Monday, April 30, 2012

ڇڳل جتي - مريد حسين احسن ٻگهيو


ڇڳل جتي
مريد حسين احسن ٻگهيو
ڪراڙ جي ڪپ تي، اياز جي مزار ڀر ۾، نئين ٺهيل پارڪ جي بند پيل لوهي گرل واري گيٽ تان ٽپي، اندر ڇٻر تي وڃي ويٺس. کيسا خالي هئا. دل اداس هئي ۽ مٿي ۾ ڄڻ باهه ٻريل هئي. سوچيم پئي ته؛ ڌاڙو هڻجي يا وري دولت لاءِ، ليار مل واري دولت رام کي، اغوا ڪجي. دولت، يار ماڻهو آهي. پنهنجي اغوا تي ڪاوڙ به نه ڪندو ۽ پوءِ ڀُنگ جا ڏوڪڙ وٺي سرڪاري ڪامورو ٿي ملڪ جو عظيم شهري ٿي وڃجي. وري دل ۾ خيال آيم ته؛ ٻيلي ان ڪم ۾ جوکو آهي. آئون فطرتًا بزدل ماڻهو آهيان. (جنهن کي آئون شرافت جو نالو ڏيندو آهيان) پوليس جي ور چڙهي ويس ته ڪامورو ٿيڻ کان اڳ، ڪم پورو ٿي ويندو. پوءِ ڇا ڪجي؟ اهو سوچڻ ويهي رهيس. جن کي نالو لکڻ به نٿو اچي، سي چڱيون ڀليون نوڪريون وٺي ويا آهن. اسان ڊگريون وٺي، پيا گهٽين ۾ ڦرون، پر ڪا لفٽ ئي ناهي. خير اهي ڳالهيون ذهن تان هٽائي، وري ڪامورو ٿيڻ لاءِ، پيسن جو بلو ڪرڻ جي ترڪيبن تي غور ڪرڻ ويٺس ته هڪدم ذهن ۾ انرجي سيور ٻري پيو ۽ انگريزي جو هڪ سهڻو من مهڻو نالو چمڪڻ لڳوNGO اڙي واهه!! واهه جو ڪم آهي. ڪو خطرو  به ڪونهي. مٿان وري نالو به وڏو ٿي پوندو. هاڻ سوچيم ته؛ پنهنجي ڪا اين جي او کوليان. پوءِ تخليقي فوٽو گرافي جي جوهرن کي استعمال ڪندي ٻارن، ٻڍن ۽ عورتن جا فوٽا ڪڍجن ۽ ڪنهن انگريز صاحب کي ڏيکاري، کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته سموري سنڌ جا ٻار يتيم ٿي ويا آهن. عورتون بي واهه ٿي ويون آهن، ٻڍا بيمار آهن، سنڌي ماڻهو بک ۽ بدحاليءَ ۾ پنهنجو ثاني نٿا رکن. پوءِ انگريز سڳوري کي وڏا دليل ڏجن ۽ کيس يقين ڏيارجي ته مون جهڙو رحم دل، ايماندار، غريبن جو هڏ ڏوکي دنيا جي نقشي تي نه هوندو. مون واري آرگنائيزيشن ۾ سڀ فرشته ڪم ڪندا آهن ۽ شيطان مون واري آرگنائيزيشن واري پاسي لڙي ئي نٿو سگهي. ڇو جو اسان جا سڀ همراهه 12 ئي مهينا روزي ۾ هوندا آهن ۽ آرگنائيزيشن جي هيڊ آفيس ۾ 12 مهينا رمضان سڳورو هوندو آهي. نيٺ ته انگريز صاحب راضي ٿي پوندو ۽ ڪروڙين رپيا ڏيئي ڇڏيندو. پوءِ ويهي عيش ڪبا. غريبن، مسڪينن ۽ يتيمن جو مال کائي پنهنجي پيٽ جي سائيز کي وڌائبو ۽ هن ملڪ جو ايماندار، عزتدار ۽ شريف شهري ٿي، وري ڪنهن ٻئي ضلعي جي يتيم ٻارن، بيواهه عورتن، ٻڍن ۽ مزدورن جا فوٽا ڪڍي وري سندن مدد جي اپيل لکي وٺبي. زندگي پئي عيش ۾ گذرندي. ڪو پڇڻ ۽ ڪڇڻ وارو به نه هوندو. ڪير ڪڇيو ته کيس به يتيم سمجهي، سندس امداد ڪري ڇڏبي. آخر هڪ انسان جي خدمت به ته انسانيت جي خدمت آهي. خيال ته اهڙو هو جو پاڻ کي آمريڪا جي صدر جي ڀر ۾ بيٺل پئي ڏٺم. پر پوءِ کيسي ڏي نهاريم ته زهر کائڻ لاءِ به ڪجهه ڪو نه هو. جو ماڻهو کڻي اهو چون ته ابا ڪجهه کائي مري ويو آهي. پر اسان جي نصيب ۾، بکيو مرڻ ئي لکيل آهي، شايد! کيسا خالي آهن ته پوءِ اين جي او ٺاهڻ لاءِ ڪامورن کي راضي ڪرڻ جا ڏوڪڙ ڪٿان ايندا، جو تنظيم کي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جاري ٿي سگهي. اندر مان آواز آيو؛ وراڻيائين ته غريب جو ٻار آهين، چپ ڪري ويهي رهه. تون ڪڏهن به سماجي اڳواڻ يا سول سوسائٽيءَ جو نمائندو ٿي نه سگهندين. تون ڪڏهن به ڪامورو ٿي نه سگهندين ۽ نه ئي تنهنجي ايندڙ 50 نسلن ۾ ڪو سرڪاري ڪامورو ٿي سگهندو. اسان جو پيٽ ڪرنگهي واري هڏي سان ئي مليل رهندو ۽ چئن فٽن وارو پيٽ ڌاري، ملڪ جو معزز ۽ احترام لائق شهري ٿي نه سگهندين. هاڻ مايوس ٿي پيس. پارڪ جا گل به ڪنڊا پئي لڳا. دل ٻيهر اداس ٿي پئي، جيڪا ڪجهه دير اڳ اين جي او واري خواب سبب، گارڊن گارڊن يا چوان پارڪ پارڪ ٿي پئي هئي.

ڀؤنرن جي انتظار ۾ - ري ميم


ڀؤنرن جي انتظار ۾
نامياري ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جو ڪهاڻي ڪتاب
ري-ميم
ڪهاڻيءَ کان ٿوري گهٽ عرصي جي تاريخ مني ڪهاڻي/ مختصر ڪهاڻي جي به آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها مختصر ڪهاڻي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجهه دير سان پهتي آهي ۽ چڱو ئي عرصو اڳ پر بنهه ٿوري انداز ۾ سنڌيءَ ۾ مختصر ڪهاڻيون لکيون ويون آهن ۽ هاڻ انهن مختصر ڪهاڻين جو هڪ مجموعو به سنڌي ادب ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ ان شموليت هڪ خوشگوار تجرباتي ننڍي ڪهاڻي لکڻ لاءِ هڪ رستو ظاهر ڪيو آهي. هن ڪتاب جو نالو ”ڀؤنرن جي انتظار ۾“ آهي ۽ ان جو لکندڙ اڳ ئي سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي ۾ سڃاتو ويندڙ نالو منظور ڪوهيار آهي.
ڪهاڻي ۽ خاص طور سنڌي ڪهاڻيءَ ۾، ڪي خوشگوار تجربا جيترا هند ۾ ٿيا آهن اوترا سنڌ ۾ نه ٿيا آهن، ان لاءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ شاهد آهي، خاص طور نوي کان پوءِ سنڌي ادب جا گذريل ويهه سال تخليقي ادب جي تجرباتي ۽ تخليقي حوالي ۾ مون لاءِ گذريل چاليهن سان کان وڌيڪ اهم آهن (اسهمتيءَ جا دروازا لکيل هوندي) ان ڪري جو هنن ويهن سالن ۾ ڪي اهڙا تجربا سنڌي ادب ۾ شامل ٿيا آهن، جيڪي تازگي ڏيندڙ آهن، نئون غزل، نئين ڪوتا، وانگر نئين ڪهاڻي، پوين ويهن سالن ۾ سنڌي ادب ۾ تيزيءَ سان آئي آهي، جيڪا سنڌي ادب لاءِ نهايت سٺو سنئوڻ آهي ۽ ان ۾ منظور ڪوهيار جو حصو ڪهاڻيڪار طور مون کي محسوس ٿي رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ آيل هي نوان تجربا اڳتي ڪيتري مڃتا ماڻيندا، اهو مستقبل تي ڇڏي مان هن تجربي لاءِ پڪ سان چوڻ چاهيان ٿو ته ڪو به تجربو، ڪنهن به صنف لاءِ هڪ نئين تازگي ضرور آڻي ٿو. اهو تجربو ان صنف کي ٻه وکون اڳتي وٺي وڃڻ جي سگهه رکي ٿو يا نه! اهو بحث تجربي جي گذريل عرصي تي مدار رکي ٿو. اڄ جي عرصي ۾ منظور ڪوهيار جي هن تجربي جي سڀني حوالن سان آجيان ڪرڻ گهرجي، ۽ شخصي طور مان هن تجربي کي گهڻو اهم سمجهان ٿو، ڪي ان کي غير ضروري به ڪوٺي سگهن ٿا.
تجربي کان پوءِ ڏسڻو اهو آهي ته ان تجربي ۾، جيڪو تجربو ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ ڪيو ويو آهي، ان ۾ ڪهاڻي ڪيتري آهي، جيڪڏهن تجربو فقط تجربو آهي ته اهو هڪ حد تائين آهي، هن تجربي ڪهاڻي ڪيتري ڏني آهي ۽ ان صنف کي ڪيتريو تحفظ ڏئي، ان کي اڳتي آندو آهي، اهو ڪهاڻيءَ جي نقادن لاءِ ڇڏيندي مان ايترو چوڻ چاهيان ٿو ته هر تجربي لاءِ ذهن جا دروازا کليل رکڻ گهرجن ۽ هيءُ ڪتاب اهڙي پهرين ڪوشش آهي، سنڌي ڪهاڻيءَ جي باري ۾ جنهن کي ساراهڻ گهرجي ۽ دل سان ساراهڻ گهرجي. ليکڪ جي ويچارن سان سهمت هجڻ يا نه هجڻ، تجربي سان لاڳو نه آهي. ساڳئي وقت ڪهاڻيءَ بابت، ۽ خاص طور ننڍي ڪهاڻيءَ بابت، ڪتاب ۾ شامل پنجويهن صفحن جي وضاحتي نوٽ کي به غير ضروري ڄاڻائيندي، سڌو ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ ۽ ان بابت ڪا به راءِ جوڙڻ اڄ جي لکندڙ جو بنيادي حق هوندو ۽ آزاد راءِ جي آجيان ڪرڻ اسان لاءِ ان ڪري ضروري آهي ته اها راءِ اسان جي ذهن کي ڪنهن نئين ڪنڊ کان ڪا روشني ڏيندي اهو وسارڻ نه گهرجي. بهرحال هن نئين تجربي جي خوشگوار آجيان سان گڏ نوجوان لکندڙن کي صلاح ته هيءُ ڪتاب هنن جي لاءِ پڙهڻ لاڀائتو ٿيندو.
هڪ سؤ ٽيهن کن صفحن جو هيءُ ڪتاب سٺي پني تي سهڻي ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان آهي، جنهن کي ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو آهي ۽ هن خوبصورت ڪتاب جو ملهه هڪ سؤ پنجاهه رپيا آهي، جيڪو سڀني ڪتاب گهرن تان ملي سگهندو ۽ بس.

Sunday, April 29, 2012

چماٽ - عبدالسلام ٿهيم


چماٽ
عبدالسلام ٿهيم
طبيعت ۾ چڙ رت جيان ڊوڙي رهي هئي، ڄڻ سڀ ڪجهه لُٽائي دشمن جي فتح جو جشن اکين سان ڏسي لُڇندو هجان. ذهن تي ڪاوڙ ۽ ڏک وارن خيالن ديرو اچي ڄمايو هو. دل جو سڪون بندوق جي ٺڪاءَ تي پرواز ڪندڙ پکين جيان اڏري ويو هو، ايتري طبيعت ۾ لُڇ پُڇ ۽ بيضابطگي اڳ ڪڏهن به محسوس نه ٿي هئي. هوءَ جا رات رُٺي ڄڻ قسمت ئي رسي وئي. ڪائنات جو هر رنگ ۽ سمان شامِ غريبان جيان اُداس ۽ ماتمي ٿي لڳو. گذريل ٻن ڪلاڪن کان مسلسل هن جو نمبر ڊائل ڪري رهيو هئس، پر آف هئس، هاڻي ته هن سان رابطي جو قائم ٿيڻ مون لاءِ ڄڻ موت سان جهيڙيندڙ مريض لاءِ ”بلڊ ڊرپ“ ٿي ويو هو. منهنجي اهڙي حالت ڏسي دوست ته مون کان هٿ ڇڏائي ويا، باقي گهروارن مون کي برداشت پئي ڪيو. منهنجي طبيعت ۾ اها تبديلي اچانڪ تڏهن آئي، جڏهن منهنجو اتفاق سان رابطو شائسته سان ٿيو. پهريان ته هوءَ فقط مون لاءِ رانگ نمبر هئي، پر هاڻي منهنجي نڙي مان آواز فقط هن جي ڳالهائڻ سان ئي ٿي نڪتو، نه ته مان ”سائلينس پرسن“ لڳي رهيو هئس. هن جي رابطي مون کي ڪچهرين ۽ محفلن مان ڪڍي هڪ اهڙي سوڙهي گهٽي ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو هو، جتي هن جو آواز ئي مون لاءِ آڪسيجن هو، هن سان ڳالهائيندي ڪلاڪ پلن جيان گذري ويندا هئا.
ڪجهه ڏينهن کان هن جو نمبر ڪنهن ٻي لائين سان به جڙيو هو، اُن لائين ئي مون کي هن کان آف لائين ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ڪالهه رات مون ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ بدگماني ختم ڪرڻ لاءِ هن کان پڇيو: ”شائسته..... مون کي ڪجهه ڏينهن کان توهان جي رويي ۾ اجنبيت محسوس ٿي رهي آهي، جڏهن مون سان ڳالهائيندا آهيو ته مون کي لڳندو آهي توهان جو ذهن ڪنهن ٻئي طرف مائل هوندو آهي، توهان جو مون مان پهريان واريون دلچسپيون به گهٽ ٿينديون وڃن.... ڇا اڄڪلهه توهان....!!!“
هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو ”چوڻ ڇا ٿو چاهين...!؟“
مون وراڻيو ”مان چوان ٿو مون کي ڪالهه ۽ اڄ جي شائسته ۾ فرق نظر اچي ٿو، جيڪا شائسته ڪالهه منهنجي پيار جي حصار ۾ هئي سا اڄ ڪنهن ٻئي جي دوهي ۾.....!!!“ هوءَ ڄڻ وڄ بڻجي مون تي الُري هئي ”شرم اچڻ گهرجي توهان کي..... مون تي شڪ ٿا ڪيو.... مون تي.... تنهنجو دماغ ته جاءِ آهي، بڪين ڇا ٿو....!؟ ايتري ڪريل آهيان نه مان... نه ڳالهائج مون سان...!!؟“... ”شائسته... شائسته....!! شا......!؟“ هُن ڪال ڪٽي نمبر ئي آف ڪري ڇڏيو. هوءَ پهرين به رسندي رهي آهي، هونئن به رُسڻ پيار جي مُرڪِ آهي، ڇاڪاڻ رُسڻ کانپوءِ ٿيندڙ پرچاءُ ماڻهو کي وڌيڪ هڪٻئي جي ويجهو آڻي ٿو. پر هن جي هن ڀيري واري رسُڻ ۾ ڌاريائپ محسوس ٿي ٿي. ڄڻ هن ۽ مون وچ ۾ ڪنهن ڪوٽ جي ديوار اچي وئي هئي. مان ٽٽي وکرڻ لڳو هُئس. اکين جا بند ڀڄڻ وارا هئا ته هڪ سائڪالاجسٽ جو مشورو ذهن تي هُري آيو ته جڏهن توهان پاڻ کي مايوس ڀانيو يا زندگي خفا لڳي ته پنهنجو گذريل اهو وقت يا لمحا جيڪي توهان لاءِ خوشي جو باعث هُجن، انهن کي بار بار ياد ڪيو ته توهان ڪجهه دير ۾ پاڻ کي مطمئن ڀائيندا. مان به هن سان گهاريل سُٺا پل ياد ڪرڻ لڳس. اهي سڀ ڳالهيون، ڀوڳ، موج، مستيون هانءَ تي هُري آيون، جيڪي مون لاءِ هن وقت ڪيلشم ثابت پئي ٿيون. هڪ وقت هن چيو هو ”سُڪار! جي مان توهان سان نه ڳالهايان ها ته شايد مون کي زندگي جي تلخ حقيقتن ۽ شوخ حُسناڪين جو ڪڏهن به شعور نه ٿئي ها، توهان جي ذات ئي مون کي عام ڇوڪري مان باشعور بنايو آهي، رييلي ٿينڪس يار....“ ڪنهن ڇوڪري جي زباني پنهنجي واکاڻ ٻُڌي ڏاڍو خوش ٿيو هئس، من مست ٿي ويو هو، مون وراڻيو ”شائسته اهو ڪارنامو فقط منهنجو نه پر تنهنجو به آهي، ٻي ڳالهه اهو تڏهن ممڪن ٿيو جڏهن توهان منهنجو ساٿ ڏنو. سچ پُڇين ته جانان تون مون کي بڙ جي ڇانوَ جيان پيار جو آساس ڏنو آهي، جنهن جي نٽهڻ اُس ۾ ٿڪل مسافر کي تلاش هوندي آهي، قسم سان مان به زندگي جي رڻ ۾ رُلي ٿڪجي پيو هئس....!!!“ هن پڇيو ”توهان کي خوف نٿو ٿئي، جي مان توهان کي ڇڏي ڏنو....!!؟“ مون پنهنجي عشق جي پختگي واضح ڪندي وراڻيو ”ائين نه ٿيندو شائسته....“ هونئن به انساني فطرت رهي آهي، هن کي جنهن شيءِ جو خوف هوندو آهي يا اُن کي ڪنهن طرف وڃڻ کان روڪبو آهي، هو سڀ ذهن تان ڊپ جا ڊزا هٽائي اُن طرف هليو ويندو آهي. هن اندر ان چئلينج جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿي پوندو آهي، تون ته وري خوبصورت....!!؟“ هن بور ٿيندي وراڻيو ”يار ڪا نارمل ڳالهه ڪر، وري کڻي فلسفو ويهي رهين...!!؟“ آءٌ اهو سڀ سوچي رهيو هئس ته ڀيڻ سڏ ڪيو ”سُڪار ڀاءُ...!؟ امي سڏي پئي، اچي ماني کاءِ....!!!“ مان ڄڻ گهري ننڊ مان ڇرڪ ڀري سُجاڳ ٿيس، ”ها..... ها مان اچان ٿو.....!!“ رات کانپوءِ منهنجي زبان مان اهو پهريون جملو نڪتو هو، منهنجي سوچ منتشر هئي، اکيون پٽي ٻاهر آيس ته امان مون کي ڏسي وراڻيو ”پٽ ڇا ڳالهه آهي، مجنون بڻجي ويو آهين، بس هاڻي ان جو حل تنهنجي شادي ۾ آهي....!!“ امان جي ان ڳالهه سان سندس ڀر ۾ ويٺل منهنجي مڱيندي شازيه لڄي ٿيندي ڪمري ڏانهن ڊُڪي وئي. شايد خوبصورتي ۾ ڪنهن پري کان گهٽ نه هئي، پر نه ڄاڻ ڇو منهنجي مت کُٽي وئي هئي جو مون نانگن جي ٻرن ۾ آڱريون وجهڻ جي ڀُل ڪئي هئي. هن جو فطرتي حسن مون کي نظر نه پئي آيو. جڏهن ته شائسته سان ڳالهيون مون کي تسڪين ڏينديون هيون، شازيه کي نظرانداز ڪري ڄڻ مان پنهنجي ڀاڳ کي پُٺي ڏئي رهيو هئس، هن کي اهو به پتو هو ته مان شائسته جي چاهه ۾ چريو آهيان. پر هيءَ ايتري ته سادي هئي جو هن انهيءَ جو اثر ئي نه قبوليو. هن جون نظرون هميشه مون تي مهربان هيون.
اڄ ته کاڌو به رت ٿي لڳو، مان کٽ تي ويٺس ڀيڻ ماني کڻي اچي مون کي ڏني. مون ماني مان هڪڙو گرهه ڪڍي وات تي رکيو ته موبائل ٽون وڄڻ لڳي. مون اهو گرهه وات ۾ وجهڻ بجاءِ واپس رکي موبائل ڊسپلي ڏٺي ته شائسته جي ڪال هئي، سڄي جسم ۾ توانائي موٽي آئي... ماني اُتي ڇڏي چرين وانگي منهن ڪري گهر مان نڪري آيس. پويان امي ۽ ادي سڏ ڪيا، پر انهن جا سڏ ڄڻ مون کي قبر جي ڪوٺ محسوس ٿيا. ڪال رسيو ڪري هن اڃا ڪجهه وراڻيو ئي نه، تيستائين مون ڪنهن بُزدل سپاهي جيان آڻ مڃي وراڻيو ”شائسته.... آءِ ايم سوري.... ويري سوري يار.... مون توهان کي هرَٽ ڪيو، مون کي ائين نه ڪرڻ کپندو هو... توهان ته پاڪ....!!“ اڄ ته پيار ۾ مُڇ جو وار ٿي پيو هئس، هن جون اڳيون پويون غلطيون وساري کيس مسجد جو ڪک سمجهڻ لڳو هئس، هن رُکو جواب ڏنو ”اٽ از اوڪي... پليز آئينده خيال ڪجان....!!“ هن اڃا ايترو چيو، نه ڄاڻ اندر ۾ ڪهڙي لڇُ هيم جو هن جي ڳالهه مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي چيم ”نه شائسته آئينده ائين نه ٿيندو، تون ٻُڌاءِ ڪيئن آهين، گهر وارا ڪيئن آهن، وقت ڪيئن گذريو، مان ياد آيس....!!؟ يار سچ پُڇين ته منهنجو توبن جيءَ جهُري پيو، ائين ٿو لڳي ڄڻ مون کان ڪائنات رُسي وئي هُجي. پليز مان ته سچ ۾ چريو آهيان، بيوقوف آهيان، تنهن ڪري توهان منهنجي ڳالهين کي درگذر ڪندا ڪيو.... باقي مان توهان کي ڏاڍو چاهيان ٿو... شائسته.... شائسته....!!“ مون يڪ ساهي ۾ اهو سڀ چئي ڇڏيو، اڃا ڳالهه جاري هُئي ته هن منهنجي ڳالهه ڪاٽيندي وراڻيو ”هاڻي بس به ڪيو....!! مون کي به ڳالهائڻ ڏيندو يا فقط توهان....!!“.
”جي... جي توهان ٻُڌايو، مان ته سڄي عمر توکي سڻڻ لاءِ تيار آهيان...!!“ هن منهنجي ڳالهه تي طنز ڪندي وراڻيو ”سڀ مرد ائين چوندا آهن، پر جڏهن مستي لهندي اٿن ته ڍنڍ جي پکين جيان اُڏري وري چنهب وڃي ٻي ڌائي ۾ وجهندا آهن. هڪ جام مان ڍاپجڻ مرد ذات جي فطرت ۾ ئي ناهي. ڇاڪاڻ کين گهٽ موقعن تي موکي جا هٿ لڳندا آهن...“
مون وراڻيو ”ڏاڍي چالاڪ ۽ بولڊ ٿي وئي آهين.....“
