Friday, October 29, 2021

دنيا دم درياءُ

ڪُٺلن جي ڪُڙمَ جي ڪٿا

دادلي ناصر زهراڻي جي ناول “دنيا دَمُ درياءُ” تي هڪ نظر

ننگر چنا



سال ۱۸۶۸ع ۾ سنڌي ناول نگاريءَ جي پيڙھ رکڻ ۾ اُڌارام ۽ نول راءِ جن جانسن جي ناول جو ترجمو ڪري پھريون پٿر رکيو. ترجمو ڪيل “راسيلاس” نالي انهيءَ ناول کان پوءِ هڪ تحريڪ اُٿي، پر اهم ڳالهه هيءَ آهي ته اها تحريڪ هڪ شخص جي صورت ۾ اٿي. اهو شخص سنڌي ادب جو محسن مرزا قليچ بيگ هو. مرزا صاحبَ طبع زاد لکڻين ۽ ترجمن جا ڍير لڳائي ڇڏيا ۽ سنڌي ادب لاءِ گهڻ پاسايون راهون هموار ڪري ڇڏيون. ۱۸۹۰ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو پھريون ناول “زينت” به مرزا قليچ بيگ جو ئي ڪارنامو هو. ۱۸۹۰ع کان اڄ ۲۰۱۷ع تائين هڪ سئو ستاويھن سالن جي هن پنڌ ۾ اسان جي ناول ڪيئي منزلون ماريون آهن.


سنڌي ناول جتي ادبي تحريڪن ۽ لاڙن کان متاثر ٿيو آهي، اُتي هن ڪيئي فني تجربا به ڪيا آهن. اسان جو ناول ترقي پسند تحريڪ کان متاثر ٿيو ته “شرم ٻوٽي”، “پيار ڪھاڻي”، “تلاش” جھڙا شاهڪار اڳيان آيا. وجوديت پسنديءَ کان متاثر ٿيو ته “رُڃَ ۽ پڙاڏا”، “اُڏوهي”، “ساھ مُٺ ۾” ۽ “ديوار آسمان تائين” جھڙا ناول اڳيان آيا. سائنس فڪشن کان متاثر ٿيو ته “اڻ ڄاڻ” ۽ “ٻاويھ سئو ٻاويھ” جھڙا ناول سرجيا ويا. تاريخيت جي پس منظر ۾ “اونداهي ڌرتي روشن هٿ”، “همه اوست”، “مرڻ مون سين آءُ”، “موهن جو دڙو”، ”پڙاڏو سو ئي سڏُ”، “اوڙاھ” ۽ ٻيا ڪيترا ئي زبردست قسم جا ناول لکيا ويا. رجعت پرستيءَ جي نمائندگي لاءِ به “ڪاليجي ڪڪي” نالي هڪڙو ناوليٽ موجود آهي ته عورتا زاد جي نمائندگي ڪندڙ “خواب، خوشبو، ڇوڪري” ۽ “مون کي ساھ کڻڻ ڏيو” موجود آهن. رومانس جي لاڙي هيٺ “رهجي ويل منظر” ۽ “تون هڪ خواب آهين” کي ڪيئن وساري سگهبو! سماجي ۽ سياسي مامرن تي “ٽڪنڊو”، “ميرو ڌاڙيل”، “نيٺ گونگي ڳالهايو” ۽ “پنھون” جھڙا ناول موجود آهن. تصوف اسان جي زندگيءَ جو ايترو ئي ڳورو ۽ ڳوڙهو پاسو آهي، جيترو اسان جي وطن دوستي، انهيءَ فڪري لاڙي هيٺ “همه اوست” ڪر کنيو بيٺو آهي ۽ ورهاڱي جي وڍن تي “درد جو درياءُ”، “رُڃَ ۽ پاڇا”، آواره”، “ماءُ” ،”تاريخ مان موڪل” ۽ هٺ يوگي” کان وٺي هڪ ڊگهي لسٽ موجود آهي.

جيئن ٻار بلوغت جي سالن کي ويجهو ٿيندو آهي ۽ سندس آواز ڳورو ٿيندو ويندو آهي، سندس قد تڪڙو وڌندو آهي ۽ وزن ۾ واڌ ڪندو آهي،تيئن سنڌي ناول به ايڪويھين صديءَ ۾ پير پائيندي پنھنجي بلوغت ڏي تڪڙيون وکون وڌائي رهيو آهي. ايڪويھين صديءَ جو پھريون ڏهاڪو ۽ هلندڙ ٻيو ڏهاڪو سنڌي ادب خاص ڪري ناول لاءِ سڀاڳا ثابت ٿيا آهن. ناول لکڻ جي رفتار جيتري هنن سالن ۾ رهي آهي، ايتري گذريل هڪ صديءَ ۾ به نظر نه ٿي اچي. هن صديءَ ۾ اسان جي ناول جتي نوان تجربا ڪيا آهن، نوان فڪري گهاڙيٽا ۽ لاڙا اختيار ڪيا آهن، اُتي روايتي اُسلوب ۽ لاڙي ۾ به زبردست اڳڀرايون ڪيون آهن. هڪ پاسي نئين فني تجربي طور اسان کي “اجهاميو ٻران” ناول ملي ٿو ته اُتي وري نئين فڪري تجربي سان گڏ “قالوبلا”  به موجود آهي، جنھن ۾ تاريخيت، وجوديت، جادوئي حقيقت نگاري جھڙا لاڙا گڏجي هڪ نئون روپ وٺن ٿا.

هندوستاني پنجاب جي دلت اديب ديس راج ڪاليءَ پنھنجي ناول “شانتي پرو” ۾ هڪڙو نئون تجربو ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته اولھ ۾ اهڙو تجربو اڳ ورتائجي چڪو هجي، پر ننڍي کنڊ هند سنڌ ۾ مون لاءِ اهو نئون تجربو ضرور آهي. ديس راج ڪاليءَ پنھنجي انهيءَ ناول جي هر پني کي وچ مان ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي، مٿئين اڌ ۾ قصي جو مرڪزي ڪردار مختلف واقعن ۽ حالتن مان گذري ٿو ۽ هيٺئين ڀاڱي ۾ ڪيترائي ڌرمي ڪتابن جا ڀاشڻ آهن جيڪي مرڪزي ڪردار جي ڪنن ۾ پوندا رهن ٿا.

اسان وٽ هيئتي طور تي ته اڃا اهڙا تجربا ڪونه پيا ٿين، پر داستاني يا روايتي اُسلوب ۾ ٿوري مَٽاسٽا سان ڪي بھترين نمونا ضرور اڳيان آيا آهن. اهڙن جديد ۽ شاهڪار نمونن ۾ “نجومي” ۽ هي ناول “دنيا دم درياءُ” اچي وڃن ٿا.

  اَٺن بابن ۾ ورهايل هي ناول ايڪويھين صديءَ جي هن وقت تائين جي ڇپيل ناولن ۾ مجموعي طور تي سنڌي جي اهم ناولن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. هن ناول تي ڪتاب ۾ ئي لکڻ وارن جو انگ ڇھن تائين آهي، جيڪو ڪنھن به ڪتاب جي اهميت بيان ڪرڻ ۽ اوک ڊوک جي لاءِ ڪافي آهي ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون، جيڪي منھنجا دوست ڪري چڪا آهن. باوجود انهيءَ جي فڪشن جيئن ته منھنجي دلچسپيءَ جو اهم مرڪز ۽ محور آهي، تنھنڪري مان به حاضر ٿيو آهيان.

هن ناول ۾ اسان جي ممدوح دادلي ناصر زهراڻيءَ هڪ پٽيوالي جي واتان هڪڙو قصو بيان ڪيو آهي. هي داستان بظاهر ته گُلو پَٽيوالي جي ساروڻين جو ڊگهو چٺو آهي، ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ ورتل شخص جي پيڙا آهي ۽ ان پيڙا کي گهڙي پل وسارڻ جا جتن آهن. اهڙو شخص جيڪو موت جي ڪنڌيءَ تي بيٺل آهي، تنھنڪري اها پڪ آهي ته هُو جيڪو ڪجهه به بيان ڪري رهيو آهي، سو سڀ سچ آهي ۽ واقعي به اهو سچ سماجي حقيقت نگاريءَ جي لاڙي هيٺ ائين ته سِڌو ۽ لَسَ بيان ڪيو ويو آهي جو ان جي نتيجي ۾ هي ناول جديد سنڌ جو اهو نوحو بڻجي اڳيان آيو آهي، جنھن جو درد پڙهندڙ جي نڙيءَ ۾ ڳوڙهو بڻجي اَٽڪي پوي ٿو. اٺن بابن ۾ سنڌ جي ذلت ۽ غلامي، تباهي ۽ بيوسي جو ذڪر اهڙو آئينو آهي، جنھن جي اولڙي ۾ مون کي گُلو پٽيوالو، گُلو نه پر سنڌ پاڻ نظر آئي آهي.

خاڪم بَه دهن، ڄڻ ته دادلي زهراڻي پٽيوالي جي ڪردار کي آئيڊيالائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ائين محسوس ڪرايو آهي، يا مون کي ائين محسوس ٿيو آهي ته اهو پٽيوالو ناهي پر سنڌ آهي، غلاميءَ جي ڪينسر ۾ ورتلَ سنڌ، پنھنجن حاڪمن، جابرن، ڏاڍن، آڍن، ڪاڍن اڳيان لاوارث ۽ هيڻي، بيوس ۽ بيحال. ٻيو هن حوالي سان پٽيوالي جي ڪردار کي ڏسڻ گهرجي ته ڪائنات، زندگي، موت، عشق، جبر ۽ اختيار ڇا آهن؟ انهن سوالن کي دنيا جي اديبن، عظيم اديبن سمجهڻ لاءِ انسان جو ڪونه ڪو اهڙو ڪردار پينٽ ڪرڻ جا جتن ڪيا آهن، ته جيئن اهو ڪردار سڀني انسانن جي، انسانن جي اڪثريت جي نمائندگي ڪري سگهي. مثلن دوستووسڪيءَ جي “ايڊيٽ” ناول جو پرنس ميشڪن، سروانتيز جو ڊان ڪوئيڪزوٽ، ائين هي گلو به سنڌ جي ڏکن ڏُڌيل، جبر ۽ ڏاڍ جي ماريل مخلوق جي نمائندگي ڪندڙ ڪردار آهي. يا ته اهو سنڌ جو هاري ناري آهي، ڪوري موچي آهي يا وري پنجابي_ پٺاڻ حاڪميت جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل، وڏيرن، پيرن، سردارن ۽ جديد جھادي مُلن جي ڪوڙڪي ۾ سوگهي ٿيل سنڌ آهي. هي ناول اهو نوحو آهي، جنھن جي ڪابه پُڄاڻي ناهي. جديد ڪربلا جي اها ڪٿا آهي، جنھن جو هر مرد امام حسين آهي، هر ٻار علي اصغر آهي، هر عورت زينب آهي. پر رڳو ائين به ناهي: هي ناول نياز همايونيءَ جي ترجمو ڪيل “تاريخِ مظهر شاھ جھاني” جو ٻيو جلد آهي، جيڪو ڌارين جي ڏهڪاءَ، ڏاڍ، جبر ۽ تاديءَ جو داستان نه پر پنھنجن جي ڪلورن جي ۽ قھرن جو داستان به آهي.

هن ناول ۾ سڀ کان دلچسپ عنصر تاثر جي وحدت (Unity of Impression) وارو آهي. پھرئين پني کان وٺي آخري پني تائين اها وحدت قائم ۽ دائم رهي ٿي. سڄي ناول ۾ اها سنڌو درياءَ جي سانوڻي واري وهڪري وانگر تيز تک سان وهندي نظر اچي ٿي ۽ پاڻ سان گڏ پڙهندڙ کي به لوڏيندي، ٻوڙيندي، تاريندي ۽ لوڙهيندي هلي ٿي. ڏک، پيار، جدوجھد جا تاثر پڙهندڙ جي روح کي المئي جي تارَئون تارِ سِيرَ ۾ اڇلائي هڻن ٿا ۽ پڙهندڙ ڪلائيميڪس تائين پھچي به اُڃارو رهجي وڃي ٿو.

انهيءَ دلچسپيءَ جي قائم دائم رهڻ جو هڪڙو پاسو هي به آهي ته هي ناول هڪڙو ڊگهو قصو ته آهي پر الف ليليٰ، پکين جي پارليامينٽ،پنج تنتر جھڙو اسلوب ۽ تاڃي پيٽو به رکي ٿو. ڳالهه مان ڳالهه نڪري ٿي ۽ ائين انساني نفسيات جا تَھَ آهن، اسرار آهن، جيڪي هڪٻئي پٺيان کُلندا رهن ٿا. دٻليءَ ۾ دٻلي، تنھن ۾ به دٻلي آهي. اهو انساني نفسيات جو اهم پاسو آهي ته انسان سدائين ڳُجهه جو ڳُولائو هوندو آهي. سندس فطرت آهي ته هُو منجهيل کي سُلجهائي، راز کي کولي، اڻ ڏٺو ڳولهي لھي، ائين ئي هن ناول ۾ به هڪ داستان يا قصو پنھنجي پيٽ ۾ ٻيو قصو کنيو بيٺو آهي. اهي ڪھاڻيون يا ڪٿائون ائين ته ڳُتي ۽ ٺھڪائي پيش ڪيون ويون آهن جو پڙهندڙ بنان بور ٿيڻ جي، ٿڪجڻ جي، ساهي کڻڻ جي اڳتي ۽ اڳتي وڌندو هلي ٿو.

ڳالهه جو کڻندڙ آهي گُلو پٽيوالو ۽ پوءِ آهن:

مِھران، سخاوت ۽ مريم، گاجي ۽ زيبلِ، پوڙاٽي ۽ صوبيدار جي زال، صوفن ۽ موران، جانل ۽ سندس پوٽو اسماعيل، محرم ۽ ڪرمون، خير بخش خيراڻ، کبڙ ۽ ڦاپل، ولي محمد ۽ ڦاپل، گاڏِيَرُ ۽ سندس پاڙيسري، امير بخش ڪاريھر ۽ زهرا، رتنا ۽ راجو، رحمان ۽ ٽنڊڻ ۽ رتنا، صوفي صاحب ۽ نعيما، صوفيءَ جو پيءُ زوار حسين ۽ معذور سيد.

هن ناول ۾ جتي مجازي عشق، جسماني لذت، رنڊي بازي ۽ ڇوڪري بازي تي قلم رستي سنڌي سماج جي عڪاسي ڪئي وئي آهي، اُتي ستين باب ۾ معذور سيد جي لاڏائُو ناريءَ سان افلاطوني عشق جي چاشني به موجود آهي. انهيءَ قصيءَ ۾ نه رڳو افلاطوني عشق کي پنھنجي معراج تائين پھچندي ڏيکاريو ويو آهي پر انهيءَ ۾ ميجڪ ريئلزم کي به ورتايو ويو آهي.

هن ناول ۾ سنڌ جي وڏين مصيبتن مان هڪ مصيبت، يعني ان جي جعلي مڊل ڪلاس تي به قلم کنيو ويو آهي. ناول جي صفحي ۲۵۶ تي لکيل آهي: “گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان پيدا ٿيل مڊل ڪلاس، جنھن جو پس منظر غريب هاري ناري، مزدور، دڪاندار، ماستر ۽ ڪلارڪ هو. انهن جو اولاد پڙهيو، نوڪريون ورتائون، خوب رشوت جو پيسو ڪمايائون ۽ پوءِ اچانڪ کين پنھنجي بڻ بڻياد مان بدبوءِ محسوس ٿيڻ لڳي، پوءِ هنن ڇا ڪيو جو پنھنجا نالا مَٽايا، ذاتيون مَٽايون، بڻ بڻياد مَٽايا.

ان ڪُوڙي مڊل ڪلاس جي سنڌي جي سماج تي بي رحماڻي اجاري داري آهي.اهو اجاريدار ڪلاس جڏهن ڪنھن نئين ماڻهوءَ کي پنھنجي صفن ۾ داخل ٿيندي ڏسندو آهي ته سندس پس منظر جو ڀُوت کيس ڊيڄارڻ لڳندو آهي ۽ نئين داخل ٿيندڙ کي ڪُ بُڻيو سمجهي، ان تي ٽوڪ ٺٺول ڪندي، نظر انداز ڪرڻ لڳندو آهي.”

اهو ته هڪڙو مڊل ڪلاس آهي ۽ ٻيو آهي شھرن جو جعلي اردو مڊل ڪلاس. رجعت پسند ۽ نسل پرست. انهيءَ مڊل ڪلاس به لوئر ڪلاس مان محنت پورهيو ڪري حيثيت نه ٺاهي آهي، پر ورهاڱي جي نتيجي ۾ اسان جي حقيقي ۽ روشن خيال مڊل ڪلاس جي لڏي وڃڻ جي ڪري، انهيءَ جي ملڪيت مٿان قابض ٿي، پاڻ پوءِ ڍائو بڻجي ويھي رهيو. اڄ اهي ٻئي جعلي مڊل ڪلاسيا سنڌ جي دشمنن جا يار بڻيا ويٺا آهن.

هن ناول ۾ اسان کي سنڌي سماج جو وڏي حد تائين مڪمل اولڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ هن ۾ اسان جا رُساما پرچاڻا، عشق فشق، محبتون نفرتون، دين ڌرم، ساڙ ۽ صحبت، ريتون ۽ رسمون بار بار اڳيان اچن ٿيون.

ناول ۾ ڪراچيءَ لاءِ مکيه ڪردار جو رويو، اڄوڪي سنڌ جو رويو آهي ۽ اها نفسياتي ڪايا پلٽ گهڻو تڻو ۱۹۹۰ع کان پوءِ ٿيڻ شروع ٿي آهي. ۱۹۴۸ع کان ۱۹۶۸ع تائين سڄي سنڌ ۾ جي ايم سيد، ايوب کھڙو، ڪامريڊ حيدر بخش سميت ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو هيا، جن جو مطالبو هو ته ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ ڀاڱو آهي، اسان کي واپس ڪريو. باقي نه ته خير هو.

گُلو پٽيوالو ٻڌائي ٿو:

“ڪراچي سمنڊ جي ڪناري اَڏيل سنڌ جو شھر، خود هڪ سمنڊ، انسانن جو سمنڊ، ٻولين جو سمنڊ، سوچن جو سمنڊ، پيار جو سمنڊ، اجهاڳ بي ڪران سمنڊ.

چوندا آهن ته هر قوم جو هڪ محبوب شھر هوندو آهي. پنجابي هن دنيا ۾ ايسيتائين پيدا ٿيل نه سمجهيو ويندو آهي جيسيتائين لاهور نه ڏسندو.

ڪلهه جي بمبئي، اڄ جي ممبئي هندستان جو ڪشش ثقل.

بنگال شايد ٽيگور جي شاعري ڪلڪتي تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي.

قنڌار پٺاڻن کي بندوق جيئن پيارو آهي.

عربن لاءِ بيروت ۽ دبئيءَ تان پيرس قربان.

سنڌين لاءِ ڪجهه ڏهاڪا اڳ تائين ڪراچي محبتن جو محور نه هو.

ڪراچي ته بي وَڙو، بي ترتيب، بي موسمو شھر هو.

سنڌين لاءِ ته دنيا جي گولي تي هڪ ئي شھر هو،

حيدرآباد!

هوائون حيدرآباد جون،

حورون حيدرآباد جون،

جايون حيدرآباد جون ......

مائرون به دعا ڪنديون، “ابا الله ڪندو، حيدرآباد جو ڪليڪٽر ٿيندين.”

..............................................

“جيتوڻيڪ حيدرآباد اڄ به سنڌين جي محبتن جي امين آهي، پر ڪراچي سنڌين جي ذهنن ۾ حيدرآباد جي ساهيڙي ٿي اڀرڻ لڳي آهي.

ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته سنڌي ڪراچيءَ کي هڪ نوخيز ڇوڪريءَ جيان ڏسڻ لڳا آهن ۽ ڏسندي ڏسندي سندس عشق م گرفتار ٿيڻ لڳا آهن.

تڏهن ئي ته ڪراچي سنڌ جي دل سڏجڻ لڳي آهي.

ادب ۾ حيدرآباد سان گڏ ڪراچي به برابر جي حصيدار ٿيڻ لڳي آهي.

امير بخش جڏهن ڪراچيءَ پھتو هو، تڏهن سنڌين جي ڪراچيءَ سان عشق جي نئين ابتدا هئي.”

۽ سنڌ ڇا آهي؟ انهيءَ جي گواهي ته هيءَ سڄي ڪٿا آهي، پر ڪٿي ڪٿي ڪي اهڙا جملا به آهن م جيڪي روح کي گرمائي ڇڏين ٿا، ٻوڙي ڇڏين ٿا:

صفحي ۲۰۰ تي آهي، “ايمانداريءَ دريءَ مان ٽپو ڏنو.

سنڌ، ڏکويل ۽ لُٽيل سنڌ! هڪ سُڏڪو اُڀريو.”

صفحي ۲۳۱ تي آهي، “شايد پيءُ وٽان کيس ورثي ۾ مليل احساس ته سندن وطن غلام هو.”

صفحي ۲۳۴ تي آهي، “هونءَ ته سنڌڙيءَ جو کڻي ڪير ڪيڏو به سرڪش سنڌي هجي، ڏٺو ائين ويو آهي ته سندس سِر هميشه ڏاڍي جي لَٺ ۽ سيد جي عظمت جي آڏو جهڪيل رهيو آهي ۽ شايد اڻ ڳڻين نسلن تائين جهڪيل رهي.”

صفحي ۲۳۹ تي آهي، “عورت پنھنجو رئو لاهي وڏيري جي پيرن تي وڌو. وڏيري پنھنجا پير ايڏي تيزيءَ سان پوئتي ڪيا ڄڻ ته رَئي ۾ دوزخ جي باھ هجي.

مٺڙي سنڌ پنھنجي ٻچڙن جي عجيب ريتن روايتن ۽ رسمن تي مرڪيو.”

هن ناول ۾ اسان کي وچ وچ ۾ مختصر ڪھاڻيون به ملن ٿيون. اهڙي ئي هڪ دلچسپ ڪھاڻي صفحي ۱۴۶ تي آهي:

“زندگي سَت رنگي

خيربخش خيراڻ جي زندگيءَ جي ابتدا غربت

مختصر وقت لاءِ ٽي ويلا پيٽ ڀري ماني

جيل، جلاوطني،

ڪم ڪندي ڀت تان ڪري پيو، ڪم جي اهليت نه رهيس

پنھنجا ساٿ ڇڏي ويا، رڻ ۾ رولي ويا

قسمت جي ديويءَ رنگ بدليو

پٽيوالِي.

اوڻونجاھ سالن ۾ مُنھَن تي موڙَ

هاءِ ڙي ست رنگي زندگي!

“دنيا دم درياءُ” ۾ ڪٿي ڪٿي اسان کي زندگيءَ جو ابتو شعور يا ادراڪ به ملي ٿو.مثلن، “هر ڏينھن جي پٺيان رات هوندي آهي، هر خوشي ڪنھن نه ڪنھن غم جو انت هوندي آهي.چوندا آهن ته هرهڪ ٽھڪ ڏيندڙ چھرو پنھنجا ڳوڙها پاڻ پيئڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.”

اسان جي سموري لوڪ ادب ۽ جديد ادب ۾ هھڙو انڪشاف وري توهان کي ڪٿي به نه ملندو. اهو دادلي ناصر زهراڻيءَ جو ڪمال آهي، جو هُنَ خبر ناهي اهو سڀ ڪجهه دليان گهڙيو آهي، يا وري ٻڌو اٿس، پر آهي لاجواب. هُو صفحي ۷۵ تي لکي ٿو، “سخاوت علي! توکي خبر آهي ته عشق جي خبر سڀ کان پھريائين ڪنھن کي پوندي آهي؟” ماستر جان محمد ڊگهي خودڪلامي کان پوءِ سخاوت علي کان سوال ڪيو.

“نه، سائين!” سخاوت علي مختصر جواب ڏنو.

“عشق جي پھرين خبر پوندي آ ماءُ کي. اسان سان به ائين ٿيو. منھنجي پرينءَ جي ماءُ کي کڙڪ پوندي ڪا گهڻي دير نه لڳي.”

سڄي ناول ۾ سنڌي ٻولي پنھنجي نج پڻي سميت، ٻھراڙيءَ واري ساءَ ۽ هڳاءَ سان گڏ موجود آهي. ناول نگار جي ٻوليءَ مٿان عبور کي ڏسندي “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون”، “اهي ڏينھن اُهي شينھن”، “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ياد اچڻ لڳن ٿا. ٺيٺ سنڌي لفظ، چوڻيون، محاورا ۽ مٿان وري مُنڊيءَ تي ٽِڪَ وانگر بيٺل شاھ جا بيتَ، سچل ۽ ٻين شاعرن جون سِٽون ۽ شاعري.

ڪردار نگاري، مڪالمن ۽ منظر نگاريءَ جي حوالي سان به هي هڪ پختو ۽ سھڻو ناول آهي.

سچل جي هنن لفظن “مين تان اڪ خيال هان” سان ناول جو منڍ ٿئي ٿو ۽ ڪانٽ جي معروضيت پسنديءَ ۽ هيگل جي ايبسوليوٽ آئيڊيا يعني مطلق خيال سان هم آهنگي رکندي سندس پُڄاڻي به خيال تي ئي ٿئي ٿي، “ڇا مان مري رهيو آهيان!؟” پڪ هوندي به پڪ ناهي. اهو به هڪ خيال آهي، موت به هڪ خيال آهي ۽ ائين ناول پنھنجي ٻاهرئين دائري ۾ سنڌ جي تصوف جي ڀاڪر ۾ آهي.

اسان جي آئيندي کان وانجهيل زندگيءَ کي جيسين ڪوبه حقيقي بنياد مھيا نه ٿو ٿئي، تيسين اسين سڀ خيالي زندگي ئي ته گهاري رهيا آهيون.

اهڙي ڏکوئيندڙ، بي پاڙي جيون جي عڪاسي ڪرڻ تي “دنيا دم درياءُ” جي سرجڻھار دادلي ناصر زهراڻي کي کوڙ ساريون واڌايون.

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)



دنيا دم درياءُ

ادل سولنگي

دادلي ناصر زهراڻيءَ جو سماجڪ اِتهاس جي پس منظر ۾ لکيل ناول مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سهڻي. سنڌ ڌرتيءَ مٿان هزارين سالن کان ٿيندڙ ڪاهُن، حملن، چڙهاين، سازشن، ڏاڍين، غدارين ۽ اُرهه زوراين جي وارتائن جي پس منظر کي بيان ڪندڙ شاهه سائين جي هنن آفاقي سٽن سان هن ناول ”دنيا دم درياءُ“ جي ارپنا ڪندي ليکڪ لکيو آهي ته:

مٺڙي جيجل سنڌ! تنهنجي اڻ کٽ دردن جي نالي!

هيءُ ناول اٺن بابن ۾ ورهايل آهي، هن ناول لکڻ ۾ ليکڪ جي مٿان ڪيترن ئي فرضن، ڪيترن ئي قرضن ۽ ڪيترن ئي دردن جو عمل دخل ۽ بارُ محسوس ٿئي ٿو. هن ناول کي سنڌ جي موجوده سياسي، سماجي ۽ معاشي استحصال جو گڏيل دستاويز چئي سگهجي ٿو.

سنڌ ڌرتيءَ سان سياسي اُرهه زورائي ۽ ٻه اکيائي جي حوالي سان مختلف وقتن تي سياستدانن ۽ بيورو ڪريٽن جي اندر ۾ پلجندڙ نفرت به هن ناول ۾ ٻڌائي وئي آهي.

سردار ولڀ ڀائي پٽيل جا چيل لفظ، لياقت علي خان جا چيل لفظ، جنرل پرويز مشرف جا چيل لفظ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مشير عالم جا چيل لفظ،  سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ سندن سوچ ۽ رويو پڌرو ڪن ٿا، جن کي ناول نگار پنهنجي ليکي، دستاويزي شڪل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ ۾ ”غيرتمند، اَرڏن ۽ اڙٻنگ سِرن جو مقدر مقتل گاهه ئي هوندو آهي“

”مال غنيمت صرف جنگين جي ميدان مان ئي حاصل نه ٿيندو آهي، هن دنيا ۾ هر پهچ وارو انسان بي پهچ، يتيم ۽ غريب کي مال غنيمت ئي سمجهندو آهي“.

چاليهي جي ڏينهن ۾ اُتر سنڌ ڪچڙي منجهند جو ائين ويران ٿي ويندي آهي ڄڻ ته رڳو ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ جو آواز بلند ڪري مدد خان پٺاڻ جي لشڪر جي آمد جو اطلاع ڏنو ويو هجي.

عجب دنيا آهي سنڌ سيڪريٽريٽ، پٽيوالي کان وٺي سيڪريٽري تائين، خواهش سڀني جي کيسا ڀرڻ آهي، مها بي ايمانن کي ايمانداريءَ جو چولو پاتل هوندو آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ”سنڌ  جي نالي“ ۾ واپار ڪيو ويندو آهي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ايمانداريءَ کان سواءِ باقي هر شئي موجود هوندي آهي، سيڪريٽريٽ جي دروازي واري مسجد خلاف توقع آفيس جي ٽائيم تي نماز وقت ائين ڀرجي ويندي آهي ڄڻ اڄ دنيا جو آخري ڏينهن هجي، لُٽ، ڦر جا شهنشاهه عوام جي ڳوڙهن کي پنهنجي جوتن جي پالش سمجهندڙ ڊگها ڊگها سجدا ڏيندا آهن.

ڀرا صوفن ميڪون نه مار، موران تيڏي اي، موران تيڏي اي، ميڪون نه مار، موران تيڏي اي.. هڪ پيار تي شڪاري باز جي لامارن جي درد ڀري دانهن.

پيڙا، ۽ اها به موت جي پيڙا عجب آهي. دراصل موت جي پيڙا انسان ۾ زندگيءَ سان اُنس پيدا ڪندي آهي ۽ موت جو تصور انسان ۾ جيئڻ جو اُتساهه پيدا ڪندو آهي.

”مِهران“ جي سڀني وصفين سهڻي ۽ سگهڙ ڪردار کي کڻي، ناول نگار لوڪ ڪٿا جي انداز ۾ آهستي آهستي، اسان جي چئوطرف پکڙيل سماجي براين وارين ٻهراڙين، انهن ۾ ٿيندڙ اجهاڳ ناانصافين، ڏاڍين، ناسهپن، ناڪامين، نااميدين، انائن، انتقامن ۽ اهڙين اهڙين اُگرين ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ حقيقتن تان پردو کڻندو وڃي ٿو، جيڪي صدين کان وٺي سنڌ جي قومي تشخص کي نڀاڳ جي نائي ٿي چُهٽي پيون آهن، ان جي اڇيءَ اجريءَ پيشانيءَ تي بدنما داغ ٿي پيون آهن، جن جو روئڻو لطيف ۽ ان کان اڳ به سچن قلمڪارن رنو، هو ته اڄ دادلي ناصر زهراڻيءَ جو قلم به روئي رهيو آهي، ۽ هن جي قلم جي نِبُ مان بي اختيار هي جيڪو سچ جو نُور نروار ٿي رهيو آهي، اهو پنهنجي روشنيءَ سان اسان جي اڄوڪي جيوت کي انسان جي تاريخ کان اڳ واري وحشي دور سان ڳنڍي مرن کي ماٺ ڏياري ٿو ڇڏي.

هي ناول، لوڪ ڪٿائي انداز ۾ لوڪ ادب جي قديم داستانن جيان، نهايت ئي لوڪ داستانن جي ويجهو محسوس ٿيندڙ سماجڪ ۽ رومانوي ناول هجڻ جو ڏيک ڏئي ٿو. ناول ۾ فڪري گهرائي جي حوالي سان لوڪ ڪٿائون ۽ چونڊ شاعري مُهل ۽ موقعي تي خوب ڪتب آندل آهي، فني مهارت سان ناول جي اُڻت، سٽاءُ ۽ ترتيب رکي وئي آهي، جنهن مان ليکڪ جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، اقتصادي، علم، تجربي، مشاهدي جي ڄاڻ به پلئه پوي ٿي. هن ناول ۾ مُهڙ کان وٺي، آخر تائين ڳوٺاڻا ڪردار، موچي، ڪينسر، ڪرپشن، زندگي، موت، سونهن، علم، ادب ۽ تصوف جون روايتون گڏ گڏ هلنديون رهن ٿيون.

غريب جي جواني، خوشي اچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويندي آهي ۽ غريب جي جنازي جي تياري ڄمڻ سان ئي شروع ٿي ويندي آهي، جهڙا جملا به هن ناول ۾ آهن.

هڪ غريب شاعر موت جي دروازي تي هو، موت جيڪو سندن اڱڻ اجاڙي ڇڏيندو.آڪهه کي رولي ڇڏيندو، سندس ٻار يتيم ٿي غربت جي اڻ کٽ بار هيٺان دٻجي ويندا. هن جي شاعريءَ جو مجموعو ڇپائڻ جو خواب وکري ويندو. هو بي يارو مددگار تڙپي تڙپي مري ويندو. هو جيڪو ادبي سنگت جو روح روان هو، پر ستم ظريفي اها هوندي ته، ادبي سنگت سندس شعري مجموعو ڇپرائڻ يا سندس ورسي ملهائڻ ته پري جي ڳالهه ٿي، سندس موت تي ڪو ٺلهو تعزيتي بيان به جاري نه ڪندي.

اديبن مان ڪو سندس اچي اولاد جا ڳوڙها اگهڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪو سندس تڏي تي ٻه وکون کڻي به نه ايندو ڇو ته هو غريب شاعر هو. سنڌ ۾ غريب شاعر ۽ ڪاري ڪري ڪٺل جو موت هڪجهڙو هوندو آهي، ٻئي ڪفن لاءِ محتاج، ٻئي پنهنجي ڪُلهن تي بار، هي پئر ان شاعر خير بخش خيراڻ بابت آهي جيڪو ڪينسر جي بيماريءَ سان گڏ، ادبي سنگت جي ساڙولن جي ساڙ جو شڪار به رهيو هو.

باڊهه جو آ مائو ڀلو،

خيرو موچي کائو ڀلو.

ادبي سنگت جي انهن ساڙولن ڪردارن نه رڳو ادبي سنگت جي ٻين خيري جي ساٿين سنگتين سان ساڳي، اڻ سهپ واري روش رکي پر هن شاعر جي تڏي تي وڃي تعزيت به ڪا نه ڪيائون ۽ هن جي ادبي ڪم جو ته ڪو به قدر نه ڪيو پر سندس ورسي ملهائڻ کان به مختلف اٽڪلون، بهانا ۽ سازشون ڪندي نابري واري ادبي سنگت جي انهن پاڻ مرادو روشن خيال ۽ ترقي پسند انهن سنگتين ته دنگ ڪري ڇڏيو هو، جو، سنڌي ادب/ لوڪ ادب ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي تعزيتي گڏجاڻي اهو چئي نه ڪوٺائي هئي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سرڪاري ۽ رجعت پسند ليکڪ هئو. توڙي جو ادبي سنگت جي مرڪز ٽي ڏينهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لاڏاڻي تي سوڳ جو اعلان ڪيو هو، پر ادبي سنگت جي ساڙولن مرڪز جي اهڙي اعلان خلاف عمل ڪيو هو.

ادبي سنگت ۾ اهڙن ماڻهن جي گهڻائي آهي، جيڪي انساني قدرن جي پاسداري ناهن ڪندا پر اهي نظرياتي دوستي ۽ دشمني پاڙڻ لاءِ موقعي ۽ مَهل جي تاڙ ۾ هوندا آهن، اهڙي نموني هي يار سائين ديدار جي لاڏاڻي مهل به ڪفن ڪُلهي تي کڻي اچي سندس تڏي تي پهتا هئا ۽ وارثن کي چيو هئائون ته سائين، اسان جو نظرياتي دوست هيو ۽ اسان سندس نظرياتي وارث آهيون.

مظلوم، بيوس، لاچار انسانيت جي بار بار ورجايل ڪهاڻي اڳتي وڌي، طاقت ڪمزور کي ڪچلي ڇڏيو، وحشت اسپين جي مست ڍڳي جيان ڊوڙڻ لڳي، گل مرجهائجي و يو.

”دنيا ۾ درياءُ“ ناول ۾ ڪيترا ئي اڻ ڳڻيا سوال ڪيا ويا آهن، جن کي پنهنجي جوابن جي ڳولا ۽ انتظار آهي.


No comments:

Post a Comment