاڪن جي ميدان ۾ ايترو ڪم ڪيو آهي، جو جيڪڏهن گوگل تي چوڻي يا پهاڪي کي ڳولبو ته گوگل به سهتي صاحب جو حوالو ڏيندي. پر سهتو صاحب، بنيادي طور هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻين جا ٽي مجموعا پڻ شايع ٿي چڪا آهن. ”سُکَ وَندِي“ پڻ ڪهاڻين جي موضوع تي لکيل هڪ سٺو ڪتاب آهي، پر هن ڪتاب ۾ موجود ڪهاڻيون طبعزاد نه بلڪه سندس ترجمو ڪيل آهن. ”سُکَ وَندِي“ ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان ۲۰۲۳ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آھي. ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب ۱۶۰ صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو نالو ”سُکَ وَندِي“ هڪ ڪهاڻيءَ جو نالو آهي، جيڪا پڻ هن ڪتاب جي زينت بڻيل آهي. مجموعي طور هن ڪتاب ۾ چوويهه ڪهاڻيون آيل آهن. ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪهاڻيڪارن جي لکيل انهن ڪهاڻين کي سهتي صاحب جاذب، پرڪشش ۽ نهايت نرالي انداز سان ترجمو ڪري پڙهندڙ تائين پهچايو آهي. ترجمي سان زندگيءَ جي مشاهدن ۽ تجربن کي سمجھڻ سان گڏ ٻين سماجن ۽ ثقافتن بابت ڄاڻ ملندي آهي. ٻين ٻولين جي ادبي شاهڪارن کي پڙهڻ، انهن جي فن کي سمجھڻ سان پنهنجي ٻوليءَ جي ادبي تخليقن ۽ شاهڪارن ۾ جدت ايندي آهي. سنڌ جي سگھاري ترجمه نگار ۽ نهايت مقبول اديب ولي رام ولڀ لکيو آهي ته: ”ڪميونيڪيشن انسان جي سڀ کان اهم ۽ طاقتور ضرورتن مان هڪ آهي. اها سندس فطرت جو حصو آهي. سماج جي ترقي، ماڻهن ۽ ثقافتن وچ ۾ ڪميونيڪيشن جي گهرائيءَ ۾ پنهنجي اظهار جي راه ڳولي آهي. هن دؤر کي عام طور تي ٽيڪنالاجيءَ جو ترقي يافته دور چئجي ٿو... ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان ڪلچر پنهنجي سر زمين کان وانجهي نٿو وڃي، پر پاڻ ان جي اهميت وڌيو وڃي. ڪلچر ماڻهن جي اخلاقي صورتحال آهي ۽ اسان کي سُڌ آهي ته اخلاقيات ۽ ترقي يافته ٽيڪنالاجيءَ جو ميل ڪهڙا ڏکوئيندڙ نتيجا آڻيندو/ آڻي رهيو آهي. مترجم نه رڳو مختلف ٻولين جي ادب کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ٿو ۽ هڪ قوم جي ثقافت جي حاصلات کي ٻي قوم جي ثقافتي خزاني سان شناسائي ڪرائي ٿو ۽ پڙهندڙن تائين ادب جي رسائي ڪرائي ٿو، بلڪه انسان جي خاطر جدوجهد ۾، انساني اخلاقيات کي نئون موڙ ڏيڻ ۾ حصو وٺي ٿو.“

هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشهور اديب، سفرنامن جي بادشاهه محترم الطاف شيخ کي ارپيو ويو آهي. انتساب ۾ سهتي صاحب لکيو آهي ته: ”پڙهڻ جي شروعات ڪهاڻين ۽ سفرنامن سان ڪئي. تنهن دور ۾ سنڌيءَ ۾ سفري ڪالم، فقط الطاف شيخ صاحب ئي لکندو هيو، جيڪي ڇپبا به هيا ۽ ڪتابي صورت ۾، نون پڙهندڙن تائين پڄندا به هيا. انهن کان متاثر ٿي، ڪچو ڦڪو لکڻ شروع ڪيم، جيڪا عادت پڙهڻ سان گڏ اڃا تائين برقرار آهي“.  

انتساب کان پوءِ ”سُکَ وَندِي“ ۾ ”پيش لفظ“ عنوان سان هڪڙي تحرير آهي، جيڪا ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو جي لکيل آهي. هن ۾ ٻرڙو صاحب ڪهاڻيءَ جي اهميت ۽ اصليت کي اجاگر ڪرڻ جو ڪوشش ڪئي آهي. سندس هن نثر ۾ نظم واري جھلڪ آهي. ان کان پوءِ ”سادا اکر“ عنوان سان هڪڙي تحرير آهي، جيڪا انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي پنهنجي لکيل آهي. سادن اکرن ۾ سهتي صاحب ڪهاڻين کي ترجمو ڪرڻ، ماهوار ”همسري آنلائين“ ۾ ڇپرائڻ کان وٺي ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي ليکڪن تائين جو احوال ڏنو آهي. ڪهڙي ڪهاڻي ڪڏهن ۽ ڪٿان شايع ٿي بابت پڻ ڄاڻ ڏني اٿس.

”سُکَ وَندِي“ ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ”قصو ڪيڪٽس سٽيءَ کان آيل گراهڪ جو“ آهي. هيءَ ڪهاڻي، او هينري جي لکيل آهي. سهتي صاحب نهايت ڪاريگريءَ سان ترجمو ڪئي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪي ڪردار آيل آهن، انهن کي ساڳيو رکيو ويو آهي. نالا سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ پڻ لکيل آهي، جيئن پڙهندڙ ڪنهن به مونجھاري جو شڪار نه ٿئي. ٻي ڪهاڻي ”شينهن ڪن ڇوڪري“ فرينڪ رچرڊ اسٽاڪٽن جي لکيل آهي، جنهن کي عبدالوهاب ترجمو ڪري سنڌيءَ جو ويس ڍڪايو آهي. نون صفحن تي مشتمل هن ڪهاڻيءَ جو اردوءَ ۾ ترجمو مفتي محمد اقبال جو ٿيل آهي. ان کان پوءِ موپاسان جون ٻه ڪهاڻيون ”پوءِ جو پڇتاءُ“ ۽ ”نقلي هير“، عزيز نيسن جي ڪهاڻي ”حقيقت ڪن خواب“ ڏنل آهي. سهتي صاحب حرف جملي ”يا“ جي بدران نج سنڌي لفظ ”ڪن“ ڪتب آندو آهي. ٻهراڙين ۾ اڄ به ماڻهو ”يا“ واري ٻوليءَ کي سمجھن ئي ڪو نه، هو ته اڄ به ”ڪن“ کي اوليت ڏين. چراغ حسن حسرت جون يارنهن ڪهاڻيون هن ڪتاب ۾ شامل آهن. چراغ حسن حسرت ۱۹۰۴ع ۾ ڪشمير پيدا ٿيو ۽ ۱۹۵۵ع ۾ لاهور ۾ وفات ڪيائين. جنت جهڙي خوبصورت خطي ۾ جنم وٺندڙ هن ممتاز ليکڪ ”ڪيلي ڪا ڇلڪا“، ”دو ڊاڪٽر“، ”مردم ديده“، ”اقبال نامه“، ”جديد جغرافيه پنجاب“، ”باتين حسن يار ڪي“، سميت سورنهن ڪتاب لکيا. اردو ادب ۾ هن کي طنز نگارن جي پهرينءَ صف ۾ ڳڻيو ويندو آهي. چراغ حسن حسرت جون جيڪي ڪهاڻيون هن ڪتاب ۾ موجود آهن، انهن ۾ ”الف ليلا وارو حجم“، ”ان جي پڙهڻ سان گھڻن جو ڀلو ٿيندو“، ”سراغ رسانيءَ جو افسانو“، ”شاهجهان جي تصوير“، ”قصو ستل جاڳيل جو“، ”ڪاٺيءَ جي ٽَنگ“، ”ڪلو قانوني“، ”ڪيلي جي کل“، ”هاريءَ جو خواب“، ”هڪ عورت“ ۽ ”هڪڙو هيو راجا“ شامل آهن.

”سُکَ وَندِي“ ڪتاب جي هڪ ممتاز ڪهاڻي آهي، جنهن سورنهن صفحن جي جڳهه والاري آهي. هن ڪهاڻيءَ جو ليکڪ غلام عباس آهي. ”انندي“ نالي سندس پهريون ڪتاب ۱۹۴۸ع ۾ ڇپيو. ”انندي“ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سهتي صاحب ”سُکَ وَندِي“ لکيو. ان کان پوءِ قدرت الله شهاب جون ٻه ڪهاڻيون ”امڙ“ ۽ ”۽ عائشه اچي وئي“، گلزار جون ٽي ڪهاڻيون ”اڌڙ“، ”سنٻنڌ“، ”ڪنهن جي ڪهاڻي“، ۽ سيد گلزار حسنين جي ڪهاڻي ”جاگنگ ٽريڪ“ شامل آهن.

مجموعي طور تي ”سُکَ وَندِي“ ۾ موجود سڀ ڪهاڻيون سبق آموز ۽ بامقصد پيون ڏسجن. ترجمي نگار جي ڏاهپ، ڏانءَ ۽ محنت سان هي قيمتي مڻيا ڏسڻ لاءِ مليا. مختلف سماجن ۾ سرجيل شاهڪار ادب پڙهڻ لاءِ مليو. ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ سواءِ انگريزي نالن جي ڪٿي به محسوس نه پيو ٿئي ته هي ڪهاڻيون طبعزاد آهن يا ترجمو. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي برک ترجمي نگار ننگر چنا جو لکيل آهي. ننگر جي مفصل لکڻيءَ منجھان فقط ايترو لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته: ”انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو هي ڪهاڻين جي ترجمن تي آڌاريل ڪتابُ، ڪهاڻيءَ جي چاهيندڙن لاءِ اوس لاڀائتي وٿ ثابت ٿيندو“.


(ماھوار چانڊوڪي حيدرآباد جي اپريل ۲۰۲۳ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment