Friday, October 29, 2021

دنيا دم درياءُ

ڪُٺلن جي ڪُڙمَ جي ڪٿا

دادلي ناصر زهراڻي جي ناول “دنيا دَمُ درياءُ” تي هڪ نظر

ننگر چنا



سال ۱۸۶۸ع ۾ سنڌي ناول نگاريءَ جي پيڙھ رکڻ ۾ اُڌارام ۽ نول راءِ جن جانسن جي ناول جو ترجمو ڪري پھريون پٿر رکيو. ترجمو ڪيل “راسيلاس” نالي انهيءَ ناول کان پوءِ هڪ تحريڪ اُٿي، پر اهم ڳالهه هيءَ آهي ته اها تحريڪ هڪ شخص جي صورت ۾ اٿي. اهو شخص سنڌي ادب جو محسن مرزا قليچ بيگ هو. مرزا صاحبَ طبع زاد لکڻين ۽ ترجمن جا ڍير لڳائي ڇڏيا ۽ سنڌي ادب لاءِ گهڻ پاسايون راهون هموار ڪري ڇڏيون. ۱۸۹۰ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو پھريون ناول “زينت” به مرزا قليچ بيگ جو ئي ڪارنامو هو. ۱۸۹۰ع کان اڄ ۲۰۱۷ع تائين هڪ سئو ستاويھن سالن جي هن پنڌ ۾ اسان جي ناول ڪيئي منزلون ماريون آهن.

جُٺِ - زاهد علي ڀٽو

جُٺِ

(ننڍڙي ڪهاڻي)

زاهد علي ڀٽو



سانوڻ جيڪو منهنجي هڪ دوست شيراز جو دوست هو ۽ شيراز جي معرفت سانوڻ سان ميل ملاقاتون ۽ ڪچھريون ٿينديون رھنديون هيون۔

سانوڻ پنهنجي نالي جيان تکو ۽ تيز هو۔

سانوڻ ڪچهرين ۾ تمام وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندو هو ته؛ “جي منهنجي هٿ وس هجي ته هيئن ڪري ڇڏيان، هونئن ڪري ڇڏيان. ڪو غريب بک نه سمهندو، ملڪ ۾ بيروزگاريءَ جو نانءُ نشان نه هوندو. ڪوڙ ٺڳي ۽ ڪرپشن نه هوندي!”

Monday, October 25, 2021

آگم پريت - آگم منڙو

ناول آگم پريت

جُڳن جي ڪهاڻي



مصنف: آگم منڙو

تعارف/ غفار سومرو


گذريل سال لاڪ ڊائون دوران جڏھن  هر ڪو ڄڻو جو جتي هو اتي سُڪ هو. ڪورونا جون قهري ڪاروايون جاري و ساري هيون ته موت جو راڪاس به پوري دنيا جي ياترا تي نڪتل هو. بيماري، بدحالي، خوف، اڪيلائي، لاڪ ڊائون، موڪلون ۽ منهن تي ماسڪ هڻي جوانن جا کنڌا کڻي ڇڏيا هئا. اهڙي ماحول ۾ به اسان واري ادبي لڏي جي دوستن پاڻ پئي موکيو. مان سمجهان ٿو لاڪڊائون دوران تمام جهجهي شاعري، ڪوڙين ڪهاڻيون، نڪور ناول ۽ لکين لال جواهرات جهڙا پٽ، ڌيون به منظر عام تي اچي چڪا آھن. تاريخ گواھ آھي ته فرست ۾ هميشه آبادي جي واڌ ۽ ادب گهڻو سرجيو ويو آھي.

ان سلسلي ۾ ٿر جي روهيڙي جهڙي رنگين مزاج علم ادب جي چاهڪ پياري سائل مهراڻ به وسون ڪونه گهٽايو. گهر ۾ افرادي قوت وڌائي سگهيو الاء ڪونه پر سنڌي ادب ۾ هڪ  ڀلوڙ ڪم ڪري وڃي پار پيو. سو هو ڪهاڻي ويهڪ ۱، ۲، ۳ ۽ ۴ جهڙو ڪارائتو ڪاريڪرم!!

ڪهاڻي ويهڪ ۲ ۾ منهنجي ڪهاڻي “لٿو لڙ” پيش ٿي ته ويهڪ جي اعزازي مهمان محترم امداد ڪانهيو صاحب اعزازي نوٽ لکندي لکيو ته؛



“سلسلي جي هي آخري ڪهاڻي پنهنجي انداز ۾ سُٺي ڪهاڻي آهي، پنهنجي موضوع سان ڪميٽيڊ ڀرپور تُز انداز ۾ محسوس ٿئي ٿي، سماجي اوڻائي کي اجاگر ڪندي دوست نڀايو آهي، تنقيدي پهلو کان جيڪر ڏسجي ته ڪهاڻي ۾ ڪجھ هلڪن لفظن جي شموليت ڏسجي ٿي ته آخر ۾ ڪجھ تڪڙ.

باقي نه ته ڪهاڻي پنهنجي منفرد ۽ دلچسپ انداز سان ڀلي آهي.

نيڪ تمنائن سان امداد”

پنهنجي تعريف ڪنهن کي نه وڻندي آھي سو پاڻ به پنهنجي تعريف جا ٻه ٻول ٻڌي خوشيء مان ڪڏڪار ڪندي کيس فرينڊ رڪيوسٽ  اڏاري ڇڏي. پريان همراھ به ڪو آتو ويٺو هو الاء ڇا اصل دير ئي نه ڪيائين بنا سوچ ويچار اڳ پوء جاچڻ جوچڻ جي کڻي ها ڪيائين!

بس اجهو اسان جي ياري لڳي ائين! پوء ته سائين مومل راڻي وارا  ماڻا ٽاڻا، ناز نخرا  اهڙا اچي پورا ٿيا ۽ پريت جا پيچ پيا جو پريم نگر جا پانڌيئڙا گهڻو پنڌ پٽيندي، بلڪه ڇڪيندي هاڻ هر گهڙي، هرپل رابطي ۾ رهندي اچي صفا پڳ مٽ يار ٿي پياسين.

مان اهيو اعتراف ڪندي ذرو به گهٻرايان ڪونه ٿو ته ڪهاڻي ويهڪ ۱، ۲، ۳ ۽ ۴ ۾ حصو وٺڻ  ۽ هن يار سا ياراڻي ڳنڍڻ کان پوء گمنامي جي غار مان نڪري ڪهاڻي کيتر ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڪارائتو ڪم ڪري سگهيو آھيان. اها ٽيڪر مون کي هتي جي دوستن کان علاوه  سر ضراب حيدر، سر طارق قريشي، سر رزاق سهتو پيارو سائل مهراڻ، ٻروچ شبير لغاري ۽ آگم پريت وارو آگم منڙو عرف امداد ڪانهيو ڏول ڀري ڏيندا رهيا آھن جو هاڻ آءُ به ٿوم مان زعفران ٿي پيو آھيان.

 آگم منڙو سان فون ڪچهريون، ميسنجر تي نياپن  جي مٽا سٽا ۽ واٽس ايپ تي وات وڙھاڻي ته هر روز ٿيندي رهي ٿي پر ساڻس روحاني راز به ان  سلسلي جي ڪڙي آھن.  علمي ادبي، صفا ذاتي موضوعن کان علاوه سنگت جي اسان سان روين تي رنا گهٽ کليا وڌيڪ آھيون اسان به پرپٺ  اهڙن يارڙن جي گلا غيبت شڪوه شڪايت ڍو تي ڪندا رهيا آھيون. 

 امداد ڪانهيو هڪ پيار ارپيندڙ، پيارگهرندڙ شخصيت آھي.  سندر سهڻو برجستو ڪهاڻيڪار آھي. لفظ خيال، احساس سندس ٻڌا ٻانها آھن. ميٺاج ڀريل مٺي ٻوليء ته ڪو کائونس ٻڌي. هر ڪنهن دوست، واقف اڻواقف سان “ من!”  چئي مخاطب  ٿيڻ سندس خاص خاصيت آھي.

 ھاڻي ته هو هڪ عدد نڪور ناول “ آگم پريت “ جو خالق به ٿي ويو آھي ته ڏيڍ مهينو پهرين ڏيڍ ڪلو جي “گڏڙي” به گهر جي سونهن بڻائي چڪو آھي.  مٿان اهو به ٻڌڻ ۾ آڄي پيو ته هاڻ سان ئي هڪ نئون ناول به لکي رهيو آھي جنهن جو مطلب ته سال سوا ۾ وري به ڊبل خوشخبريون ملنديون!!



هاڻ اچون ٿا سندس نڪور تخليقي ناول ”آگم پريت“ تي.

تاريخ ۲۷ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي هن پنهنجي اڻ ڇپيل ناول جو مسودو واٽس ايپ ڪندي حڪم ڪيو ته؛ ”من! جيترو جلد ٿي سگهي پڙھي رايو ڏي.”

