Thursday, October 14, 2021

آراڌني ناول جو جائزو

آراڌني ناول

موضوع ۽ فن

ڪليم ٻُٽ



ويجهڙ ۾ سنڌي ۾ ڪيترا ئي ناول ڇپيا آهن جن مان ڪجهه ناول ته روائتي انداز ۾ لکيل آهن، جڏهن ته انهن جا موضوع به عام رواجي آهن. انهن ناولن کي پڙهي اهو اندازو ٿيو ته سنڌي ناول اڃا به حقيقت نگاري ۽ سماجي حقيقت نگاري کان اڳتي وک نه وڌائي آهي ۽ تخليقي ادب جي حوالي سان اسان اڃا به ڪجهه مخصوص بيانين مان نه نڪري سگهيا آهيون. مٿان وري انهن ناولن تي مهاڳ لکندڙ وري اهڙا ڪاريگر آهن جو اهو لکندي به دير نٿا ڪن ته هاڻي سنڌي ناول جو سج اڀريندو ۽ لهندو ئي هن يا هُن ناول تي.


ان هوندي به ڪجهه ليکڪ آهن جيڪي سنجيدگي سان ناول لکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هڪ ٻيو وڏو مسئلو جيڪو اسان جي افسانوي ادب سان رهيو آهي، اهو هي آهي ته اسان جو اديب ٽرينڊ سيٽر بدران ٽرينڊ فالور رهيو آهي ۽ اڃا به اسان جو ليکڪ انهي روايت کي برقرار رکندو پيو اچي. جڏهن ته دنيا ۾ افسانوي ادب ۾ ليکڪ نيون راهون ڳولڻ جي جستجو ۾ رهن ٿا. عالمي ادب جي حوالي سان وڏي وقت کان ڏاڍي اٿل ڦٿل متل آهي. ڇا اوهان کي اهو نٿو لڳي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کانپو جيڪڏهن وڌ کان وڌ ڪنهن شعبي ۾ تجربا ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿي رهيا آهن.... ته اهو شعبو ادب جو ئي آهي. جيڪڏهن اوهان کي اهو ٻڌائجي ته هڪڙو سائنسدان ٻيو افسانو لکندڙ هڪ خاص وقت کانپو شين ۽ روائتي انداز سان گڏ ڳالهين مان بيزار ٿي نت نوان تجربا ڪرڻ لڳندا آهن ته اوهان کي ڪيئن لڳندو؟ هڪ ٻي ڳالهه ٻنهي سائنسدانن ۽ افسانا لکندڙن وٽ ڪمال جي تصوراتي سگهه هوندي آهي، جيڪا ٻئي ڪنهن وٽ نه هوندي آهي. نه اوهان جي سياستدانن وٽ نڪو ئي وري اوهان جي معاشي يا دفاعي ماهرن وٽ. اهي ٻئي پنهنجي انهي سگهه جي ڪري عجيب ڪائناتون ڳولهي اوهان جي سامان آڻي رکندا آهن ۽ اوهان کي ڏندي آڱريون اچي وينديون آهن.

ڪهاڻي ٻڌائيندڙ (Storyteller) :

سچ پڇيو ته ڪهاڻي ئي انساني ڏاهپ جو عظيم ڪرشمو آھي. باقي هر علم ڪهاڻي مان ئي ڦٽي نڪتو آھي.

اوهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هي دنيا بنا ڪهاڻين جي ڪيئن هوندي!! جي  بلڪل بنا ڪهاڻين جي هي دنيا ڪنهن بليڪ اينڊ وائيٽ خاموش فلم جيان ٿي پوندي. بنا ڪهاڻين جي دنيا مان سڀ رنگ اڏامي ويندا ۽ اوهان هڪ بي رنگ دنيا ۾ رهڻ لڳندا. جيڪڏهن دنيا مان رنگ ڪڍي ڇڏجن ته ڇا ٿيندو....! هر پاسي اداسي ڇائنجي ويندي.... اداسي کان وڌيڪ هر پاسي موت.... ڪارو موت ڇانئجي ويندو.... ڪهاڻي زندگي جي علامت.... اوهان لا اهو وڏو اعزاز آھي جو اوهين ڪهاڻيون ٻڌائيندڙ (storyteller) آھيو.

ماڻھن کي سچ ٻڌائڻ، سندن تربيت ڪرڻ، کين سياسي مسئلن جو حل ٻڌائڻ يا پرچار ڪرڻ اوهان جو ڪم نه آھي، اوهان جو ڪم رڳو هنن کي ڪهاڻي ٻڌائڻ آھي.... جيئن اهي بي رنگ موت مان جان ڇڏائي رنگن سان ڀريل زندگي ڏانهن موٽي سگهن.

ان حوالي سان جڏهن زبيده برواڻي جو ناول ”آراڌاني“ پڙهجي ٿو ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪه هڪ اسٽوري ٽيلر جو حق ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هي ناول ما پبليڪشن سکر سال ۲۰۲۱ع ۾ ڇپرايو آهي ۽ هي ۳۸۵ صفحن جو ناول آهي. ناول ۾ ليکڪه سهڻي نموني ڊريم سيڪئونس ۽ فليش بيڪ جي ٽيڪنيڪ کي استعمال ڪيو آهي. پر ليکڪه جو مهاڳ ۾ لکيل هي جملو:

”هي آراڌني ناول مون کان منصوري احساس لکرايو آهي، جيڪڏهن هي منصوري مام نه هجي ته اهو سڀ ڪجهه لکڻ منهنجي لا اڻ ٿيندڙ ڪم هو.“

هن جملي مان ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ليکڪه کي پنهنجي تخليقي صلاحيتن تي ڀروسو نه هجي يا وري هن سوچي سمجهي ناول لکڻ بدران ڪنهن اڻ ڏٺل طاقت جي آسري ويهي لکيو آهي، جيڪا پنهنجي فن سان وڏي ۾ وڏي نا انصافي آهي، ڪا به طاقت ڪنهن کان نٿي لکرائي سگهي. اها ڪنهن به ليکڪ جي پنهنجي ڏات ۽ تخيل آهي جيڪو هن کان افسانوي ادب لکرائيندو آهي. هي جملو پڙهندي مون کي نوازالدين صديقي جي ”مانجهي“ نالي هڪ فلم جو ڊائلاگ ياد آيو، جنهن ۾ هن چيو:

”ڀڳوان ڪي سهاري مت بيٺو، ڪيا پتا ڀڳوان تمهاري سهاري بيٺا هو.“

ناول جي شروعات ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ڪيل آهي، خاص ڪري صفحي نمبر ۱۵ تي آسمان تي تاري ڏسڻ وارو منظر ليکڪه جي الڳ ٿلڳ انداز جي شاهدي ڏئي ٿو:

”پر امان! مون کي ائين ڇو ٿو لڳي ته ڄڻ هي تارو مون کي پنهنجي طرف ڇڪي رهيو آهي، هن تاري ۾ ايڏي ڪشش ڇو آهي؟“

فن جي حوالي سان آخري ڳالهه اها ته ناول ۾ جيئن جيئن تصوف جو ذڪر اچڻ لڳي ٿو ته ڪهاڻي اميجينٽو گهٽ ۽ ريٽوريڪل وڌيڪ ٿيندي وڃي ٿي ۽ اهو به لڳي ٿو ته هرڀرو تصوف جي پرچار لا جملا، منظر ۽ ڊائلاگ ڏنا ويا آهن.

ناول جو موضوع:

هن ناول جو موضوع ”تصوف“ آهي ۽ ان حوالي سان پروفيسر ڪي ايس ناگپال لکي ٿو ته:

”تصوف نه ڪو سياسي فڪر، نه اقتصادي ۽ نه ئي ڪو مذهبي نظريو آهي....“ جنهن کانپو پروفيسر ناگپال تصوف جي حق ۾ دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر جيڪڏهن تصوف نه سياسي فڪر، نه ئي ان ۾ معاشي حل نڪو ئي وري ڪو مذهب ته پو باقي ان جو اسان جي زندگي ۾ ڪهڙو ڪارج آهي. اسان جنهن معاشري ۾ رهي رهيا آهيون اتي ايترو ته خوف آهي جو اسان جيڪڏهن لفظ سيڪيولر استعمال ڪنداسين ته هر پاسي کان فتوائون اچڻ شروع ٿي وينديون ۽ شايد انهي خوف کان تصوف جي آڙ ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. منهنجي نظر ۾ صوفي يا تصوف بلڪل ان اُٺ پکي جيان آهي جيڪو خطرا ڏسي سسي مٽي ۾ لڪائي اهو سمجهندو آهي ته خطرو ٽري ويو. اڳي جنهن کي درويشي ۽ بزرگي چيو ۽ سمجهيو ويندو هو، اڄ ميڊيڪل سائنس جي ترقي کانپو انهي ڪيفيت کي شيزوفرنيا چيو وڃي ٿو. هي هڪ اهڙي نفسياتي بيماري آهي جنهن ۾ مريض کي سندس خيالي دنيا حقيقي ۽ حقيقي دنيا خيالي لڳندي آهي، هن بيماري جي مختلف مرحلن ۾ هڪ مرحلو اهڙو به هوندو آهي جنهن ۾ لڳندو آهي ته ڪي ڳجهيون طاقتون هن سان ڳالهائن ٿيون، مريض کي اهڙيون شيون نظر اچڻ لڳنديون آهن جن جو ڪو وجود ئي نه هوندو آهي ۽ کيس اهو به لڳندو آهي ته هو ڪيتريون ئي ڪرامتون ڪري سگهي ٿو.

هن ناول جو مرڪزي ڪردار آراڌني آهي، جيڪا پنهنجي محبوب  منصور حسين کي جيل مان ڪڍڻ لا جدوجهد ۾ آهي. هن تي مذهبي جنونين پاران ”مذهب جي توهين“ جو الزام هنيو ويو آهي. منصور هڪ تحريڪ جو اڳواڻ آهي، جيڪو موجوده رياستي نظام کان باغي آهي ۽ نوجوانن ۾ اهڙن خيالن جي پرچار ڪندو رهي ٿو، هو مختلف هنڌن تي ليڪچر به ڏيندو رهي ٿو ۽ انهن کي لکت ۾ ڇپرائي به اٿو. جنهن کانپو مولوي هن تي مذهب جي توهين جو الزام هڻي ٻڌرائي ڇڏي ٿو.

هن ناول جي سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪردار مذهبي جنونيت خلاف وڙهندا رهن ٿا، پر وري هڪ ٻي جنونيت جي پرچار به ڪندا رهن ٿا. منهنجي خيال ۾ هن ناول جو موضوع جيترو ڪمزور ۽ ٻڌ سڌ وارو آهي. ان ۾ ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو انداز وري ايترو ئي سٺو رکيو ويو آهي.

 

(ڪليم ٻٽ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)



آراڌني ناول

طارق قريشي

تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالھ آھي ته جيجي زبيده برواڻيءَ جي ناول “آراڌني” کي ملڪي سطح جو هڪ ٻيو وڏو ايوارڊ ڏنو ويو آهي. اڪيڊمي آف ليٽرس سال ۲۰۲۱ع جي ڪتابن تي ايوارڊس جو اعلان ڪندي “آراڌني” ناول کي ۲۰۲۱ع جو مرزا قليچ بيگ ايوارڊ ڏنو آهي.

ان کان اڳ ۴ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ناول “آراڌني” کي ڪراچي آرٽس ڪائونسل طرفان سنڌيءَ ۾ لکيل بهترين ڪتاب جو ايوارڊ مليو هئو.

“آراڌني” جو پهريون ڇاپو ۲۰۲۱ع ۾ ماءِ پبليڪيشن شايع ڪيو هئو. جيڪو جلدي وڪرو ٿي ويو. “آراڌني” ناول جو ٻيو ڇاپو مارچ ۲۰۲۳ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز ڇاپيو هئو.

ناول آراڌني ۾ اهو ڇا آهي جو ھيءُ ناول پڙهندڙن ۾ ايترو مقبول ٿيو، اهو نون پڙهندڙن کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا:

ناول “آراڌني” ٻڌائي ٿو: تصوف ھڪ اھڙو فڪر آھي جيڪو برابري، رواداري، روشن خيالي، امن ۽ آشتيءَ کي زور وٺرائيندو آھي. معاشرا صحتمند ۽ خوشحال ٿيندا آھن. تصوف، رڳو درگاھن ۽ خانقاھن جي دنيا ناھي. نه وري تصوف جو ڪو يونيفارم آھي. عماما، دستارون، قبائون، ردائون، خِرقا، چُغا، جهنڊا، سيجون، مُوفا، ڏوليون، منارا، درٻارون، مسندون، حويليون سڀ تصوف بابت فقط آپٽيڪل الوزن (نظر جو دوکو آھن). ڪو نشي ۾ الوٽ، ڪو سنياس جي سراب ۾ ڦاٿل، ڪو آدم بيزار، ڪو تارڪ الدنيا، ڪو معاشري کان مفرور ماڻھو ڪڏھن به صوفي ناھي ٿيندو. نه وري اھي ماڻھو صوفي ٿيندا آھن جيڪي وڏڙن جي وسايل درگاھ تي مجاور ۽ متولي بڻجي ويٺا آھن. تصوف ميراث ۽ تَرڪو ناھي، تصوف عمل ۽ ڪردار آھي. ناول آراڌني اھا به ڄاڻ ڏئي ٿو ته ھر مذھب ۾ تصوف آھي، پر تصوف ۾ ڪوبه مذھب ناھي. خَرق عادت، اعجاز وَ ڪرامات ۽ رُوحانيت ڪنھن ھڪ ۽ اڪيلي مذھب لاءِ عطاءِ مخصوص نه آھن. تصوف، عمل، جستجو، ايثار ۽ جان نثاريءَ جو فڪر آھي. تصوف قبر پرستي نه پر فڪر دوستي آھي. جتي تصوف ھوندو آھي، اتي علم، دانش ۽ حڪمت ھوندا آھن ۽ جتي علم، دانش ۽ حڪمت ھوندا آھن، اتي تعليمي ادارا، ھنري مرڪز، ريسورس سينٽرس، لائبريريز، ليبارٽريز، آبزرويٽريز وغيره ھونديون آھن، نت نون نظرين ۽ ٽيڪنالوجيز جو نِرماڻ ٿيندو آھي. ھن ناول جو ھيرو يعني ھن دور جو منصور به ھڪ اسڪالر آھي ۽ ھُو جديد دور جي تقاضائن مطابق ادارا ۽ انسٽيٽيوٽ قائم ڪري ٿو. سڀ کان اھم ڳالھ ته ناول “آراڌني” جي ھيروئن آراڏني، ھڪ صوفي عورت آھي جنھن ھزارين ورھين کان قائم ڪيل ان تصور کي ڊاٺو آھي ته عورت اڌ قلندر ٿيندي آھي. جن ماڻھن بيبي رابعه بصري جي زندگيءَ بابت پڙھيو آھي، انھن جي ذھن ۾ ضرور ڪڏھن نه ڪڏھن اھو سوال پيدا پيدا ٿيو ھوندو ته جيڪا عورت غوث الغياثين ھجي، اھا اڌ قلندرڪيئن ٿيندي؟

ھن ناول ۾ حضرت شيخ الاڪبر محي الدين ابن عربي (رح) جو به ذڪر آھي، جن تصوف کي ھڪ فڪر طور دنيا جي آڏو پيش ڪيو. مشرق ۽ مغرب کي “وحدت الوجود” سان آشنا ڪيو. ابن عربيءَ (رح) جِي رُوحاني رھبر ھڪڙي عورت ھئي، جنھن جو نالو فاطمه بنت مثنيٰ قرطبيه ھئو. ابن عربيءَ سرڪار جو دور ۱۱۶۵ع کان ۱۲۴۰ع تائين ھئو، يعني ٻارھين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ کان تيرھين صديءَ جي پھرئين اڌ تائين. ابن عربي (رح) کان چار صديون اڳ يعني اٺين صديءَ ۾ برھم گياني جڳت گرو شنڪر آچاريا ھندستان جي ھر ڪنڊ ۾ تصوف جي پرچار ڪري چڪا ھئا. تصوف جي تعليم کي ويدن جي ٻوليءَ ۾ اَدُئيتا ويدانت سڏيو ويندو آھي. اديئتا ويدانت جي معنيٰ آھي وحدانيت جو علم اعظم!

شنڪر آچاريا سڄي ھندستان جو پيرين پنڌ سفر ڪيو، پالڻھار جي توحيد ۽ وحدت انسانيءَ جي فڪر جي روشني ڦھلائي. شنڪر آچاريا جي يوگدان کي ياد ڪرڻ وقت سندن ماتا ديوي سِواترڪا جو ذڪر به اوتروئي اھم آھي جيترو ابن عربي جي استاد فاطمه بنت مثنيٰ قرطبيه جو! ان ڳالھ ڪرڻ جو مقصد اھو واضح ڪرڻ آھي ته ابن عربي ۽ شنڪر آچاريا کي شروعاتي تربيت عورتن وٽان نصيب ٿي. يعني ھڪڙي ماتا ديوي سِواترڪا ۽ ٻي سائڻ فاطمه بنت مثنيٰ.

آراڌني ناول ٻڌائي ٿو ته تصوف يا ويدانت جو فڪر ۽ مقصود ساڳيا آھي. بلڪه ٻئي ھڪڙو ئي فڪر آھن، پر ويدانتڪ اَدُئيتا جو علم، تصوف سميت ھر فڪر کان آڳاٽو آھي، پوءِ چاھي اھو قديم يھوديت جي ڪُک مان پيدا ٿيل ڪبالا مسٽسزم ھجي.

ناول “آراڌني” ھڪ تفڪر پيدا ڪري ٿو. تاريخ ۾ ٽٻي ھڻائي ٿو، اھو ياد ڏياري ٿو ته دنيا ۾ ٻن قسمن جي مذھبن يعني سامي ۽ غير سامي (سميٽڪ اينڊ نان-سميٽڪ) مذھبن جو غلبو رھيو ھئو ۽ اڃان به آھي. سامي مذھبن ۾ مکيه مذھب يھوديت، عيسائيت ۽ اسلام آھن، جڏھن ته غير سامي مذھبن ۾ سناتن ڌرم جيڪو سپت سنڌو ديس ۾ اُسريو ۽ ان ديس جي نالي کي ايرانين “ھپت ھندو” چيو، ان ڪري اھو اڄ تائين “ھندو مت” سڏيوم وڃي ٿو. ان ھندو مت کان علاوه جَين مت، پارسي مت، سک مت، ٻڌ مت شِنٽو ازم، تائو ازم، ڪنفيوشسزم وغيره آھن

سامي مذھبن جي شروعات يھوديت کان ٿي، غير سامي مذھبن جي شروعات سناتن ڌرم يعني ھندو ڌرم کان ٿي. اتھاس جا ڪتاب ٻڌائين ٿا ته دنيا ۾ غير سامي مذھبن جا پيروڪار پنھنجي وس آھر امن پسند رھيا آھن. فرض ڪيو ته غير سامي مذھب جو ڪو پيروڪار جيڪڏھن ٻيو پنٿ، فرقو، مت يا مذھب اختيار ڪندو آھي ته ڪير به ھُن کي آستڪ يا ناستڪ چئي، ان جو دشمن ڪو نه ٿيندو آھي. غير سامي مذھبن جي مختلف پيروڪارن جي وچ ۾ مذھب جي نالي تي جنگيون به ناھن ٿيون. پر ھر رزميه داستان ۽ جنگ نامو ٻڌائي ٿو ته سوين پروٽسٽنٽ ان ڪري جيئري ساڙيا ويا جو اھي ڪيٿولڪ نه ھئا. ڪڏھن اسپين ۾ جينوسائيڊ ٿيو، ته ڪڏھن جرمني ۾ ھولوڪاسٽ ٿيو. ڪڏھن صليبي جنگيون ٿيون. ڪڏھن عراق ۾ شيعن کي ڪُٺو ويو ته ڪڏھن ڪنھن شيعا حڪومت ھٿان ڪا خانم گگوش گهٽجي وئي. ڳالھ رڳو فرقي ۽ مذھب جي اختلاف تائين به محدود ڪونھي، گذريل امتون پنھنجي ئي انبيائن کي ناحق قتل ڪنديون ھيون ۽ آخري امت ته نبيءَ جي خانوادي کي فرات ڪناري ڪُھي ڇڏيو!

سو، سڄي ڳالھ نھايت پڌري آھي ته غير سامي مذھبن جا پيروڪار ان ڪري وڌيڪ امن پسند ۽ صلح ڪُل جا قائل آھن جو ھنن جي جينز ۾ ويدن جو سيکاريل تصوف شامل آھي. اھو تصوف ئي آراڌني ناول آھي. آراڌني ان تصوف جي آراڌنا آھي.


 

آراڌني ناول جو جائزو

اڪبر لغاري

“آراڌني” جو تعلق گھاتو نگر يا لياري جي هڪ سُٺي خاندان سان آهي. جتي هُوءَ مائٽن جي ۽ ڀائرن جي دادلي آهي. کيس مسلسل هڪ خُواب اچي ٿو، جنهن ۾ هُوءَ ڏسي ٿي ته ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ سوار آهي، جنهن جي ناکُئي کي ڪارا ڪپڙا پهريل آهن ۽ سندس چهري تي نقاب پيل آهي. هُو کيس درياءُ جي ٻي پار پُڄائي، پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو ۽ هڪ وڻ طرف اِشارو ڪري ٿو. هُوءَ ڏسي ٿي ته ان وڻ هيٺان هڪ خُوبصرت ڇوڪري ويٺل آهي، جنهن جي هَنج ۾ هڪ سُهڻو نوجوان ليٽيل آهي. غور سان ڏسي ٿي ته وڻ هيٺان ويٺل ڇوڪري هُوءَ پاڻ آهي. کيس اجنبي ٻُڌائي ٿو ته، اهو سندس ماضي آهي. پوءِ ڪي ڌرمي ماڻهو ڀالا کڻي اچن ٿا ۽ ان نوجوان کي قتل ڪري ڇڏين ٿا. ساڳيو ڀالو کڻي، جڏهن اها ڇوڪري خودڪشي ڪري ٿي، تڏهن آراڌني نِنڊ مان جاڳي پوي ٿي. هِي خواب سندس زندگيءَ ۾ ايستائين اچي ٿو، جيستائين هن جي ملاقات منصور سان نٿي ٿئي.

هڪ ڏينهن آراڌني شاهه لطيف جي روضي تي وڃي ٿي ته کيس ساڳيو نقاب پوش نظر اچي ٿو. هِيءَ نقاب پوش جو پِيڇو ڪري ٿي ته هُو ڌمال واري پاسي وڃي ٿو ۽ اُتي پهچي، آڱر سان هڪ طرف اِشارو ڪري ٿو. آراڌني، هن جي اِشاري طرف ڏسي ٿي ته هن کي اُهو خُواب وارو نوجوان نظر اچي ٿو جيڪو منصور آهي. اڳتي هلي، آراڌني جي، منصور سان دوستي ٿئي ٿي، جيڪو هڪ تحريڪ جو آغاز ڪري چڪو هو، جنهن جو نالو هو، “‌همئه اوست تحريڪ.” هن هڪ ادارو به کوليو، جتي هُو ليڪچر ڏيندو هو. شبلي ڪبير نالي نوجوان سندس ٻانهن ٻيلي هو.

ڪراچي جي هڪ مدرسي جو مهتمم حامد عباس، ماضيءَ ۾ منصور جو ڪلاس فيلو رهي چڪو هو. کيس همئه اوست تحريڪ تي زبردست اعتراض هو ۽ کيس يقينن سَگهارين ڌُرين جي پشت پناهي به حاصل هئي. حامد عباس، مدرسي تي ڪوڙو حملو ڪرائي، منصور کي بلاسفيمي جي ڪُوڙي ڪيس ۾ جيل ۾ بند ڪرائي ڇڏي ٿو. آراڌني، مولانا رومي جي مزار تي، قونيه هلي وڃي ٿي، جتي منصور ۽ آراڌني جو اُستاد، شمس جلال، اڳ ئي موجود هو. اُتي به آراڌني کي نقاب پوش نظر اچي ٿو. ڪجهه وقت کان پوءِ، هِيءَ واپس اچي ٿي ۽ منصور سان جيل ۾ ملڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر کيس ملاقات جي اجازت نٿي ملي. جيل سپرنٽينڊنٽ، مسعود حسن، منصور جي فڪر کان متاثر ٿئي ٿو ۽ سندس خيال تبديل ٿي وڃن ٿا. اڳتي هلي مسعود حسن، همئه اوست تحريڪ جو حامي ٿي وڃي ٿو.

آراڌني ۽ شبلي، منصور جي آزاديءَ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪن ٿا پر سڀ بي سود ٿي ٿو وڃي. آخر ۾ منصور کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ آندو وڃي ٿو ته مٿس نامعلوم ماڻهو قاتلاڻو حملو ڪن ٿا ۽ هُو ان ۾ مارجي وڃي ٿو. آراڌني، منصور جو جسدِ خاڪي کڻي، مڪلي رواني ٿئي ٿي ۽ اُتي ئي تدفين ڪئي وڃي ٿي. اُتي وري ساڳيو ئي نقاب پوش نمودار ٿئي ٿو، جنهن جي چهري تان جڏهن نقاب لهي ٿو ته هُو به منصور ئي هوندو آهي. جيڪو چوي ٿو ته آئون حق آهيان، آئون سچ آهيان، آئون منصور، سرمد، شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت جو تسلسل آهيان ۽ هاڻي آئون آراڌني آهيان.

هِي ناول حسين ابن منصور الحلاج جي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ جو جديد رُوپ آهي. جنهن کي انگريزيءَ ۾ (Retelling) چئبو آهي. هن ۾ اڪثر ڪردار ساڳيا اُهي رکيا ويا آهن، جيڪي حسين ابن منصور الحلاج واري سچي واقعي سان تعلق رکن ٿا، يعني، منصور، حامد، شبلي وغيره. بظاهر ته حسين بن منصور تي بلاسفيمي جو ڪوڙو الزام هڻي کيس رستي تان هٽايو ويو هو، ليڪن اصل ۾ اهو هڪ سياسي ۽ رياستي قتل به هو، ڇو جو حسين حلاج جي وجود کي عباسي خليفن پنهنجي حڪومت لاءِ خطرو ٿي سمجهيو.

هن ڪهاڻيءَ ۾ به منصور تي بلاسفيميءَ جو ڪُوڙو الزام هڻي انهيءَ ڪري هٽايو ويو جو سندس همئه اوست تحريڪ، وقت جي حُڪمرانن لاءِ خطري جي گھنٽي هئي. نه صرف حڪمرانن لاءِ، پر سچن صوفين جو فڪر ۽ طرزِ عمل، انتهاپسندن ۽ ڪوڙن مسند نشينن لاءِ پڻ هڪ للڪار هوندو آهي. کين پنهنجو اقتدار خطري ۾ نظر ايندو آهي. هن ناول جي شروعات خوبصورت منظر ڪشيءَ سان ٿئي ٿي، جڏهن آراڌني شام جي تاري جي سحر ۾ جڪڙجي وڃي ٿي. ان کان پوءِ گھاتو نگر جا منظر به جمالياتي ذوق جي تسڪين ڪن ٿا. ٻوليءَ جي رواني ۽ ڪهاڻي ٻُڌائڻ جي انداز ۾ پڙهندڙ کي قصه گوئي وارو لطف اچي ٿو. هن کي علامتي ناول به چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ سڀ نالا علامتي طور استعمال ڪيا ويا آهن. منصور حق جو استعارو آهي، للڪار آهي ۽ بغاوت جي علامت آهي. شمس جلال ۾ ٻن نالن يا علامتن کي گڏائي استعمال ڪيو ويو آهي. جلال الدين رومي، عشق ۽ علم جو استعارو آهي ته شمس تبريز عشق ۽ وجدان جي علامت آهي. شبلي وري عشق ۽ دانائيءَ جي علامت آهي.

آراڌني، لفظ آراڌ مان نڪتو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي، عاشق يا جوڳي. مجازي عشق ۽ حقيقي عشق جي سرحد تي بيٺل آراڌني يعني جوڳڻ، پنهنجي محبوب ۽ ان جي نظريي تي فنا ٿيڻ لاءِ تيار آهي. کيس پنهنجي وجود جي ڪا پرواھ، ڪا ڳڻتي ڪانهي. انهيءَ جوڳ ۾ هُوءَ سڀ ڪُجھ ڇڏڻ لاءِ تيار آهي، سڀ ڪجھ سَهڻ لاءِ تيار آهي ۽ اها ئي آهي رسمِ منصوري. لڳي ٿو ته مصنفه هِي ڪردار، پنهنجو اندر چيري لکيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته، ڪيئي منصور ايندا رهندا ۽ حق جي راھ ۾ ماربا به رهندا پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته، انهيءَ رسمِ منصوري کي نڀائڻ لاءِ ڪيئي آراڌنيون به پيدا ٿين. مصنفه، انهن علامتن، استعارن ۽ ڪهاڻيءَ جي پيچن کي استعمال ڪندي ڪمال مهارت سان انتها پسنديءَ کي ننديو آهي ۽ تڪثيريت، رواداري ۽ سهپ جي حمايت ڪئي آهي.

هن ناول ۾ ڪجھ فني خاميون به نظر اچن ٿيون. مثلن، مافوق الفطرت عنصرن جي گھڻائي، جا بجا اتفاقات ۽ معجزا پڙهي هن جديد ناول تي ڏند ڪٿائي داستان جو گمان ٿئي ٿو. ناول ورجاءُ جو پڻ شڪار آهي. ڪردار، ساڳيون ساڳيون ڳالهيون بار بار ورجائيندا رهن ٿا. تصوف تي ڊِگها ليڪچر ۽ طويل ڪچهريون، ناول جي بجاءِ، تصوف تي لکيل ڪو مقالو لڳن ٿيون. ناول ۾ اهميت ٻُڌائڻ کان وڌيڪ ڪري ڏيکارڻ جي هوندي آهي. رک کي مقدس قرار ڏيڻ توهم پرستي آهي، ناول ۾ اهڙيون شيون سُٺيون نٿيون لڳن. منصور جي ڪردار ۾ ڪا ارتقائي تبديلي نٿي اچي. پراڻن داستانن جي هيروز وانگر هُو ڄمندي ئي ڄام آهي، يعني پرفيڪٽ آهي. جڏهن ته ناول جي ڪردارن کي ارتقا پذير هجڻ گھرجي. ڪردارن جي مقدر جو تعين اڳ ئي ڪيل آهي. هُو پنهنجي ڪردار جي چونڊ پاڻ نٿا ڪن. هِي ڳالهه ناول کي علت ۽ معلول جي قانون جي بجاءِ، تقدير پرستي ڏانهن ڇِڪي وڃي ٿي. اتي اهو به سوال پيدا ٿو ٿئي ته، عشق مقدر آهي يا انتخاب؟

آراڌني، جيڪو ناول جو مک ڪردار آهي، اها منصور جي خيالن کان متاثر ٿيڻ کان پهريان ئي، خُوابن جي ذريعي، منصور جي عشق ۾ مبتلا آهي. منصور ۽ آراڌني جڏهن پهريون دفعو ملن ٿا ته هُو هڪٻئي کي سُڃاڻي وٺن ٿا، جنهن مان تاثر اهو ٿو ملي ته ڪا غيبي قُوت هنن کي ملائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ناول ۾ غيبي قوت ۽ عقل کان ماورا قصا، جديد ذهن کي متاثر نٿا ڪري سگهن. اهي صرف سرريئلزم يا جادوئي حقيقت نگاري جهڙي شعبدي بازي ۾ قابلِ قبول آهن.

تصوف تي مبني هِي ناول حق جي تلاش جي هڪ خُوبصورت جهت آهي. جنهن ۾ ڪنهن قسم جو ڪو تياڳ ڪونهي. مسلسل جستجو، ظلم ۽ ناانصافيءَ سان بغاوت ۽ پنهنجي مقصد سان سچائي آهي. مٿين ڪُجھ خامين جي باوجود، زبيده برواڻي جو هِي ناول، سنڌي ادب ۾ خُوبصورت اضافو آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment