Friday, October 28, 2016

سج لهڻ کانپوءِ به ... - منظور ڪوھيار

سج لهڻ کانپوءِ به ...
منظور ڪوھيار
هو حد درجي جو سودائي ۽ عجيب قسم جو تصوراتي ماڻهو هيو. هن کي ڪڏهن ڪڏهن تصور جي اک اهڙي ڏِک به ڏيندي هئي. ڄڻ ”موهن جي دڙي“ جا آثار پنهنجين ڀتين ڇتين سميت جُڙي پيا آهن ۽ زندگي هر گهر جي اڱڻ تي ڪر موڙي اُٿي آهي. هو’پوڄاري بادشاه‘ جيان، اوچين ڀتين تان شهر جو جائزو وٺندي، رٿابندي ۽ بچاءَ جي اوني ۾ غرق آهي. سندس سرمي ۾ ٽٻ ٿيل اکين ۾ ڄڻ پورالي سنڌوءَ جي ادائن ۽ جفائن کي هٿ ڪرڻ جي حسرت سمايل آهي. پر اهڙي تصوراتي مانڊاڻ ۾ تڏهن مانڌاڻ پوندو هو.جڏهن ڏسڻ وارن جا ٽولا هلان ڪري سندس حد ۾ داخل ٿيندا هيا. تڏهن سندس چهري تي فڪر جي ريکائن ۾اڃا اضافو ٿي ويندو هيو ۽ هوپنهنجي ويران شهر جي باقي آثارن کي بچائڻ ۾ ائين جنبي ويندو هيو، جيئن شايد ’پوڄاري بادشاه‘ هن وسنديءَ کي ويران ٿيڻ کان اڳ، آخري ڪوشش ڪندي بچايو هجي.


هيءَ ڪهڙي قسم جو سائيٽ اٽينڊنٽ هيو!؟...... اها ڳالهه ’ڪيوريٽر‘ کان وٺي ’اسسٽنٽ ڪيوريٽر‘ تائين ڪنهن کي به سمجهه نه آئي هئي. البت، انهن پنهنجي سمجهه مطابق اهو نتيجو ڪڍيو هيو ته هن جو ڊيوٽيءَ کان اڌ ڪلاڪ اڳ اچڻ ۽ وقت پوري ٿيڻ کان پوءِ وڃڻ ۾ ضرور ڪو مقصد آهي. ڀلا ٻيو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو، سواءِ ان لالچ جي ته ڪنهن دير سوير ايندڙ پرڏيهي کان بخشش ڳنهجي. پر اهو الزام باوجود ڪوششن جي به هو مٿانئس ثابت نه ڪري سگهيا هيا.
اڄ به هميشه وانگر وقت کان اڳ، ’ايس ڊي ايريا‘ ۾ پهچي چڪو هيو. هر هڪ ڀت کي جاچڻ ۽ هر هڪ ٿڙيل سر کي ٺاهڻ واري اجائي جُوفي ۾ جنبيل هيو . جنهن مان کيس ڪابه هڙ حاصل ٿيڻي نه هئي. اهو طعنو، سندس ساٿي سائيٽ اٽينڊنٽ اڪثر ڪري کيس سمجهائيندي هڻندا هيا، ”سچيڏنا، اجايا هڏ ٿو هڻين، ورندءُ ڪجهه به نه!..... “ پر پوءِ به اهو طعنو سندس پِتي تي نه پوندو هيو.
هن هيشه وانگر ’اسٽوپا‘ ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻين تي چڙهندي، اوڀارئين طرف منهن ڦيرائيندي وهندڙ سنڌوءَ کي حسرت سان ڏٺو. سج جا سونهري ڪرڻا، سنڌوءَ جي جهرين کي جرڪائي رهيا هيا. هن هميشه وانگر من ۾ سمايل ان آکاڻيءَ کي ياد ڪيو، جيڪا ڏاڏنهس کيس هنج ۾ ويهاري، سامهون نظر ايندڙ سنڌوءَ جي ٻيٽهري ۾ ٻڌائي هئي:
ابا، جڳن جي ڳالهه آهي.... “، پوءِ ڏاڏنهس ڏڪندڙ هٿن سان ڦٿل آثارن ڏانهن اشارو ڪندي چوندي هئي، ”ابا، وڏڙا ٻڌائيندا هيا ته اتي مونهين جو شهر هيو“..... تنهن کانپوءِ سيني ۾ ان سانڍيل قصي کي ڪڍي ٻڌائيندي هئي، ”جيڏو هيو شهر سهڻو، تهڙا هيا ماڻهو منهن مهانڊي وارا... مٿان وري هيو راج ڪوڏيو ۽ بختاور ... مونهين جي هاڪ هئي .... ڏيهن کان ماڻهو مونهين کي ڏسڻ ايندا هيا.... سڌون پيا ڪندا هيا، ته ان شهر ۾رهجي .... شهر ۾ رهڻ لاءِ منٿ ميڙ ٿيندي هئي... جي سندس چڱي هلت چلت ڏسي راءِ راضي ٿيس، ته پوءِ جيئن چئبو آهي ته جنهن تي راءِ راضي ،ان جي جھوليءَ چنڊ جُھليو.......... ڏسندي ڏسندي اهو به مونهين جو ٿي ويندو هيو ۽ مُونهون ان جو .....“
پوءِ ڏاڏي ڇا ٿيو؟“، هو اڪثر پڇي ويهندو هيو.
ٻچڙا، ڪو ته ڪَلُور ٿيو هوندو، جو سکيو ستابو مونهون اُجڙي ويو ۽ مونهين وارن الائي ڪاڏي بر منهن ڪيو“، هوءَ ناس جي دٻلي مان چهنڊي ڀري، نڪ ۾ سڻڪندي، ٿڌو ساهه ڀري چوندي هئي.
ان ڪلور واري قصي جي ڪڏهن به هن کي سڌ نه پئجي سگهي هئي ،ڄڻ هن جي نظر ۾ اهو قصو درياهه جي پيٽ ۾ اچي ويو هيو. جنهن کي وقت جي وير اهڙو ته لٽي ۽ دٻائي ڇڏيو هيو، جنهن جي پوري خبر هن جي وڏڙن کي به نه پئجي سگهي هئي.....

ڪهڙو ڪلور ٿيو هوندو؟“، هن پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو .
پوءِ پنهنجي اندر مان جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي ڪيائين، ”ايئن ته نه ٿيو هيو، جيئن هاڻي ٿئي پيو!؟.. پاڻ جيئن ڌاڙيلن جي اُره زورائي ۽ پوليس جي ڏاڍ ڪري، ڪچي جا پکا ڇڏي پڪي تي اوڪڙو ويٺا آهيون“... هن مونهين جي ڪُکِ ۾، اولهائين پاسي کان پنهجن اڏيل ڀونگن ۽ لانڍين تي نظر وجهندي، ڏکارو ٿي سوچيو،” متان ائين ٿيو هجي، انهيءَ وقت به ڏاڍن ڏاڍ ڪيا هجن ۽ زورآورن زورآوريون!؟.....“
هن کي ائين پهه پچائيندي ڳچ وقت ٿي چڪو هيو. هن چوڌاري نظرون ڦيرائيندي ڏٺو هيو، ته ’ايل، ايڇ آر، وي ايس، ڊي ڪي ۽ منيرا ايريا‘ تي سڀئي سائيٽ اٽينڊنٽ رکوالي لاءِ پهچي چڪا هيا. هاڻي هو پٺ ورائي اسٽوپا جي باقي بچيل ڪچي پڳوڙي جي سامهون اچي بيٺو هيو. ڪچي پڳوڙي کي جاچيندي ، ڪجھ ساعتون ته ڪنهن گھري فڪر ۽ ويچار ۾ غرق ٿي ويو. ڄڻ ڪچو پڳوڙو ساڻس مخاطب هيو يا هوان سان. اسٽوپا جي اهو ئي پڳوڙو، جيڪا هر ايندڙ جي پري کان آجيان ڪندو هيو ۽ هر ڏسندڙ کي سڏي پنهنجي اندر جا هزارين داستان ٻڌائيندو هيو، بشرطيڪه ڪو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارو هجي. هن ڏٺو ته جنهن کي صدين جو بي درد وقت به نه جهڪائي سگهيو هيو، هاڻي انهيءَ کي ماڻهو پنهنجن پيرن هيٺان بيدردي سان لتاڙي رهيا هيا. شايد ڏينهون ڏينهن ڏسڻ ۽ سمجهڻ وارا گهٽبا پئي ويا ۽ رونشي ڪوڏيا وڌندا پئي ويا.
هو اسٽوپا جي ڪچي پڳوڙي سان اندر اوري، هاڻي اوڻٽيھ ڏاڪن واري ڏاڪڻ جي منڍ تي، اتر منهن ڪيون، اڄوڪي ڏينهن تي اچڻ وارن جي آجيان لاءِ اچي بيٺو هيو.اها سڌ ڪندي ته من! مونهين کي ماڻهو انهيءَ اک سان ڏسن، جنهن اک سان هن ڏٺو آهي يا وري اهڙي ئي حيرت واري انداز ۾ ڏسن، جيئن پرڏيهين جا ٽولا پيار ۽ پاٻوهه ۾ هن اجڙيل نگرکي ڏسي، عجب کائيندا ويندا آهن. هن ڪيترا ئي دفعا ڏٺو هو ته پرڏيهين جا ٽولا، گائيڊ جي اڳواڻي ۾ هتي پهچي، اڪثر شوق ۽ ذوق ۾ گائيڊ کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندا هيا. سواءِ انهن پوڙهن ۽ پوڙهين جي، جيڪي پنهنجي سست رفتاري جي ڪري ان کي ٻڌڻ لاءِ مجبورهوندا هيا. اها ڳالهه ته وري سندس دل وٽان ٿيندي هئي، جڏهن پرڏيهي گهمندڙ، مونهين جي هڪ هڪ گهٽي ۽ گهيڙ کي پنهنجي ڪئميرا جي اک سان محفوظ ڪندا هيا. ان وقت هن کي ائين لڳندو هيو، ڄڻ مونهين جي هڪ هڪ سِر کين پراڻي ڪال جا قصا ٻڌائيندي ويندي هئي ۽ پاڻ ئي مونهون سندن سونهون ٿي ويندو هيو.
هن اُڀين پيرين اهڙائي دل کي ڏڍ پئي ڏنا ته اڄوڪن پانڌيئڙن مان ڪو اهڙو نه هوندو، جيڪو بي بڻيادن يا ڌرتي ڌڪاڻن جيان مونهين کي نفرت ۽ ڌڪار مان نهاري چوندو، ”سڀ بڪواس آ!... سڀ فضول آ يا هيءَ ڪافرن جي تهذيب آ...“ هن هيشه وانگر اڄ به ساڳي سڌ رکي هئي ته اڄوڪو ڏينهن سرت ۽ ساڃاهوندن جو هوندو، ڏسڻ ۽ سوچڻ وارن جو هوندو. ائين اندر اوريندي اوريندي سندس انتظار جون گهڙيون پوريون ٿي چڪيون هيون. ٻه بسون زوڪاٽ ڪنديون، ’ايس ڊي ايريا‘ جي لوهي گيٽ جي سامهون اچي بيٺيون هيون. اندازن سئو سوا گلن جهڙا ٻارڙا هيٺ لهي چڪا هيا. مالهين جهڙا ڇهه برجستا استاد چهبڪن ۽ چپاٽن جي زور تي کين چپ ڪرائي رهيا هيا. بندرو ۽ گهاٽي ڏاڙهي وارو استاد، جيڪو ٻين کان عمر ۽ عهدي ۾ ڪجهه سرس پئي لڳو، تنهن ٻارڙن کي خالص لاڙڪاڻي واري لهجي ۾ سمجهائڻ شروع ڪيو:
اڙي شورئو! ... هي ٿوءَ مو ... هن جو ... دڙو!... هتي .... اڻ... آريا .... رهندا .... ... هيا!.... ڪچي، .... مشي... ۽ ڪچو گوشت ... کائيندا هيا ... ٻڌئو!؟“.
ٻارڙن ٽهڪڙا ڏيندي ڪورس واري انداز ۾ جواب ڏنو، ”جي سائين!!!“
هاڻي هي .... سامهون ٿو ... اسٽوپو! ... گهمڻ گهتڻ لاءِ ... متان پوءِ گهر وڃي پهنجي وڏن کي دانهن ڏيو ته سائين وڏو يا استاد چندو وٺي کائي ويا ۽ ڏيکاريائون ڪجهه به نه!“
جي سائين!!!“، ٻارڙن زور سان بيزاريءَ ۾ جواب ڏنو.
هاڻي مٿي هلو، شاباس!“، استاد ڏِسڻي آڱر سان اسٽوپا طرف اشارو ڪندي، ڪنهن فوجي آفيسر وانگر چڙهائيءَ جو حڪم ڏنو. ٻارڙا حڪم جي تعميل ڪندي جنگي سپاهين وانگر اسٽوپا کي وڪوڙي ويا.
استاد وڏي‘ جي انوکي ڄاڻ، هن کي سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو. هاڻ هن ٻي سڌ ڪئي هئي ته جيڪر مٽي ۽ واريءَ جو وڏو طوفان لڳي ۽ هن ڦٽل شهر جي آثارن کي مڻ مٽين ۾ ملائي ڇڏي. پر هن کي اها به خبر هئي ته اندر جون سڌون صرف سڌون ئي هونديون آهن، ساڀيا نه ٿينديون آهن.
ٻارڙا هاڻي اڇاتري ڌڻ وانگر بي قابو ٿي چڪا هيا. اهو ئي ٿيو، جنهن جو کيس ڀئو هيو. هن ڏٺو ته ٻارڙا اسٽوپا جي ڪچي پڳوڙي تي چڙهي رهيا هيا. هن ٻارن کي ڪاڪڙي تي زور ڏيندي گهڻيون هڪلون ڏنيون، پر بي چَين ٻارن تي بي اثر ثابت ٿيون. پاڻ کي بيوس سمجهندي هن بيٺل تماشائي استادن کي التجا واري انداز ۾ چيو:
سائين ، مهرباني ڪري ٻارڙن کي هيٺ لاهيو، زيان ٿو ٿئي“.
اسٽوپا کان هيٺ ڊٺل مڙهين يا حجرن وارن آثارن تي بيٺل ’سائين وڏي‘ جي دل کي جهُٻو اچي ويو. تنهن کيس آٿت ڏيندي، ”حاضر بابا!“ چئي، پنهنجي ڀرسان بيٺل ننڍڙي ڇوڪري جو هٿ پڪڙيندي، اسٽوپا تي چڙهي پوري طاقت سان چنبو کنڊيريندي، اتي بيٺل ٻارن کي هڪ زوردار ڀونڊو ۽ ڪڙڪيدار دڙڪو ڏنو:
لخ جي لعنت ٿو شورئو!.... ڪتي جا پٽئو، لهو هيٺ!“
ان زوردار ڀونڊي ۽ دڙڪي جو اثر ٻارن تي وقتائتو ٿيو. ٻارڙن پڳوڙي جي ڏاکڻي ڪنڊ کي پنهنجن ننڍڙن بوٽن سان ضربون ڏيندا، ”ٽپ!..... ٽپ!..... ڪندا، مٽيءَ جا ڀور ڪيرائيندا هيٺ لهي ويا. هن دل ئي دل ۾ استاد وڏي جو شڪريو ادا پئي ڪيو ته استاد وڏي جي نينگرڙي سٻاجهي انداز ۾ انگل ڪري وڌو:
بابا، مان کي به مٿي!؟....“
استاد وڏي معصوم ٻارڙي جي انگل کي پوري ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. پڳوڙي تي ڏاکڻي پاسي کان پنهنجي پير ۾ پيل ڪاري بوٽ کي ڦٻائيندي چڙهي پيو. سچيڏني کان رڙ نڪري وئي:
اڙي سائين!..... تون پنهنجي سِر به!؟
چاچا، ڇو ٿو هيانءُ لاهين ، مڙيئي پُٽڙي کي ريجهايان ٿو“، سائين وڏي سمجهائڻ واري انداز ۾ جواب ڏنس.
پر ابا، آفيسرن جي جهل آ ۽ اهو قانوني ڏوهه به آ
چاچا، ماستر سمجهي دڙڪا نه ڏي قانون جا، اسان کي به قانون جي خبر آهي. هن ڀت تي چڙهندي، جيڪا ٻين کي ڦاهي ڏني اَٿو، سا سڀاڻي اسان کي به ڏيارجو، بس نه!؟
ابا، دڙڪا ته ڪونه ٿو ڏيانءِ، پر چڱائي پئي چيم!“، سچيڏني هيٺيائين وٺندي وراڻيو.
چاچا ، ڀت سرڪاري آ، جي ڀڄي پوندي ته ٻي ٺهندي، تون اجايو پڇڙيون نه هڻ!“
سچيڏني ، سندس ڳالهائڻ مان اندازو هنيو ته استاد وڏو پاڻياٺو ۽ ڦڏئي آهي. ان ڪري خاموشي سان استاد کي رڳو حيرت مان ۽ پڳوڙي جي ڀور ڀور ٿي ڪرندڙ مٽيءَ کي حسرت سان ڏٺو، جنهن تي لهڻ چڙهڻ ڪري ،هاڻي ڄڻ ته ڏاڪا ٺهي ويا هيا.
استاد وڏو، وڏي ڊٺائپ سان پنهنهجي ۽ پنهنجي ٻارڙي جي حسرت ماري هيٺ لهي استادن ۽ ٻارن جي ڊَلي ۾ شامل ٿي چڪو هيو. جيڪو وڏي حوض کي لتاڙي، ”ايل ايريا“ ۾ ڍومان هڻي رهيو هيو. هن جون نظرون اڃا استاد ن ۽ ٻارن جي جو پيڇو ڪري رهيون هيون، ته هن اترئين پاسي کان ايندڙ مرد ۽ عورت جي مليل جليل ٽهڪن تي پنهنجو منهن ڦيرائي اوڻٽيھ ڏاڪڻ واري ڏاڪڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو. جنهن تان هڪ بي جوڙ جوڙو آهستي آهستي مٿي اچي رهيو هيو. گول مٽول مرد جو پيٽ، ڊگھي ۽ اڀي ڏاڪڻ چڙهڻ ڪري هلچل ۾ اچي ويو هيو ۽ پگهر سندس خضاب ٿيل وارن مان ڳڙيِ، سندس ٿلهي گردن تان لڪيرون ٺاهي پئي هليو. پر پوءِ به هو انهيءَ اذيت واري حالت ۾، ميڪ اپ سان ڀرپور نخريلي جوانڙيءَ جي اکين ۽ هٿن جي ادائن سهاري چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هيو . هن چڙهندي ٿڪاوٽ وچان هڪ وڏو ساه کڻندي چيو، ”اُف!“ ۽ پوءِ نوجوانڙي سان مخاطب ٿيندي چيائين:
اڙي اهو ٿئي راجا موهن مل جو بنگلو!“
هو..اون!“، نوجوانڙي حيران ٿيندي ۽ پوءِ اسٽوپا جي چوڌاري مڙهين جي آثارن ڏانهن اشارو ڪندي پڇيس، ”۽اُتي؟
اتي راجا جو سپاه رهندو هو“.
ڪهڙي ڪمائي هوندن، بنگلي تي ڊيوٽي ڪندي!“، نوجوانڙيءَ نخري سان چٻارو ڪڍندي اندازو لڳايو.
بس سمجهه ته لائن ۾“، گول مٽول مرد سندس ڳالهه کي ٽيڪو ڏيندي چيو.
مون کي به ته بنگلو وٺي ڏي نه، واعدو جو ڪيو هيئي؟“ نوجوانڙي کي بنگلي واري ڳالهه تان سندس ڪيل واعدو ياد اچي ويو.
اڙي وٺي ڏيندو مانءِ ... رڳو ٻه ٽي ڏينهن ڇڏ ... ٿاڻي تي آئي ڪهڙا ڏينهن ٿيا آهن،ٻڌاءِ؟..“
””چڱو واعدو ڪر ڪڏهن ؟
ڏاڙهي آ، اڳلي مهيني“، مرد پنهنجي ڪوڙيل ڏاڙهي تي کاٻو هٿ ڦيرائيندي وراڻيو.
اڙي اهو ته ٻڌاءِ ته هن بنگلي جي ڪچي ڀت تي بيهي راجا ڇا ڪندو هو؟“، نوجوانڙي اسٽوپا جي ڪچي پڳوڙي جي اڏاوت کي نه سمجهندي پڇيس.
راجا ڇا ڪندا هيا؟!“، مرد ساڳيو ئي سوال ڦيرائي نوجوانڙي کان ڪيو.
مون کي ڪهڙي خبر ته ڇا ڪندا هيا؟“، نوجوانڙي سمجهندي به کانئس وضاحت گهري.
پري کان نظرن سان گھرن جي جھڙتي وٺندا هيا، ته ڪهڙي ڪهڙي گھر جون ڇوريون تير ڪمان لڳيون پيون آهن“، مرد اک هڻندي ٻڌايس.
هون..اون!..چئبو ته وڏو نظروت هيو“، نوجوانڙي سمجهندي مشڪي پئي.
اونئين، جوڻهنس ته وري ٻيڻي شوقين هئي“، گول مٽول مرد وڌيڪ انڪشاف ڪندي ٻڌايس.
نه، نه!“، نوجوانڙي کان شوق ۽ جستجو مان رڙ نڪري وئي.
جوڻهنس وري اهڙي سُرنگهه ٺهرائي هئي، جتان پنهنجي يار سان وڃي ملندي هئي. توکي به هاڻي ڪا اهڙي سرنگهه ٺهرائي ڏيان، باقي هڪ اڌ نياپي کي ته ليکي ئين نٿي“، مرد ميار ڏيندي چيس.
مان ڪو مڙس کان ڊڄڻ واري آهيان ڇا!؟ ... هي سينڌ آ، تون هيڪر بنگلو وٺي ڏي، دنيا کي ڏيکاري توسان نه ويٺس، ته اچي مٿو ڪوڙجانءِ!.....“
اڙي اها سرنگهه هتان اولهائين پاسي کان ٿي!“،گول مٽول مرد بنگلي واري ڳالھ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نئين ڳالهه ٻڌايس.
ائي، ڪاٿي آ سرنگهه ڏيکار ؟“، نوجوانڙي جستجو وچان پڇيس.
چڱو هن ڀت تي چڙهي، اولهائين پاسي ڏي ڏس!“
تون به ته چڙهه نه ؟“، نوجوانڙي ضد ڪندي چيس.
اڙي اسان هاڻي کائي کائي ٿي پيا هون سانَھ!، ڪاٿي ٿا چڙهي سگهون“، مرد پنهنجي ٿوٿريل جسم تي ناز ڪندي چڙهڻ کان صاف لنوائي ويو ۽ پوءِ نوجوانڙيءَ کي چيائين،”اڙي، هلي آ ته ٽيڪ ڏيئي چاڙهيانءِ “، گول مٽول مرد نوجوانڙي کي سڏ ڪندي ،اڃا چيلهه ۾ هٿ وجهي ڏاکڻي پاسي کان ڀت تي چاڙهڻ لڳو ته سچيڏنو جيڪو پرڀرو بت بڻيو کين حيرت مان تڪي رهيو هيو، تنهن کان رڙ نڪري وئي:
اڙي ابا!... تون پڙهيل ڪيل!... عملدار!.... تون به جو ائين ڪرين ته باقي؟.....“
گول مٽول سندس ظاهري شڪل کي ڏسندي بي پرواهي سان نوجوانڙيءَ کي پڳوڙي جي ڪچي ڀت تي چاڙهڻ ۾ مشغول رهيو. نوجوانڙي ڪوشش جي باوجود به نه پئي چڙهي سگهي، رڳو ٿڙ ڦٿڙ ۾ سينڊل جي کڙين سان پڳوڙي کي رهڙا پئي ڏنا.
او، ابا!.... ٻيلي ... ڪيڏا نه ايلاز ٿو ڪيانءِ ... ٻڌي ئي نٿو؟“، سچيڏنو چوندو رهيو.
ڍِڪ لڳي ٿي وڃئي ڪراڙا، هانءُ ٿو ڦاٽئي ڀت لاءِ... ڀت نه هوندي ته ملڪ نه هلندو. اسان ماڻهو ڊاهي ڇڏيندا آهيون ته ڪو چوڻ واروناهي هوندو. باقي هيءَ ڀت اچي موتبر ٿي آ... ڪير آ ڙي؟“، گول مٽول مرد پنهنجي پوليسڪي رڳ ڏيکاريندي پڇيس.
سائين، مان سائيٽ اٽينڊنٽ!“، سچيڏني هيسجي جواب ڏنس.
ماکي ته منهن مهانڊي ۾ ڌاڙيل ٿو لڳين“، هن سندس اڇي پڳ ۽ ٺپيل ڏاڙهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
نه سائين، مان ته غريب ماڻهو آهيان“.
هجي ها ٿاڻي تي، ته دونهان ڪڍي ڇڏيانءِ ها.... پر ڪاڏي ويندي !“، گول مٽول مرد ڪاوڙ ۾ سندس سوا پنجن فوٽن جي قد کي گهوريندي ڌمڪي ڏني ۽ پوءِ سرنگهه ڏيکارڻ لاءِ اسٽوپا جي ڏاکڻي، ڏاڪڻ تان نوجوانڙي سان گڏ لهي ويو.
سچيڏني پنهنجي موڪري مُنهن تان آيل پگهر کي، اڇي قميص جي پلوءَ سان اگهي، منهن اوڀارين پاسي ’ڊي ڪي ايريا‘ ڏانهن ڪري ڇڏيو. هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هيو ڄڻ هو مونهين جي ڪنهن وڏي ۽ گهري کوهه ۾ اُڇلايل ماڻهوءَ جيان آهي، جتان ڪو به سندس آواز کي ٻڌي يا سمجهي نٿو سگهي.
هو وساڻل وساڻل اسٽوپا جي اترئين پاسي هڪ پڪ سري ڀت تي اچي بيهي رهيو هيو. هن جون نظرون مونهين جو طواف ڪنديون جڏهن ’ايس ڊي ايريا‘ جي گيٽ مان داخل ٿيندڙ پنج عدد عالم سڳورن تي پيون. جيڪي دستار مبارڪ ۽ لنڊين سٿڻن سان نرڙ تي عالماڻو گهنڊ سجايون تيزيءَ سان اسٽوپا ڏانهن اچي رهيا هيا. سندن سونهارين ۽ اڇن اجرن ڪپڙن کي ڏسي سچيڏني جي دل ۾ سندن لاءِ عزت ۽ احترام وڌي ويو هيو. هن سوچيو، جيترا هو ٻاهران اڇا اجرا ۽ نيڪ ٿا لڳن ، اوترا اندر جا به ضرور هوندا. من! هنن جي گفتگو، سندس هيانءَ تي ڇنڊو وجهي وڃي . هن دل ئي دل ۾ پھ ڪيو ته انهن جي پٺ وٺبي، سندن ڳالهائڻ ٻڌبو ۽ هيئين سان هنڊائبو.
هاڻي عالم سڳورا اسٽوپا تي پهچي چڪا هيا. عمر رسيده عالم سڳوري گوڏن جي سور جي دانهن ڪندي ۽ گھروساه کڻندي چيو، ”ابئول! گوڏا ئي وٺجي ويا، ڪافر ڪيڏو نه مٿي رهندا هيا“.
توهان بجا فرمايو، استاد محترم!“، نئين ريهه لٿل عالم سڳوري ڪنڌ ڌوڻي سندس تائيد ڪئي.
اڙي عبرت حاصل ڪيو، عبرت! ... هن منڪرن جي شهر مان...“، عالم سڳوري ٺاهوڪي اوٻاسي ڏيندي اوڀارين ۽ ڏاکڻي پاسي آثارن طرف اشارا ڪندي انڪشاف ڪيو:
ڪتابن ۾ آيو آهي ته بادشاهه ڏاڍو ظالم، زاني، شرابي ۽ رب جو وڏو نافرمان هيو... چوندو هيو، مان رب آهيان!“
لخ لعنت جا پها ٻڌانس!“، فرط جذبات ۾ ڏند ڪرٽيندي، هڪ اڌ-وهي مولانا خار مان رايو ڏنو.
هي سڄو شهر سمجهه ته شيطاني چرخو هو، مولانا محمد صادق!.... رنا ڇيڪ ڇڙيون وتنديون هيون... گهر گهر ۾ ڇير پئي ڇمڪندي هئي. اڳيان رن ته پٺيان مرد ... محبت موڪلائي وئي، مرد کي مرد کان نفرت ٿي وئي .... پوءِ ته خدا جي رحمت کي اهڙو جوش آيو، جو ملائڪ سڳورا موڪلي مٿائن اهڙوته قهر نازل ڪيائين، جو هي سڄو ڪفرستان قبرستان ٿي ويو“.
چڱو ڪيائينِ!“، مولانا محمد صادق ڪافرن جي انجام تي خوش ٿيندي وراڻيو.
پوءِ جڏهن هتي انگريز بي دين آيا. تن کوٽائي، بت ڪڍي، ڪجهه پنهنجي ملڪ کڻي ويا. ڪجهه هتي ڇڏي ويا. هاڻي هتان جا منافق ۽ مشرڪ کين پنهنجن ابن ڏاڏن جون نشانيون سمجهي پيا سانڍين ۽ رڙيون ڪن ته هتان جا ماڻهو وڏا سڌريل هيا“.
ڪو دانگي سان مهڪارو ٿين!“، مولانا محمد صادق، جذباتي انداز ۾وراڻيو.
ڀلا، استاد عزت ماب!... هي ڪچي ڀت جو ٻنوڙو. ڇا لئه ڪافرن اڏايو هيو؟“ ننڍي نيٽي عالم سڳوري اسٽوپا واري پڳوڙي ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو.
ان تي چڙهي پراوا ننگ ڏسندو هيو، ٻي ڇا ڪندو هو، ڪُني مهٽيو!“
استاد محترم، ان تي چڙهي ڏسان!؟“، ننڍي نيٽي عالم، وڏي عالم سڳوري سان حجت ڪندي پڇيو.
چڙهه، چڙهه!... ڪير ٿو جهلئي!“، وڏي عالم سڳوري خوشيءَ مان اجازت ڏيندي وراڻيس.
او ننڍڙا ، مولانا... نه چڙهه!... نه چڙهه پڳوڙي جا چاپڙ ڪري پوندا قبلا!....“، پويان بيٺل سچيڏني عاجزي ۽ انڪساري ڪندي منع ڪيس.
اهي ڪفر جا نشان ڊهن ته چڱو نه!“، وڏي عالم سڳوري نخوت سان جواب ڏنس.
قبلا سائين انهن کي بچائڻ لاءِ ته سرڪار اسان کي پگهار ڏي ٿي.. وري سرڪار نامدار کي، دنيا جا ٻيا ملڪ به انهيءَ ڪري امداد ڏين ٿا، ته اهي آثارڙا بچن.“، سچيڏني وڏي عالم سڳوري جي اڳيان ڏاڍي ادب سان وضاحت ڪئي.
اڙي، جنهن کي خدا تباهه ڪيو آ، ان کي تون ڇا بچائيندي؟... تنهنجي سرڪار ڇا بچائيندي ۽ ٻي دنيا وارا ڇا بچائيندا ؟... ڦٺ آ توکي، تنهنجي سرڪار کي ۽ ٻي دنيا وارن ملڪن کي... هونهه ! ... اهي ته مشرڪ! .... پر خدا تنهنجو به اڇي ڏاڙهي ۾ خانو خراب ڪيو آ.... جي اها پگهار ان ڪري ٿو وٺين ته ڪافرن جا نيشان بچن، ته پنهنجي قيامت ڪاري ٿو ڪرين!!“
انهيءَ تقرير دوران، ننڍو نيٽو عالم سٿڻ جي ٻچي سڌي ڪري، ور کنجهي صفائي سان ملتاني گهيتلي سوڌو ڀت تي چڙهي، ڪجهه چاپڙ ڪيرائي ثوابِ دارين حاصل ڪري چڪو هيو. چوڌاري نظرون ڦيرائيندي، حيرت مان کانئس رڙ نڪري وئي هئي:
جهَلِ استاد!... چئين سچ ٿو !.... وڏو ڪفر ستان هو، چئبو!“
هل، هل! .. ته دوزخي حوض به ڏيکاريانو، جتي ڪافر وهنجندي، اِغلام بازي به ڪندا هيا“، وڏي عالم سڳوري انڪشاف ڪندي سڀني جي جستجو وڌائي ڇڏي هئي. پوءِ عالم سڳورا شوق ۽ ذوق ۾ طُرليون لوڏيندا، دوزخي حوض طرف وڃڻ لڳا. پر سچيڏنو سندن وڃڻ کانپوءِ به ڪافي دير تائين، نظرن سان سندن پيڇو ڪندو رهيو. جيستائين عالم سڳورا ان حوض کان ٿيندا ’ايل ايريا‘ جي گهٽين ۾گم نه ٿي ويا . هو سوچڻ لڳو، موهين جا اڏيندڙ ۽ هاڻي آثار بچائيندڙ گناهگار آهن؟... شهر کي تباهه ڪرڻ ۽ آثارن کي ميسارڻ وارا ثواب ڪمائيندڙ آهن يعني ٺاهڻ گناهه ۽ ڊاهڻ ثواب آهي. سندس اندر ڪڻڪ جي داڻن جيان، ڄڻ جنڊ جي ٻن پڙن وچ ۾ ڏڏرجندي پئي ويو. اندرئين ڪشمڪش جي ڪري هن جا ويڪرا ۽ سڌا پٺا هيٺ لڙڪي پيا هيا. کيس محسوس ٿي رهيو هيو ڄڻ هو صدين جو گناهگار آهي.
هو پاڻ گهليندو اترئين پاسي واري ڏاڪڻ تان هيٺ لهي’ايس ڊي ايريا‘ جي گيٽ ڀرسان ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان بيهي گناهن ۽ ثوابن جي ڳڻ ڳوت ۾ لڳي ويو..........اوچتو ”ڊز!... ڊز!...ڊزڪ، ڊز!...“ جي ڌماڪيدار آوازن تي سچيڏني کان ڇرڪ نڪري ويو. هن ڏٺو ته پنجاهيڪو کن نوجوان هڪ مِني بس تان هيٺ لهي، گيٽ طرف ڌوڪيندا اچي رهيا هيا. ڪجهه نوجوانن کي هٿن ۾ ٽيپ رڪارڊر هيا، جيڪي فل آواز سان وڄي وايو منڊل ۾ ٿرٿلو پيدا ڪري رهيا هيا. هن سندن افعالن مان اندازو ڪري ورتو هيو، ته پڪ سان اهي ڪاليجي شاگرد هوندا. هن ڏٺو ته گهڻن نوجوانن اسٽوپا ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ تان چڙهڻ مناسب نه ڄاتو، ٺهيل ٺڪيل پيچرن تي هلڻ بجاءِ پنهنجا نوان گس ۽ پيچرا جوڙڻ لڳا. جنهن ڪري ڪيتريون ئي سرون جيڪي رڳو اٽڪاءَ تي بيٺيون هيون، پنهنجين جاين تي ٿڙندي هيٺ ڪري چڪيو هيون. نه چاهيندي به هو هيانءَ جي ڏڍ تي سندن پٺيان هلڻ لڳو. سمورا نوجوان ’ايس ڊي ايريا‘ کي ائين ورائي ويا هيا ،ڄڻ ڪنهن وڏي ڀاڄ کانپوءِ خالي شهر غنيمن جي ور چڙهي ويو هجي. حوض وارو پاسو ڄڻ ميدانِ جنگ بڻجي چڪو هيو، جتي نوراڪشتي کان وٺي مارشل آرٽ جو مظاهرو ٿي رهيو هيو. مضبوط سرون به پنهنجين جاين تان ٿڙڪي ۽ پٽجي کين داد ڏيئي رهيون هيون. انهن مان ڪجهه نوجوان جيڪي فنڪارانه طبعيت جا مالڪ ۽ ويڙهه کي انسان جي بري جبلت سمجهند هئا؛ تن اسٽوپا جي ڪچي پڳوڙي تي وڃي ديرو دمايو هو. انهن مان هڪ جوڙي فنڪارن جي اسٽوپا جي پڳوڙي تي بريڪ ڊانس ڪندي فوٽو ڪڍرائي رهي هئي. سچيڏني اهو سمجهندي به ته سندس ميڙ منٿون بي اثر ثابت ٿينديون، پر پوءِ به عادت کان مجبور ٿي اڳتي وڌيو هو. هن انهن شوخ ۽ چنچل ڇوڪرن کي جيڪي ڀت تي ڦيراٽيون پائيندي ۽ بدن جي هڪ هڪ انگ کي ڦڙڪائيندي پڳوڙي جا چاپڙ لاهي رهيا ها، تن کي ايلاز ڪرڻ شروع ڪيا:
او پُٽ!... ٻيلي، الله جو نالو ٿَو، ..... هي! ..... هي ته ڏسو ڪيئن نه پڳوڙو ڀور ڀور پيو ٿئي!؟
چاچا!... اسان، توکي موئن جي دڙي جي نچڻيءَ وانگر نٿا لڳئون؟...“، نوجوانن نچڻيءَ جو پوز ٺاهيندي پڇيس.
ها، ابا!... ان کان به وڌيڪ پر.....“
باءِ گاڊ!... تو به ڪنگ پريسٽ کان گهٽ ڪونهين ..... هلي آ ته گڏجي ڊانس ڪيون“. هڪڙي نوجوان فنڪار، رقص جي دعوت ڏيندي، چيس.
ابا، مان ڇا ڄاڻان،انهن ڳالهين مان...“
چاچا، سون جو پٽُ ڪاڏي ڪيئه؟“، ٻئي نوجوان خوامخواه چيڙائڻ لاءِ سوال ڪيس. سچيڏني خاموشي ۾ عافيت سمجهندي، کين ڪوبه جواب نه ڏنو. فنڪار نوجوانن جهمريون پائيندي، سچيڏني کي چيڙائڻ واري انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو.
سچيڏنو مٿين کان نا اُميد ٿي هيٺ حوض واري پاسي لهي آيو هيو. هڪ نوجوان جنهن کي گهيريدار سفيد سٿڻ ۽ بوسڪي جي قميص پهريل هئي. هو نيپولين بونا پارٽ جيان ٻئي هٿ پٺتي ڪيون، انهيءَ ويڙھ واري مظاهري مان لطف وٺي رهيو هيو، تنهن کي پاسو ڏيندي چيائين، ”پٽ، تون سياڻو سيبتو ٿو لڳين، هنن کي جهلين نٿو!“
چاچا، اهي چريا پٽ هن، نه مڙندا!“، ان کيس ٺپ جواب ڏنو.
ابا، پڳوڙو ڊهي پوندو ته ڄڻ مونهين جو موڙ ٽٽي پوندو ... اهو سڀ ڪجهه توهان جو ته ورثو آ، توهان پاڻ خيال نه ڪندءُ ته ٻيو ڪير ڪندو؟...“
تون دل نه لاهه چاچا!... جي ڀڄي پيو ته سڄو اسٽوپا، سيمينٽ يا سنگ مرمر سان ٺهرائڻ جو حڪومت کان مطالبو ڪبو... اڄڪلھ پنهنجي حڪومت آ، سڄي سنڌ کي موئن جو دڙو بڻائي سگھون ٿا، تون خوامخواه پريشان نه ٿي!“
پر ابا، اهي آثا... رڙا.. ته نه رهندا نه؟...“، هن نهايت عاجزيءَ سان کيس عرض ڪندي چيو.
ڀيڻان، مٿو ئي چٽي ويو آن!... پنهنجي ورثي جي حفاظت ڪرڻ اسان جو ڪم آ يا تنهنجو؟ ..... اسان تي هتي اچي مئلن جي شهر کي زندگي بخشيون ٿا، تنهنجي آ جو ٽر!ٽر! لڳي ٿي وڃي!“، نوجوان سچيڏني تي چڙي پيو.
وڏا ڇا هي؟“، ٻيو نوجوان جيڪو پرڀرو زور زور سان ٽهڪ ڏيئي رهيو هو، تنهن ڪنڌ ڦيرائي پڇيس.
ڪجهه ناهي، مڙيئي ڪُراڙي کي ازل کنيو آ!“
لاهيونس ڀلا ڇنڇري!؟“، ٻي نوجوان ڄڻ اجازت گھرندي وراڻيس.
سچيڏني ڇنڇري لهرائڻ کان اڳ ئي کڙين تي زور ڏنو ۽ اسٽوپا جي اترئين پاسي واري ڏاڪڻ تان لهي، ”ايس ڊي ايريا“ جي سامهون واري باغيچي ۾ اچي ساهي پٽي هئي. هو ڪنهن ڊنل سهي جيان سهڪي رهيو هو. هن جي دل وري هڪ انوکي سڌ ڪئي هئي ته ڪاش! هن کي ديون جيڏي طاقت هجي ها، ته مونهين کي ڪنهن چڪيءَ جيان پٽي ڪنهن سانتيڪي جوءِ تي رکي اچي ها. جڏهن سڌن جي تصور مان نڪتو ته ٻانهن ۾ پاتل سستي گهڙيءَ تي نظر وڌائين. پورا ٻه وڳا هيا. هو ماني کائڻ لاءِ باغيچي ۾ رکيل ڪاٺ جي بئنچ تي اچي ويٺو. پاسي واري کيسي مان، رومال ۾ ويڙهيل چانورن جا ٻه سنها چِلا ۽ ڳڙ ڪڍي کائڻ لڳو. هن ماني کائيندي ٻٻرن جي پاڙ ۾ رکيل مٽ مان پاڻيءَ جا ٻه ٽي گلاس هڪ ٻئي مٿان ڏوگهي ورتا هيا، ڄڻ اڌ ڏينهن ۾ مليل توائين جي تاس اجهائڻ پئي چاهيائين. اڄوڪي اٻاڻڪائي ۽ نراسائي کيس ڪٿان جو ڪٿان نيو پئي ويئي. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪري؟... هن پنهنجي منهن ڀڻڪڻ شروع ڪري ڏنو ڄڻ پاڻ کي متيون ڏيندو هجي:
ڪنهن ڪنهن کي سمجهائيندي سچيڏنا!..... ڪنهن ڪنهن اڳيان ليلائيندي؟..... هتي جو هڙيئي ڪفن چور... وڏڙن جي وٿ لوئڻ ۽ لٽڻ وارا ... خبر به اٿئي ته مٿان کان هيٺ ائين ڪم پيو هلي... تون به ٻين وانگر هاهڙ هوهڙ ۽ لپڙ سپڙ ڪري ڪم ٽپاءِ ... ڪنهن لاءِ جهوراڻو؟..... ڇا لئه اُسڙڪڻ؟.... اجايو لالانگهرو ته اڪن مان انب ملندا ۽ ٻٻرن مان ٻير؟... هي لکيل پڙهيل جاهلن جو ملڪ آ...“، هن پاڻ جهيڙيندي گهرو ساهه کنيو، پوءِ وڏي پيڙا ۽ اذيت پسنديءَ سان آخري فيصلو ڪري ڇڏيائين:
اڳتي ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪبو... هاڻي جاڙي به جڳ سان !.... “
اهڙي فيصلي کانپوءِ کيس ائين لڳو ڄڻ سندس سالن جي پيڙا ۽ پريشاني ختم ٿي وئي هئي ۽ کيس تڙپائڻ ۽ ترسائڻ لاءِ ڪجهه به نه رهيو هيو. ڪاٺ جي بئنچ کي ٽيڪ ڏيئي اڦرو ٿيو پئي اوجهريو، ته سيلنسر ڦاٽل سوزوڪي وين بوهيارا ڪندي، ’ايس ڊي ايريا‘ جي گيٽ تي اچي بيٺي. هن جون ٻوٽيل اکيون وري پٽجي ويون. هن ڏٺو ته ڳاڙهي رنگ جي کليل سوزوڪي وين مان پنج ڇهه همراه ڌوڙ هنيا ڪپڙا ڇنڊيندي گيٽ وٽ لهي چڪا هيا. هن سندن ڪارين الفين، رنگين چتين وارين ٽوپين، ساون ڳاڙهن ڳانن ۽ ٻانهن پهريل ڪولابن مان اندازو لڳائي ورتو هو، ته همراه فقيري خيال جا آهن. شايد ڪنهن درگاه يا ميلي تان موٽ ڪئي هيائون. اهي سڀيئي سٻيليا ٿيا، ڪرڙوڍ فقير جي اڳواڻي هيٺ مست هاٿين جي ٽولي وانگر جهومندا، اسٽوپا ڏانهن ويندڙ ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳا.
کين ڏسندي سچيڏني جو من وري بي چين ٿي ويو. هو دليون هڻڻ لڳو، سندن پٺيان وڃڻ گهرجي يا نه؟... سندس هڪ دل چيو، ”نه اجايو ڪهڙو فائدو پٺيان لڳڻ ۾ ..... رهندو سهندو دل ڏکائي وجهن ته پوءِ؟....“ٻي دل چيس، ”ڪهڙي خبر متان اهي گهر گنڀير ۽ دلڌير هجن ..... ڪک هيٺان لک پيو آهي. من انهن وٽ ڪا ٻڌ سڌ هجي، ته مونهون پاپ نگر نه پر پريم نگر هيو.
سچيڏنو اندر ۾ ڦٿڪندو، ڏجهندو، ڪُرڪندو، پنهنجي عادت کان مجبور ٿي سندن پٺيان رڙهڪڻ لڳو. ڪرڙوڍ فقير، آخري ڏاڪڻ تي رسندي هڦجي پيو هيو، ”يا حسين، نانگا! ڏاڍي چڙهائي آ!؟
هائو باغ علي فقير!“، نانگو جنهن کي صرف ڪاري الفي اوڍيل هئي، تنهن سهڪندي جواب ڏنس.
ڪجهه ساهي پٽڻ کانپوءِ فقيري لڏي ، اسٽوپا جي مٿانهين حصي تي چڙهندي خوشيءَ مان نعرو هنيو، ”حق، حق!.. نور شاه !... ڪچي ۾ به باه!.... ته پڪي ۾ به باه !... “
نانگي فقير ڪلهي ۾ لڙڪيل نفيل جي سورخدار چوٽيءَ کي چپن تي چاڙهي ڦڦڙن جي پوري طاقت سان ڦوڪ ڏني ته نفيل جو آواز گونجڻ لڳو، ”اون .... اون... او...ن ... ترڙوت!... ترڙوت... ترڙوت!“
صدقاڙي، صدقا نانگا!“ ، سڀني فقيرن کيس دل سان داد ڏنو.
ابا، هاڻي هيءَ ٿو راجا موهين جي نگري“، وڏي فقير ڪاري ڏنڊي سان اشارو ڪندي سڀني فقيرن کي ٻڌايو.
هائو ، باغ علي فقير!؟“، سڀني حالين موالين عجب کائيندي پڇيس.
وڏا فقير، هن نگريءَ کي ڪنهن اونڌو ڪيو هيو؟“، هڪ ٻئي فقير آثارن کي پنهنجي پر ۾ اونڌو سمجهندي سوال ڪيس.
پنهنجي مرشد، ٻيو ڪنهن!“
ڪيئن؟
اهو هيئن ته راجا هيو، وڏو آڙيڪاپ. جڏهن به ڪنهن نئين نويل ڪڃري تي عاشق ٿيندو هيو، ته ان کي اصلي هتي، جتي اسان بيٺا آهيون گهرڙي گهوٽي پي ڇڏيندو هيو“.
ڀلا، ڇ ..... ڇ..... ڇوڪرو وڏا فقير؟“، هَڪڙ ۽ قديلي ملنگ جنهن کي کٻي ڪن ۾والو پيو هيو، تنهن کان ازخود نڪري ويو.
ملنگ ، توکي ته رڳو پنهنجي!“، وڏي فقير ٿوري پيار واري خار کائيندي چيس، ”ٿي سگهي ٿو، اهو تو وارو شوق به ڪندو هجي... شوق جي ته ڪا بها ئي ناهي نه بابا!“
ٻين فقيرن انهيءَ ملنگ کي نظر انداز ڪندي وڏي فقير کي لاڳ ڏيندي چيو، ”ڇڏ، انهيءَ کي وڏا فقير.... جيءَ بابي کي چوان!.. توهان راجا آڙيڪاپ جي ڳالھ پئي ڪئي؟
وڏي فقير وري قصي کي اتان کنيو، جتي ڇڏيو هيائين، ”پوءِ ڇا ٿيو جو، هڪڙي ’آنگيلي‘ نالي ڪڃري هئي پنهنجي مرشدنور شاه جي، تڙ ڏاڏي سائين مور شاه جي مريدياڻي. اهڙي جھمريل هئي، جو جھمر هڻي ته مئلن ۾ به ساه پئجي وڃي. ناز نخرا ۽ انگل ڪري ته چڱي ڀلي ماڻهوءَ کي ڇتو ڪري ڇڏي!“
اها مولائڻ... وڏي مرشد سائين جي مريدياڻي ڪيئن ٿي؟“، سوزڪي جي لسڙاٽ ڊرائيور، جيڪو باغ علي فقير جو نئون چڳ وڍيو مريد ٿيو هيو، تنهن پڇيس.
اهو وڏو قصو آ، محبوب سائين!“، وڏي فقير نئين مريد کي اک هڻندي، حال في الحال راز کي راز ۾ رهڻ اجو اشارو ڪيو ۽ پوءِ قصي کي اڳتي وڌائيندي ٻڌايائين، ”جڏهن ان آڙِيڪاپ راجا آنگيليءَ جو ناچ ڏٺو ته صفا گگ ڳڙي پيس. پوءِ ڇت-ڪتائي ۾ اچي ان مولائڻ جا سمورا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيئين
اها نه جنهن جو بت ٻاهر باغيچي ۾ به لڳل آ، اُگھاڙي لڳي هٿ ۾ وٽو جھليون بيٺي آ“، نانگي فقير پڪ ڪرڻ خاطر پڇيس.
او اِها، واه جو سڃاتو ٿسين!“، باغ علي وراڻيو.
پ....پوءِ؟“، هڪڙَ ملنگ تجسس وچان پڇيس.
پوءِ ته وٽو گوڏي تي رکي ڪرئين ٿي سائين کي سڏ، ته آءُ منهجا مور، تنهنجي گھر ۾ گھڙني ٿا چور!.... سائين مور شاه ته واقعي چورن مٿان مور هيو، ڪا گھٽ ڳالھ ته ڪو نه هئي نه؟.. جلال ۾ اچي، هيئن جو ڏنڊو کڻي ڦيرايائين ته سڄو ملڪ ئي اونڌو!“، وڏي فقير جو ڏنڊو اسٽوپا جي پڳوڙي جي ڏاکڻي پاسي اٽڪاءَ تي بيٺل چاپوڙي کي ٺڪاءُ ٿي ويو. سچيڏني کان لاشعوري طور تي رڙ نڪري وئي،”ابا، فقير! خيال سان!“
ڀت ۾ ڪٻر، تون وري ڪير آن؟“، باغ علي فقير کي هن جي اوچتي وچ ۾ ٽپي پوڻ تي بڇان لڳي.
فقير سائين مان سرڪار طرفان هن هنڌ جي رکوالي ڪندو آهيان“، سچيڏني کيس ٻڌايو.
رکوالي ڪبي آ ميخانن ۽ مڪانن جي ... هيءَ ڪهڙي رکوالي ٿو ڪرين؟..... هڻ نعرو، ٿيءَ مريد ته ٺاهيون ميخانو هتي... پوءِ ڏس رنگ مولا جا... ڇا ٿي مرضي؟“، باغ علي فقير کائنس عجيب قسم جو سوال ڪري ششدر ڪري ڇڏيو.
سڀئي فقير ”برحَق!“ چوندي سچيڏني تي کلڻ لڳا. سچيڏني باغ علي فقير جي ڏنل صلاح جو ڪوبه جواب نه ڏنو، خاموشيءَ مان رڳو سندس منهن تڪيندو رهجي ويو.کيس اها خبر هئي ته اڄڪلھ اهي مجاور چورن ۽ ڌاڙيلن جون نانيون ۽ ڇاڙتا آهن ، ان ڪري انهن سان ڊيگھ ڪرڻ اجائي آهي.
پوءِ ڇا ٿيو مولائڻ جو؟“، هَڪڙ ملنگ، جنهن غور سان قصو پئي ٻڌو، تنهن باغ علي فقير کان تجسس منجهان پڇيو.
شينهن فقير!... مرشد رڳو ان مولائڻ کي سرنگهه ٺاهي جيئدان ڏنو، باقي ٻيا منڪر راجا آڙيڪاپ سميت اصلي ڪٽو ٿي ويا.“
ح....حق، ح...حق مور ش..شاه بادشاه!...ھ..هِتي به و..وه واه !..ته..ته هُتي به وه واه !“، شينهن فقير هٻڪي هٻڪي نعره هڻندي وراڻيو.
