Monday, July 1, 2019

تارازيءَ ۾ رکيل محبت - امر لغاري

تارازيءَ ۾ رکيل محبت
امر لغاري
هڪ ڪاميڊين هڪ بيواهه عورت سان شادي ڪري آيو. شاديءَ جي ٻئي ڏينهن تي پنهنجي زال کي چيائين؛ ”خبر اٿئي ته مون کي تو سان ڪيتري محبت آهي؟“
ڪنوار اهو ٻڌي، ٿورو پريشان ٿي وئي. پر پوءِ به نهايت ادب ۽ احترام وچان پڇيائينس؛ ”ڇو؟“
”ڇو جو تون منهنجي زال آهين!“ همراهه فخر منجھان سرخرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي چيس.
”ته ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ جوڻس چيس؛ ”زال ته مان ٻين جي به هيس. انهن ته ڪڏهن به اهڙو انڪشاف ڪو نه ڪيو!“
مڙس جي تارونءَ ۾ مڇيءَ جو ڪنڊو ڦاسي پيو. ڳيت ڏيندي چيائين؛ ”تون منهنجي پهرين زال آهين نه ان ڪري!“


”ته ان ۾ به اهڙي ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.“ جوڻس چيس؛ ”مان اڳ ۾ به جنهن سان پرڻيس ان جي به پهرين زال هيس!“
”ته هُنن تو کي ڪجھه به ڪو نه چيو؟“ مڙس حيرت منجھان پڇيس.
”نه. اهڙو ڪجھه به نه!“
ڪاميڊين منجھي پيو.
زال چيس؛ ”ته چڱو، کڻي ٻڌاءِ، تون مونسان ڪيتري محبت ٿو ڪرين؟“
ڪاميڊين چيو؛ ”تمام گھڻي!“
”آخر ڪيتري؟“
”ٻه ڪلو!“ ڪاميڊين سنجيدگيءَ سان چيس.
جوڻس کي پهريان ته ڪاوڙ آئي. مٿو اصل گھمي ويس، پر پوءِ جلد ئي سنڀالي ويئي. اهو صحيح هو. هن آس پاس، چؤطرف، پنهنجي اردگرد نظرون گھمائي ڏٺو ته هر ڪو محبت ڪلو ڪلو، پاءُ پاءُ ۽ ڇٽانگ ڇٽانگ جي حساب سان ڪري رهيو هو!

No comments:

Post a Comment