Sunday, October 10, 2021

بيست ٿيچر ايوالڊ - غفار سومرو

بيست ٿيچر ايوالڊ

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



سجَّ اڀرندي ئي اهڙو تاءُ ورتو هو جو ڪانءَ جي اک پئي نڪتي! گرمي، گُهٽ ۽ ٻُوسٽ اهڙي هئي جو پن نه ئي پئي چُريو!

ڳوٺ کان ٿورڙو وٿيرڪو، ڪچي سڙڪ جي ڀر کان، گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي جڳھ، ڪچين سرن جي چئن ٿنڀن تي ڪاٺ جي ڪامن ڪڙين مٿان، ڪکائين ڇت سان ٺهيل هئي. هڪ پاسي کان ديوار تي لڳل ڪاٺ جو ڪارو بورڊ، جنهن تي الف کان ي تائين سبق، ھڪ کان سؤ تائين انگ ۽ وڏي اي بي سي جا ڇويھ اکر لکيل. باقي ڇپري جا، ٽئي پاسا کليل....


اسڪول کان چوڌار، وونئڻن ۽ سارين جو فصل، ٻنين ۾ پوکيل ۽ ڏهاڪو کن ٻٻر جي ڪاٺ جون بئنچون، اسڪول جي ان ڇپري ۾ پيل. ٻيو پهرئين کان پنجين ڪلاس تائين جا سؤ سوا شاگرد ۽ انهن جي پڙهڻ جو هُل ٻڌجڻ ۾ ايندڙ.

استاد واري مخصوص ڪاٺ جي ڪرسي ۽ هڪ ٽنگ ڀڳل ميز پڻ ان ڇپرائين اسڪول ۾ رکيل، جنهن تي حاضري رجسٽر، ٻارن جون سليٽون ۽ ڪاپيون رکي هڪڙو نائب استاد قهر جي گرميءَ ۾ پگهرون پگهر هڪ هڪ ٻار کي سڏيندو، سبق ٻڌندو ۽ پڙھائيندو ٿي رهيو.

ڳچ دير کان پوءِ، جڏھن پهرين ٻئين درجي جي شاگردن کي اهو استاد سبق ڏيئي چڪو، تڏھن ڪرسيءَ تان اٿي ٻاهر لڳل نلڪي تي آيو.

اتي اڳ بيٺل هڪ ٻار نلڪو گيڙيو. استاد هٿ منهن ڌوئي، ٻه چار ٻڪ پاڻيءَ جا پيئي، حاجي رومال سان منهن اگهندو، وري اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو.

پنجين درجي جو هڪڙو شاگرد، ڪتاب کڻي اچي اڳيان بيٺس؛ “سائين سبق ڏيو!”

“بابا! اول ٽئين درجي واري ٻارن جو سبق ٻڌي انهن کي ڏيان پوءِ توکي سڏيان ٿو، وڃ تون ويھ!”

“سائين! ٻنيءَ تي ڪم ڪندڙ ابي کي ماني پهچائڻي آھي، مون کي سبق ڏيو ته مان وڃان!” شاگرد ڪتاب ڪاپي ٽيبل تي کولي رکندي چيو.

استاد مرڪندي کيس ويجهو اچي سبق ٻڌائڻ جو چئي سندس گهرو ڪم چيڪ ڪرڻ لڳو. شاگرد سبق پڙھڻ لڳو؛

“سبق ٻيو

پورهئي جي اهميت

نبي ڪريم ﷺ جن جو ارشاد آھي ته: پورهيت خدا جو دوست آھي. حق حلال جو پورهيو به هڪ عبادت آهي... “

ٻار اڃان پنهنجو سبق شروع ڪيو ته هڪ نئي ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ڪچي رستي تان لهندي اچي اسڪول جي ڇپري جي پاڇي هيٺ بيٺي.

ڀريل جسم سان سهڻو سيبتو جوان بوسڪي وڳو سنڌي ٽوپي، نيروزي چپل پيرن ۾ پاتل، ڇپري اندر اچي، سلام ورايو.

استاد سميت سڀ شاگرد اٿي بيٺا. استاد سلام جو جواب ڏنو ۽ سمورن ٻارن وڏي آواز ۾ وعليڪم السلام سائين ڪورس ۾ چوندا وري ويهي رهيا.

ايندڙ نوجوان استاد سان ٻن آڱرين جو هٿ ملائي هيڏانهن هوڏانهن ويهڻ جي جاءِ لاءِ نهارڻ لڳو ته اسڪول جي استاد، پنهنجي پُراڻي ڪرسي هُن کي ڏئي، پاڻ سندس سامهون ٻارڙن سان گڏ بينچ تي ويهي رهيو.

خوش خير ڪرڻ کان پوءِ آيل نوجوان ٽيبل جي خاني مان مَسٽر رول ڪڍي، ٽيبل تي رکيل بال پين کڻي گذريل پوري هفتي جي خالي خانن ۾ هڪ ئي ڀيري دستخط ڪندي پڇيو؛ “ڀلا ڏي خبر! ڪيئن پيو هلي ڪم ڪار؟”

اڳ ۾ موجود نائب استاد ساڄي هٿ جي اشهد آڱر سان نرڙ تي اڀري آيل پنهنجو پگهر اگهندي چيو؛ “سائين سڀ خير آھي. ماشاءَ الله! پهرين درجي ۾ داخلا وڌندي ٿي وڃي سو ڪجھ ڪچي پهرين جا ڪتاب وٺرائي ڏيو ها ته مهرباني ٿيندي.”

“يار ڪم ڪار ايترا آھن جو وقت ئي نه ٿو ملي! مٿان وري تنظيم جو عهديدار آهيان ته استادن جي حقن لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ ۾ صفا مٿي کنهڻ جو وقت به ڪونه ٿي ملي!”.

“پر سائين پنهنجي اسڪول جي به ته حالت ڏسو نه!” نائب استاد، قسمتي آيل هيڊ ماستر کي ڄڻ ايلاز ڪيو.

“ها اُهو ته آهي!” هيڊ ماستر بي پرواهيءَ سان چيو؛ “اڄ ٽيچرس ڊي آھي ۽ هيڊ آفيس ۾ ايوارڊ  پروگرام به رٿيل آھي. آفيسر هوندا موقعو مليو ته ضرور اڄ ڪو بلو شلو ڪريون ٿا.”

“مهرباني سائين!”

“پر تون ڪيڏانهن وڃجانءِ نه!” هيڊ ماستر، مَسٽر رول تي دستخط ڪري، حاضري بُڪ ٽيبل مٿان اڇليندي، هڪدم چيو؛ “اڄ اسڪول حاضر رهجانءِ متان ڪو اڙيو ٿڙيو آفيسر وزٽ تي اچي نڪري!”

“جي سر! مان ته روزانو  موڪل ٽائم تائين حاضر ئي هوندو آھيان! هونئن به صاحب وڏو  ڪالھ صبح سان وزٽ ڪري ويو آھي!”

“اڇا! پوءِ وڏو صاحب ڇا چئي ويو!؟”

“بس هر ڀيري جيئان خالي شاباس ۽ گاڏيءَ جي تيل جا پنج سو روپيه وٺي هليو ويو!” استاد ڄڻ روئڻهارڪي لهجي ۾ وراڻيو.

هيڊ ماستر وڏو ٽھڪ ڏيندي چيو، “خير آ! خير آ! صاحب وڏو مهربان اٿئي، جو تو کي هر ڀيري شاباس ته ڏيو وڃي! نه ته هو ڏاڍو سخت آفيسر آھي.”

“جي سائين! بلڪل پر خبر ناهي اڄ استادن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي ضلعي ۾ هن سال جي بهترين استاد جو ايوارڊ الائي ڪهڙي استاد کي پيا ڏين!؟”

اهو ٻڌي هيڊ ماستر جي مکيل چکيل چهري تي رونق وري آئي. نائب استاد جي اکين ۾ ڏسندي پنهنجي چپن تي مرڪ آڻيندي چيو؛ “استاد! پنهنجي هوندي ٿورئي ڪو ٻيو استاد ايوارڊ کڻندو! وڏي خوشيءَ جي ڳالھ اٿئي پوري ضلعي ۾ اهو اعزاز پنهنجي اسڪول کي حاصل ٿيو آھي!”

“سچ سائين!؟” خوشيءَ وچان نائب استاد جي دل ۾ ڄڻ ڪلاس جي ننڍڙن پيارن ٻارڙن جون تاڙين وڄڻ پيون. هو من ئي من ۾ شيشي جي شيلڊ مٿان پنهنجي نانءُ سان گڏ  بيسٽ ٽيچر ايوارڊ لکيل ڏسي باغ بهار ٿيڻ لڳو. 

هيڊ ماستر. ٽيبل تان عينڪ کڻي اکين تي رکندي، واپس وڃڻ لاءِ اٿي بيٺو ۽ وڏي فخر وچان اعلان ڪندي چيائين؛ “ها استاد! الله سائينءَ جي مهربانيءَ سان هن سال جي بيسٽ ٽيچر ايوارڊ لاءِ منهنجو نالو مُنتخب ڪيو ويو آھي!”

نائب استاد اهو ٻُڌندي، پنهنجي مُرڪ اڌ ۾ وڃائي ويٺو ۽ کليل اکين سان هيڊ ماستر ۾ نهار رهجي ويس.

هيڊ ماستر موٽر سائيڪل تي چڙھي روانو ٿيو ته هڪڙو ننڍڙو ٻارڙو اٿي اچي استاد کان پڇڻ لڳو؛ ”شائين! بيست ٿيچر ايوالڊ ڇا ڇيندو آ؟”

نائب استاد ٻارڙي جي ٻاتڙي سوال تي مرڪي پيو ۽ هلڪو ٽھڪ ڏيندي چيائين؛ “پٽ! جيڪا شيءِ ناني رڌي پچائي، ڏوھٽن کي کارائي، ان کي “بيست ٿيچر ايوالڊ” چئبو آھي!”

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۱۰ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment