Sunday, October 17, 2021

پليتِ - زاهد منگي

پليتِ

ننڍڙي ڪهاڻي

زاهد منگي



“ڪلهه اهو ٽولو خير ۾ آيو هو.؟” زال ڪمري ۾ آيس ته موبائيل جي ڊيٽا بند ڪري، پاسي تي رکي کانئس پڇا ڪيائين.

“ڪهڙو ٽولو.؟” هن حيرت ۾ پڇيس.

“اهو ماين وارو، جيڪو ٽيپهريءَ ڌاري آيو هو. جن کي پڪوڙا ۽ سموسه کارايا هيئي.”

“ها اهي! اهي ادي گلناز واريون هيون نه،  ڌيءُ ٿي پرڻائي. ڪنواريتي ٻڪيءَ جو ٻڌائڻ آيون هيون.”


“انهن سان هوءَ ڇوڪري ڪنهن جي هئي، ڀوري رنگ سان موڪري منهن واري.؟”

“ڪهڙي ڇوڪري.؟”

“هوءَ نه هئي، جيڪا گلابي وڳي سان ٽي ويءَ واري پاسي، صوفي تي ويٺي هئي.”

“ها! اها، اها ادي گلناز جي ننهن آ نه رابيل! اڳئين مهيني ته پٽ کي پرڻائي اٿائين. پنهنجي ڀيڻ سان ڏي وٺ ڪئي اٿائين. ان جي عيوضي واري ڇوڪري ته اٿاري ٿي نه.”

“واهه جي چيز هئي.! جهڙو نالو رابيل ٿس، اهڙي ئي آهي. ڀريل ڳل، ڪڻڪائي اکيون، ڳاڙها چپ، گهنڊي وار اصل صفا ڪهي پئي ڪهي. وري جو الائي ڪهڙي ڳالهه تي ٽهڪ ڏنائين ته دل کي چيري کڻي وئي.” ڳالھ ڪندي هن جي چهري جي ڪفيت عجيب ٿي وئي. وات پاڻيءَ سان ڀرجي آيس ۽ مٿئون ٻيو سوال پڇيائين؛ “ڀلا گلناز ڪهڙي ڌيءُ ٿي پرڻائي.؟”

“هوءَ ٻيون نمبر ڇوڪري نه ٿس عاصمه؟! اها.”

“هان اها...!! هل....! انهي ڇوريءَ جي پويان به ڏاڍو لڳس! اسڪول ويندي هئي ته ان جي ڪري اسر سان وڃي دڪان کوليندو هيس. جيسيتائين گذرندي نه هئي ڪاڏي چرندو ئي نه هيس. گاهه ئي نه پئي وڌائين. مون به وس ڪيا. پنجين، پنجين هزارين وار ٽي تعويذ ٺهرايم. هڪڙو رات جو در جي چانئنٺ وٽ پوري آيومانس. ٻيو پنهنجي دڪانَ جي اڳيان ۽ ٽيون اسڪول جي در وٽ پوريم. جنهن کان ورتا هيم، انهيءَ گارنٽي ڏني هئي ته ڇوري رڳو ڪنهن تعويذ تي پير ڏئي! پوءِ ڏس!! ته ڪيئن ٿي تو ڏي ڀڄندي اچي!!! پر ڇوري ڪا وڏي بي پيري هئي. تعويذ لتاڙي، لتاڙي پوري ڇڏيائين. اصل نظر به کڻي نه ڏٺائين. هئه هئه.....” ٿڌا ساهه نڪري ويس.

هو بي ڌڙڪ ڳالهائيندو رهيو. سندس زال ڪو اعتراض يا ڪاوڙ نه ڪري سگهي. جي ڪا ڪاوڙ آيس به ته اھا اندر جو اندر ۾ پيئندي پئي وئي.

“هل گهر خير، جيڪو نصيب، تون وڃ چانهه ٺاهي اچ.” همراه ٻيهر موبائيل ڊيٽا کوليندي، زال کي حڪم ڪيو.

مائي ڪمري مان اٿي بورچي خاني ۾ وئي. ڪجهه دير ۾ چانهه جو ڪوپ کڻي آئي ته مڙسهنس ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهيو هو.

ڳالهه ختم ڪيائين ته زال پڇيس؛ “ڪنهن سان پئي ڳالهايئي.؟”

“هو محبوب ناهي؟ مون واري دڪان جي ٿورو اڳيئون دڪان اٿس! اهو هو.”

“ها، ها ڏٺل آ، انهيءَ ڏينهن امان وارن ڏي پئي ويس ته دڪان جي ٻاهران ڀرت ڀريل اڇو پهراڻ ۽ سنڌي ٽوپي پايون بيٺو هو. ڏاڍا ٺهنس پيا.”

“هان.... هان... ڇا چيئي.!!؟“ زال جي ڳالھ ٻڌي همراهه تپي باهه ٿي ويو. ڪنن مان دونهان پئي نڪتس. پاپڙيون ۽ چپ ڦڙڪڻ لڳس. هٿ ۾ جهليل ڪوپ کڻي هيٺ اڇلايائين ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو؛ “پليت رن! تنهن جو مطلب ته تون ٻاهر يار ڳوليندي ٿي ورتين.”

زال کي ڳُتَ کان وٺي ڇڪيائين ته هوءَ پاڻ نه سنڀالي سگهي ۽ وڃي ڀڳل ڪوپ جي ٽڪرن تي ڪري. ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان ڏسندي چيائينس؛ “تون ڪا مهل لاڪون پرائين ڄاين جي چپن ۽ ڳلن تي پيو ٿو ڄاڙي هڻين! مان ڪو ته نه ڪڇيس! هاڻي رڳو مون ٻه لفظ ڳالهايا ته تو کي چوچڙي لڳي وئي.! پليت مان ناهيان، پليتائي تنهنجي من ۾ لڪل آهي. جيڪا تو کي مون ۾ به نظر اچي ٿي.”

 

(زاھد منگيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment