ڌرتيءَ جي ڌيءُ جاڳي ٿي
(مختصر ڪھاڻي)
ذوالفقار ناصر ساريو
”نرگس، سڀاڻي
صبح جو آئون تنهنجو انتظار ڪندس. تون ضرورت آهر ڪجھ ڪپڙا، زيور ۽ روڪ رقم کڻجان.
چوڪ تي اچي ڪاليج واري پوائنٽ ۾ نه چڙهجان. منهنجو انتظار ڪجانءِ. آئون گاڏي کڻي
ايندس پوءِ انهيءَ ۾ اسين شهر مان نڪري ڪراچي هليا ھلنداسين. مون ڪراچيءَ ۾ هڪ
دوست جي فليٽ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. نرگس مان توکان سواءِ رهي نٿو سگهان. بس
اھو ئي آخري دڳ وڃي بچيو آهي جنهن تي هلندي اسين ٻئي هڪ ٿي وينداسين. پنهنجي هڪ
الڳ جنت ٺاهينداسين .... پوء اڳتي هلي
حالتون صحيح ٿيون ته گهر وارن کي به مڃائي وٺنداسين. هو نيٺ اسان کي پنهنجو ڪري
وٺندا. تون رڳو هاڻي همت ڪر. هيءُ آخري موقعو آهي. تنهنجو ڀاءُ به ٻاهر ويل آهي ۽
تون آسانيءَ سان اڪيلي ڪاليج واري پوائنٽ واري چوڪ تي اچي سگھين ٿي. مان تنهنجو
انتظار ڪندس. تنهنجو پنهنجو پيار.“
