Tuesday, July 16, 2019

سنڌي ڪھاڻيءَ جي جسم ۽ روح جو ميلاپ - شوڪت شورو


سنڌي ڪھاڻيءَ جي جسم ۽ روح جو ميلاپ
شوڪت شورو
جديد مختصر ڪھاڻي جي شروعات چيخوف ۽ موپاسان سان ٿئي ٿي. موپاسان ۱۸۵۰ع ۾ فرانس ۾ ۽ چيخوف ۱۸۶۰ع ۾ روس ۾ ڄائو ھو. ٻئي جديد مختصر ڪھاڻي جا استاد ڪھاڻيڪار ليکيا وڃن ٿا. موپاسان جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته “زندگي موپاسان جي ھٿن مان ٺپجي ٺھي ڪھاڻي بڻجي ويندي آھي.” چيخوف لاءِ وري اھو چيو وڃي ٿو ته؛ “چيخوف زندگي کان به وڌيڪ آھي، ڇو ته ھو زندگي جو رس آھي.”


موپاسان سنئين سڌي ڳالھ بيان ڪندو ھو؛ صاف، سڌي، تيز تکي انداز ۾. ھن ڪھاڻيون اھڙي نموني تخليق ڪيون جيئن صفائيءَ سان زندگي جا ٽڪرا ڪپي وٺبا آھن. ھن جي ڪھاڻين جي پڇاڙيءَ ۾ ڪڏھن اوچتو موڙ اچي، پڙھندڙ کي حيران ڪري ڇڏي ٿو. چيخوف ظاھري طور بي خيالي ۾ غير اھم، سڌا سادا واقعا بنا ڪنھن شعوري ترتيب جي پنھنجين ڪھاڻين ۾ پيش ڪري ڇڏيا پر انھن ۾ زندگي ايئن ڀرجي وئي، ڄڻ انھن ۾ زندگي جو رس نپوڙيل ھجي. ھن جي ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي ايئن ٿيو وڃي ڄڻ ڪنھن وڏي حادثي کان پوءِ به زندگي روان دوان ھوندي آھي. چيخوف جي ڪھاڻين ۾ ھڪ مڌر، نشيلي فضا واسيل ھوندي آھي. سندس ڪھاڻين ۾ عمل سان گڏوگڏ ڪيفيت ۽ احساس ھوندا آھن.
موپاسان جي نظر زندگي ۽ انساني نفسيات کي جاچڻ ۾ بيحد تيز ھئي، پر ھن جي پيشڪش ۾ خارجيت، عليحدگي ۽ معروضيت ھئي. ھڪ فنڪار جي عليحدگي ۽ معروضيت چيخوف ۾ به ھئي. ساڳئي وقت ھن کي پنھنجن ڪردارن سان ھمدردي پڻ ھئي. پر ھن وٽ ھمدردي ڪڏھن رقت ۽ جذبابيت جي شڪل اختيار نه ڪئي. چيخوف ۽ موپاسان ۾ اھي ڳالھيون موجود ھيون جيڪي اي ايم فارسٽر جي راءِ ۾ ھڪ وڏي اديب ۾ گڏوگڏ ھجڻ کپن، يعني جذبو، عليحدگي ۽ معروضيت. زندگي کي ٻنھي ڄڻن سمجھيو ھو. انساني زندگي ۽ نفسيات جي پيچيدگي، رنگارنگي ٻنھي جي نظر ۾ گھرائي سان موجود ھئي. چيخوف زندگي کي وڏي ڄاڻ سان سمجھيو ھو. ھن ۾ انسانن کي سمجھڻ جي گھري ڄاڻ ھئي. ھن وٽ ھمدردي ۽ رحم جو جذبو ھو. موپاسان کي پڙھڻ کان پوءِ انسان جي مجموعي طور اھا تصوير جڙي ٿي ته انسان ۾ بدي آھي، بدصورتي آھي، غلاظت ۽ گندگي آھي، پر انسانيت وري به خوبصورت آھي. دنيا ۾ ٿيئٽر يا ڊراما ٻن اسڪولن ۾ ورھايل آھي. شيڪسپيرين ڊراما ۽ چيخوفين ڊراما. شيڪسپيئر ۽ چيخوف ٻئي مختلف قسم جا ڊراما نگار ھئا ۽ دنيا ۾ ٿيئٽر اڄ تائين انھن ٻن قسمن جي اثر مان نڪري نه سگھيو آھي. اھڙي ريت جديد مختصر ڪھاڻي ڀلي ڪيتري اڳتي نڪري آئي ھجي، پر اھا چيخوف ۽ موپاسان جي اثرن مان نڪري نه سگھي آھي. دنيا ۾ ڪو اھڙو ڪھاڻيڪار مشڪل سان ملندو جنھن ۾ ھڪ ئي وقت اھي ٻئي اثر موجود ھجن. موپاسان وٽ جسم آھي ۽ چيخوف وٽ روح آھي. مون کي فقط نسيم کرل ۾ اھا خوبي نظر آئي آھي. ھن جي ڪھاڻي جي فن ۾ جسم به آھي، ته روح به آھي. اھي ٻئي خوبيون ڪنھن ھڪ ڪھاڻيڪار ۾ ھجن، اھو نادر مثال آھي. نسيم کرل، موپاسان وانگر، ڳالهه سنئين سڌي نموني بيان ڪندڙ آهي، صاف، سڌي، تيز تکي انداز ۾. نسيم کرل ڪهاڻيون اهڙي نموني تخليق ڪيون، جيئن زندگيءَ جا ٽڪرا ڪٽي وٺبا آهن. وري چيخوف وانگر، نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ زندگي ايئن ڀريل آهي، ڄڻ انهن ۾ زندگيءَ جو رس نپوڙي پيش ڪيو ويو هجي. چيخوف وانگر ئي نسيم کرل وٽ پنهنجن ڪردارن سان همدردي به هئي. پر هن جي همدردي ڪڏهن رقت ۽ جذباتيت جي شڪل اختيار نه ڪئي. اسان وٽ عام طور ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جي بيانيه توڙي ڪردارن جي گفتگوءَ ۾ جيڪا لفاظي ۽ جذباتيت ڀريل هوندي آهي، نسيم کرل جون ڪهاڻيون انهن کان بنهه آجيون نظر اچن ٿيون. اي ايم فارسٽر هڪ وڏي اديب ۾ موجود جذبي، عليحدگي ۽ معروضيت واري جيڪا ڳالهه چئي آهي، سا نسيم کرل سان به لاڳو ٿئي ٿي. سنڌيءَ جي هڪ وڏي عالم، غلام محمد گرامي جي چوڻ موجب، “نسيم جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي تلخي ۽ طنز به آهي ۽ هو سماج جي گندگين تي نشتر به هڻي ڪڍي ٿو، پر اهو عمل هڪ مهربان سرجن وانگر آهي ۽ نه هڪ بي رحم عطائي وانگر.”
نسيم کرل پنهنجين ڪهاڻين ۾ عام سنڌي ماڻهن سان گڏ، سنڌ ۾ وڏيرڪي ذهنيت ۽ ڳوٺاڻي ماحول جي تصوير ڪشي وڏي ذهانت ۽ بيباڪيءَ سان فطري بي ساختگي واري انداز ۾ بيان ڪئي آهي. نسيم کرل جي اک، فوٽوگرافر جي ۽ ذهن هڪ آرٽسٽ جو آهي. هن جي ڪهاڻين جا اڪثر ڪردار؛ ڳوٺاڻا ماڻهو، چور ۽ ڪاٽڪو، وڏيرا، ڪامورا، مذهبي جنوني، فرسٽريشن جا شڪار نوجوان، مٿئين وچولي طبقي جا سطحي سوچ رکندڙ فرد آهن ۽ انهن سمورن ڪردارن جي نفسيات کي نسيم کرل ڪمال