هن وراڻيو ”ان ۾ ڪابه چالاڪي جي ڳالهه ناهي، عام ڳالهه ڪئي اٿم... ٻي ڳالهه ته هڪ بد نيوز آهي...!؟ هن جي ڳاهه ڄڻ مون کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، مون تجسس مان پڇيو ”ڇه... ڇه... ڇا ٿيو شائسته.... خير ته آهي....!!“ لفظ نڙي کي رهڙي نڪتا. هن وراڻيو ”ها خير آهي، مائٽ هميشه اولاد جي ڀلي لاءِ سوچيندا آهن، منهنجي مائٽن جو خيال آهي ته منهنجي عمر چڙهي رهي آهي، تنهن ڪري منهنجي شادي....!!!؟“ هن ته دهلن ۽ شرناين جي ڳالهه ڪئي، پر اهي مون کي نوحا ٿي لڳا، دل تي ضبط ڪندي پڇيم ”ته... ته پوءِ تنهنجي ڇا مرضي آهي شائسته....!!؟“ هن اطمينان سان وراڻيو ”مون اڃا ان تي غور نه ڪيو آهي، توهان ٻڌايو، مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي....!!“ هن ڄڻ مون کي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو، پر مون وري به پنهنجو ڪيس رکيو ”شائسته مون توکي دل جي مڙني گهراين سان چاهيو آهي، مان ته ڪڏهن به نه چاهيندس ته منهنجي محبت ڪنهن غير جي سيج تي لانئون لهي... مان.... مان توکي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ وڃائي سگهان ٿو جانان....!!!“ مان ڪجهه زياده جذباتي ٿي ويس، هن آٿت ڏيندي وراڻيو ”مون کي توهان تي ڀروسو آهي، پر يار پيار ۾ ايترو جذباتي نه ٿي جو سڀاڻي وڇوڙي جي سٽ نه سهي سگهين، ٻي ڳالهه ته نه مون کي ڏٺو اٿئي نه پرکيو اٿئي...!! پوءِ به....!!“ مون پيار جو روايتي پتو کيڏندي وراڻيو ”شائسته...! عشق ذات پات، اوچ نيچ، شڪل صورت کان مٿانهون ٿي ڪبو آهي، اهي ته سماج جا هٿرادو ٺاهيل قدر آهن.... سي پيار تي ڇا اثر انداز ٿيندا.... مون اکيون بند ڪري تو کي چاهيو آهي، تون ڪهڙي به هجين، ڪيئن به هجين... مون کي قبول هوندينءَ...!!“ هن وراڻيو ”مون کي تنهنجي انڌي عشق تي خوف ٿو ٿئي سُڪار....!!؟“ مون هن کي حوصلو ڏيندي وراڻيو ”خوف نه ڪر چري...!! مون کي پاڻ تي ۽ تو تي يقين آهي، پنهنجو پيار ضرور پنهنجون بهارون ماڻيندو...!!“ هن وراڻيو ”او ڪي، اڄ توهان لاءِ هڪ سرپرائيز آهي....!!“ منهنجو ذهن تجسس جي سمنڊ ۾ ٽوٻا هڻڻ لڳو، پڇيم ”سرپرائيز... ڇا جو سرپرائيز شائسته.....!! مون کي ٻڌايو پليز...!!“ ”اهو اِهو ته مان توهان سان ملڻ لاءِ تيار آهيان.... پر هڪ شرط آهي ته ملڻ کانپوءِ توکي پويان ڏسڻو نه پوندو، جيئن چاهين ٿو، تيئن چاهيندو رهندين.... ائين نه ٿئي ته مون کي ڏسڻ کانپوءِ تنهنجي دل هوائي ڦوڪڻو ثابت ٿئي ۽ ان مان پيار جي هوا ڪري وڃي.... تنهن ڪري پليز مون سان سوچي سمجهي ملجانءِ....!!“ هن ڄڻ مون کي خبردار ڪندي مون کان وچن وٺي ڇڏيو، پر مان عشق جي جهاز ۾ يرغمال هئس، مون تي ڪابه خبرداري اثر نه ڪري رهي هئي، بس دل هن جو يقين ٽوڙڻ نٿي چاهيو، پوءِ ڀل ان جا ڪهڙا به نتيجا نڪرن، مون وراڻيو ”شائسته! چري آهين ڇا.... منهنجي پيار تي شڪ ٿي ڪرين.... شابس اٿئي يار... يار يقين ڪر جيڪو ماڻهو تنهنجي اڻ ڏٺي توتي ايترو موهت آهي... هو ڏسڻ کانپوءِ....!!“ هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي فخريه انداز سان وراڻيو ”الائي... مون سوچيو...!! ڪٿ تو تان عشق جو نشو لهي وڃي...!! ڇاڪاڻ هن دور جي عاشقن جي سرڪشي نشي تائين هوندي آهي، جيستائين نشو هوندو اٿن تيستائين آسمان تان چنڊ لاهڻ جون ڳالهيون پيا ڪندا آهن، جڏهن نشو لهندو اٿن ته ذميوارين جي ڄار ۾ ڦاسي يا ته چريا ٿي ويندا آهن.... يا وري موالي....!! ان لاءِ ئي مان چوندي آهيان حقيقتن تي ويساهه ڪري انسان کي Reattus ٿيڻ گهرجي ته جيئن معاشري جي اهنجن پيچرن تي زندگي جي گاڏي صحيح Drive ڪري سگهجي ۽ پٽڙي تان لهڻ جو موقعو نه ملي....!!“.
هوءَ جيتري منهنجي خيالن ۾ حسين هئي اوتري ذهين به هئي، جڏهن به ڳالهائيندي هئي ته گل ورکيندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن مان هن آڏو پاڻ کي ٻار محسوس ڪندو هئس، هونئن به عورت بنسبت مرد جي وڌيڪ ذهين هوندي آهي، پر هن کي انهيءَ جي استعمال جو موقعو گهٽ ملندو آهي. اڄ اسان ۾ سڀاڻي 4 وڳي Sea View پوائنٽ تي ملاقات طئه ٿي. ملڻ جي خوشي ۾ منهنجو من ڪارونجهر جو مور بڻجي ويو هو، ڇاڪاڻ ٿر جهڙي ڏڪاريل منهنجي سيني تي پهرين ملڻ جي برسات وسڻ جي اُميد ٿي هئي. اها اسان جي 7 مهينن جي پيار جي پهرين ملاقات هئي، ان کان اڳ مون هن تي ملڻ لاءِ ڪيترائي زور ڀريا، پر اهي سڀ بي اثر ثابت ٿيا هئا. هن چئي ڇڏيو هو ته اسان فقط ڳالهائڻ جي حد تائين رهنداسين، وڌيڪ ڪا به اميد نه رکجانءِ. پر تنهن کانپوءِ ڪجهه عرصي کان شروع ٿيل منهنجي ديوانگيءَ هن جو من ميڻ جيان پگهرائي ڇڏيو هو ۽ هوءَ نيٺ اڄ ملڻ لاءِ راضي ٿي وئي. مان هن کي بي انتها، بي حد ۽ بي عقل ٿي چاهي رهيو هئس، اهڙي چاهڻ ۾ هن جي ديد مون لاءِ عيد کان گهٽ نه هئي. اڄوڪي رات ته انتظار ۾ 21 ڊسمبر واري رات کان ڊگهي ٿي وئي. هن سان ملڻ جي حسرت ۾ نيڻن نه بند ٿيڻ جو وچن ڪري ڇڏيو هو، جيئن فجر جي آذان ٿي ته مان تياري ۾ لڳي ويس، تيار ٿي 7 وڳي اهو چئي گهران نڪتس ته منهنجو اڄ ڪراچيءَ ۾ انٽرويو آهي، دعا ڪجو ڪامياب ٿي اچان. سفر ۽ انتظار جو عتاب سهندي آخر مان 3 وڳي ڪراچي پهتس. سمنڊ ڪناري فطري رنگ ڏسي اکين جو نور وڌائڻ لڳس. تيستائين هن جي ڪال آئي ”توهان ڪٿي پهتا آهيو....!!“. شائسته مان ته ڪلاڪ کان سي ويو تي آهيان، سمنڊ جون لهرون ڏسي...!!“ هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو ”اوڪي مان به پهچي وئي آهيان.... توهان هينئن ڪيو درگاهه غازي جي سامهونPlay Place مان انٽر ٿي سڌو پارڪ ۾ اچو ۽ پارڪ جي گيٽ مان انٽر ٿي رائيٽ سائيڊ تي موڙ کائيندي سڌو هليا اچو...“ مون پڇيو ”پر شائسته توهين ڪئين مون کي سڃاڻيندا....“ هن وراڻيو ”اهو توهان مون تي ڇڏيو.... بس توهان جلد اچو...!!“ مان سي ويو تان موٽي درگاهه عبدالله شاهه غازي جي سامهون پارڪ ڏي آيس، پارڪ ۾ داخلا لاءِ گارڊ ڀت ٿي بيهي رهيو ته هي فيصلي پارڪ آهي، توهان انهيءَ ۾ اڪيلا نٿا وڃي سگهيو. سائيڊ تي ٿي گارڊ جي مٺ ۾ 50 روپين جو مير رکي اندر هليو ويس. دل ۾ هلڪي احساس ڪر کنيا ته رشوت ڏئي محبت جي ڏاڪڻ تي پير رکي اڳيان پيو وڃان، پر اڄ ته چڱي ڀلي رڪاوٽ جي ديوار ڀڃڻ جي مون ۾ همت هئي. مان پارڪ ۾ داخل ٿي سڌي طرف وڃي به رهيو هئس ۽ هن کي منهنجا نيڻ ڳولي به رهيا هئا، هتي ته ڪيئي حسن جا جلوا افروز هئا، پر اڄ منهنجو مشن فقط شائسته هئي، ٻي ڪا گهور مون کي گهائي نه ٿي سگهي. ڪجهه قدم اڳتي وڌيس ته مون کي پويان سڏ ٿيو ”سڪار... سڪار....“ مان رڪجي ويس، آواز ڪجهه اوپرو هو، پر هتي شائسته کانسواءِ ڪو به منهنجو سڃاڻ ته نه هو، پڪ ٿي وئي ته شائسته ئي هوندي، جيئن ئي پويان ڪنڌ ڦيريم ته منهنجا اچرج ۾ ڪن ئي کڙا ٿي ويا، هن تي هڪ نگاهه وجهڻ سان منهنجين سوچن ۽ احساسن تي وير وري وئي، ڄڻ پيار جا سڀ ليڪا لهرن جي تک ۾ مٽجي ويا، ڇاڪاڻ منهنجي دل ۾ جيڪو شائسته جو خاڪو ٺهيل هو، هوءَ بلڪل اُن جي ابتڙ هئي، سانورو رنگ، بي ڊول جسم ۽ بي معنيٰ اکيون هئس، منهنجي دل جي ڪينواس تي چٽيل شائسته سان هوءَ مذاق ٿي لڳي. منهنجي دل ۾ اتفاق سان اهو تاثر پيدا ٿيڻ لڳو ته واقعي انسان ٻي جي معرفت پاڻ سان ئي پيار ڪندو آهي، انتظار، اقرار، ناز سڀ ماڻهو جا پنهنجا هوندا آهن، نه ته هن کي ڏسي منهنجي سوچ جو لاڙو نه بدلجي ها.
جڏهن هوءَ منهنجي دل ۾ ويٺل شائسته کان مون کي مختلف لڳي ته مان هن کي قبولڻ کان انڪار ڪرڻ لڳس، ڇاڪاڻ اهي احساس ۽ پيار سڀ مون هن جو تصور رکي پاڻ سان ڪيا هئا.... مان سوچن جي ڪشمڪش ۾ هئس ته هن ٻيهر سڏ ڪيو ”سڪار...! ڇا پيا سوچيو...!؟ هيڏانهن اچو...!!“ مون پاڻ کي ڄار ۾ ڦاسندي محسوس ڪيو، پاڻ شڪار ٿيندو ڏسي لڇي رهيو هئس، دل ۽ دماغ وچ ۾ جنگ لڳل هئي، دل هن کي ڏسڻ لاءِ تيار نه هئي ۽ دماغ جي ذريعي ضمير ملامت ڪري رهيو هو ته هيترو وقت پاڻ کي ۽ هن کي دوکي ۾ ڇو رکيم!؟ مان هن سان گڏ پارڪ جي لان تي ويهي رهيس، هن پڇيو ”توهان ڪنفيوز پيا لڳو.... پر پنهنجي زباني ٻُڌايو، اڄ جي ملاقات ۾ ڪيئن پيا محسوس ڪيو....!؟“ مون ڪوڙ جو سهارو ورتو ”زبردست... بلڪل سُٺو.... ۽ توهان به ڪافي سُٺا آهيو....!!“ هن جي چهري تي مرڪ وري آئي ”ٿينڪ يو...!!“ ڳالهه اڳتي وڌي، تنهن کان اڳ مان پير پويان کڻڻ جو سايو ڪرڻ لڳس ”شائسته...! پاڻ هڪٻئي کي ڏٺو، هاڻي پاڻ کي هلڻ گهرجي، مون کي واپس ڳوٺ وڃڻو آهي...!!“
هن وراڻيو ”ڇو سڪار... ايترو جلدي... تو ته چيو هو گڏجي ڊنر ڪنداسين... گهمنداسين...!!“ مون وراڻيو ”ها... ها شائسته پر....!!“ هن منهنجي بيزاري محسوس ڪري ورتي، چيائين ”پر ڇا...!؟ ها مون کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، مان توهان کي پسند نه آيس، توهان تان عشق جو نشو لهي ويو....!!“ مون صفائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ”نه نه شائسته... اها ڳالهه ناهي... توهان سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو... عشق ٿوري ايترو آسان....!؟“ هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو ”ڇا... ڇا... مان ڇا پئي هي ٻُڌان... توهان جو عشق نه هيو... پوءِ توهان جون ڳالهيون....!!؟“ مان پريشان ٿيڻ لڳس، هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي وراڻيم ”ڏس شائسته...! اسان ساٿي آهيون، سٺو وقت گذاريو اٿئون.... هڪٻئي مان سکيو اٿئون... پر يار عشق ٻي چيز آهي... منهنجون ڳالهيون جذباتي هيون... مان مڃان ٿو توسان قول ۾ ڪوڙو رهيو آهيان.... پر جي حقيقت مڃو ته منهنجو مڱڻو به ٿيل آهي، پاڻ سُٺا دوست آهيون...!!“ مون هن کي قائل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، لهجو رخو ٿيندي ويم، هن جي چهري تي مزاحمت جون ريکائون صاف نظر اچي رهيون هيون، هن وراڻيو ”تون وڏو مڪار آهين، ٻهروپو آهين، انسانيت تي داغ آهين.....!!“.
مون وراڻيو ”سوري شائسته! توهان کي جيڪو وڻين، چئو...!! مان ڪجهه نٿو چئي سگهان... مان هلان ٿو....!!“ هن کان اڳ مون ڪڏهن به پاڻ کي ايترو ڪٺور محسوس نه ڪيو هو، اصل ۾ مون پاڻ کي هن تي مڙهڻ نٿي چاهيو، هونئن به اُهي رشتا بي مقصد هوندا آهن، جن ۾ روحن جو پاڻ ۾ جوڙ نه هجي، هن سان ڪيل ڪال تي ڳالهين تي پاڻ کي شرمندو محسوس ڪيم، مان هن کان ڪجهه قدم اڳتي وڌيس ته مون کي پويان سڏ ٿيو، پر هي ته آواز شائسته جو هو، پوءِ مان ڪنهن سان ملي رهيو هئس، منهنجو دماغ چڪرائجڻ لڳو، ڪٿ خواب ۾ ته ناهيان، ڪنڌ ڦيريم ته دنگ رهجي ويس، ناز و حسن سرشار ڪا اپسرا پنهنجن نفيس هٿڙن سان تاڙيون وڄائي رهي هئي، مصنوعي افسوس ظاهر ڪندي چوڻ لڳي ”ويري سيڊ... مسٽر سُڪار ويري سيڊ....؟ مون کي ڏاڍو افسوس آهي. توهان هارائي چُڪا آهيو....!؟ ڇي..... ڇي.....!!“ مان الهي ويس ”مان هارائي ويس.. اهو ڇا.... مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي... هي سڀ ڇا....!!؟“ هن وراڻيو ”توهان مرد آهيو نه.... پنهنجي دماغ مان بالادستي واري سوچ نه ڪڍجو، هر هنڌ توهان کي اوليت گهرجي.... پنهنجو منهن آئيني ۾ ڏسڻ بجاءِ ڳاڙهي ڪنوار حاصل ڪرڻ چاهيندا آهيو.... اهو ته سٺو ٿيو مون پنهنجي هن نوڪرياڻي کي وچ ۾ ڍال بنائي تنهنجي دل جي اڇاڻ ڏٺي.... ته ڪيترو تنهنجي اندر ۾ چاهه آهي... خوبصورتي کي ڏسي حوس کي اُڀار ڏيندا آهيو اوهين....!! توهان جي اکين ۾ حوس جو ڪارو پاڻي ئي هوندو آهي، تنهن ڪري توهان دل جي خوبصورتي نه ڏسي سگهندا آهيو....!! اڄ جي منهنجي نوڪرياڻي جي جڳهه تي مان هجان ها ته ڪيڏو نه بُرو مون سان ٿئي ها. اڄ هڪ مرد جي سطحي سوچ جي سبب....!! تون نالي جو مرد آهين.... جي تو ۾ ٿورا به مردانگي جا جُزا هجن ها ته تون پنهنجي پيار کي هرحال ۾ تسليم ڪرين ها.... پُٺي نه ڏين ها.....!! نه ڄاڻ هن معاشري ۾ تو جهڙا ڪيترا احساسن جا قاتل پلجندا هوندا... جيڪي پنهنجي پيار کي سبز باغن جا خواب ڏيکاري سندن عصمتن جا گُل لٽيندا هوندا....!! توکي ياد آهي ته مون توکان ملڻ کان اڳ واعدو ورتو هو ته توهان مون سان ملڻ کانپوءِ پويان نه ڏسجو.... پنهنجي چاهت ختم نه ڪجو...!! ۽ مون کي پڪ آهي اڄ جيڪا تو کي خاموش چماٽ لڳي آهي.... سا توکي پُٺ تي چرڻ به نه ڏيندي... پر مان وڃان ٿي..... ۽ ٻُڌ آئينده ڪنهن سان ائين نه ڪجانءِ.... باءِ....!!“ مان ڀت ٿي ويس، هوءَ وڃي رهي هئي، هُن جيڪا مون کي چماٽ هنئي، تنهن ۾ مون کي پنهنجي مڙسي جي تصوير نظر اچي وئي، ڪيڏي نه اوچائي تان ڪريو هئس.... منهنجو سنڌ سنڌ رڳ رڳ رتوڇاڻ هئي، پر انهن زخمن جو مرهم ڪنهن ويڄ نه ٺاهيو آهي اڃا.... مان شڪار ٿي ويو هئس.... هن مون کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو... هوءَ واقعي سوا سير هُئي.


(روزاني عبرت جي ھفتيوار مئگزين ۲۹ اپريل ۲۰۱۲ع تان ٿورن سان کنيل.)

Wednesday, April 25, 2012

ذڪر مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو - منظور ڪوهيار


ذڪر مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو

مختصر مختصر ڪهاڻين جي حوالي سان ۲۰۰۹ع ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي ڪتاب، ’سچا ڪوڙا رشتا‘ ۾، پنهنجي لکيل مهاڳ، بعنوان ’روايتي ۽ جديد ڪهاڻي‘ ۾، هڪ وصف ڏني هئي ته؛
’جيئن اکيون روح ۽ جسم جون دريون آهن، تيئن مختصر مختصر ڪهاڻي به هڪ اهڙي دريءَ مثل آهي، جنهن مان زندگيءَ کي اک ڇنڀ ۾ ڏسي يا محسوس ڪري سگھجي ٿو.‘
۽ پوءِ ’ارنسيٽ هيمنگوي‘ جي ڇهن لفظن تي مشتمل ڪهاڻي مثال طور پيش ڪئي هئي:

وڪري لاءِ
وڪري لاءِ، اڻ پاتل، ٻاراڻا بوٽ.

انهيءَ ڪهاڻيءَ کي عالمي نقادن خوبصورت احساساتي ڪهاڻي قرار ڏنو ۽ راءِ ڏني هئي ته؛ هڪ اهڙي ٻار جي ڪهاڻي آهي، جيڪو مائٽن جي ورتل ٻاراڻن بوٽن کي، پائڻ کان اڳ مري ويو. يا غريب مائٽن کي، غربت سبب ڪنهن معصوم ٻار جا اُهي اڻ پاتل بوٽ، وڪڻڻا پيا. وغيره.

Sunday, April 15, 2012

ڪاتب لکيو جيئن - شگفته جبين


ڪاتب لکيو جيئن
شگفته جبين
چيڪي مٽي سان راڳيل اڱڻ جي وچ ۾ نمورين سان نوڙيل چهچ سائي نم جي گهاٽي وڻ کي وڏي چاچا نڄاڻ ڪيترا ڀيرا ڇانگيو هو پر اُن جي گهاٽي ڇانو ۾ ذري جيترو به فرق نه آيو هو. ڏسندي ئي ڏسندي هن جي ڇانو اڳي کان گهاٽي ٿي ويندي هئي. اڱڻ جي ساڄي پاسي کان لڳل ڄمون ۽ زيتون جا وڻ گهر ۾ هر ايندڙ ماڻهو جي پهرئين نگاهه پاڻ ڏانهن ڇڪرائيندا هئا. ڪچي ڀت جي ڀرسان کاٻي پاسي ٺهيل ٻاري ۾ گلاب، نازبوءَ، ميندي ۽ موتئي جي مهڪار چوڏس ساهه ۾ پئي سمائبي هئي....

Friday, April 13, 2012

چار ايڪڙ ٻني - شيخ اياز


چار ايڪڙ ٻني
شيخ اياز
رات جو پويون پهر هو. ڪڪڙن دس ٿي هنيا، اُڀ تي ڦڪي چانڊوڪي ائين ٿي لڳي ڄڻ خدا زمين تي نهاري مرڪي رهيو آهي. ساري ڪائنات تي خاموشي وسي رهي هئي. انسان ۽ ان جا هل هنگاما سانت جي گود ۾ ستا پيا هئا. قرآن ۾ انسان کي اشرف به چيو ويو آهي ته ظالم ۽ جاهل به. شايد رات جي وقت انسان اشرف آهي ۽ ڏينهن جي وقت ظالم ۽ جاهل. ڏينهن جي وقت هن جا جھيڙا ۽ جھڳڙا، ساڙ وير، غم غصو ۽ ڇڪتاڻ ڏسبي ته هن جي فطرت کان نفرت اچي ويندي. پر رات جي وقت جڏهن هو ننڊ ۾ الوٽ هوندو آهي ۽ چانڊوڪي سندس منهن کي چمندي آهي تڏهن هن تي پيار اچي ويندو آهي ته هي اهو آهي جنهنجي محنت خدا جي اڻ گھڙيل دنيا کي گھڙيو ۽ ٺاهيو آهي، جنهن هوا، باهه ۽ پاڻي کي مٺ ۾ آندو آهي ۽ هاڻي هڏ هڻي، کنبڙاٽيون کوهي، سانت جي گود ۾ ستو پيو آهي. جنهن قدرت سان هو ڏينهن جو وڙهندو آهي، سا کيس لوليون ڏئي رهي آهي.

Wednesday, April 11, 2012

ڌرتي - احسان دانش


ڌرتي
احسان دانش

باز دنيا جو چڪر لڳائي پنهنجي تيز ۽ تکين نظرن سان سڀ ڪجهه ڏسي ٿڪجي واپس انهيءَ بلند پهاڙي چوٽيءَ تي آيو جتي سندس ٻچا هن جو انتظار ڪري رهيا هيا. هڪ ڪمزور ٻچي ڪنڌ لوڏيندي کانئس پڇيو:

بابا تو پنهنجي تيز نظرن سان هن دنيا ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟

هڪ ڊنل ماڻهو - شوڪت شورو


هڪ ڊنل ماڻهو
شوڪت شورو

هو فوٽ پاٿ تي رکيل سيڪنڊ هئنڊ ۽ ردي ڪتابن جي اسٽال تي واري واري سان بيهندو ڪتاب جاچڻ لڳو. هڪڙي هنڌ هن کي “گاڊ فادر” ناول نظر آيو. قيمت پڇيائين؛ ويهه رپيا. هن حيرت مان اسٽال واري ڏانهن ڏٺو.

چنڊ ڪٿي آهي - اڪبر لغاري


چنڊ ڪٿي آهي!
اڪبر لغاري
اڄ چوڏهينءَ جي رات آهي ۽ آسمان تي چنڊ نه آهي. مطلع بلڪل صاف آهي. آسمان تي ته ڪو ڪڪر به نه آهي، ليڪن چنڊ جو وجود غائب آهي.
اسان ٻئي ڄڻا چنڊ جي ڳولا ۾ نڪري پئون ٿا. اسان کي هڪڙو ماڻهو ملي ٿو. جنهن کان پڇون ٿا ته؛ چنڊ ڪٿي آهي؟ هو موٽ ۾ چوي ٿو؛ ”رات جا ٻانهن ٿيا آهن.“ ائين چئي، هو بلاجواز کلڻ لڳي ٿو ۽ سيٽي وڄائيندو هليو وڃي ٿو.