ڀلا ان سرنگهه جو ديدار وٺندءِ؟“، باغ علي فقير سڀني فقيرن کان پڇيو.
ها نه، بابا!... مرشدي سرنگهه ڪيئن نه ڏسبي“، سڀني فقيرن هڪ آواز ٿي وراڻيو.
پوءِ اهو فقيراڻو ٽولو ٽاڪ منجهند جو، مرشدي سرنگهه جي ديدار لاءِ اسٽوپا تان هيٺ لهي حوض طرف هليو ويو، جتي قديمي حوض جي ڀر ۾ پڪ سري ڍڪيل وڏي نالي ٺهيل هئي.
سچيڏنو سندن گفتگو ٻڌڻ کانپوءِ خيالن جي ٻوڏار ۾ اچي ويو. مايوسي وچان وَرن وَرن ٿيل چهري سان هن اڃا لهڻ جي پئي ڪئي، ته اسٽوپا جي ڏاکڻي پاسي ايل ايريا کان ٻهراڙيءَ جا ڇهه ڳڀرو ٽهڪ ڏيندا ۽ تاڙا ملائيندا اچي رهيا هئا. مٿن تي ڳاڙها ٽوپ، ڪلهن تي ڪارا رومال، نيون گوڏيون پهريل، دُڙڪَ هڻندا اچي اسٽوپا تي پهتا. سچيڏني کي هميشه وانگر اُميدن جا اجايا ونگ پيرن ۾پئجي ويا. بيهي رهيو انهيءَ خواهش ۾، ته من انهن وٽان ڪو اهڙو قصو ٻڌي، جنهن کي ٻڌي سندس دل باغ و بهار ٿي وڃي.
مساڳ لڳل، ڪاري قميص ۽ ريشمي گوڏ پهريل نوجوان جنهن جي عمر ويهن پنجويهن جي وچ ۾ هئي. تنهن اسٽوپا جي چوٽيءَ تي چڙهندي هڪ وٽر سٽر جوان کي ٻڌايو، ”قادو ڪمينا، هي ٿئي مونهون!“
ڀلا، هي جنهن تي بيٺا هون، اهو ڇاهي، جانو ڀڙوا؟،“ قادو جيڪو هن جُوءِ کان ڪجهه اڻ واقف پئي لڳو، تنهن گار جو جواب گار سان ڏيندي پڇيس.
هي بادشاهي ڪوٺو آ، قادو!“، جانوءَ جواب ڏنس.
بادشاهه ڇا ڪندو هو، ڪوٺي تي؟
شام جو بادشاهه ڪوٺي تي بيهي تاڙ ڪندو هو“.
ڇا جي؟
ٻي ڳڀرو چٿر ڪندي ٻڌايس، ”اڙي چريا! تاڙو هو رنن جو، ٻيو ڇا!؟....“
ها ائين چئه نه خيرا... هاڻي ڳوٽ ڀڳي“، قادو سمجهندي پوءِ پڳوڙي جي اولهائين ٽنگڙي ۾ منهن هڻندي پڇي ويٺو، ”اڙي، هي کلڳو ڇا جو آ؟
اتان وري هود (حوض) ڏي تاڙ ڪندو هو“، ٽين همراه جواب ڏنس.
هود ۾ ڇا ٿيندو هو؟“، هو سوالن مٿان سوال ڪندو ويو.
ائين سمجهه ڄڻ پار وارو رامي جو تڙ ۽ ڀيلياڻيون.... “، خدوءَ مام ۾ سمجهايس.
الا!...“،نوجوان کان رڙ نڪري وئي، ڳالهه سمجهه ۾ آيس ته چيائين، ”چئبو ته اسان واري چڱي مڙس گهرام جهڙو ٽِسينگ حرامي هو نه!....“
گهرام جي بات آ“، جانوءَ سندس مثال کي اڃا کٽل سمجهندي وراڻيو.
پوءِ ته بادشاهه جا لاٺڙيا مزي ۾ هوندا“، قادو ٽنگا ٽيڙي، چڏا کنهندي رايو ڏنو ۽ پوءِ جانوءَ کان پڇيائين، ”اڙي جانو، هن ڀت تي چڙهان ته پار نظر ايندو؟
چڙهي ڏس، ادا!.... متان پنهنجوڳوٺ نظر اچئي، مهينا ٿيا ٿي ڳوٺان نڪتي“، جانوءَ ساڻس ڀوڳ ڪندي، ٻين کي کلائي وڌو.
سچيڏني نوجوان کي زور سان رڙ ڪندي منع ڪئي، ”اڙي ابا نه چڙهجانءِ ان تي!“
اڙي چاچا، ڇو ٿو روڪينس، عمر ڀتن تي چڙهندي گذري ٿس، ڪونه ڪرندو“، جانوءَ ڀتين تي چڙهڻ جو تجربو ٻڌائيندي چيس.
پر ابا، هيءَ اها ڀت تي ڪونهي .... هيءَ ته .....“
چاچا، خبر آ باشاه جي گهر جي ڀت هوندي. پر ڪي جوان ته اتان به نه مڙيا هوندا“، جانوءَ مساڳ لڳل چپن مان اڇا ڏند ڏيکاريندي وراڻيس. قادو ڇال ڏئي پڳوڙي تي چڙهي بوٽ سان ڪچي گاري ۽ سِر جو چڱو ڀلو ٽڪر لاهي وڌو هو.
اڙي پار ته ظاهر ڪونه ٿو ٿئي، رڳو ٻيٽهرو ٿو نظر اچي!“، قادوءَ ڀرنئن تي ساڄي هٿ جو ڇاڄو ٺاهيندي اوڀر طرف جھُوھ هڻندي چيو.
اڙي، لهه ته هڻنئي نه شمون گولي!.. اڳيئي آهيو ڏورڻي، اڄڪلهه نبن وارن سان انهيءَ ٻيٽهري ۾ ويٺو ٿي!“، جانو چيڙائيندي چيس.
اڙي تنهجي دعا کپي ... شمون ٿو گولي هڻي!... ٻه ٽي ڪچيون پنڊيون ميمڻ، شيخ ۽ واڻيا کڻي مڙس ماڻهو ٿي ويو آ... ائين ڪڏهن اچي ويو نه، پنهنجي ور ۾، ته بشٽ ئي هڪڙو هڻندو مانس!“، قادو گجندو هيٺ لهي پيو. پوءِ هڙيئي ڳڀرو جوان جيئن تيزيءَ سان آيا هيا، تيئن دڙڪ هڻندا واپس هليا ويا.
سچيڏنو سمجهي چڪو هو ته هڙيئي همراه، پهريائين ڪچي جا ڪاٽڪو ۽ هاڻي ڀاڳيلا آهن. سندن ڪرتوتن جي ڪري ڪيترا بيگناهه گولين جو بَک بڻجي ويا. ڪيترن کي پنهنجا پراڻا پکا ڇڏڻا پيا ۽ هاڻي پڪي تي در در جون ٺوڪرون پيا کائين. سچيڏني کي پنهنجا سور ياد اچي ويا، ته ڪيئن نه پوليس آپريشن دوران سندن گهر ٻهارجي ويا، ڍور ڍڳا ڪاهجي ويا. آخر گهرن کي باهيون ڏيئي ڏيکاريو ويو، ته انهن ڌاڙيلن جا ٿاڪ ساڙيا آهن. نه کٽڻ وارا سور ياد ڪندي کيس وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهيو هيو.
هن جڏهن پنهنجي گهڙي تي نظر وڌي ته شام جو ساڍا چار ٿي رهيا هيا. باقي سندس سرڪاري ڊيوٽي ختم ٿيڻ ۾ اڌ ڪلاڪ هيو. هو اڄوڪي ڏينهن تي ايندڙن کان گهڻو مايوس ٿي چڪو هيو. ڇو ته هن اڄ ٻڌي هئي ته رڳو ٺٺول ۽ چٿر، جي محسوس ڪئي هئي ته بي حسي ۽ بيوسي. پر پوءِ به آس جي ڏياٽي اڃا سندس دل ۾ جهمڪا ڏيئي رهي هئي. اوڀارين پاسي کان اسٽوپا جي ڇانو ۾ بيٺي ڄڻ آخري ٽولي جو انتظار پئي ڪيائين ، انهيءَ آسري ۾ ته من ڪو سج لهڻ کان اڳ سندس آس جي ڏياٽي ۾ ڪو اُميدن جو تيل وجهي وڃي.
آخر ڪار هن کي’ايس ڊي ايريا‘ جي سامهون روڊ تي ٻه گاڏيون بيهندي نظر آيون. هڪ ڊبل ڪيبن گاڏيءَ مان رعب تاب سان فل سوٽ پهريل مرد، ميڪ اپ سا ڀرپورساڙهي پهريل اڌيڙ عورت ۽ پينٽ شرٽ پهريل سمارٽ ڇوڪري لٿي. ٻي گاڏيءَ مان هڪ عام شلوار قميص پهريل همراه، جنهن جي هڪ هٿ ۾ پاڻيءَ جو ڪولر ۽ ٻي هٿ ۾فروٽ جي ڇلي هئي ۽ ٻه ڪلاشنڪوف بردار باڊي گارڊ لٿا، جيڪي سندن پٺيان پٺيان وڏي عزت ۽ احترام سان اچي رهيا هيا. هن پنهنجي تجربي مان اندازو لڳائي ورتو هيو، ته اسٽوپا تي ايندڙ هي آخر ٽولو، سياسي يا آفيسر گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. جڏهن اهو ٽولو آهستي آهستي اسٽوپا ويجھو ٿيو، ته ساڙهي پهريل عورت کي اُڃ لڳي چڪي هئي. هن دانهن ڪئي، ”اڙي گلو! پاڻي ته پيار!“ گلو ڪولر هيٺ رکي ”حاضر بيگم صاحبه !“، چئي باادب ٿي گلاس ڀري ڏنو .
تنهن کانپوءِ فل سوٽ پهريل همراه گلوءَ کي حڪم ڏنو، ”گلو! ڇليءَ مان فروٽ ڪڍ!“
حاضر صاحب!“ چوندي، گلو ڇليءَ جو منهن کولي فروٽ ڪڍي سڀن کي ڏنو. سڄي اسٽوپا تي ڪيلن ۽ نارنگين جون کلون وکري ويون. انهن جي انهيءَ روش تي سچيڏنو بيٺي بيٺي حيران ٿي رهيو هيو، ته هي اسٽوپا ڏسڻ آيا آهن يا پڪنڪ ملهائڻ!؟..... کائڻ پيئڻ کان فارغ ٿي اهو گهراڻو اسٽوپا جي مٿانهين هنڌ تي اچي بيٺو هيو ۽ آٽوميٽڪ ڪيميرا سان فوٽو گرافي ۾ مشغول ٿي ويو. بيگم صاحبه ۽ سمارٽ ڇوڪري مختلف پوز ٺاهي پئي فوٽو ڪڍرايا.
پاپا !... هڪ فوٽو، هن ديوار تي ٿي وڃي!“، سمارٽ ڇوڪري، پڳوڙي تي بيهي فوٽو ڪڍڻ جي خواهش ڏيکاري.
نو بيبي!... چوٽ لڳندي“، صاحب، ڇوڪريءَ کي منع ڪندي چيو..
پاپا پليز!؟... “، ڇوڪري زور ڀريندي چيس.
ڇڏيس، ڀلي چڙهي فوٽو ڪڍرائي!.. ان ۾ ڇا هي!“، بيگم صاحبه، صاحب جي منع واري حڪم کي رد ڪندي چيو.
اوڪي بي بي !... بٽ ڊونٽ بي ڪيئرليس!“، صاحب، ڇوڪري کي اجازت ڏيندي تاڪيد ڪئي .
ٿينڪ يو پاپا!“، ائين چئي نوجوان ڇوڪري پڳوڙي تي، پيرن ۾ پيل پينس ھيل کي کپائيندي چڙهڻ لڳي.
امان، او امان !.... تون سياڻي سيبتي، الله ڀاڳ ڀلو ڪرئي، نه چڙهه پڳوڙي تي.... نقصان ٿيندو منهنجي ماءُ!...“، سچيڏني جي بيٺل زبان ڄڻ ازخود اُٿلي پئي.
پاپا، هي ڏسو!... هي ڀائي جهلي ٿو!“، نوجوان ڇوڪري، صاحب کي دانهن ڏيندي چيو، ته باڊي گارڊ به اڳتي وڌي آيا ۽ صاحب جي حڪم جو شدت سان انتظار ڪرڻ لڳا.
صاحب پٺ ورائي، غيظ ۽ غضب ۾ سچيڏني کي ڏٺو ۽ پوءِ آڏي پڇا ڪرڻ شروع ڪيائينس،”اڙي ڪير آ، تون ڄٽ! ... هيڏي آءُ!“
سچيڏنو باادب ٿي سندس سامهون آيو ۽ جواب ڏنائين،”سائين، مان سائيٽ اٽينڊنٽ!“
ڊريس ڪٿي آ تنهنجي؟“، صاحب سوال ڪيس.
سائين چئن سالن کان نه ملي آ، صاحب چون ٿا ته هاڻي ڊريس جا پيسا بجيٽ ۾ نٿا اچن“.
اڇي ڏاڙهي ۾ ڪوڙ ڳالهائيندي شرم نٿو اَچئي .. کائو پاڻ هڻو آفيسرن تي!“، صاحب، آفيسر شاهي جو بچاءَ ڪندي ڇڙٻ ڏنس. هن کيس ڪو به جواب نه ڏنو، اهو سوچيندي ته واقعي صاحبن جو ڪوڙ به سچ هوندو آهي ۽ ننڍن ملازمن جو سچ به ڪُوڙ.
سروس ڪارڊ ڪٿي ٿئي؟“، صاحب کانئس ٻيو سوال ڪيو.
سچيڏني سروس ڪارڊ کيسي مان ڪڍندي، ڏڪندڙ هٿن سان صاحب کي ڏنو. صاحب سندس ڪارڊ تي سرسري نظر ڦيرائيندي پڙهيو:
نالو، سچيڏنو ولد ڀليڏنو، ذات درياڻي... عمر ۵۷ سال... سائيٽ اٽينڊنٽ .... گريڊ پهريون... ائڊريس، گهر پنهنجا، لڳ موهن جو دڙو.“
صاحب سندس ڪارڊ، نفرت سان اُڇلائڻ واري انداز ۾ موٽائيندي چيس، ”اڙي پهرين گريڊ جو ملازم ۽ ايڏو مٿو خراب!... تو کي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي عزت جو خيال ئي ڪونهي. توکي اهو ڪنهن سيکاريو آهي، ته تون اسان جي ٻارن تي حڪم هلائين ۽ کين ڊپريس ڪرين .... هان!؟....“
مان ته ايمانداري سان ڊيوٽي ٿو ڪيان، صاحب!“، سچيڏني هٿ ٻڌندي ڄڻ ته معافي گهرڻ واري انداز ۾ جواب ڏنو.
ڊيوٽي جا پُٽ!...... هليو وڃ هتان، نه ته اتي جو اتي اهڙا پادر هڻائيندوسانءِ، جو مالڪ به نه سڃاڻيندئي!“، سچيڏني کي سندس کُڙڪي ۽ رعب تاب مان هاڻ پڪ ٿي چڪي هئي، ته هو ڪو وڏو ماڻهو آهي، تڏهن ايڏو بدتميز آهي. هن ”حاضر سائين!“ چئي پويان پير ڪري اچي اترئين ڏاڪڻ جي منڍي تي ٿي بيٺو. هن پري کان نوجوان ڇوڪريءَ کي اسٽوپا جي پڳوڙي تي بيهي فوٽو ڪڍائيندي پئي ڏٺو ۽ ٻڌو، جيڪا چئي رهي هئي:
پاپا، هتان جا ڀائي بيوقوف هيا نه؟... جو بنا ڇتين وارين جاين ۾ رهندا هيا؟“ سمارٽ ڇوڪريءَ جي انهيءَ معصوم ۽ وڻندڙ اڻڄاڻائپ تي صاحب ۽ بيگم صاحبه کان بي ساخته ٽهڪ نڪري ويا هيا. اهڙيون ڪيئي وڻندڙ ۽ اڻڄاڻائپ واريون ڳالهيون سچيڏنو نه ٻڌي سگهيو هيو، جيڪي ان گهراڻي سندس ايريا ۾ گھمندي ڪيون هيون. ٿوريءَ دير کانپوءِ اهو آفيسر گهراڻو به سندس ايريا کي ڇڏي، گاڏين ۾ چڙهي، سندس اکين اڳيان الوپ ٿي چڪو هيو.
ڊيوٽي جو ٽائيم ختم ٿي چڪو هيو. ان ڪري سڀ سائيٽ اٽينڊنٽ پنهنجيون پنهجيون جڳهون ڇڏي چڪا هيا. ڪيوريٽر ۽ اسسٽنٽ ڪيوريٽر پنهنجي روزي حلال ڪرڻ خاطر، پهريون ۽ آخري چڪر ”ايس ڊي ايريا“ جي گيٽ تائين ڏئي هلياويا هيا. آهستي آهستي سج جا سونهري ڪرڻا اسٽوپا جي جھرندڙ پڳوڙي ۽ وڏي حوض جي ڀرندڙ ڀتين کي چميون ڏيندي موڪلائيندي پئي ويا. پر سچيڏنو سج لهڻ کان پوءِ به انهيءَ اجائي جُوفي ۾ جنبي ويو هيو، جنهن مان کيس ڪا به هڙ حاصل نه ٿيڻي هئي.


No comments:

Post a Comment