Friday, October 8, 2021

لاحاصل love جو حاصل - ننگر چنا

لاحاصل love جو حاصل

(جاويد شيخ جي ڪھاڻي ڪتاب تي هڪ مٿاڇري نظر)

ننگر چنا



مون اڳ ۾ به ڪنھن ڪھاڻيءَ ڪتاب تي لکندي اهو اظھاريو هو ته اسان جي ادب (خاص ڪري فڪشن) ۾ سڀ کان وڌيڪ سگهارو لاڙو حقيقت نگاريءَ جو رهيو آهي. ۽ اڄ به اسان جي ڪھاڻي توڻي جو جادوئي حقيقت نگاري جا اولڙا به پَسائي پئي پر ان جي هوندي به اسان جي اديبن جو وڏو ڳاڻيٽو  پنھنجي سماج ڏانھن ڪمٽمينٽ رکڻ جي ڪري، شعوري طور تي به انهيءَ لاڙي کي پسند ڪري ٿو. اسان جو سنڌي سماج گذريل ٻن صدين کان عام طور ۽ 1947ع کان پوءِ خاص طور تي جنھن پيڙا مان لنگهي رهيو آهي، انهيءَ کي چِٽڻ جي لاءِ حقيقت نگاري ئي سڀ کان بھترين لاڙو آهي. اسان جي سماج ۾ ڏاڍَ ۽ جبر جون شڪليون ظاهري طور تي مَٽيل ڏسڻ ۾ اچڻ ٿيون پر ائين آهي ڪونه. ڇو ته مظلومن جي حالت ۾ ڪا وڏي تبديلي نه آئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ امر لال هنڱوراڻيءَ کان وٺي امرلغاريءَ تائين اسان جي ڪھاڻي اسان جي دانھَن جو ، اسان جي سَڏَ جو، اسان جي ڪُوڪَ جو پڙاڏو بڻجي اسان سان گڏ بيٺي رهي آهي. هرو ڀرو ائين به ڪونهي ته اسان جي ڪھاڻي رڳو ظلم ۽ ڏاڍ جي عڪاسي ڪندي رهي آهي، پر وجودي صورتحال کان وٺي اجتماعي لقائن تائين سندس ڪينواس تي ڪيئي رنگ پکڙيل آهن. اُنَ ۾ سماج جا سڀئي رنگ آهن ۽ سي به ڀرپور ۽ سگهارا. اسان جي ڪھاڻي اسان جي سَرهاين، اَرهاين جو وچور آهي.


اسان جي نَوجوان ڪھاڻيڪارن مان هڪ جاويد شيخ به آهي، توڻي جو هُنَ کي لکندي زمانو ٿيو آهي، پر هڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ هاڻ هُو صاحبِ ڪتاب بڻيو آهي. جاويد شيخ نثر ۽ نظم ٻنهين ۾ طبع آزمائي ڪندو رهيو آهي. هُنَ جي شخصيت جا ڪيئي پاسا آهن، هُو سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ خاموش خادم به آهي، مضمون نگار به آهي، شاعر به آهي ته ڪھاڻيڪار به. سندس ڪھاڻين  جو پھريون ڳٽڪو “لاحاصل love” مرڪ پبليڪيشن پاران ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ سندس 23 ڪھاڻيون آهن. انهن ڪھاڻين جي سادگي ،مقصد جي چِٽائي ۽ کليل پيغام هجڻ وارو گُڻ کيس حقيقت نگاريءَ جي ميدان ۾ آڻي بيھاري ٿي. هُو سمورا موضوع اسان جي سماج منجهان، ذاتي تجربن ۽ آس پاس جي زندگيءَ مان چُونڊي ٿو. سندس ڪھاڻي اسان جي هيٺئين ۽ وچولي طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي. انهن ڪھاڻين ۾ ڪا به پيچيدي وجودي صورتحال ڪونهي ڪا، پر هڪڙي سنڌي سنواٽي سچائي آهي، جيڪا ڏند ٽيڙي اسان جي مٿان کلي رهي آهي. اسان جي عام ماڻهوءَ جا مامرا ۽ مسئلا جيئن ته گهڻو تڻو پيٽ ۽ پيٽ کان ٿورو هيٺ ، ٿورو مٿي جڪڙيل آهن ۽ انهن کي سمجهڻ يا پيش ڪرڻ لاءِ سِڌي سنئين انداز ۾ به پيش ڪري سگهجي ٿو، تنھنڪري هي ڪھاڻيون به سڌيون سَنواٽيون آهن. اسان کي اَٽي، لَٽي ۽ اجهي جي ڳڻتيءَ مان ٻاهر نڪرڻ جي واندِ ناهي ڏني وئي، انهيءَ ڪري سڀني مامرن جي پاڙ  اِتي ئي آهي. اسان جي عوام گهڻائي اڄ به چاڪيءَ جي ڏاند جيئن انهي مفلسي جي گهاڻي ۾ جُٽيل آهي، تنھنڪري جنھن جنھن کي به لکڻ جو وجهه ملي ٿو سو گهڻو تڻو انهي گهاڻي جي واتاورڻ کي اظھاري ٿو ۽ جنھن جنھن کي ابتدائي ڏاڪي تي پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو اهو به اهڙين لکتن جو شائق ٿي وڃي ٿو جيڪي سندس پيڙا، اهنج ، خوشي ۽ سُکَ کي پيش ڪري سگهن.

اسان جي زندگي جيئن ته 1843ع کان شھري رنگن کي ڏسڻ ۽ پسڻ شروع ڪيو آهي، تنھن ڪري ڪھاڻي به اسان جي ڪھاڻي ٻھراڙيءَ جي جيون ڪٿا سان گڏوگڏ شھر جو فَسانو پيش ڪندي رهي ٿي. جاويد شيخ جي ڪھاڻين ۾ گهڻو تڻو شھري جيون جا عڪس آهن. هُو پاڻ به جيئن ته گهڻي ٽاڻي کان وٺي شھر جو ناگرڪ آهي، تنھن ڪري هُنَ وٽ اُهي مسئلا بخوبي نظر اچن ٿا، جيئن سندس ڪتاب جي پھرين ڪھاڻي “آخر هي قصور ڪنھن جو آهي؟” ۾ شھر منجهه قاتل گٽرن جو مامرو سدائين رهيو آهي. ڍڪڻ لٿل گٽرن ڏانھن ماڻهن جو رويو ڇا آهي ۽ انهن جي کليل راڪاس جھڙن واتن  ۾ زندگيون ڪيئن الوپ ٿي وڃن ٿيون ؟ انهيءَ تي جاويد ڪھاڻي لکي آهي. ائين “رت گهرجي” “ويھ رپيا”،“پگهار اچي”،“فليٽ خالي ڪريو”، “ماءُ ۽ محبوبا” ، “همسري ورتو”، “بنگلو وڪري لاءِ” ۽ “قومي شناختي ڪارڊ” به اسان جي شھري ماڻهن ۽ مامرن تي لکيل ڪھاڻيون آهن. انهن مان ڪي ڪھاڻيون شھري سنڌي ماڻهن جي ڪٺنائِيُنِ کي بيان ڪن ٿيون، جڏهن ته “قومي شناختي ڪارڊ” نالي ڪھاڻي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري، وفاقي ادارن جي غيرملڪي پناھ گيرن لاءِ همدردي ۽ ڪراچيءَ ۾ وڌندڙ ڌارين جي نفسيات کي اظھاريندڙ آهي. اها ڪھاڻي ٻڌائي ٿي ته ڪيئن نه ڌاريا ماڻهو ڪراچي اچي هتان جو شناختي ڪارڊ ٺھرائي وڃن ٿا. هن ڪھاڻيءَ ۾ اُنَ پناھ گير شخص جي نفسياتي تبديليءَ کي سولي انداز ۾ سمجهايو ويو آهي. اهڙو شخص جيڪو اڳ ۾ جڏهن لڪي، غيرقانوني طريقي سان ڪراچيءَ پھچي ٿو ته تڏهن سندس رويو ڪيئن آهي ۽ جڏهن اُهوئي ماڻهو هتان جو شناختي ڪارڊ ٺھرائي وڃي ٿو ته هُن َ جو رويو ٻيو ٿي وڃي ٿو.

جاويد شيخ جي ڪھاڻين جو ٻيو وڏو موضوع اسان جي تعليمي ادارا ۽  انهن جي صورتحال آهي. اهڙين ڪھاڻين ۾  “رت گهرجي”، “شعور جو نمائدو”، “ڌنڌوڙي”، “ويھ رپيا”، “پگهار اچي”، “سنڌ نه بدلبي”، “شھري ڊوميسائيل” ۽ “سالگرھ ” وغيرھ آهن. انهن سمورين ڪھاڻين ۾ شھرن اندر تعليمي ادارن ۾ موجود سنڌين جا مسئلا، تعليمي ادارن سان لاڳاپيل سنڌين جا شھرن ۾ عام مسئلا ۽ سنڌين جي سوچ آهي. انهن مان هڪ ڪھاڻي “سنڌ نه بدلبي” شھري ماحول ۾ ساھ کڻندڙ هڪ اهڙي سنڌيءَ جي ڪھاڻي آهي، جنھن وٽ ڊگري به آهي، نوڪري به آهي پر هُو اڄ ڏينھن تائين پيري مريدي واري ڌَپاري ڌنڌي مان ڪنڌ نه ڪڍائي سگهيو آهي. جنھن کي ماڻهو پيرن تي هٿ رکي ملن ٿا، جنھن آڏو جُهڪَنِ ٿا ۽ هُنَ جي ڪُوڙي ۽ بيمار اَنا کي انهيءَ مان سڪون ملي ٿو. انهيءَ ڪري جاويد دانھن ڪري ٿو ته جيڪڏهن اهي حال رهيا ته سنڌ نه بدلبي.

سندس هڪ ٻي ڪهاڻي “همسري ورتو” ڏاڍي دلچسپ ڪھاڻي آهي. هِنَ ڪھاڻي ۾ اسان جي پڙهيل لکيل جاھلن جي پوءِ ڍاوَن روين مان هڪ روئي کي ظاهر ڪيو ويو آهي. انهيءَ ۾ ڪُوڙي اَڊنبر ۽ هَٺَ ۾ ورتل ماڻهو کي ڊان ڪارلوس جو سَتن هزارن وارو جوتو وٺندي ڏيکاريو ويو آهي پر هُو پنھنجي ڪھاڻي ڇپيندڙ ميگزين “همسري” جي ڪاپي ٻئي ڪُليگ کان اُڌاري وٺي پڙهي ٿو. هن هنڌ هڪ مشھور ڪھاڻيڪار جو جملو ياد اچيم ٿو ، جنھن چيو هو ته ، “ هِنَ قوم کي ڪتابن جي نه پر جُوتن جي ضرورت آهي.”

هڪ ٻي ڪھاڻي به ڌيان لھڻي، جيڪا آزاد نالي هڪ صحافي جي بليڪ ميلنگ يا ڌونڌوڙي هجڻ کي بيان ڪري ٿي. آزاد نالي صحافي هڪ اسڪول پٽيوالي فريد جي ڏاڏي جو ڪتاب ڇپائي مختلف ڪامورن، وزيرن، سرڪاري ادارن ۾ وڪرو ڪري ڏوڪڙ ۽ نالو ڪمائي ٿو. ۽ ائين هُو اديب ، پبلشر ۽ صحافي هجڻ جو ناجائز فائدو وٺي ڪمائي ڪري ٿو. اها وارتا بلڪل سچي آهي، مون به ائين ڪيترن ئي اديبن کي ڌنڌو ڪندي ڏٺو آهي، جيڪي ڪنھن وڏي ماڻهوءَ جي موت کان پوءِ ان تي لکيل مضمونن کي تَڙ تڪڙ ۾ گڏ ڪري، ڪو تاثراتي يا تعزيتي ڪتاب ڇپائي، سرڪاري ادارن جي وڏن آفيسرن کي ڪٿان چَئُه چواءُ يا دٻاءُ وجهرائي ڪتابن جا بنڊل کپائي، لکين رپيا ڪمائين ٿا يا وري ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ڪلچر کاتي جي ڪتابن جي ڇپائي جا ٺيڪا کڻي ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي وڃن ٿا.

سماجي تنظيمن جي ڪرتوتن تي لکيل “Baggers have no choice” ڪھاڻي به اهڙو آئينو آهي جيڪا هڪ پاسي اسان جي ڪامورن جي بدمعاشين جي ته ٻئي پاسي نام نھاد صحافين جي ڪاري مُنھَن تان پردو هٽائي ٿي. هڪ ميڊم ٻوڏ سَٽيلن ۾ ڪمبل ورهائڻ اچي ٿي پر اڳ ۾ سماج ۾ صحافي نالي ڪارَ ٻُوٿين بگهڙن سان ڪيئن سَنمُک ٿئي ٿي،؟ انهيءَ بابت سُٺي ڪھاڻي آهي. سُٺا ڪمبل صحافين ۾ ورهائجڻ کان پوءِ ڦاٽل ۽ پراڻا ڪمبل ماڻهن کي نصيب ٿين ٿا. ائين هيءَ ڪھاڻي اسان جي صحافتي لڏي جي ڪرتوتن تان به پردو کڻي ٿي.

جاويد شيخ جي ڪھاڻي، “لاحاصل love” پنھنجي نالي مان ئي پڌري آهي، جيڪا هڪ احساساتي ۽ انساني جذبن جي عڪاس ڪھاڻي آهي. وچئين ڪلاس جي ماڻهن جي خود غرضيءَ تي ٻڌل ڪھاڻي جيڪا دل جي درد ڪٿا بيان ڪري ٿي.

هي سڀئي ڪھاڻيون جيڪي ڪنھن به فني پيچيدگين کان سواءِ اسان جي ڪٿائن کي بيان ڪن ٿيون، سي پنھنجي سادگيءَ سميت اسان کي قبول آهن. انهن ڪھاڻين جيڏو درد وري جاويد پاران ڀيٽا ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هُو ارپنا ۾ لکي ٿو، “پنھنجي مرحوم پيءُ خير محمد شيخ جي ناءِ، جنھن کي اناج/مادي شين جي اڻاٺ نه پر روين جي ڪال، رشتن جي بي حسي ۽ بي ڌيانيءَ ماريو هو.” اها نثري نظم جھڙي ڀيٽا مون کي ماضيءَ ڏانھن گِھلي وئي، جتي مان هاءِ اسڪول نصيرآباد ويندي چاچي خيرمحمد شيخ جي دڪان تي ٻاهر رکيل وڏي مَسُ ڪپڙيءَ مان ڏهاڙي صبح جو مفت واري مَسُ مان پنھنجي پين ڀري ويندو هيس. انهيءَ مفت واري مس ڪپڙيءَ تي صبح جو لٺ لڳندي هئي ۽ اسان جھڙا مفلس جن کي ڪڏهن چار آنا خرچي ملندي هئي ته ڪڏهن نه ، هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏئي مس ڀرڻ جي ڪوشش ڪندي ڪپڙا به وڃائي ويھندا هياسين. روين جي ڪال ، رشتن جي بي حسي ۽ بي ڌياني جو شڪار رڳو چاچو خير محمد نه ٿيو پر اسان سڀني جا وڏڙا ٿيا ۽ ٿي رهيا آهن ۽ سڀاڻي اسان جو وارو آهي.

آس اٿم ته جاويد ائين لکندو رهندو پر پنھنجين ڪھاڻين کي زندگيءَ جو حقيقي ترجمان بنائڻ لاءِ پنھنجيون سموريون تخليقي صلاحيتون ڪم آڻيندو.

[۱۴ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع بمطابق ۱۰ اَسُو ۱۳۲۵ سنڌو سنبت. چنا محلو، نصيرآباد.]

 

[ماهوار "سورمي" ڪراچي جي ٿورن سان. ]

No comments:

Post a Comment