Tuesday, October 11, 2016

سُتل شهزادي - اياز قادري

سُتل شهزادي
اياز قادري
هڪڙو نيڪ ۽ سٺو بادشاهه، پنهنجي هڪ نيڪ ۽ سهڻي راڻيءَ سميت هڪڙي ملڪ تي حڪومت ڪندو هو. سندن ملڪ جون حدون پري پري تائين پکڙيل  هيون، جنهن ۾ سر سبز ٻنيون، سونا فصل، سفيد ڍنڍون ۽ ڀورا جبل هئا. ملڪ جا ماڻهو بادشاهه کان خوش هئا ۽ بادشاهه ماڻهن کان خوش هو. پر بادشاهه کي هڪڙو ڏک هو، جو هن کي سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود اولاد ڪو نه هو. اولاد نه هئڻ جو ڏک جيترو بادشاهه کي هو، ان کان وڌ اهو ڏک راڻيءَ کي به هو.


بادشاهه ڪڏهن ڪڏهن راڻيءَ کي چوندو هو ته ”جيڪڏهن اسان کي اولاد نه آهي ته ڇا ٿيو، اسان جا ماڻهو به ته اسان جو اولاد آهن؟“ ان تي راڻي چوندي هئي ”اها ڳالهه برابر آهي، ان هوندي به پنهنجو ٻار پنهنجو آهي، اسان کان پوءِ هن ملڪ جو بادشاهه ٿيڻ وارو به ته ڪو هجي!“
آخر ڌڻي هنن جو سوال ٻڌو ۽ سندن من جي مراد پوري ٿي. بادشاهه جي راڻيءَ کي هڪ ڌيءُ پيدا ٿي. ڌيءُ جي ڄمڻ  تي بادشاهه ڏاڍيون خوشيون ڪيون. شهزاديءَ جي ڇٺيءَ تي هن غريبن لاءِ وڏيون خير خيراتون ڪيون. وزيرن ۽ اميرن لاءِ ڌار وڏي دعوت ڪئي. جنهن ۾ هن، ملڪ ۾ رهندڙ ستن پرين کي به سڏ ڏنو. بادشاهه جي ملڪ ۾ هڪڙي پوڙهي پري به رهندي هئي جنهن کي سڏ ڏيڻ جي ڳالهه بادشاهه جي دل تان لهي وئي.
ڇٺيءَ واري رات جڏهن سڀ مهمان، ستن پرين سميت اچي ڪٺا ٿيا ته پوڙهي پري به دعوت ۾ هلي آئي. پوڙهي پريءَ  کي انهي ڳالهه تي ڏک ۽ ڪاوڙ هئي ته بادشاهه هن کي دعوت ۾ ڇو نه سڏيو هو. جڏهن دعوت کائي مهمان واندا ٿيا  ۽ کيل تماشا پورا ٿيا ته بادشاهه ستن پرين کي سوکڙي ڏيڻ لاءِ جيڪي سَت سونيون صندوقڙيون ٺهرايون هيون، ڏنيون. اهو ڏسي پوڙهي پري سڙي وئي. بادشاهه گهڻو ئي چاهيو ته هن کي به اهڙي صندوقڙي سوکڙي طور ڏئي پر ايتري ٿوري وقت ۾ صندوقڙيءَ جو تيار ٿيڻ مشڪل هو،تنهنڪري هن کي ٻي سوکڙي ڏنائين، جيڪا هن قبول نه ڪئي.
موڪلائڻ وقت سڀ پريون شهزاديءَ کي دعا ڪرڻ لاءِ ان جي چوءگرد اچي بيٺيون. انهن مان هڪ پريءَ سمجهيو ته پوڙهي پري ضرور شهزاديءَ کي بد دعا ڏيندي، تنهنڪري پٺتي ٿي بيٺي، جيئن پوڙهي پريءَ جي بد دعا کان پوءِ شهزادي کي اهڙي دعا ڏئي جو بد دعا جو اثر گهٽجي وڃي.
هر ڪنهن پريءَ، واري سان شهزاديءَ کي دعا ڏني پر جڏهن پوڙهي پريءَ جو وارو آيو ته ان رڙ ڪري چيو ”شهزادي! منهنجي دعا آهي ته جڏهن تون جوان ٿيندينءَ، تڏهن تنهنجي هٿ ۾ سُئي لڳندي ۽ توکي موت واري ننڊ نصيب ٿيندي!“ ان کانپوءِ جيڪا پري پٺتي بيٺي هئي، سا اڳتي وڌي ۽ چيائين اي شهزادي! تو کي سُئي لڳڻ کانپوءِ جيڪا ننڊ ايندي اها هميشه لاءِ نه هوندي پر هڪ سئو سال هوندي پوءِ هڪ شهزادو ايندو، جيڪو اچي تو کي ننڊ مان اٿاريندو.“
پوڙهي پريءَ جي بد دعا کانپوءِ بادشاهه جي حڪم سان محل جون سموريون سيون نديءَ ۾ ڦٽيون ڪيون ويون.
شهزادي جڏهن چوڏهن سالن جي ٿي ته محل ۾ گهمندي گهمندي هڪڙي ڪمري ۾ آئي، جتي هن جي پوڙهي نوڪرياڻي سُئيءَ سان ڪپڙو سبي رهي هئي. سُئيءَ کي ڏسي، شهزادي حيرت ۾ پئجي وئي  ۽ سئي هٿ ۾ وٺي، ان کي ڌيان سان ڏسڻ لڳي ته سئي شهزادي جي آڱر ۾ چڀي وئي. سئي لڳڻ سان شهزادي بيهوش ٿي ڪري پيئي. بادشاهه ۽ راڻي ڊوڙندا آيا. ڊاڪٽر ۽ طبيب گهرايا ويا، پر ڪجهه به فائدو نه ٿيو.
بادشاهه چيو؛ ”اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون، ڇاڪاڻ ته پرين جي ڳالهه پوري ٿيڻي آهي. شهزادي سئو سالن تائين ننڊ ۾ هوندي!“
بادشاهه شهر کان پري شهزاديءَ لاءِ هڪڙو محل شاندار جوڙايو، جنهن جي هڪڙي ڪمري ۾ نرم هنڌ تي شهزاديءَ کي سمهاري ڇڏيو، شهزاديءَ جي سمورن نوڪرن کي شهزاديءَ جي سنڀال لاءِ اتي رهايو، محل جي حفاظت لاءِ سپاهي بيهاري ڇڏيا. جڏهن اهو ڪم پورو ٿيو ته پوئين پري، بادشاهه وٽ آئي ۽ کيس چيائين ”تو جيڪي ڪيو آهي، سو ٺيڪ ڪيو آهي، هاڻي باقي ڪم آئون ٿي پورو ڪريان جو جنهن وقت شهزادي ننڊ مان جاڳي، ان وقت پاڻ کي بلڪل ڌارين ماڻهن ۾ نه ڏسي ۽ پاڻ کي اڪيلو نه محسوس ڪري.“
ائين چئي هن ڪجهه پڙهيو، جنهن جي جادوءَ جي اثر هيٺ محل ۾ جيڪي به ماڻهو ۽ جانور جتي به هئا، اتي انهن کي ننڊ وٺي وئي. ان کانپوءِ هن وري ڪجهه پڙهيو ته محل جي چوءگرد هڪ وڏو جهنگ پيدا ٿي ويو، جنهن جي وڏن ۽ گهاٽن وڻن ۾ محل لڪي ويو.
وقت گذرندو ويو، بادشاهه ۽ راڻي مري ويا. ان ملڪ تي ڪنهن ٻئي بادشاهه اچي حڪومت ڪئي. هڪڙي ڏينهن اُن بادشاهه جو پٽ شڪار ڪندي، ان جهنگ وٽ اچي پهتو ۽ هڪڙو گهاٽو جهنگ ڏسي حيران ٿي ويو. شهزادو جڏهن محل ۾ موٽي آيو، ته هن شهر جي پوڙهن ماڻهن کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ ان جهنگ بابت پڇيو. هڪڙي پوڙهي شهزادي کي ٻڌايو ”مان جڏهن ننڍو هئس تڏهن منهنجي ڏاڏي مون کي ٻڌايو هو ته ان جهنگ ۾ هڪ محل آهي، جنهن ۾ هڪ شهزادي سُتل آهي، جنهن جي ننڊ سئو سال هلندي. ان کان پوءِ ڪو شهزادو اچي ان کي ننڊ مان اٿاريندو. شهزادا، هاڻي اُهي سئو سال پورا ٿيا آهن.“
شهزادو پوڙهي جي ڳالهه ٻڌي، اوڏانهن وڃڻ لاءِ روانوٿيو جڏهن هو جهنگ وٽ پهتو ته از خود جهنگ مان رستو پيدا ٿي پيو ۽ شهزادو وڌندو اچي محل جي دروازي وٽ پهتو. شهزادي ڏٺو ته محل جا چوڪيدار پهرو ڏئي رهيا هئا پر سڀ ننڊ ۾ هئا. جڏهن هومحل ۾ اندر ويو ته هن ڏٺو ته جيڪو ماڻهو جتي هو سو  اتي ننڊ پيو هو. شهزادو هلندو اچي شهزاديءَ واري ڪمري ۾ پهتو. شهزاديءَ جي سونهن ڏسي شهزادو ان تي عاشق ٿي پيو ۽ يڪدم وڃي شهزاديءَ کي ڀاڪر وڌائين. شهزادي جي ڀاڪر پائڻ سان شهزادي ننڊ مان اٿي ويٺي. پوءِ شهزادي جي اٿڻ سان محل جا سڀ نوڪر، چوڪيدار به جاڳي پيا ۽ پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳا.
شهزادي شهزاديءَ کي پوڙهي پريءَ جي بد دعا ۽ شهزادي جي سئو سالن تائين ننڊ جي سموري ڳالهه ٻڌائي ۽ ساڻس شادي ڪري، کيس پنهنجي محلات ۾ وٺي آئي.






No comments:

Post a Comment