Saturday, May 25, 2013

ٿڌي هوا جو جھوٽو، بيئر جو ٽِن ۽ ڪجھه لفافا - امر لغاري


ٿڌي هوا جو جھوٽو، بيئر جو ٽِن ۽ ڪجھه لفافا
امر لغاري
ڇڪڙا بس اسان کي سڀ کان آخر ۾ لاٿو. اتان ڪجھه ئي فاصلي تي پولنگ اسٽيشن هئي. هيءَ پولنگ اسٽيشن هڪ عاليشان پرائمري اسڪول ۾ قائم ڪئي وئي هئي. رات جو وقت هئو. جيئن ئي اسڪول جي آڳر تي پهتاسون ته اتان جي رئيس المعروف ”نيڪ مرد“ جي ڪامڙين اسان جو استقبال ڪيو. سامان کڻائي اسڪول ۾ رکرايائون. ڪرسيون ۽ کٽون اڳ ۾ ئي اسڪول جي پڪي آڳراڻي فرش تي رکجي چڪيون هيون. هنڌ بسترا به اچي چڪا هئا.  پراڻي واهه جي پرئين ڪپر سان بنجھون واري زمين ۾ قائم اسڪول ٻاهريان نمن جا وڻ پوکيل هئا، جن جي تازي ٻُور سڄي ماحول کي هٻڪاري وڌو هو. رات جي ڪري هوا ۾ ٿڌڪار به وڌي وئي هئي، اسڪول ۾ بجلي جو ڪنيڪشن ته هئو پر بجلي نه هجڻ ڪري روشنيءَ جو خاص بندوبست ٿيل هئو. اهڙي عظيم الشان پولنگ اسٽيشن ڏسي منهنجو عملو ڏاڍو خوش ٿيو. مٿان جو خاص خدمت ٿي ته عملو مون مان ڏاڍو متاثر ٿيو. گوشت، مرغي، ڀينڊيون، چانور، رائتو، کير ۽ ٿڌيون بوتلون- مطلب ته طعام ۾ هر قسم جو ائٽم  شامل هو.

Wednesday, May 1, 2013

ڪارتوس - شوڪت لوهار


ڪارتوس
شوڪت لوهار
هوٽل تي چانهه پيئندي پهريون دوست: ”جيڪڏهن هٽلر نه ڄمي ها ته شايد هندستان مان انگريز نه وڃن ها.“
ٻيو دوست: ”اهو وري ڪيئن؟
پهريون دوست: ”اِهو ائين ته هو جيڪڏهن انگلستان تي ڪاهه نه ڪري ها ته انگريز بوکلائپ جو شڪار ڪونه ٿين ها ۽ نتيجي ۾ هنن جا اڄ سوڌو هٿ قابض هجن ها.
نه ائين ڪونهي.
ائين آهي.