هيڏي اسان به ڪٽي کائو مجنون ته آھيون ڪو نه سو سڀ ڪم ڪار ڇڏي گوڏو ٻڌي آگم پريت پڙھڻ ويهي رهياسين، ورندي رات تائين ناول پاڻ پڙھائي پوءِ ڇڏيو. بلڪل ان ماڻھوءَ وانگر جنهن رستي ويندي درياھ ۾ هڪ وڏو ڪاٺ جو بنڊ لڙھندي ڏسي، ٽپ ڏيئي وڃي پاڻيءَ مان ڇڪي ڪڍڻ چاهيو پر بنڊ صفا چري ئي ڪو نه. گهڻي دير کان پوءِ ٻاهر بيٺل سنگتي رڙ ڪري چيس؛ ”ادا نه ٿو نڪري ته ڇڏينس کڻي!“

درياھ واري همراھ جواب ڏنو؛ “يار مان ته ڪڏھوڪو ڇڏڻ لاء تيار آھيان پر هي مئو بنڊ مون کي نه ٿو ڇڏي!”

سو سائين حقيقت هي آھي ته مون زندگيء ۾ ناول تمام گهٽ پڙھيا آھن پر سچ هي آھي ته ناول “آگم پريت” خود مون کي اهڙو جڪڙي قابو ڪيو جو پڙھي پورو ڪرڻ لاء صفا سُڪ ڪري ويهاري ڇڏيائين!

ناول آگم پريت جي شروعات پراهين آڳاٽي دور کان ٿئي ٿي. ناول جو مرڪزي ڪردار آگم آهي، آگم پنهنجي پريميڪا سان ملندو، وڇڙندو هڪ  جُڳ کان ٻئي جُڳ سفر ڪندو رهي ٿو. هر جُڳ پريميڪا سان وڇڙي پوڻ جا سبب مختلف، وقت ۽ حالاتن پٽاندڙ هجن ٿا، اُنهن سببن کي ناول جي منظرنگاري ۾ شمار ڪيو ويو آهي.

اختصاري بيان سان اُهي سڀ جُڳ گُذاري، آگم هن جديد جُڳ ۾ جنم وٺي ٿو، هن جنم ۾ پريميڪا جو نانءُ پريت هُجي ٿو، جڏهن ته پهرين وارن سمورن جُڳن ۾ ٻنهي جا نانءُ مختلف هجن ٿا.

آگم جو دوست سارنگ ۽ پريت جي ساهيڙي ڪُونج سان گڏ ٻيجل ناول جا مددگار ڪردار آهن، هن جُڳ ۾ پريت ۽ آگم اُٻاڻڪا، اڻ ٿانيڪا، اداس ۽ ڳولا جي رُڃ ۾ رهن ٿا، نيٺ لا ڪاليج ۾ پڙهندي هڪٻئي کي ڳولي لهن ٿا.

سارنگ، ٻيجل ۽ ڪونج هن جديد دور جي پئداوار هوندي جدت جا نظريا رکن ٿا ۽ جيون جي اهم معاملن کي غيرذميواري ۽ لاپرواهي سان وٺن ٿا، ذاتي فائدي ۽ تسڪين لاءِ جاکوڙ، سازش، اٽڪل ۽ کوکلائپ ۾ رهن ٿا.

ناول جو مرڪزي ڪردار آگم پريت سان گڏ ڪونج، ٻيجل ۽ سارنگ سميت ڪجھ ٻين مختصر دوست مددي ڪردارن سان سلهاڙيل رهي ٿو.

ناول ۾ ٻيا سماجي، دنياوي، رواجي، رسمي معامرا جابجا بحث ڪيا ويا آهن. ناول ڪونج ۽ ٻيجل جي دوکن سان گڏ آگم ۽ پريت جي وڇوڙي تي ختم ٿئي ٿو.

پڪو جلد “آگم پريت” مصنف امداد ڪانهيو ( آگم منڙو) ۱۷۶ صفحا مهاڳ مشهور ايڊيٽر سڦلتا هوش ڀٽي صاحب بيڪ ٽائٽل زاهده ابڙو ڇپيندڙ نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

آگم پريت

جديد دور جي عڪاسي ڪندڙ ناول!

يوسف جميل لغاري



آئون نه ٿو سمجهان ته ڪو امداد ڪانهيو، ادب شناس ماڻهن يا سنڌي ادب سان وابسطه فردن لاءِ نئون نالو هوندو. اهو امداد، جيڪو پهريان اسان وٽ بطور ڪهاڻيڪار ۽ نقاد جي سُڃاتو وڃي ٿو ۽ هاڻ جڏهن به، جتي به سندس تذڪرو ٿيندو ته اسان کيس بطور: ”ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ ناول نگار” چئي مخاطب ٿينداسين. ڇو ته هُو هاڻ پنهنجي نالي سان گڏ ادبي سڃاڻپ واري فهرست ۾ خوبصورت نموني سان اضافو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ناول اُها مضبوط صنف آهي. جيڪو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندو آهي. موجوده وقت ۾ سنڌ اندر کوڙ سارا ليکڪ ادب جي هن اهم صنف ناول تي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. ناول لکڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. ادب جي ٻين صنفن سان لکندڙ نڀاءُ ڪري ويندا آهن. پر ناول لکڻ مهل انهن کي اندوري طرح وڏي اُٿل پُٿل کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. آئون امداد ڪانهيي جي نالي کان اڳ ۾ ئي واقف هيس ۽ اها سُڌ ضرور هئي ته سنڌ اندر امداد ڪانهيو بطور هڪ سُٺي ڪهاڻيڪار جي سُڃاتو وڃي ٿو. ڪجھ ڏينهن پهريان نئون نياپو اڪيڊمي پاران سندس ناول”آگم پريت” ڇپيو ته مون دل ئي دل ۾ اهو ارادو ڪيو ته سندس ان ناول جو مطالعو ڪجي. منهنجي انهي ارادي جي تڪميل تڏهن ٿي جڏهن امداد ڪانهيي جي ڀاءُ اياز ڪانهيي طرفان مون ڏانهن ناول موڪليو ويو. مون کي جيئن ئي ناول موصول ٿيو ته مون سندس مطالعو شروع ڪيو. امداد ڪانهيو، ليکڪ جي نوٽ ۾ هن ناول متعلق لکي ٿو ته:”هي انائن جي ڪهاڻي آهي. اهي انائون جيڪي دل ۾ ڄمي پون ٿيون. دليون به ڌرتي وانگر هونديون آهن ۽ ڌرتي جي دامن مان ڪئي وڻ ڄمن، اسرن ٿا”. ناول جي پهرين حصي جو مرڪزي ڪردار ڪڏهن پورن ته ڪڏهن اتم، ڪڏهن ويد ڪانت ۽ ڪڏهن پورب ديوا جي روپ ۾ پنهنجي اتم ڀيم، پورنيما، ديپڪ ديوي ۽ ڪويتا نم جي حاصلات لاءِ ڀٽڪندو رهي ٿو. انهي دوران کيس وقت جي ڊگهي مسافت مان به گذرڻو پوندو آهي ۽ هُو پنهنجي وجود کي کڻي جُڳن جُڳن کان ساڳئي مرحلي مان گذرندو رهي ٿو. ڪئي دفعا ته هُو مٽي سان ملي ڪري مٽي به ٿي وڃي ٿو ۽ هر دفعي کيس پنهنجو وجود ڌُڌڙ ۽ ڌوڙ ۾ ملبوس نظر اچي ٿو ۽ ھُو پنهنجي تن کي صاف ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي پاڻي جي هڪ واهڙ جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. جنهن واهڙ جي وشال پاڻي ۾ سندس وجود ٻُڏندي، ترندي، گهوماٽيون کائيندي ڪناري تي اچي رسي ٿو. پنهنجي ڀنل وجود کي کڻي هُو اُن بڙ جي وڻ ڏانهن وڃي ٿو جنهن جي هيٺان ويهندي کيس ذهني ۽ روحاني تسڪين عطا ٿيندي آهي. ان وڻ هيٺيان پهچندي ئي هُو جسماني ٿڪ ڀڄڻ لاءِ پنهنجي اکيون بند ڪري نه ڄاڻ الائي ته ڪيترو عرصو آرامي ٿئي ٿو. جڏهن کيس جاڳ ٿئي ٿي ته هُو سڀ ڪجھ بدليل محسوس ڪري ٿو. کيس سمورو جڳ بدليل نظر اچي ٿو. اهڙي طريقي سان ناول جو هي پهريون حصو ٻولي، منظرنگاري ۽ مڪالمن جي حوالي سان پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي رکڻ جهڙو آهي. ناول جو هي شروعاتي حصو پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هي ڪٿا ڄڻڪ هر اُن ماڻهوءَ جي ڪٿا آهي. جيڪو وصال ۽ فراق جي مرحلن مان پار پيو آهي. هن ناول جو مهاڳ نوجوان ليکڪ هوش محمد ڀٽي لکيو آهي. هن مهاڳ ۾ هوش محمد ڀٽي هن ناول متعلق لکي ٿو ته:”ناول نگار جي ٻوليءَ بي حد حسين ۽ تخليقي آهي. جيڪا پوري ناول تي ڇانيل آهي ۽ ڇڪ پيدا ڪري ٿي ته پڙهندو وڃجي”. هن ناول جي شروعات عام طور تي رواجي ناولن کان منفرد آهي. اهڙي منفرد شروعات مون اڳ منور سراج جي ناول:”کاٻي اک جو خواب” کي پڙهندي به محسوس ڪيو هو. پهرين حصي جي انفراديت کي سامهون رکندي جڏهن اسان ناول جو ٻيو حصو پڙهون ٿا ته هن ناول جو ٻيو حصو اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين لکجندڙ ناولن جيان:”ڪيمپس ڪهاڻي” لڳي ٿو. هن حصي جا ٽه مکيه ڪردار آهن. مرڪزي ڪهاڻي جا اهم ڪردار ٻيجل، ڪونج ۽ پريت آهن. پريت ڪونج جي سهيلي آهي. ٻيجل ڪونج تي موهت آهي ۽ ڪونج وري سارنگ، گوتم ۽ رازدان سان پنهنجو افئير هلائي ٿي. سارنگ، ڪونج سان گڏ ساڳئي ئي اداري ۾ پڙهندڙ هوندو آهي. گوتم، ڪونج جي ڀاءُ فهد جو دوست هوندو آهي. جنهن جو سندس گهر اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي. انهي سان گڏ گوتم، ٺيڪ ٺاڪ زميدار ۽ سهڻو نوجوان آهي. جنهن ڪري ڪونج ان سان به هم ڪلامي ۽ ملاقاتن جو سلسلو جاري رکندي اچي ٿي. مايا جي موھ ۾ ڪونج اهو وساري ويهي رهي ٿي ته ٻيجل سندس سڀني ڪٺورتا ڀري روين ۽ لاتعلقي واري برتاءُ جي هوندي به ساڻس پيار ڪري ٿو. رازدن جي ڪمپيوٽر سينٽر ۾ پڙهڻ ڪري، ڪونج اُن کان سُٺيون مارڪون ۽ گريڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻس ڪجھ عرصي لاءِ عارضي تعلقات بڻائي ٿي. پريت جڏهن ڪونج کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ کيس اهو احساس ڏيارڻ چاهي ٿي ته اهو سڀ ڪجھ غلط آهي. تڏهن ڪونج تي انهن ڳالهين جو ڪوبه اثر نه ٿو ٿئي ۽ هو مايا جي موھ ۽ شخصيتي انا جي اُڀار ڪري پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق سڀئي فيصلا ڪندي وڃي ٿي. هن ناول جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري شاعره ۽ همسري رسالي جي ايڊيٽر محترمه زاهده ابڙو لکيو آهي. محترمه زاهده ابڙو هن ناول متعلق پنهنجي راءِ ۾ لکي ٿي ته:”هي ناول به جنم جنم جي ناتي ۽ محبتن جي رشتي جي بنياد تي لکيل هڪ ڪهاڻي جي چوگرد ڦري ٿو. پر هن ناول جي خوبي اها آهي ته پڙهندڙ پهرين سٽ کان ئي لفظن جي سحر ۽ موسيقيت ۾ گرفتار ٿي ٿو وڃي ۽ منظرنگاري تمام خوبصورت ۽ دل آويز ٿيل آهي. جو پڙهندڙ لفظن سان ٿِري ڊي اميج جو مزو ماڻي ٿو. هيرو ۽ هيروئن جنم جنم ۾ هڪٻئي کان ڪيئن جدا ٿي وڃن ٿا ۽ وري ٻئي جنم ۾ ڪيئن هڪٻئي کي ڳولهي لهن ٿا. پر ان ۾ هو ڪئي ارتقائي تبديلين جو شڪار ٿين ٿا. اها ڳالھ تمام خوبصورتي سان ڏيکاريل آهي. جنهن ۾ ڪجھ ڪردارن جو سڀاءُ مٽجي ٿو پر محبت پنهنجو انجام ڏسڻ لاءِ هر هر جنم وٺي ٿي ۽ انجام کي ڀوڳڻ لاءِ تيار رهي ٿو. نه رڳو ايترو پر فطرت جي اثر تحت زمين تي تبديليون اچن ٿيون. ثقافتي تبديليون اچن ٿيون. انهن سڀني شين لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به شيءِ کي ثبات ناهي”. امداد ڪانهيو پنهنجي ڪهاڻين جي مجموعي: ”مان هت جنم نه وٺندس” ۾ لکيو هو ته وري ايندس مان. اٺن سالن جي ڊگهي خاموشي ۽ وقت جي مسافت کي طئي ڪندي، آگم پريت جي نالي سان واپس اچڻ يقينن ڪمال جي ڳالھ آهي. هي ناول جديد دور جي عڪاسي ڪندڙ ناول آهي. جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ جديد دور جي ماڻهن جي نفسيات سمجھ ۾ اچي ٿو ته هتي اسان وٽ هر ماڻهوءَ ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ هر روز ڪيتري قدر جاکوڙي ٿو. اسان وٽ سچا ماڻهوءَ، سچا جذبا ۽ سچيون محبتون ڇو اڻلڀ ٿي ويون آهن؟ هر طرف مصنوعيت عام جام ڇو آهي؟ پيار، پاٻوھه، پنهنجائپ، سچائي، ايمانداري ۽ اندر جو آواز مصنوعيت جي ور ڇو چڙهي ويو آهي؟ هي ناول هڪ سؤ ڇاهتر صفحن تي مشتمل آهي. جنهن جي قيمت ٽي سؤ روپيه رکي وئي آهي!

 

(روزاني ڪوشش حيدرآباد، بروز جمع ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع)

ڪائونٽر ڪهاڻيون - يوسف جميل لغاري

ڪائونٽر ڪهاڻيون

يوسف جميل لغاري

 



• اِفلاسُ

هُن سان زندگي ڏاڍو وڏو دولاب ڪري وئي. سندس اکيون کليون ته اُنهيءَ جي عيوض سندس ماءُ کي اکيون پورڻيون پيون هيون. ھُوءَ عمر ڀر، ماءُ جي ممتا کان محروم رهي. جوڀن تي پهچڻ کان پوءِ، هڪ نه پر هزارين ڀيرا، سندس جسم کي رانديڪو سمجهي ڪري، سستي ريٽ تي انهيءَ سان دل پشوري ڪئي وئي هئي. اڄ سندس جنم ڏينهن هو ۽ ھُوءَ پنهنجي زندگي جي انهيءَ وڏي ڏينهن تي موت جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهي هئي!

اک جو پاڻي - دريا خان شنباڻي

اک جو پاڻي

(ننڍڙي ڪهاڻي)

دريا خان شنباڻي



اکين جي هڪ مشھور ڊاڪٽر وٽ پنهنجي ڳاڙھي ٿي ويل ۽ سڄيل اک ڏيکارڻ ويس، مان پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيو هيس ته منهنجو نظرون مٿي کڄي ويون ۽ ڊاڪٽر جي ڪمري جي دروازي مٿان هڪ پٽي نظر آئي جنهن ۾ لکيل هو؛ ’هتي ديد واري جو علاج ڪيو ويندو آھي.‘ ان سٽ تي ڏاڍو سوچيم پر ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي. ڪجھ ئي پلن کان پوءِ مون کي به سڏ ٿيو، مان اندر ويس ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي سامهون ويهڻ جو اشارو ڪيو، مان ويٺس. مون ۽ ڊاڪٽر جي وچ ۾ اکيون چيڪ ڪرڻ واري مشين رکيل هئي. ڊاڪٽر پهريان ته اهو پڇيو؛ “ڇا تڪليف آ؟”

Sunday, October 24, 2021

ڪَٽِي - غفار سومرو

ڪَٽِي

(ٻاراڻي ڪهاڻي)

غفار سومرو



اسيمبليءَ کان پوءِ ڪلاس ۾ پهچي اهڙو ته مصروف ٿي ويس جو شاگردن کي ڪالهوڪو ڏنل گهرو ڪم چيڪ ڪندي، سبق ٻڌندي، وري نئون سبق پڙھائيندي ۽ ٻئي ڏينهن جو گهرو ڪم ڏيندي، وقت جو احساس ئي نه رهيو ته ڪهڙي مهل رسيس جو گهنڊ لڳو. گهنڊ جو آواز ٻڌي، باقي ٻارن کي رسيس کان پوءِ پڙھائڻ جو چئي، ڪلاس مان نڪري هر طرف ٺينگ ٽپا ڏيندڙ، ڊڪندڙ ڀڄندڙ ٻارڙن کان پاڻ بچائيندو، اچي هيڊ ماستر صاحب جي  آفيس ۾ ويٺس.

 آفيس ۾ هيڊ ماستر صاحب اسڪولي رڪارڊ ٺاهڻ ۾ مصروف هو. هڪ ٻه استاد، اڳ ئي ڪرسين تي ويٺل، اخبارن ۽ موبائلن ۾ گم هئا. ٽيون مان به اچڻ سان ئي جيب مان موبائل ڪڍي، ڊيٽا آن ڪري، فيس بڪ هلائي، ويٺس ئي مس ته هيڊ ماستر صاحب جو آواز ڪن پيو؛ ”اچ اچ ناني!“

Sunday, October 17, 2021

سينڊل - زاهد منگي

سينڊل

ننڍڙي ڪهاڻي

زاهد منگي



سول اسپتال جي سامهون واري فٽ پاٿ تي هو ويڳاڻن جيان بيٺو هو. روڊ تان ڪيتريون ئي لاريون، ويگنون، ڪارون، رڪشائون، چنگچيون ۽ اسڪوٽر اچي وڃي رهيا هئا. جن جي گوڙ ۾ سندس ڪن وڄي رهيا هئا. بيٺي بک محسوس ڪيائين ته سري وڃي ڀرسان بيٺل برياني جي ريڙهيءَ واري وٽ پهتو. گراهڪن جي رش سبب ريڙهيءَ واري جو هٿ مشين جيان هلي رهيو هو. هڪ ديڳ مان پليٽ تي چانور ڪڍي، ڀرسان پيل ٻي ننڍي ديڳڙيءَ مان ان تي رس ۽ بصر وجهندو گراهڪن کي ڏيندو پئي ويو. هن سندس ڀرسان وڃي پڇيو؛ “ننڍي پليٽ گهڻي ٿو ڏين ادا؟”


“ٽيهه رپيا!” ريڙهي واري کيس ڏسڻ کان سواءِ ئي جواب ڏنو.

هن کيسي ۾ هٿ وڌو! ويهن رپين جو نوٽ نڪري آيس. وري ٻيهر هٿ وڌائين ته خالي نڪتو آيس. برياني کائڻ جي ارادي کي ترڪ ته ڪري ڇڏيائين پر بک سبب پيٽ ۾ ولهوٽا پئي پيس. هن جي هيڏانهن هوڏانهن ڪيترا ئي ماڻهو برياني کائي رهيا هئا. دل ۾ خيال آيس ته جيڪر وڃي ڪنهن کي چوان؛ “ڀائو ٿورڙي ڏيندين.” پر حضور شرميءَ کان، دل جي خيال کي دل ۾ ئي دفن ڪري ڇڏيائين. اتان سري، ٿورو پرڀرو وڃي پنهنجي منهن بيهي رهيو. اتي بيٺي اڃا ڪي ٻه ٽي منٽ مس ٿيا هيس ته اوچتو تيز رفتار موٽرسائيڪل سوار ٻه همراهه اچي وٽس بيٺا. جنهن مان اڳئين کي هيلمينٽ پاتل ته پوئين کي ٻٽ ٻڌل هئي. انهن جي بيهڻ سان ئي هن کي ڪا سخت شيءِ پنهنجي پيٽ تي محسوس ٿي. ڪنڌ هيٺ ڪري ڏٺائين ته پستول هو.

“رڙ ڪيئي ته گولي پيٽ جي پار ٿي ويندئي، کرڙي ئي نه هڻندين. ماٺ ميٺ ۾ جيڪو ڪجهه کيسي ۾ اٿئي مزي سان ڪڍي ڏي.”

خوف سبب جسم ۾ ڏڪڻي پئجي ويس. ٽنگون ٿڙڪڻ لڳس. ڏڪندڙ هٿ کيسي ۾ وجهي، ويهن رپين وارو نوٽ ڪڍي همراهن ڏانهن وڌايائين.

“اڙي ڀيڻ جا....... بس رڳو ويهه رپيا؟!!؟!؟!؟“

“بس ڀائو پيا ئي اهي آهن. ستون ڏينهن آ! امان چاڪ ناهي اسپتال ۾ داخل ڪيو اٿمانس هڙ خرچ ٿي وئي ٽڪو نه بچو آ.” هن پنهنجي خوف کي قابو ڪندي يڪساهيءَ ۾ جواب ڏنو.

“اڙي چڱو هاڻي ڇڏ انهيءَ ڊيگهه کي کيسا ٻاهر ڪڍ!” هيلمٽ پاتل همراه دڙڪو ڏنس.

هن ٻنهي پاسن وارن کيسن ۾ هٿ وجهي، همراهن کي خالي کيسا ڏيکاري پڪ ڏني.

“اڙي هل اڳتي، هي صفا سڃو آ.”

گاڏيءَ واري ڪڪ هنئي ته پوئين همراهه چيس؛ “بيهه ته ٿورڙو، اڙي جلدي ڪر اهيو سينڊل ئي لاهي ڏي.”

“سينڊل!؟“ هن حيرت ۾ وراڻيو.

“هاها سينڊل، ٻڌئي ته به پڇين ٿو.!؟

هن سينڊل لاهي کيس هٿ ۾ ڏنو. همراهه موٽرسائيڪل ڪاهي تيزيءَ سان گم ٿي ويا.

 

(زاھد منگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ آڪٽوبر ۲۰۱ع تي کنيل)

ويڪسين - زاھد منگي

ويڪسين

ننڍڙي ڪھاڻي

زاھد منگي



جميل آفيس جي ڪم مان واندو ٿيو ته نائب قاصد کي اخبار ۽ چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيائين. جنهن پهريان چانهه ۽ پوءِ اخبار، آڻي اچي اڳيان رکيس. خبرون پڙهندي، جڏهن “حڪومت طرفان ويڪسين نه ڪرائيندڙ سرڪاري ملازمن جي پگهار بند ڪرڻ جو فيصلو” واري خبر جي سرخيءَ تي نظر پيس ته وات ۾ پيل چانهه جو ڍڪ به ڪؤڙو ۽ ڪسارو لڳس. ڳڻتيءَ ۾ وٺجي ويو. نرڙ، پگهر ۾ پسي ويس. کيس اهڙي حال ۾ ڏسي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ملازم پڇيس؛ “خير ته آهي. اوچتو منهن ئي لهي ويئي.؟”

“نه پڇ يار وڄي وياسين.”

“پوءِ به خبر ته پوي ڪهڙو مسئلو آهي.”

پليتِ - زاهد منگي

پليتِ

ننڍڙي ڪهاڻي

زاهد منگي



“ڪلهه اهو ٽولو خير ۾ آيو هو.؟” زال ڪمري ۾ آيس ته موبائيل جي ڊيٽا بند ڪري، پاسي تي رکي کانئس پڇا ڪيائين.

“ڪهڙو ٽولو.؟” هن حيرت ۾ پڇيس.

“اهو ماين وارو، جيڪو ٽيپهريءَ ڌاري آيو هو. جن کي پڪوڙا ۽ سموسه کارايا هيئي.”

“ها اهي! اهي ادي گلناز واريون هيون نه،  ڌيءُ ٿي پرڻائي. ڪنواريتي ٻڪيءَ جو ٻڌائڻ آيون هيون.”

ناول، ناوليٽ ۽ ناويلا ۾ فرق - ممتاز بخاري

ناول، ناوليٽ ۽ ناويلا ۾ فرق

ممتاز بخاري



ناويلا افسانوي نثر جي هڪ اهڙي صنف آهي جيڪا پنهنجي بناوٽ ۾ گهڻي ڊگهي ناهي هوندي ۽ بناوت ۾ حقيقت وانگر هوندي آهي. جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي زندگي جو ڪو حصو افسانوي انداز ۾ بيان ڪندو آهي ۽ ان ۾ ناول يا ڪهاڻي وارا عنصر شامل هوندا آهن. جنهن ۾ ڪنهن فرد جا ذاتي حوالي سان ڏک سک، طبيعت، سياسي خيال وغيرهه بيان ٿيندا آهن. ناويلا ۾ ناول جي ڀيٽ ۾ ٿورا ڪردار، گهٽ ٿيم ۽ گهٽ تضاد هوندا آهن اهو شعور جي وهڪري ۾ احساساتي انداز ۾ اڳتي وڌندو آهي.

وڪڻي ڇڏ - دريا خان شنباڻي

وڪڻي ڇڏ

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



اونداهي ڇانئجي چڪي هئي، سندس پٽ شھر مان دير سان واپس وريو ۽ اچي کٽ تي ويٺو ته پڻس جاڳي رهيو هو باقي سندس ماءُ ۽ زال ٿڌڙي هوا ۾ صفا غش ٿيون ستيون پيون هيون، هن هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پيءُ سان مخاطب ٿيو؛ “بابا منهنجو خيال آھي ته هن کي وڪڻي ڇڏيان.”

“نه پٽ، مس ته اهڙي هٿ آئي، خرچ پکا ڪياسين، هيڏا هار سينگار ڪرايا ٿئي، مناسب نه ٿو لڳي.”