ھوسڙا
منظور ڪوھيار
نسيم
پارس گاد، ۲۰۲۶ع ۾ ڇپيل پنهنجين ڪهاڻين جو ڪتاب ”ھوسڙا“ پنهنجي سِر پاڻ اچي ”سعدي
ٽائون“ ڏئي ويو. کيس شابس هجي، نه ته ڪنڊائتي ليکڪ کي ڪير ٿو پڇي، جيڪو نه ڪنهن جي
ٻن ۾ نه ٽن ۾...
ھن بلاگ اندر پڙھندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ سنڌي افسانا ۽ ڪھاڻيون رکيون ويون آهن.
ھوسڙا
منظور ڪوھيار
نسيم
پارس گاد، ۲۰۲۶ع ۾ ڇپيل پنهنجين ڪهاڻين جو ڪتاب ”ھوسڙا“ پنهنجي سِر پاڻ اچي ”سعدي
ٽائون“ ڏئي ويو. کيس شابس هجي، نه ته ڪنڊائتي ليکڪ کي ڪير ٿو پڇي، جيڪو نه ڪنهن جي
ٻن ۾ نه ٽن ۾...
ڊفينس ۾ باندي ٿيل ڪوسٽر!
مختصر ڪھاڻي
محمد احسان لغاري
مان
ڪنھن وي آءِ پي پروٽوڪول لاءِ نه ٺھي هئس. مان ڪنھن وزير، آفيسر يا جج جي اڳيان
پويان سائرن وڄائيندي ڊوڙڻ واري چمڪندڙ پراڊو به نه هئس، جنھن لاءِ دربان ڊوڙي
دروازا کولي ادب سان هٿ ٻڌي بيھندا آهن. مان ته رڳو هڪ سادي، سرڪاري ڪوسٽر آھيان؛
پر منھنجو مقصد ڪنھن به شاهي سواريءَ کان اتانھون ھو. مون کي غريب نياڻين جي خوابن
کي پنھنجي سيني ۾ کڻي هلڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.
ڌرتيءَ جي ڌيءُ جاڳي ٿي
(مختصر ڪھاڻي)
ذوالفقار ناصر ساريو
”نرگس، سڀاڻي
صبح جو آئون تنهنجو انتظار ڪندس. تون ضرورت آهر ڪجھ ڪپڙا، زيور ۽ روڪ رقم کڻجان.
چوڪ تي اچي ڪاليج واري پوائنٽ ۾ نه چڙهجان. منهنجو انتظار ڪجانءِ. آئون گاڏي کڻي
ايندس پوءِ انهيءَ ۾ اسين شهر مان نڪري ڪراچي هليا ھلنداسين. مون ڪراچيءَ ۾ هڪ
دوست جي فليٽ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. نرگس مان توکان سواءِ رهي نٿو سگهان. بس
اھو ئي آخري دڳ وڃي بچيو آهي جنهن تي هلندي اسين ٻئي هڪ ٿي وينداسين. پنهنجي هڪ
الڳ جنت ٺاهينداسين .... پوء اڳتي هلي
حالتون صحيح ٿيون ته گهر وارن کي به مڃائي وٺنداسين. هو نيٺ اسان کي پنهنجو ڪري
وٺندا. تون رڳو هاڻي همت ڪر. هيءُ آخري موقعو آهي. تنهنجو ڀاءُ به ٻاهر ويل آهي ۽
تون آسانيءَ سان اڪيلي ڪاليج واري پوائنٽ واري چوڪ تي اچي سگھين ٿي. مان تنهنجو
انتظار ڪندس. تنهنجو پنهنجو پيار.“
ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ
(ڪتاب ڪهاڻي - ڪھاڻين جي
ڪتاب جو اڀياس)
ذوالفقار ناصر ساريو
هوش
محمد ڀٽي پنهنجي هن ڪتاب ۾ پنهنجي پاران لکي ٿو ته؛ ”اسان جي گهر کان وٺي حيدر چوڪ
تائين.. ورهاڱي کان اڳ جون عمارتون ۽ انهن ۾ بعد آيل انسان ۽ ان کان اڳ رھندڙ
انسان، ٻنهي جون ريت پريت، ڏيک ويک، ان دور جون سرون، ڪاٺ جون ڇتيون، اهي ڪوٺا..
انهن کي ڏسي هڪ پراسراريت ۽ زندھ ناسٽلجيا جو منظر مون اڳيان ٺهي پوندو آهي ۽ آئون
اها پوري گهٽي، هڪ گهري سوچ جي محور ۾ ڀٽڪندو رھيو آهيان. ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي چهرا
۽ احساس جنم وٺندا آهن ۽ ڪيفيتن جو جهان طور ِسينا ٿي ويندو آهي.” هُن انهن پيچرن،
انهن دڳن کان ٿيندو، ماڻهن جا چهرا ڏسندو، اندر جاچيندو، ڌرتيءَ جا سڀ دڳ ڏسي ۽
لکي پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”انگن جي راند“ (۲۰۱۰ع) اسان کي ڏنو هو، پوءِ وري انهن
ماڻهن جي روين منجھ رهي، سندن محبتن کي پرکي هڪ ٻيو ڪهاڻين جو ڪتاب “ڪوءِ ڳنڍيندڙ
ھوءِ“ (۲۰۱۸ع) ۾ ڳنڍ ٻڌي، ٻين کوڙ پنهنجن لکيل ڪتابن سان گڏ گودڙيءَ ۾ رکيو
اٿائين. هن ڪتاب ۾ ۱۷ ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب مُرڪَ پبليڪيشن جي مرتضي لغاريءَ
ڇپايو آهي. مدد علي سنڌي، پروفيسر ڊاڪٽر تهمينا مفتي، منظور ڪوهيار ۽ پير عبيد
راشديءَ ڪهاڻين سان گڏ ڪهاڻيڪار هوش محمد ڀٽيءَ جي هوش، جوش ۽ سندس تخليقي اڏام کي
پروڙيو ۽ پرکيو آهي.
ميلوها
(مختصر ڪهاڻي)
عزيز ڪنگراڻي
وشال
سنڌُو درياھ جي مست الست لهرن ۾ سِڙھ وارو وڏو ٻيڙو ڇولين کي چيريندو، لهرن ۽ ڪُنن
کي لتاڙيندو ٻِي ڀَر وڌي رهيو هو. ملاح وڏي اعتماد سان ٻيڙو هلائي رهيو هو. جنهن
مهل واءُ سڻائو گهٽ ٿئي پيو ته ٻيڙي کي ونجھ سان هلائڻ ٿي لڳو. ٻيڙي ۾ ڪافي سوار
هئا. هڪ اڌ کانسواءِ باقي سانورا ۽ ڪڻڪائين رنگ جا هئا. هرهڪ کي چاپئين ڏاڙهي هئي.
سڀني ماڻهن کي پيرن ۾ گيتلو پاتل هو. مٿي سان کين ڇِيٽ جهڙي ڪپڙي جو ننڍو انگڇو
ٻَڌل هئو. سندن بدن تي ململ جي ڪپڙي جي کسِي ڳلي واري گِڊِي پهريل، ڪلهن تي اجرڪ
جهڙو ڪپڙو اوڍيل ۽ لاک ٻَڌل هئي. ڪن وٽ ڳوٿرين ۾ ٺڪرِي ۽ ٽامي جون ٽِڪِيون هيون.
ڪنهن مهل ڳوٿري کولي آهي ٽِڪيون ڏسِي سنڀالي وري ڳوٿري ۾ رکيائون پئي. ٽِڪين تي
اکر اُڪريل هئا جيڪي سمجھ ۾ نه پئي آيا. وٽن ڪو به هٿيار نه هو توڻي جو ٻيڙي ۾ طرح
طرح جي ڪپڙي جا ٿان، ڪچو سون، ماکي، بانس جا لڪڙا، سُڪل مڇي ۽ ٻيو قيمتي سامان پيل
هو.
مظلوميت جو نقاب
مختصر ڪھاڻي
نسيم بخاري
صبح
سوير منهنجي گھر جو درکڙڪيو.
در
کوليم ته سامهون عمران بيٺو هو. مان کيس سالن کان سڃاڻندو هئس، پر اڄ سندس مُھانڊو
ڄڻ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو ٿي لڳو. اک جي ڪُنڊ مان رت وهي رهيو هئس، مُنھن تي تشدد جا
تازا نشان ۽ ڪپڙن تي مٽي ڄميل هئس.
مان کن
پل کيس ڏسندو رهيس.
”تو کي ڇا ٿيو آھي؟“ مون بي اختيار پڇيو.
پاتار مان پنا
دوستووسڪي سنڌيءَ ۾
رکيل مورائي
روسي
ادب ۾ فيودور دوستووسڪيءَ جو ادب پنهنجي
الڳ اسلوب وارو آهي. اها ڳالھھ دنيا جا نقاد قبولي چڪا آهن. ساڳئي وقت هو دنيا ۾
گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪن مان هڪ پڻ آهي ”Notes from Underground“ (پاتار مان پنا) سندس اهڙو ناول آهي، جيڪو سندس پهرين لکڻين ۾ قبول
ڪيو ويو آهي.