Sunday, October 17, 2021

وڪڻي ڇڏ - دريا خان شنباڻي

وڪڻي ڇڏ

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



اونداهي ڇانئجي چڪي هئي، سندس پٽ شھر مان دير سان واپس وريو ۽ اچي کٽ تي ويٺو ته پڻس جاڳي رهيو هو باقي سندس ماءُ ۽ زال ٿڌڙي هوا ۾ صفا غش ٿيون ستيون پيون هيون، هن هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پيءُ سان مخاطب ٿيو؛ “بابا منهنجو خيال آھي ته هن کي وڪڻي ڇڏيان.”

“نه پٽ، مس ته اهڙي هٿ آئي، خرچ پکا ڪياسين، هيڏا هار سينگار ڪرايا ٿئي، مناسب نه ٿو لڳي.”


“بابا مان تنگ اچي چڪو آھيان.”

“گهر جي سونهن آھي!”

“بلڪل مان ڄاڻان ٿو، گهر جي سونهن آھي پر ان سونهن کي آخر ڪبو ڇا؟”

“ماڻھو ڇا چوندا؟”

“بابا ماڻهن جو وات ڀلا ڪير بند ڪندو؟”

“خوار تون ٿيندين، منهنجو خير آ!”

“ڀلي خوار ٿيان بابا! منهنجي آ، ظاهر آ ته خوار مان ئي ٿيندس نه!”

“اسان جو خير آ. آنڌيءَ مانجهيءَ تنهنجي ڪم ته اچي ٿي!”

“اهو وقت ويو بابا! هاڻ دل ئي نه ٿي چئي!”

“پر تنهنجي دل آخر هن مان ڦٽي ڇو ۽ ڪيئن؟”

“بابا چوندا آھن ته جيءُ خوش جهان خوش!”

“هائو ائين ته آھي!”

“ته پوء وڪڻي ڇڏيون؟!”

“جيئن تنهنجي مرضي..... پر......”

“پر... ڇا.... بابا؟!”

“پر... دنيا تو کي ٿُڪون هڻندي!”

“ڀلي ٿُڪون هڻي. رهيو ڇا آھي آخر؟!”

“مان ڄاڻان ٿو ڪجھ به رهيو ناهي!”

“ته پوء ڇا خيال آ؟ وڪڻي ڇڏيانس يا نه؟!؟!؟”

“حالت ايتري سٺي ته ڪو نه اٿس، رقم ڪندي؟!؟!؟!!”

“چون ٿا ته پڙيون لڳن ٿيون. اتي رقم متان ڀلي ملي وڃي!”

“ته پوءِ مون واري به پڙيءَ تي ڪاهي وڃ!”

“بابا! اوهان واري ته مفت ۾ به نه ويندي!”

“ڇو ڀلا؟!؟!؟”

“جيڪا اوهان جي ڪم نه ٿي اچي، اها ٻئي جي ڪهڙي ڪم ايندي؟!؟”

“يعني تو واري رقم ڪندي!”

“مون کي ڀروسو آھي بابا!”

“رڳو ڀروسي تي ڪو نه هلبو آھي! ماڻھو به اڳيان کڙپيل ويٺا ٿئي. جيڪي رقم ڀريندا، سي باقاعدي جاچي جوچي وٺندا!”

“ها ائين ته آهي. پر... پوءِ به ڏسڻ ۾ چڱي ته نظر اچي ٿي.”

“وٺڻ وارا صرف ڏسندا ڪو نه! پر... هيٺان مٿان، اندران ٻاهران، ڏسي وائسي پوءِ ئي وٺندا!”

“بابا اوهان به ڪمال پيا ڪريو! ڪڏھن ڪڏھن اهڙا انڌا به پڙين تي ايندا آھن جو خبر ئي نه پوندي اٿن.”

“پر تون ڇا ٿو سمجهين، سڄي دنيا ته انڌي ناهي نه؟!”

“ته پوءِ صبح سوير، پنهنجي ڪاهي وڃان پڙيءَ تي؟!”

“مان ته چوان ٿو؛ مون واري به پاڻ واريءَ سان گڏ کڻي وڃ! متان اڌ رقم ڪري وجھي؟!”

“نه بابا! اوهان واري هوندي ته مون واري به رقم ۾ ڌڪ کائي ويندي!”

“جيئن تنهنجي مرضي.”

“ٺيڪ آھي بابا! صبح سوير، مان هن کي پاڻ سان ڪاهي ويندس!”

“ٺيڪ آھي!”

هوءَ به جاڳي رهي هئي ۽ پنهنجي مڙس ۽ پٽ جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي. سو اکيون کوليندي چيائين؛ “اي بيغيرتو، اوهان کي شرم نه حياءُ، توهان مون کي ۽ منهنجي ننهن کي وڪڻڻ جون صلاحون پيا ڪيو!!!”

پٽهنس ته خاموش رهيو. پر مڙسھنس کان رهيو نه ٿيو. ان چئي ڏنس؛ “ڀاڳن ڀري! ايترا به بي نڪا بي وڙا ڪو نه آھيون! اسان پنهنجون موٽر سائيڪلون وڪڻڻ جون صلاحون ڪري رهيا آھيون. ان مُئي خان پيٽرول به آسمان تي پهچايو آھي. ھاڻ موٽر سائيڪلون هلايون يا گهر ھلايون!!!”

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment