Sunday, October 24, 2021

ڪَٽِي - غفار سومرو

ڪَٽِي

(ٻاراڻي ڪهاڻي)

غفار سومرو



اسيمبليءَ کان پوءِ ڪلاس ۾ پهچي اهڙو ته مصروف ٿي ويس جو شاگردن کي ڪالهوڪو ڏنل گهرو ڪم چيڪ ڪندي، سبق ٻڌندي، وري نئون سبق پڙھائيندي ۽ ٻئي ڏينهن جو گهرو ڪم ڏيندي، وقت جو احساس ئي نه رهيو ته ڪهڙي مهل رسيس جو گهنڊ لڳو. گهنڊ جو آواز ٻڌي، باقي ٻارن کي رسيس کان پوءِ پڙھائڻ جو چئي، ڪلاس مان نڪري هر طرف ٺينگ ٽپا ڏيندڙ، ڊڪندڙ ڀڄندڙ ٻارڙن کان پاڻ بچائيندو، اچي هيڊ ماستر صاحب جي  آفيس ۾ ويٺس.

 آفيس ۾ هيڊ ماستر صاحب اسڪولي رڪارڊ ٺاهڻ ۾ مصروف هو. هڪ ٻه استاد، اڳ ئي ڪرسين تي ويٺل، اخبارن ۽ موبائلن ۾ گم هئا. ٽيون مان به اچڻ سان ئي جيب مان موبائل ڪڍي، ڊيٽا آن ڪري، فيس بڪ هلائي، ويٺس ئي مس ته هيڊ ماستر صاحب جو آواز ڪن پيو؛ ”اچ اچ ناني!“


هيڊ ماستر صاحب، هميشه پيار منجهان، اسڪول جي ڇوڪرين کي ناني، ڏاڏي، امان چئي پڪاريندو آھي.

موبائل تان نظرون هٽائي، دروازي ڏانهن نهاريم، جتي منهنجي ڌيءُ پارس اداس، غمگين ۽ روئڻهارڪو منهن ڪيون بيٺي هئي.

موبائل کيسي ۾ رکندي، کيس سڏ ڪيم؛ ”هلي آ پارس! ڇا ٿيو ٿئي؟!“

بس منهنجو ايترو پڇڻ ۽ سندس هميشه جيان بي آواز روئڻ شروع ٿي ويو. ڳلن تان ڳوڙھن جون قطارون، وهندي اسڪولي ڊريس ۾ جذب ٿينديون ويون. بوڇڻ جو هڪڙو پاند، ساڄي هٿ جي اشهد آڱر کي ويڙھيل ۽ آڱر وري چپن تي رکيل! اهڙي ڏيک ڏسڻ کان پوءِ پڪ سان منهنجي دل مٺ ۾ اچڻ گهرجي ها يا گهٽ ۾ گهٽ منهنجا به ڳوڙھا لازمي وهي هلن ها. ڇو جو سندس معصوم، اداس، غمگين چهرو ۽ ڇم ڇم ڳوڙھا وسندڙ اکين وارو ڏيک، ڏسي دل جو چڱو ڀلو پڪو ماڻھو به ڀڄي ڀري روئي پوي ها. پر مان رڳو موبائل کيسي ۾ رکي، اٿي وڃي، کيس ڀاڪر ڀري، آڻي پاڻ سان گڏ ويهاريو. هيڊ ماستر پريشانيءَ وچان کيس ڏسڻ لڳو. استاد رفيق مهر، جيڪو سندس طبيعت کان گهڻو تڻو واقف هو، سو اسان کي ڏسي کلڻ لڳو. مون پارس کان پڇيو؛ ”ڇا ٿيو بابا؟ ڇو پئي روئين؟“

 سڏڪا ڀريندي، چوڻ لڳي؛ ”ابو! مان استاد ڪنول جي ڪلاس ۾ ڪو نه پڙھنديس!“

”ڇو ڀلا!؟ استاد ڪنول ايڏو ڀلو ته آھي!“ مون سندس ئي بوڇڻ جي پلئه سان، سندس ڳوڙھا اگهندي، پڇيو.

 گهڙي پل ماٺ رهڻ کان پوءِ، نڪ سڻڪندي، چيائين؛ ”مون سان ڪلاس جون ڇوڪريون وڙھن ٿيون!“

”او! ڀلا ڇو ٿيون وڙھن؟ مون سڄي ڳالھ سمجهندي، تعجب ڏيکاريندي پڇيو.

”الاءِ! پر ڇوڪريون مون کي پاڻ سان گڏ کيڏائن به ڪو نه ٿيون!“

”اڇا!؟!؟!؟“

”ها ابو! سمرن، آرتي، ڪائنات، سنڌو سڀني گڏجي مون سان ڪَٽِي ڪئي آھي!“

پڇيومانس؛ ”پوءِ ان ۾ استاد ڪنول جو ڪهڙو قصور!؟“

”استاد ڪنول انهن کي چئي جو ڪجھ ڪو نه ٿو! مون سان ڪَٽِي ڇو ڪئي اٿن پڇي به نٿو!“

هيڊ ماستر کلندي چوڻ لڳو؛ ”ها! اها ڳالھ ته آھي! ڇوڪرين ڪَٽِي ڇو ڪئي آھي پارس سان!؟ استاد ڪنول انهن کان پڇي نه!“

استاد رفيق مهر کلندي، چوڻ لڳو؛ ”هاڻ ڏي منهن!“

مون ته پهرين ئي سڄي ڳالھ سمجهي ورتي هئي. ان ڪري جذبات ۾ اچي ڪو تڪڙو قدم ڪو نه کنيم ۽ نه روايتي والدين جيان هاءِ گهوڙا شروع ڪري ڏنم.

مون کي ته پارس جا پنهنجا حال ساريا پيا هئا. چهنڊي به پاڻ هڻي وٺندي هئي ته وري پڇڻ تي روئي به پاڻ پوندي هئي. ايڏي معصوم شڪل صورت جو ڪو اعتبار ئي ڪو نه ڪندو ته هن ڇوڪريءَ به ڪنهن سان جهيڙيو آھي. قسم کڻڻ ته به ڪو ڪو نه مڃيندو!

معاملي کي سلجهائڻ لاءِ استاد رفيق مهر کي منٿ ڪيم ته هي ڪم تون ڪر. ڇو ته مان خود پنهنجي ڌيءُ ڪاڻ شاگرد ڇوڪرين کان پڇاڻو مناسب ڪو نه ٿي سمجهيو.

استاد رفيق مهر کلندو، پارس کي ساڻ وٺي، سندس ڪلاس ۾ هليو ويو.

پٺيان هيڊ ماستر صاحب چوڻ لڳو؛ ”تنهنجي پارس ڏاڍي حساس آھي!“

 چيم؛ ”سر! بلڪل ڏاڍي حساس آھي! جو دڙڪو ڪنهن ٻئي کي ڏي ته روئي هيءَ پوندي آھي! ڳوڙھا ته سندس اکين مان ڪارن ڪڪرن جيان وسي پوڻ لاءِ صفا تيار هوندا آهن. انهيءَ ڪري ته هيل پنجون ڪلاس ڪو نه ورتم جو سوچيم هُوءَ ٻئي استاد وٽ ويهندي ته ڪجھ هوشيار ٿيندي.“

”بلڪل اهو توهان صحيح ڪيو آھي! پنهنجي ٻار کي ٻئي ڪنهن استاد وٽ ڇڏجي ته سٺو رزلٽ ملي ٿو.“ هيڊ ماستر صاحب مون سان متفق ٿيندي وراڻيو.

چيم؛ ”۽ سر ڏسجو، معاملو ڪجھ به ڪو نه هوندو!“

تڏھن استاد رفيق مهر ۽ استاد ڪنول به اچي آفيس پهتا. پڇيم؛ ”ڏيو حال سر.....!؟“

استاد ڪنول مرڪندي چوڻ لڳو؛ ”ابا پارس وڏي حساس آهي! سوير ميڪنگ آف رلي سبق پڙھائيندي پڇيومانس؛ ’توهان گهر ۾ رلي ٺاهيندا آھيو؟‘ بس ايتري ۾ روئڻ شروع ڪري ڏنائين!“

مون پڇيو؛ ”هاڻ ڇا مسئلو هو!؟“

”ڪجھ ئي ڪو نه! سندس دوست ڇوڪري اڄ آئي ڪونهي. ٻيون ڇوڪريون، جوڙي جوڙي کيڏن پيون. هيءَ اڪيلي ٿي پئي آھي. ٻيو ته انهن ڇوڪرين سان به ٺاھ ڪو نه اٿس!“

”هاڻ ڀلا ٺھي ته ويون يا نه!؟“

”ڪو نه! پارس اڃا به اڪيلي ويٺي آھي!“ استاد رفيق وراڻيو.

رسيس کان پوءِ مون به ڪوشش ڪئي پر پارس جو پارو چڙھيل هو ته هوڏانهن هنن ڇوڪرين به رخ ڪو نه ڏنس. مون به گهر واپسي تائين ساڻس ڪو نه ڳالهايو.

ٻئي ڏينهن، کيس ڄاڻي واڻي اسڪول ڪو نه وٺي ويس. اسيمبليءَ کان پوءِ سندس سھيلي ۽ ٻيون ڇوڪريون مون وٽ اچي بيٺيون؛ ”سر پارس ڇو ڪو نه آئي آھي!؟“

چيم؛ ”پارس هاڻ ڪو نه پڙھندي!“

”ڇو سر!“ سڀني ڇوڪرين، تعجب ۽ حيرانيءَ وچان، گڏجي پڇيو.

”توهين روز روز پاڻ ۾ جهيڙا ڪنديون آھيو! کيس روئارينديون آھيو! سو بس هاڻ  هوءَ اسڪول ڇڏي ويندي!“

ڏٺم ته ڇوڪريون پريشان ٿي، هڪ ٻئي جي منهن ۾ نهارينديون رهيون. سندس سھيليءَ جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. تڏھن سڀني گڏجي چيو؛ ”سر! پارس کي اسڪول وٺي اچو! کيس پڙھايو! هاڻ اسان جهيڙا ڪو نه ڪنديوسين!"

”نه بابا! هاڻ هو ڪو نه ايندي!“ مون هروڀرو اداس مک ڪندي، چيو.

”سر پليز! هاڻ اسان اصل ئي جهيڙو ڪو نه ڪنداسين. توهان کيس چئو ته اسڪول اچي!“

 مون به استاديءَ کان ڪم وٺندي چيو؛ ”۽ ڪَٽِي!؟“

”سر ڪَٽِي به ختم ڪنديونسين..... بس توهان کيس اسڪول وٺي اچو!“

مون خوشيءَ وچان کلندي، هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.

اڄ پارس اسڪول پهتي ته سندس ڪلاس جي سڀني ڇوڪرين ساڻس ٻه ٻه آڱريون ملائي، ڪَٽِي ختم ڪندي، ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ اسڪول، گڏ کيڏندڙ ٻارڙن سان، سهڻو پئي لڳو.

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment