Saturday, October 2, 2021

سفارشيءَ جي سزا - ارشاد احمد شيخ

سفارشيءَ جي سزا

(فلئش فڪشن)

ارشاد احمد شيخ



ھڪ بادشاه، گڏھن کي سٺي نموني قطار ۾ ويندو ڏسي، ڪنڀر کان پڇيو: ”من! تون ھنن کي سڌو ڪيئن رکندو آهين؟“

ڪنڀر وراڻيس: ”بادشاه سلامت! جيڪو قطار ڀڃندو آهي، ان کي مان سزا ڏيندو آهيان.“

”ڇا تون منهنجي ملڪ ۾ انصاف ڪري، سڌارو آڻي سگهندين؟“ بادشاھ سلامت پڇيس.

”ڇو نه قبلا!“ ڪنڀر کيس ورندي ڏني.


بادشاه کيس اچي پنهنجي تخت ڀرسان ويھاريو. ھڪ چوريءَ جو ڪيس آيو. ثابت ٿيو ته حڪم ڏنائين: ”ھڪ دم چور جا ھٿ ڪپيا وڃن.“

ڀڪ ۾ ويٺل ھڪ وزير، ڪن ۾ ڦسڪو ڪيس: ”ھيءُ پنهنجو ماڻهو آهي. ڪجھ خيال ڪر.“

ڪنڀر ٻيو حڪم ڏنو: ”چور جا ھٿ ڪپيا وڃن ۽ سفارشيءَ جي ڄڀ ڪپي وڃي.“

 

(ارشاد احمد شيخ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment