ڏاندن
جو جوڙو
(ريخته
ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار؛ منشي پريم چند
سنڌيڪار؛ انجنيئر عبدالوھاب سھتو
جانورن منجھ، مڙني کان وڌ بيوقوف، گڏھ کي سمجھيو ويندو
آ. جڏھن اسان ڪنھن شخص کي وڏو احمق سڏڻ چاھيندا آھيون ته کيس گڏھ ڪوٺيندا آھيون. گڏھ،
واقعي بيوقوف آ يا سندس سادگيءَ ۽ حد درجي جي سھپ، کيس اھو لقب ڏياريو آ. اھو
فيصلو ڪرڻ ڏکيو آ.
ڳئون، شريف جانور آ، پر سڱن تي به کڻندي آ. ڪتو به غريب جانور آ پر ڪڏھن ڪڏھن ڪاوڙ ڪنڊي تي
چڙھيو وڃيس. مگر گڏھ کي ڪاوڙ چڙھي ئي ڪا نه، ڀل ڪيترو به کڻي ڪٽيوس. جھڙو به ڪنو
چارو اڳيان اڇليوس، ٻوٿ تي ناراضپي جا نشان ئي نه اڀرندس. اپريل ۾ شايد ڪڏھن ٿورو
ٿڪو ڪندو ھجي، پر اسان ڪڏھن کيس خوش ٿيندي ڪو نه ڏٺو آ. سندس ٻوٿ تي مستقل طور،
مايوسي ڇانيل ھوندي آ. سک ڏک، نفعي نقصان کان کيس خوش ٿيندي نه ڏٺو آ. رشين منين
جون جيڪي خوبيون آھن، سي سموريون منجھس اڃا اتم آھن. ليڪن ماڻھو کيس بيوقوف سڏي
ٿو. چوٽيءَ جي خصلتن جي اھڙي توھين، اسان ٻئي ھنڌ ڪٿي نه ڏٺي آ. امڪان آ ته دنيا
اندر، سڌي ھجڻ واري لاءِ ڪا جاءِ نه ھجي.
ليڪن گڏھ جو ھڪڙو ڀاءُ ٻيو به آھي، جيڪو کانئس گھٽ گڏھ
آ، سو آ ڍڳو. جنھن معنيٰ ۾ اسان گڏھ جو لفظ استعمال ڪندا آھيون، ڪي ماڻھو وري اھڙا
آھن جيڪي ڍڳي کي بيوقوفن جو سردار چوڻ لاءِ تيار ھوندا آھن. مگر اسان جو خيال ائين
ناھي. ڍڳو، ڪڏھن ڪڏھن وڙھندو به آ. ڪڏھن ڪڏھن اھنڊ ڍڳا به ڏسڻ ۾ ايندا آھن، جيڪي
ڪڏھن گھڻن ئي طريقن سان پنھنجي پسند ناپسند جو اظھار به ڪري وٺندا آھن. تنھنڪري
سندس درجو، گڏھ کان ٿورو ھيٺ آ.
جھوري ڪاڇيءَ وٽ ڏاندن جو جوڙو ھيو. جنھن مان ھڪ جو نالو
ھيرو ۽ ٻئي جو موتي ھيو. ٻئي، پڇمي نسل جا ھيا. ڏسڻ جا سھڻا، ڪم ۾ ڦڙت، ھڏ ڪاٺ ۾
موڪرا ۽ ڊگھا. گھڻن ڏھاڙن کان ساٿ ۾ رھندي، پاڻ ۾ ڄڻ پريت ٿي وئي ھين. ٻئي منھان
منھن يا اوس پاس ۾ ويٺل ھوندي، گونگي زبان ۾ ھڪ ٻئي سان اندر جو حال احوال اوري
وٺندا ھيا ۽ ھڪ ٻئي جو اندرُ به ڄاڻي وٺندا ھيا. ائين اسان نه ٿا چئي سگھون. ضرور
منجھن ڪا نه ڪا سمجھ کان مٿي قوت ھئي، جنھن کي سمجھڻ کان اشرف المخلوقات ھئڻ جي
دعويٰ ڪندڙ انسان به وانجھيل آ. ٻئي ھڪٻئي کي چٽي يا سنگھي، پنھنجي پريت جو نماءُ
ڪندا ھيا. ڪڏھن ٻئي بيھي پاڻ ۾ سِڱَ ملائيندا ھيا. دشمنيءَ کان نه پر دل-پشوريءَ
کان، رڳو کل مذاق مان، جيئن يارن دوستن ۾ ڪڏھن ڪڏھن ٻيگھو پئجي ويندو آ. ان کان
سواءِ ته سنگت به بي چسي ۽ ڇڊي پاڊي رھندي آ. جنھن تي گھڻو ڀروسو به نه ڪري سگھبو
آ.
جنھن ويل اھو جوڙو، ڏاند گاڏي يا ھر ۾ جُٽندو ھيو ۽ ڪلھا
لوڏي جڏھن ھلندو ھيو، ته ٻنھي مان ھر ھڪ جي ڪوشش ھوندي ھئي ته وزن جي اوھر، ھوند
سندس ڪلھن تي ھجي. ڪم ڪئي کان پوءِ منجھند يا شام جو جڏھن پاڃارين مان کلندا ھيا
ته ھڪٻئي جي چُمَ چَٽَ سان، ٿَڪُ ڀڃندا ھيا. آھر منجھ کڙ ڪتر پئجي وڃي ته کائڻ
لاءِ ٻئي گڏ اٿندا، گڏجي آھر ۾ ٻوٿ وجھندا ۽ وري گڏ ويھندا. ھڪڙو چاري مان چڪ ڪڍي
ته ٻيو به گاھ مان ٻوٿ ڪڍي وڃي.
ھڪڙي ڀيري جھوريءَ ٻئي ڏاند، ساھرين ڳوٺ ونگارو ڏياري
موڪليا. ڏاندن گگدامن کي ڪھڙي خبر ته ڇا لاءِ پيا وڃن. تن سمجھيو ته ڌڻيءَ اسان کي
کپائي ڇڏيو آ. ڪير ڄاڻي ته ڏاندن کي پنھنجو وڪامڻ وڻيو به الائي نه. ليڪن جھوريءَ
جي سالي جا ڳوٺ پھچڻ تائين پگھر ڪڍي ڇڏيائون. پٺيئون ھڪلين ته ساڄي کاٻي ڀڄيو
وڃنس. اڳيئون رسو وجھي ڇڪين ته ڊُھي ھڻي بيھي رھنس. مارين ته ڪنڌ ھيٺ ڪري، سڱن تي
کڻڻ جي ڪنس. جي انھن بي زبانن کي زبان ھجي ھا، ھوند جھوريءَ کان پڇن ھا ته اسان
گگدامن کي ڇو نيڪالي ڏني اٿئي؟ اسان تنھنجي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڇڏي ھئي ڇا؟ جيڪڏھن
ايڏي محنت تي به تو وارو ڪم پورو نه پئي ٿيو ته اڃا سرس ڍُڪائين ھا، ان لاءِ اسان
کي ڪو انڪار به ڪو نه ھيو. اسان کي تنھنجي چاڪريءَ ۾ مرڻ به قبول ھيو. اسان ڪڏھن
گاھ پٺي جي شڪايت ڪا نه ڪئي. جيڪو کارايئي، سو ڪنڌ نوڙائي کاڌوسين پئي. پوءِ تو
اسان کي ھن ظالم جي ھٿ ڇو وِڪيو؟
ڳوٺ ۾ جيڏي مھل رات ٿين ته ٻنھي رسا ڇنايا ۽ پنھنجي ڳوٺ
ڏانھن پنڌ پيا. رسا مضبوط ھيا ۽ ڪنھن کي ڀؤ ڀولو ئي نه ھيو ته ڪو ڇنائي ڀڄي ويندا.
پر ان ويل ٻنھي ۾ ڪا اھڙي طاقت اچي وئي جو پھرين ئي سٽ ۾ رسا ڇنائي وٺي ڀڳا.
جھوريءَ ڀنڀراڪي جو اٿي ڏٺو ته ڏاند، آھر تي بيٺا آھن پر
ڳچين ۾ رسن جا ٽوٽا به پيا لڙڪنن. گوڏن تائين مٽيءَ ۾ ٿڦيل ھيا ۽ ٻنھي جي اکين ۾
پيار سان گڏ ڪاوڙ به ڦڦڪي پئي. جھوري کين ڏسي، پيار منجھئون چريو ٿي ويو. ڊڪ پائي
کين ٻک وڃي وڌائين. انسان ۽ حيوان جي محبت جو اھو منظر ڏاڍو وڻندڙ ھيو.
گھر ڀاتي ۽ ڳوٺ جا ٻار اچي ڪٺا ٿيا ۽ تاڙيون وڄائي ڀليڪار
ڪيائونِ. ڳوٺ جي تاريخ ۾، اھو واقعو پنھنجي نوع جو پھريون ته نه پر اھم ضرور ھيو.
ٻارن جي ڪٺ، فيصلو ڏنو ته اھڙن بھادرن کي آجياڻو ملڻ گھرجي. پوءِ ته ڪو پنھنجي
گھران پاروٿيون مانيون کڻي آيو، ڪو گاھ مٺ ته ڪو بھ لپ، ڪو ڪڙٻ جو بند ته ڪو کڙ سميت
ڪتر جي پٺارڪ.
ھڪڙي ڇوڪري چيو؛ ”اھڙا ڍڳا ڪنھن وٽ ڪو نه ھوندا.“
ٻئي تائيد ڪندي چيس؛ ”ايڏو پري کان اڪيلا ھليا آھن.“
ٽئين چيو؛ ”پوئين جنم ۾ پڪ، ماڻھو ھوندا.“
ان جي خيال کي رد ڪرڻ جي ڪنھن ۾ جرئت ئي نه ٿي. ھٿائين
سڀئي چوڻ لڳا؛ ”ھائو ڀائو! ضرور ھوندا.“
جھوريءَ جي جوءِ جو ڏاندن کي در تي ڏٺو ته سڙي پچي وئي ۽
چوڻ لڳي؛ ” ڏاند، ڪيڏا نه بي ليمڪا آھن. ھڪڙو ڏينھن به پورو اتي نه اُڙھا آھن ۽
اتان وٺي ڀاڄ ڪئي اٿائون.“
جھوري پنھنجي ڏاندن تي اھو ڏوراپو سھي نه سگھيو ۽ چئي ڏنائينس؛
”بي ليمڪا ڇو آھن! گاھ پٺو نه مليو ھوندن ته اتي بيھي ڇا ڪن ھا؟“
جوڻس طعنو سھي نه سگھي ۽ خفا ٿيندي ورندي ڏنائينس؛ ”بس
تون ئي آن جيڪو ڏاندن کي گاھ پٺو ٿو وجھين! ٻيا ته رڳو پاڻي پياري پياري آڦرائي ٿا
ڇڏين.“
جھوريءَ ڏاڏر ڪندي چيس؛ ”کاڌ خوراڪ ملين ھا ته ڇو ڀڄن
ھا؟“
مائيءَ ھڪل ڪيس؛ ”ڀڳا ان لاءِ جو اڳيان ماڻھو تو جھڙن
بيوقوفن وانگر ڏاندن کي ويسلو نه ڇڏيندا آھن بلڪ کاڌ خوراڪ ڏيڻ سان گڏ، ھر بنجھر ۾
خوب وھائيندا آھن. ھيءُ ٿيا ڪم چور، سو اتئون ڀڄي نڪتا آھن. ھاڻ ڏسان ٿي ته ڪاٿئون
ٿو کڙ ڪتر اچين؟ ٺلھي بھ کان سواءِ مان به ڪجھ نه وجھنديمانِ. کائين يا وڃي مرن.“
ائين ئي ٿيو. ٻيليءَ کي تاڪيد ڪيو ويو ته ڏاندن کي ٺلھي
بھ کان سواءِ ڪجھ ناھي ڏيڻو. ڏاندن آھرين ۾ ٻوٿ وڌا ته سُڪو پُڪو بُھ، نه سڻڀ، نه
رس. کائين ته ڇا کائين؟ اميد ڀرين نگاھن سان، ٻنڀي ڏي تڪڻ لڳا.
جھوريءَ، ٻيليءَ کي چيو؛ ”ٿورو ٿڪو کڙ، وجھين ڇو نه ٿو؟“
ٻيلي؛ ”مالڪياڻي مون کي مار ڏيندي.“
جھوري؛ ”اڙي
ٿورو ته وجھين!“
ٻيلي؛ ”نه بابلا! پڇاڙيءَ ۾ تون به پيو ساڳيا سندن جھڙا
ويڻ ڏيندين.“
ٻئي ڏھاڙي تي، جھوريءَ جو سالو وري آيو ۽ ڏاند ڪاھيون
ويو. ھِن ڀيري، ھُن جوڙي کي ڏاند گاڏيءَ ۾ وڃي جوٽيو. ٻه چار ڀيرا، موتيءَ گاڏيءَ
کي کڏ ۾ ڪيرڻ جي ڪئي پر ھيري سنڀالي ورتس. ھن ڀيري ٻنھي ۾ سھپ جي طاقت سرس ھئي.
شام ڌاري گھر پڄي، ٻنھي کي ٿلھن رسن سان کڻي ٻڌائين ۽ ڪلھوڪي حرڪت جو مزو
چکايائين. وري ساڳيو ئي سڪو بھ وڌائين. جڏھن ته پنھنجن ڏاندن کي کڙ ڪتر ۽ سائو گاھ
کارايائين.
ھيرو ۽ موتي، ان جٺ جا عادي ڪو نه ھيا. جھوريءَ کين ڪڏھن
گلن جي ٽاريءَ سان به ڪو نه ھڪليو ھيو. سندس ھڪل تي ئي ٻئي اڏامڻ لڳندا ھيا. ھتي
مار به ملين ته مٿئون وري سڪو بھ. سو آھر ڏانھن اک کڻي به نه ڏٺائون.
ٻئي ڏھاڙي تي، گيا ڏاندن کي ھر ۾ وڃي جوٽيو، پر ٻنھي ڄڻ
وک کڻڻ کان قسم کائي ڇڏيو ھجي. ھو به ماري ماري ٿڪن، پر ھنن به وک نه کنيس. ھڪ
دفعي جڏھن ھن بي قياس ھيري جي دوناڙ تي ڏورڻو وھائي ڪڍيو ته موتي به ڪاوڙ ۾ آپي
کان ٻاھر ٿي ويو. ھر، پاڃاريءَ سميت کڻي وٺي ڀڳو. ھر، رسو ۽ گھوٻو، سڀئي ڀڄي ڀري
ھڪ ٿي ويا ھيس. ڳچيءَ وارا وڏا ۽ ٿلھا رسا وڌل نه ھجنن ھا، ته ھوند ٻئي ڀڄي نڪتا
ھيا. ھيري، گونگي زبان سان چيس؛ ”ڀڄڻ، مشڪل آ.“
موتيءَ به نيڻن سين ورندي ڏنس؛ ”تنھنجو ته ظالمَ، سر
کنيو ھيو. ھاڻ ته اڃا مار پوندي.“
ھيرو؛ ”پوڻ ڏي! ڏاند جو جنم وٺي آيا آھيون ته مار کان
ڪاٿان بچنداسون.“
گيا، ٻه وانگارُو ساڻ ڪيو، ڀڄندو پھتن. ٻنھي وانگارُن کي
ھٿن ۾ لٺيون ھيون.
موتي؛ ”چئين ته مان به مزو چکائي ڇڏيان؟“
ھيرو؛ ”نه ڀاءُ! بيھي رھ!“
موتي؛ ”مون کي ڪٽيندو ته مان به ھڪ اڌ کي ڊاھي رکندس.“
ھيرو؛ ”اھو اسان جو ڌرم ناھي.“
موتي، دل ۾ پڄري ويو. ايتري ۾ گيا به اچي پھتو ۽ ٻنھي کي
پڪڙي، ڪاھي ھليو. خيريت ٿي وئي جو بر وقت ھن کين ڪٽڪو نه ڏنو. ور نه ته موتي به
ٻڦريو بيٺو ھيو. سندس تيور ڏسي، ھيءُ به ھَڄي ويو ھيو. سندس وانگارو به سمجھي ويا
ته ھاڻ ٽارو ڪرڻ ۾ ئي چڱائي آ.
اڄ ٻنھي اڳيان ساڳيو سُڪو بھ آندو ويو. ٻئي چپڙا چپ،
بيٺا رھيا. گھر-ڀاتي کاڄ کائڻ ويھي رھيا. انھيءَ ويل ھڪڙي ننڍڙي ڇوڪري ٻه مانيون
کڻي نڪتي ۽ ٻنھي جي واتن ۾ وجھيون وئي. انھيءَ ھڪڙي ھڪڙي ڊڳڙيءَ سان ٻنھي جي بک ڇا
لھندي پر ٻنھي کي دل گھريو کاڄ ملي ويو. خبر پئي! ھتي به ڪي دل جا صاحب رھن ٿا
پيا. اھا ڇوڪري، گيا جي ھئي. ماءُ مري وئي ھيس. ويڳي ماءُ، ماريندي رھندي ھيس.
ليڪن ڏاندن سان کيس ھمدردي ٿي وئي ھئي.
ٻئي، سڄو ڏينھن جوٽيل ھوندا ھيا. آڙا گوڙي ڪندا ھيا،
ڏنڊا به کائيندا ھيا. شام ڌاري، وٿاڻ تي ٻَجھندا ھيا ۽ رات ڌاري ساڳي ڇوڪري کين ھڪ
ھڪ ڦُلڪو ڏئي ويندي ھئي. پريت جي ان کاڄ جي برڪت اھا ھئي جو سڪل بھ جا ٻه چار چڪ
ھڻي، ٻئي ڪمزور ٿيڻ کان بچيل ھيا. پر ٻنھي جي اکين جي نس نس ۾ اھنڊائپ ڀريل ھئي.
ھڪ ڏھاڙي، ماٺ جي ٻوليءَ ۾، موتيءَ چيس؛ ”ھاڻي ته سَٺو
ڪو نه ٿو ٿئي.“
ھيرو؛ ”ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
موتي؛ ”گيا کي سڱن تي کڻي ھڻان؟“
ھيرو؛ ”مگر، اھا ڇوڪري سندس ڌيءَ آ. کيس ماري ڪيرائيندين
ته اھا يتيم ٿي ويندي.“
موتي؛ ”پوءِ ڀلا مالڪياڻيءَ کي کڻي ھڻان، اھا ته ڇوڪريءَ
کي ڏھاڙي پئي ٿي ڪٽي.“
ھيرو؛ ”عورت کي ماريندين! وڏو بھادر آن!“
موتي؛ ”تون ته ڪنھن به نموني سان ڀڄڻ ئي نه ٿو ڏين. چڱو
ڀلا اچ ته اڄ رات، رسا ڇنائي ٿا ڀڄون.“
ھيرو؛ ”ھا! اھو ٺيڪ آ. مگر ھيڏو ٿلھو رسو ٽٽندو ڪيئن؟“
موتي؛ ”پھرين رسو چٻاڙ، پوءِ سٽ ڏئي ڇناءِ!“
رات ڌاري، جڏھن ڇوڪري مانيون ڏئي ھلي وئي ته ٻئي ڄڻا رسا
چٻاڙڻ ويٺا. پر رسو ٿلھو، سو وات ۾ جھلجي ئي نه. ويچارن وري وري وس ڪيو.
انھيءَ اپرانڌ گھر جي پاسي وارو دروازو کليو ۽ ساڳي
ڇوڪري منجھانئس آئي. ٻئي ڪنڌ نوڙائي، سندس ھٿڙا چٽڻ لڳا. ٻنھي جا پڇ، کڙا ٿي ويا. ھن،
سندن نرڙ تي ھٿڙا گھمايا ۽ چيائينِ؛ ”کوليانءَ ٿي. ڀڄي وڃو. ور نه ته ھي ماڻھو
توھان کي ماري ڇڏيندا. اڄ گھر ۾ صلاحون ھين ته توھان جا نڪ ٽوپائي، منجھن نٿون
وجھي ڇڏين.“
ھن، ٻنھي جا رسا کولي ڇڏيا. پر چپ چاپ بيٺا رھيا.
موتيءَ پنھنجي ٻوليءَ ۾ پڇيس؛ ”ھاڻي رڙھين ڇو نه ٿو؟“
ھيري ورندي ڏنس؛ ”ھن گگدام تي مصيبت اچي ڪڙڪندي. سڀئي
مٿس شڪ ڪندا.“
ھڪدم ڇوڪريءَ وٺي دانھون ڪوڪون ڪيون؛ ”ڏاڏا! او ڏاڏا!
پڦيءَ وارا ڏاند ڇنايون ڀڳا ٿا وڃنين. ڊُڪُ! ٻئي ڏاند ڀڳا ٿا وڃنين.“
گيا، پريشانيءَ مان ٻاھر نڪتو ۽ ڏاندن کي پڪڙڻ لاءِ وٺي
ڀڳو. ڏاند ڀڳا ته گيا به پٺيئون ڀڳن ته ھو ويتر ڇوھا ٿيا. گيا، رڙيون ڪوڪون ڪيون ۽
پوءِ ڳوٺان ڪا پھر ساڻ ڪرڻ لاءِ، ساڳئي پير موٽيو. تيستائين ڏاندن کي وٿي ملي وئي.
نڪ سامھون وٺي ڀڳا ۽ رستي جي سُڌِ به ڪا نه پين. جنھن راھ سان آيا ھيا، ان جي خبر
ڪا نه ھين. ڳوٺ نوان نظر پئي آين، تنھنڪري ٻئي بيھي سوچڻ لڳا ته ھاڻ ڇا ڪرڻ گھرجي؟
ھيري پنھنجي ٻوليءَ ۾ چيو؛ ”سمجھان ٿو ته رستو ڀلجي ويا
آھيون.“
موتي؛ ”تون به اکيون پوري وٺي ڀڳين. پھرين کيس اتي دسيون
ھا.“
ھيرو؛ ”دسي ماريونس ھا ته دنيا ڇا چوي ھا. اھي پنھنجو
دين ڌرم ڇڏين ته ڇڏين، پر اسان ڇو ڇڏيون؟“
ٻئي بک کان بي حال پئي ٿيا. ٻنيءَ ۾ مٽر بيٺا ھيا. گھڙي،
سي چرڻ بيٺا. رکي رکي لؤڻا ھڻي ڏٺائون پئي ته ڪو اچي پڳو ته ڪو نه! جڏھن پيٽ ڀرين
۽ ڇڙواڳيءَ جو احساس ٿين ته ٺينگ ڏيڻ لڳا. پھرين اوڳر ورايائون، پوءِ پاڻ ۾ سڱ
ملائي ھڪٻئي کي ڌڪڻ بيٺا. موتي، ھيري کي چڱو پوئتي تائين ڌڪي ويو. ايتري تائين جو
ھڪڙي کامي ۾ وڃي اڇليائينس. جڏھن ان کي به ڪاوڙ چڙھي ته پاڻ سنڀالي اٿيو ۽ اچي
موتيءَ سان وڙھڻ بيٺو. موتيءَ ڏٺو ته راند، رس بجاءِ وڃي ٿي جھيڙي ۾ مٽبي ته ھڪ
پاسي ھٽي بيھي رھيو.
اڙي ھيءُ ڇا، ھڪڙو سانُّ ھاڪاريندو پيو ٿو اچي. ھائو
سانُّ ئي ته آھي، جيڪو اڳيان اچي پھتو ھين. ٻئي سنگتي ھڪا ٻڪا ٿي بيھي رھيا. سانُّ
به ڄڻ ھاٿي ھجي. ساڻس وڙھڻ معنيٰ سر تان ھٿ کڻڻ ھيو. ليڪن نه وڙھڻ سان به سر جو
بچاءُ نظر نه پئي آيو. آيو به سڌو ھنن ڏي پئي. ڪيڏو نه ٿلھو متارو ھيو.
موتيءَ چيو؛ ”آھيءَ ۾ اچي وياسين. سر ڪيئن بچايون؟ ڪا
راھ ڪڍ!“
ھيري چيس؛ ”گھمنڊ مان انڌو ٿي ويو آ. ميڙ منٿ به ڪا نه
ٻڌندو.“
موتي؛ ”ڀڄي ڇو نه ھلئون؟“
ھيرو؛ ”ڀڄڻ به بي ھمتن جو ڪم آ.“
موتي؛ ”پوءِ تون ھتي ئي مر! باقي پاڻ کسڪياسين!“
ھيرو؛ ”۽ جي پٺيان لُرَ لڳو اچئي ته؟“
موتي؛ ”ڪو طريقو ٻڌاءِ! پر صفا جلدي ٻڌاءِ. ھيءَ بلا ته
سر تي چڙھي آئي آ.“
ھيرو؛ ”طريقو اھو آ ته ٻئي گڏجي مقابلو ڪيونس. مان ٿو اڳيان
ٿونو ھڻانس ۽ تون پويان بيھي ڊَھَ ھڻينس. ڏسندي ڏسندي، پڇ پائي وٺي ڀڄندو. جيئن ئي
مون تي اُلَرَ ڪري ته تون ڍِڍَ واري ڊَھَ ھڻجانس. جان جوکم ۾ وجھڻ وارو ڪم ته آھي،
ليڪن سر بچائڻ لاءِ ٻي ڪا واھ به ته ڪانھي.“
ٻئي سنگتي، سر تريءَ تي رکي، اڳتي وڌيا. سانَّ کي به ڪڏھن
منظم دشمن سان وڙھڻ جو اتفاق نه ٿيو ھيو. ھو اڪيلن سان وڙھڻ جو ھيراڪ ھيو. جيئن ئي
ھيري تي اُلرَ ڪيائين، تيئن ئي موتيءَ پويان اچي اُکين تي کنيس. سانُّ، ان ڏانھن
مڙيو ته پويان ھيري ٿونا ھنيس. سانَّ جي مرضي ھئي ته ھڪ ھڪ ڪري ٻنھي کي ڪيريان. ھيءُ
به استاد نڪري پيا. وَٺُ ئي نه پئي ڏنائونس. ھڪڙي مھل ته سانُّ، ھيري تي جلھ ڪري
مارڻ آيو ته موتيءَ ارھ کان اچي سڱن تي کنيس. ويچارو، زخمي ٿي پيو ۽ پڇ پائي وٺي
ڀڳو. ٻئي فاتح سنگتي، چڱي پنڌ تائين پويان لڳا ويس. ايتري تائين جو سھڪي سھڪي،
سانُّ به ڦان ڪري، ڪري پيو. تڏھن وڃي ٻنھي، پُٺِ ڇڏيس.
ٻئي ڏاند، راند کٽڻ جي نشي ۾ جھومندا جھامندا پئي ويا.
موتيءَ پنھنجي اشارن واري ٻوليءَ ۾ چيو؛ ”منھنجي دل ته چيو پئي ته انھيءَ ھچا کي
ماري ئي وجھان.“
ھيرو؛ ”ڪريل دشمن کي سڱ ھڻڻ، مناسب ڳالھ ڪانھي.“
موتي؛ ”اھي سڀ ڳالھيون اجايون آھن. جيڪڏھن سندس واري ۾
اچون ھا ته مُور نه ڇڏي ھا.“
ھيرو؛ ”ھاڻ گھر ڪيئن پھچندين؟ اھو سوچ.“
موتي؛ ”پھرين ڪجھ کائي وٺون. ھاڻ ته عقل ئي ڪم نه ٿو
ڪري.“
اھو چئي، موتي موٽي وڃي ٻنيءَ جي ڀيل ڪرڻ لڳو. ھيرو منع
ڪندو رھيس، پر ھن ھڪ نه ٻڌس. اڃا ٻه چار چڪ ئي نه ھنيا ھيائين جو ٻه ھمراھ لٺيون
کنيون اچي پڳا ۽ ٻنھي ڏاندن کي اچي ڪڙو چاڙھيائون. ھيرو ته ٻاھرئين ٻني تي ھيو، سو
ڀڄي ويو. موتي، ٻنيءَ ۾ ھيو. سندس کُرَ گپ واري زمين ۾ ڦاسڻ لڳا، سو ڀڄي نه سگھيو.
پڪڙجي پيو. ھيري ڏٺو ته يار تڪليف ۾ آ، سو موٽي پيو. ڦاسڻو آ ته ڪٺو ڦاسڻو آ.
راکن، کيس به پڪڙي وڌو. ٻِئي ڏھاڙي تي، ٻَئي سنگتي ڍَڪَ ۾ ھيا.“
سندن حياتيءَ ۾ اھو پھريون ڀيرو ھيو جو سڄو ڏھاڙو لنگھي
ويو پر کائڻ لاءِ تيلو به نه ملين. سمجھ ۾ نه پئي آين. ھيءُ ڪھڙو ڌڻي آ؟ ھن کان ته
گيا چڱو ھيو. اتي ڪيتريون ئي مينھون ھيون، کوڙ ساريون ٻڪريون، ڪئين گھوڙا، ٻه چار
گڏھ. گاھ ڪنھن جي به آڏو نه ھيو. ھڙئي ڌرتيءَ تي، مئلن وانگي ڪريا پيا ھيا. ڪيترا
ته ايترا ڏٻرا ٿي ويا ھيا جو اٿي بيھي به نه پئي سگھيا. سڄو ڏھاڙو، اک ٻُنڀي ۾
ھين. پر ڪو به گاھ پٺو نه کڻي آين. تڏھن گگدام ويچارا، ڀتين جي لوڻياٺي مٽي چٽڻ
لڳا. مگر مٽيءَ-چَٽِئي به ڪو ٻالنگھ ٿيو آ؟“
جڏھن رات ڌاري به کائڻ لاءِ ڪجھ نه ملين ته ھيري جي دل ۾
اھنڊائپ وارا خيال اڀرڻ لڳا. موتيءَ کي چيائين؛ ”مون کي ته ائين ٿو لڳي ڄاڻ ساھ
وڃي ٿو پيو.“
موتي؛ ”ايترو جلدي ھمت نه ھار ڀاءُ! ھتان ڀڄي نڪرڻ جو ڪو
دڳ سوچ.“
ھيرو؛ ”اچ ته ڀت ڀڃون.“
موتي ؛ ”مون کان ته ھاڻي ڪجھ نه ٿيندو.“
ھيرو؛ ”بس! انھيءَ بُوتي تي پئي ٽڏئين!“
موتي؛ ”سڄي آڪڙ ئي نڪري وئي ڀاءُ!“
ڍَڪَ جي ڀت، ڪچي ھئي. ھيري پنھنجن چھنبيارن سڱن سان ڊَھَ
ھنيس ته مٽيءَ جا چاپڙ اچي ڪريا. انھيءَ تي ھن جو حوصلو به وڌيو. پوئتي ھٽي، ڊڪي
ڊڪي اچي ڀت کي ڊَھون ھڻڻ لڳو. ھر ڊَھَ تي مٽيءَ جا ٿورا ٿورا چاپڙ ڪرڻ لڳا.
ايتري ۾ ڍڪ جو چوڪيدار به بتي کنيو، ڍورن جي ڳڻپ ڪرڻ
نڪتو. ھيري کي آپي مان ٻاھر نڪتل ڏسي، ڏنڊا ٺوڪيائينس ۽ ٿلھي رسي سان ٻڌي
ڇڏيائينس.
موتيءَ پِئي پِئي، ڏانھنس ڏٺو، چپ جي زبان سان ڄڻ چوندو
ھجيس؛ ”نيٺ مار کاڌئي! ڇا مليئي؟“
ھيرو؛ ”زور ته آزمايم.“
موتي؛ ”اھڙو زور ڪھڙي ڪم جو. ويتر پنجوڙ پئجي ويئي.“
ھيرو؛ ”ان کان ته مان به ڪو نه مڙندس. ڀل ڪيڏا به پنجوڙ
پوندا وڃن.“
موتي؛ ”سر تان به اَھو کڻي ويھندين.“
ھيرو؛ ”ان جي مون کي به پرواھ ڪانھي. ائين به مرڻو آ.
ٿورو سوچ؛ جي ڀت ڪري پوي ھان ته ڪيترا ساھدار، بچي وڃن ھا. جيترا ھتي بند آھن نه،
ڪنھن جي جسم ۾ به ساھ ڪونھي. ٻه چار ڏينھن اھو حال رھيو ته سڀ جو سڀ مري ئي
ويندا.“
موتيءَ به ساڳئي ھنڌ ڀت ۾ سڱ ھنيا. ٿورا چاپڙ ڪريا ته
ھنياري وڌي ويس. اڃا سڱ اٽڪائي، تڏرون ڏيڻ لڳس، ڄڻ ڪنھن سان وڙھندو ھجي. نيٺ ڪلاڪ
ٻن جي زورآزمائيءَ کان پوءِ، ڀت جو ٿورو حصو ٽٽي ھيٺ ڪري پيو. ٻيڻي طاقت سان اڃا
زور جي ڊَھَ ھنيائينس ته اڌڙ ڀت جو ڪري پيو.
ھيڏانھن ڀت جو ڪرڻ، ھوڏانھن اڌ-مئا ڍور اٿي پيا. ٽي
گھوڙيون ته ڀڄي نڪري ويون. رڍون ٻڪريون به نڪتيون. تھان پوءِ مينھون به کسڪيون. پر
گڏھ اڃا اتي بيٺا ھيا.
ھيري پڇين؛ ”توھان ڇو نه ٿا ڀڄو؟“
ھڪڙي گڏھ وراڻيس؛ ”ڪٿي وري پڪڙجي پئون ته؟“
ھيرو؛ ”پڪڙجي پيئو ته پوءِ ڏٺو ويندو. ھاڻ ته ڀڄڻ جو
موقعو اٿو.“
گڏھ؛ ”اسان کي ڀؤ ٿو ٿئي. اسان ڀڄنداسين ڪو نه.“
اڌ رات گذري چڪي ھئي. ٻئي گڏھ بيٺا سوچي رھيا ھيا ته
ڀڄئون يا نه ڀڄئون. موتي، پنھنجي سنگتيءَ جو رسو ڇنائڻ ۾ رڌل ھيو. جڏھن ٿڪجي ھاري
بيٺو ته ھيري چيس؛ ”تون وڃ! مون کي ڇڏ! شايد ڪڏھن ملاقات ٿي وڃي.“
موتيءَ اکين مان ڳوڙھا ڳاڙيندي چيس؛ ”تون مون کي خود غرض
ٿو سمجھين ھيرا! مان ۽ تون، سدائين ساٿ ۾ رھياسين. اڄ تون مصيبت ۾ ڦاٿو آھين. مان
وري تو کي ڦٽو ڪري ڀڄي وڃان!“
ھيرو؛ ”ڏاڍي مار کائيندين. سمجھي ويندا ته اھا سڄي شرارت
تنھنجي آ.“
موتي؛ ”جنھن ڏوھ تي تنھنجي ڳچيءَ ۾ ڦندو پيو، تنھن تي
جيڪڏھن مون کي مار ملندي ته ڇا ٿي پيو. اھو ته ٿيو جو ڏھ ٻارھن جانورن جي جان بچي
وئي.“ اھو چئي موتيءَ، ٻنھي گڏھن کي سڱن سان ٽڪر ھڻي، ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ پوءِ پنھنجي
سنگتيءَ وٽ اچي سمھي رھيو.
صبح ٿيندي ئي، ڍڪ-منشين، چوڪيدارن ۽ ٻين ملازمن ۾اچي
ٿرٿلو پيو. تھان پوءِ موتيءَ جي مرمت ڪيائيون ۽ ٿلھي رسي سان ٻڌي ڇڏيائونس.
ھفتي تائين ته ٻئي ڏاند ٻڌا پيا ھيا.
رب ٿو ڄاڻي، ان ڍڪ جا ماڻھو ايڏا ته بي قياس ھيا جو ڪنھن
به گاھ جو تيلو نه وڌن. البته ڏينھن ۾ ھڪ ڀيرو پاڻي سو ڏيکاريندا ھين. اھا ئي ھنن
جي خوراڪ ھئي. ٻئي ايترو ته ڏوٻر لاھي بيٺا جو اٿڻ به نه پئي پڳن. ھڙٻاٽيون به
نڪري آيون ھين.
ھڪ ڏھاڙي، ڍڪ جي اڳيان ڊُگڊُگي وڄڻ لڳي. ٻپھري ٿيندي
ٿيندي پنجاھ سٺ ماڻھو ڪٺا ٿي ويا. تڏھن ٻئي ڏاند ٻاھر آندا ويا ۽ سندن ٽھل ٽڪور
ٿيڻ لڳي. ماڻھو اچي اچي سندن منھن نار ڏسن پيا ۽ وري موٽيو پئي ويا. اھڙن نٻل ڍڳن
کي ڪير خريد ڪندو؟
اچانڪ ھڪڙو شخص، جنھن جون اکيون ڳاڙھيون ھجن ۽ چھري تي بي
رحم ھجڻ جا نشان چٽا ھيس، آيو ۽ ڍڪ منشيءَ سان ڳالھائڻ بيٺو. سندس شڪل ڏسي، ڪنھن
اڻ لَکي احساس کئون ٻئي ڏاند ٽھڻ لڳا. ھيءُ ڪير آ ۽ اسان کي ڇو ٿو خريدي؟ ان بابت
کين ڪو شڪ شبھو نه بچيو. ٻئي ھڪ ٻئي ڏانھن ڏسي، ڪنڌ لاڙي بيھي رھيا.
ھيري چيو؛ ”گيا جي گھرئون، ناحق ڀڳاسين. ھاڻ جان ڪا نه
بچندي.“
موتيءَ چيس؛ ”چوندا آھن؛ ڀڳوان مڙني تي ٻاجھ ڪندو آ. کيس
اسان جي حالت تي ترس ڇو نه ايندو؟“
ھيرو؛ ”ڀڳوان جي لاءِ اسان جو جيئڻ مرڻ، ھڪجھڙا آھن.“
موتي؛ ”ھلو! ٺيڪ آ ڪجھ ڏھاڙا انھيءَ وٽ به رھنداسين.“
ھيرو؛ ”ھڪ ڀيرو ڀڳوان، ڇوڪريءَ جي روپ ۾ بچايو ھيو، سو
ھاڻي نه بچائيندو ڇا؟“
موتي؛ ”ھيءُ شخص، لڪڻ وھائيندو. ڏسجانءِ!“
ھيرو؛ ”ننڍي ڳالھ آ. مري، ھنن سورن کان ڇٽي پونداسين.“
نيلام ٿيڻ پڄاڻان، ٻئي ڏاند انھيءَ شخص سان ساڻ ٿي ھليا.
ٻنھي جي ڳائي ٻوٽي رڦي پئي. ويچارن کان وک ئي نه پئي کڳي. پر ڀَوَ تتئون، وک وڌئون
پئي. ٿورو ڍرا پئي ٿيا ته سوٽو وھائي پئي ڪڍيائين.
واٽ ويندي ڍڳين ۽ ڍڳن جو ھڪڙو ڌڻ، جھنگ ۾ چرندي نظر آين.
سمورا ڍور خوش ھيا. ڪو ڪُڏيو پئي ته ڪنھن اوڳر پئي ورايو. ڪيڏي نه مزي جي حياتي
ھين. ليڪن ڪيڏا نه خود غرض ھيا، جو ڪنھن کي ڪنھن جي ڪا پرواھ ئي نه ھئي. ڪنھن کي
به ترس نه پئي آيو ته سندن ٻه ڀائر، موت جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آھن.
اوچتو کين لڳو ته ڄڻ واٽ ڏٺل ھجي. ھا ھتئون ته گيا، اسان
کي پنھنجي ڳوٺ ڪاھي ھليو ھيو. ساڳي پوک، ساڳيو باغ، ساڳيو ڳوٺ ته آھن. ھاڻ ھنن جي
وک تيز ٿي وئي. سڄو ٿڪ، سمورو ڏوٻر، سڄي مايوسي ھوا ۾ اڏامي وين. ’اڙي ھيءُ ته
پنھنجي پوک آ. ھيءُ ته پاڻ وارو کوھ آ. جتان ڏھاڙي پاڻي پيئندا ھياسين.‘
موتيءَ چيس؛ ”اسان وارو گھر ويجھو آ.“
ھيري چيو؛ ”ڀڳوان جي مھرباني آ.“
موتي؛ ”مان ته ھاڻي گھر ڏانھن ٿو ڀڄانءِ.“
ھيرو؛ ”ھيءُ ڀڄڻ به ڏيندءِ! اھو سوچ ته سھي!“
موتي؛ ”ٽڪر ھڻي ٿو ڪيرايانس. جيستائين پاڻ سنڀالي ۽ اٿي،
تيستائين گھر پڄي ويندس.“
ھيرو؛ ”نه! ٿورو وٿاڻ تائين ھلئون. اتئون اڳتي نه
ھلنداسينس.“
ٻئي مست ٿي ويا. گابڙن وانگي ٺينگڙا ڏيندا، گھر ڏانھن
وٺي ڀڳا ۽ وڃي پنھنجي وٿاڻ تي بيٺا. اھو ھمراھ به پوئتئون پوئتئون ڊوڙندو آين.
جھوري ٻنڀي تي بيٺي، تڙڪو چٽي رھيو ھيو. ڏاندن کي ڏسي،
ڊوڙندو پڳو. کين آتارڻ لڳو. ڏاندن جي اکين مان ڳوڙھا ٽِرم ٽِرم ڪرڻ لڳا. ھڪڙو ته
جھوريءَ جا ھٿ چٽڻ لڳو ته ٻيو وري پير.
ھن ھمراھ به پڄي اچي ڏاندن جا رسا ڇڪيا. جھوريءَ چيس؛
”ھيءُ ڏاند منھنجا آھن.“
”تنھنجا ڪيئن ٿيا؟! مون نيلاميءَ مان ورتا آھن.“
جھوري؛ ”مان سمجھان ٿو ته چورائي ڪاھي آيو آھين. ماٺ ميٺ
۾ ھليو وڃ، جو ڏاند منھنجا آھن. وڪڻندس ته وڪامندا. ٻئي ڪنھن کي منھنجي ڏاند وڪڻڻ
جو ڪھڙو حق آ؟“
”مون ته ورتا آھن.“
” ورتا
ھوندءِ.“
انھيءَ تي اھو ھمراھ زوريءَ ڏاند ڪاھڻ لاءِ اڳتي وڌيو. جنھن
ڳالھ تي، موتيءَ سڱ گھمايا. ھمراھ پوئتي ھٽيو. موتي، پٺيان لڳس. کيس ڊيھاڙيندو ويو
۽ ڳوٺ کان ٻاھر وڃي پڳا. پوءِ سندس رستو جھلي بيھي رھيو. ان ھمراھ پريان بيھي، دڙڪا
داٻ پئي ڏنا ۽ گاريون پئي ڪڍيائين. ڀينڊ به پئي ھنيائين. جڏھن ته موتي اڳ جھلي
بيھي رھيس. ڳوٺاڻن تماشو بيٺي ڏٺو ۽ ٽھڪار ھين.
جڏھن اھو ھمراھ، ھارائي موٽي ويو ته موتي به ڪر کنيون،
موٽي آيو.
ھيري چيس؛ ”مون کي ڀؤ ھيو ته موراڳو ماري نه وجھينس.“
موتي؛ ”ويجھو اچي ھا ته بلڪل ماريانس ھا.“
ھيرو؛ ”ھاڻي نه ايندو.“
موتي؛ ”ايندو ته پري کان ئي خبر وٺندوسانس. ڏسانس ته
ڪيئن ٿو ڪاھي ھلي.“
جھٽ گھڙيءَ اندر، آھر ۾ کڙ ڪتر، سائو گاھ ۽ ڏارو ڀرجي
ويا. ٻئي ڏاند، کائڻ کي کُپي ويا.
جھوري بيھي، ڏانھنِ ڏسندو رھيو ۽ گدگد به پئي ٿيو. ڌڻ
ٻارن جو به تماشو ڏسي رھيو ھيو ۽ سڄو ڳوٺ ٻھڪيو پئي.
تنھن گھڙيءَ مالڪياڻيءَ اچي پنھنجي ڏاندن جا نرڙ چميا.


No comments:
Post a Comment