ڪاريگريءَ سان چٽيو ۽ بيان ڪيو آهي. سندس ڪهاڻي “شبنم شبنم ڪنول ڪنول” ۾ نرس سان ٿيل زيادتي تي همدردي ڏيکاريل آهي. “ڪافر” ۽ “مساوات” ڪهاڻين ۾، ٿورائيءَ واري مذهبي طبقي ڏانهن، گهڻائيءَ واري مذهبي طبقي جي رويي، مذهبي منافقت ۽ تعصب طرف هلڪو اشارو ڪيل آهي، پر ان سان ڳالهه صاف ۽ چٽي نموني پڌري ٿئي ٿي. نسيم کرل جي مشهور ڪهاڻي “چوٽيهون در” ۾ سکر بيراج جي گيٽ ۾ ڦاٿل لاش، هڪ اهڙي نوجوان عورت جو آهي، جنهن کي ڪاري ڪري دريا ۾ اڇلايو ويو آهي. ڪارو ڪاري جي ظالماڻي رسم ڏانهن اشارو ڪرڻ سان گڏ ان ڪهاڻي ۾ پوليس جي لاپرواهي ۽ بيحسي وارو رويو آهي. “دارالفلاح” ڪهاڻي ۾ فلاحي ڪم ڪرڻ جي آڙ ۾ عياشي ڪندڙ سيٺ جي ٻهروپي ڪردار کي وائکو ڪيو ويو آهي. “زماني جي گردش”، “ڪچو رنگ” ۽ “آٿت” ڪهاڻين ۾ وڏيرڪي ذهنيت کي عيان ڪيو ويو آهي. “گئس”، “ڊمي” ۽ “اٽالو پڊنگ” ڪهاڻين ۾ مٿئين وچولي شهري طبقي جي خاندانن جي سطحي ۽ کوکلي زندگي جون جهلڪيون نظر اچن ٿيون. ماڻهو جيئن ٻاهران ڏسڻ ۾ ايندا آهن، ايئن اصل ۾ هوندا ڪو نه آهن. ماڻهوءَ جو هڪ ظاهري روپ آهي ۽ اندروني روپ آهي. نسيم کرل کي ماڻهن جي ان اندورني جهان جي ڄاڻ هئي. “پارٽنر” ڪهاڻي ۾ هن ظاهري طور هڪ بدصورت شخص جي اندر جي سونهن کي پسي بيان ڪيو آهي. “پهرين مراد” سنڌيءَ جي هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪاٽڪو ماڻهن جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. هن جي ڪهاڻين جي ڪردار نگاري، لاجواب آهي.
نسيم کرل، ڳوٺاڻي ماحول تي جيتري گهرائيءَ ۽ عمدگيءَ سان لکيو آهي، اوترو ئي شهري ماحول تي به لکيو آهي. نسيم کرل جڏهن ڳوٺ ۾ ٿيندڙ واقعن، وارداتن ۽ روزمره جي معاشرتي مسئلن تي لکيو ته هن جو ڊڪشن ان سان ٺهڪندڙ هو. هن ڳوٺاڻي زبان ۽ ان جي محاورن کي سهڻي انداز ۾ ڪتب آندو آهي. وري هن شهري ماحول جي پس منظر ۾ جيڪي ڪهاڻيون لکيون آهن، اتي سندس ڊڪشن الڳ نظر اچي ٿو. انهن ڪهاڻين ۾ شهري لهجو ۽ تشبيهون آهن. نسيم کرل جون ڪهاڻيون فن، اسلوب ۽ ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان ايتريون ڀرپور ۽ مضبوط آهن جو وقت ۽ حالتن جي بدلجڻ جي باوجود، اهي اڄ به نيون نڪور لڳن ٿيون. سندس ڪهاڻين جي شاهڪار هجڻ واري خوبي، سگهه ۽ اهميت هر دور ۾ قائم رهندي.

No comments:

Post a Comment