Friday, October 28, 2016

سج لهڻ کانپوءِ به ... - منظور ڪوھيار

سج لهڻ کانپوءِ به ...
منظور ڪوھيار
هو حد درجي جو سودائي ۽ عجيب قسم جو تصوراتي ماڻهو هيو. هن کي ڪڏهن ڪڏهن تصور جي اک اهڙي ڏِک به ڏيندي هئي. ڄڻ ”موهن جي دڙي“ جا آثار پنهنجين ڀتين ڇتين سميت جُڙي پيا آهن ۽ زندگي هر گهر جي اڱڻ تي ڪر موڙي اُٿي آهي. هو’پوڄاري بادشاه‘ جيان، اوچين ڀتين تان شهر جو جائزو وٺندي، رٿابندي ۽ بچاءَ جي اوني ۾ غرق آهي. سندس سرمي ۾ ٽٻ ٿيل اکين ۾ ڄڻ پورالي سنڌوءَ جي ادائن ۽ جفائن کي هٿ ڪرڻ جي حسرت سمايل آهي. پر اهڙي تصوراتي مانڊاڻ ۾ تڏهن مانڌاڻ پوندو هو.جڏهن ڏسڻ وارن جا ٽولا هلان ڪري سندس حد ۾ داخل ٿيندا هيا. تڏهن سندس چهري تي فڪر جي ريکائن ۾اڃا اضافو ٿي ويندو هيو ۽ هوپنهنجي ويران شهر جي باقي آثارن کي بچائڻ ۾ ائين جنبي ويندو هيو، جيئن شايد ’پوڄاري بادشاه‘ هن وسنديءَ کي ويران ٿيڻ کان اڳ، آخري ڪوشش ڪندي بچايو هجي.

Tuesday, October 11, 2016

دل جي ڳالهه - زيب سنڌي

دل جي ڳالهه
فيس بڪ جي ڪرائيم ڪهاڻي
زيب سنڌي
ڪراچيءَ جي هڪ عورت پروفيسر کي، سوشل ميڊيا تي جعلي اڪائونٽ وسيلي تنگ ڪندڙ، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اسسٽنٽ پروفيسر فرحان ڪامرانيءَ کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي. ڇنڇر واري ڏينهن ڪاوش ۾ انهيءَ حوالي سان ڇپيل مختصر خبر بابت مون ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي، جنهن مطابق ڪراچيءَ جي غير سرڪاري گرين وِچ يونيورسٽيءَ جي هڪ ليڊي پروفيسر ايف آءِ اي جي سائيبر ڪرائيم سيل کي درخواست ڏني هئي، جنهن ۾ هن شڪايت ڪئي هئي ته ڪنهن ماڻهوءَ سندس نالي سان نقلي آءِ ڊي ٺاهي آهي ۽ اهو ماڻهو سندس تصويرن کي ايڊٽ ڪري غير اخلاقي بڻائي، لڳاتار يونيورسٽيءَ جي فيس بڪ پيج تي اهي تصويرون ۽ وڊيوز اپلوڊ ڪري رهيو آهي ۽ سندس باري ۾ غير اخلاقي زبان پڻ استعمال ڪري رهيو آهي. عورت پروفيسر جو چوڻ آهي ته انهيءَ شخص جي اهڙي حرڪت سبب هوءَ پنهنجي نوڪريءَ کان به محروم ٿي چڪي آهي. عورت پروفيسر مطابق هوءَ جنهن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي رهي هئي، هڪ ڏينهن انهيءَ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کيس گهرائي اهڙي ڄاڻ ڏني، ان کان اڳ ۾ کيس اهڙي حرڪت بابت خبر نه هئي. سندس چوڻ آهي ته يونورسٽيءَ جو فيس بڪ پيج شاگرد به استعمال ڪن ٿا ۽ شاگردن جي ذهنن تي سندس منفي تاثر پيدا ٿيو، جنهن ڪري هن يونيورسٽيءَ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. عورت پروفيسر جي اهڙي شڪايت تي ايف آءِ اي، ڄاڻايل فيس بڪ اڪائونٽ کي آءِ پي ايڊريس وسيلي Search ڪيو ته، خبر پئي ته اها آءِ پي ايڊريس فيصل ڪامراني نالي شخص جي آهي. (I.P مخفف آهي International protocol جو، جنهن وسيلي انٽرنيٽ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪمپيوٽر، موبائيل فون يا ڪنهن به ٻئي ڊوائيس جو پتو لڳائي سگهجي ٿو.) ايف آءِ اي جي ٽيم جڏهن ڪراچيءَ جي علائقي گلستانِ جوهر ۾ فيصل ڪامرانيءَ جي گهر تي ڇاپو هنيو تڏهن خبر پئي ته، عورت پروفيسر جي نالي سان استعمال ٿيندڙ فيس بڪ جو نقلي اڪائونٽ فيصل ڪامرانيءَ جي ڀاءُ، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ پروفيسر فرحان ڪامرانيءَ ٺاهيو هو، جنهن ايف آءِ اي ٽيم اڳيان اهڙو اعتراف به ڪيو. ايف آءِ اي جي سائيبر ڪرائيم سيل ملزم جو ڪمپيوٽر، موڊيم ۽ موبائيل فون جاچ لاءِ پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا ۽ ملزم اسسٽنٽ پروفيسر کي جڊيشل مئجسٽريٽ 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي.

سُتل شهزادي - اياز قادري

سُتل شهزادي
اياز قادري
هڪڙو نيڪ ۽ سٺو بادشاهه، پنهنجي هڪ نيڪ ۽ سهڻي راڻيءَ سميت هڪڙي ملڪ تي حڪومت ڪندو هو. سندن ملڪ جون حدون پري پري تائين پکڙيل  هيون، جنهن ۾ سر سبز ٻنيون، سونا فصل، سفيد ڍنڍون ۽ ڀورا جبل هئا. ملڪ جا ماڻهو بادشاهه کان خوش هئا ۽ بادشاهه ماڻهن کان خوش هو. پر بادشاهه کي هڪڙو ڏک هو، جو هن کي سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود اولاد ڪو نه هو. اولاد نه هئڻ جو ڏک جيترو بادشاهه کي هو، ان کان وڌ اهو ڏک راڻيءَ کي به هو.

پاڻي -عبدالواحد سومرو

پاڻي
ڪهاڻي
عبدالواحد سومرو
اربيه جنهن جي مٿي ۾ وارن جي اڇاڻ هئي ڄڻڪ چو طرف سمنڊ وارو اڇو ڄميل ڪو لوڻ وارو حصو هجي. هن جي وارن ائڀن مان، هنن مان حياتيءَ جو موهه نڪري چڪو هجيس اتي خواهشن جو به پنهنجو دم گهٽي مارڻ سبب بس گوشت پوشت نما هڪ ساهه کڻندڙ ڍانڍو جيڪو وقت پورو ڪندو هجي. هڪ ضعين هڏائون پڃرو ارمانن، سمن، ڏکن ڏوجهرن جو جيئرو جاڳندو رڻ گيرٿر پهاڙي سلسلي جهڙو پار پئي، ڪٺ واقعن حادثن کي لتاڙي جواني جي دم سان اڄ هتي هن عمر جي آخرري ڏينهن ۾ هتي هن حاجي ڪيمپ ۾ اچي پوين پساهن واري حياتيءَ جا باقي به چار ڏينهن گذري رهي آهي.

مٽيءَ جي مورت - مير منصور مڱريو

مٽيءَ جي مورت
مير منصور مڱريو
Image result for earthen statueرات جي پوئين پهر ۾ هڪ سنهڙي گهٽيءَ مان استاد نعيم جو گذر ٿيو. هلڪي هلڪي آواز سان روئڻهارڪو آواز ڪنن تي پيس. ان آواز کي ڪَن ڏئي، سانت سان ٻڌي، اُها جاءِ وٺي، مٿان اچي ڇا ڏسي ته ڳڀرو گٽر جي مٿان پيل پٿر تي آهلي گيت جهونگاري رهيو هو. استاد نعيم ٽارچ ٻاري، سندس منهن تي هنئي ته سَٽ ڏئي ايئن اٿيو ڄڻ دل ٻاهر اچي ڪِري هجيس. ڊپ ۾ ڪير... ڪير.. ڪير!!!!
”پُٽ ڊڄ نه! آئون نعيم موٽر سائيڪلن وارو آهيان. ڀَر ۾ ئي منهنجو دڪان آ! تون ڪير آهين؟ ۽ هن ههڙي حالت ۾؟ تو کي اڄ پهريو ڀيرو هت ڏٺو اٿم.. نالو ڇا اٿئي؟ ڇا ڪندو آهين؟“

Monday, October 10, 2016

سامونڊي پري

سامونڊي پري
ٻارن لاءِ ڪھاڻي
Image result for Sea water fairy
ڪنهن زماني ۾، هڪ اهڙي سمنڊ ۾، جنهن جو پاڻي شيشي جهڙو صاف ۽ آسمان جهڙو نيرو هوندو هو، سھڻيون پريون رهنديون هيون. انهن سامونڊي جيِوَن کي ”سامونڊي پريون“ ڪوٺيو ويندو هو. انهن جو هيٺيون جسم مڇين جهڙو ۽ مٿيون ڌڙ انسانن جهڙو هوندو هو.
پرين جو بادشاهه سمنڊ جي هيٺان، هيرن ۽ موتين مان ٺهيل محل ۾ رهندو هو. هن کي هڪڙي سهڻي ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو ”سپي“ هو. هوءَ سڄو ڏينهن سمنڊ ۾ هيڏي هوڏي پئي ترندي هئي.

هڪڙي ڏينهن سپيءَ پنهنجي نانيءَ کان پڇيو: ”ناني! اسان جي سامونڊي دنيا جي مٿان ڇا آهي؟“