Thursday, January 31, 2013

لاٽ - جمال ابڙو

لاٽ
جمال ابڙو
اکين مان وھندڙ نشو، ڪارا ھڙٻاٽيون لِڱ، ڦڏيون ٽَنگون، چِٻو مـُنھن ۽ گُهڻون آواز، بڇان وٺيو وڃي. ھيءَ ڪاري ٺوٺ جھڙي زندگي، توبه!
جڏھن انھي ساڳيءَ دونھاٽيل ۽ ڪاراٽيل انسان جي ڀونگيءَ اڳيان روز شام جو، ٽن مارنگن وچ ۾ باهه جي لاٽ ڏسبي ھئي ته ائين محسوس ڪبو ھو، ڄڻ نج زندگيءَ جي لاٽ جرڪي اٿي. ان زندگيءَ جي لاٽ کي جرڪائڻ لاءِ ھـُن ڇا ڇا نه ڪيو ھو.

مـاءُ جـي جھـولِـي - جمال ابڙو

مـاءُ جـي جھـولِـي
جمال ابڙو
اسين مڙوئي پراڻين خيالن وارا آھيون. بيگم صاحب ته نون سالن جي عمر کان پڙدو ڪيو ۽ در کان ٻاھر گھٽيءَ ۾ ڪانه نڪتي. سنڌي وچولي طبقي جي ڪلچر ۾ رچيل. اخلاقيات کي آسماني مذھبي درجو. مجال جو ڪو ھان! ڇا؟ يا ڇو؟ چوي. جيءُ! ۽ حاضر! پئي پوندي. حجاب اھڙو جو زبان بند اکيون ھيٺ. شاديءَ کان پوءِ سڄو سارو مھينو خود مون کي اکيون کولي ڪو نه ڏٺائين.

فـرشـتـو - جمال ابڙو

فـرشـتـو
جمال ابڙو
مان اسلام آباد ۾ ھئس. ھونئن ته ھر جِيو جنتر، پسون پکڻ، اسلام آباد ۾ آھي ئي، پر مان اسلام آباد ويو ھئس ۽ اسلام آباد ھوٽل ۾ رھيل ھئس. ٿڌو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو، رنگين ٽي وي، ڦولدار پڙدا، فون، گھنٽيءَ تي چانھه حاضر. ٽيئي وقت مفت مانيون. سٺا سھڻا دوست. آرام ئي آرام. ڪم ڪو به نه، سواءِ تقريرون ٻڌڻ جي.
ليٽئي پيٽئي، اوچتو منھنجي طبيعت غير ٿي وئي لوڇ پوڇ اندر ۾ آنڌ مانڌ، دل تي بار، بوجهه، مونجهه ۽ ڦٿڪو. ساهه ٿي نڪتو. ڀرپو ناشاد، جو ھاڻي ليٽي پيٽي نفيس شيخ ٿي پيو آھي، کي فون ڪيم. پنھنجي سٻاجھي ساليءَ سان گڏ ڊوڙندو آيو. گھٻرائجي ويو. مڙس مڇڏو آھي سو ھڪدم وريو. چي؛ ”ڏاھي کي وٺيون ٿو اچان!“ اسين ماڻھو ڊاڪٽر کي ڏاھو چئون.

سِـيـنـڌ - جمال ابڙو

سِـيـنـڌ
جمال ابڙو
کپري شھر جي سرڪاري اسپتال جي لاش-گھر ٻاھران، مٽيءَ ۽ ڌڌڙ ۾ ڪارا ڳُنڌيل وار، چوٽيءَ سينڌ سميت، ڌوڙ ۽ جهڪ ۾ پئي ليٿڙيا. اندر ڀنگي ۽ ڊاڪٽر، مکين جي ڀُون ڀُون، ننگو لاش اگھاڙي ڇاتي. سنڌ جي ڄائي، ڪنھن جي لڄ، سڀ جو ننگ، ست ڌارين آڏو ننگي پئي ھئي. ھٿ رونڊڙا، پير ڦٽل. اکيون حيرت، حسرت ۽ ھيبت کان ڦاٽل، سٻاجهي، سدوري، سُگهڙ، ڪونئرو ڪُسڻي. پيار جي راھه ۾ ھڪ ٻي قرباني. ڪُسڻ قبول ڪيائين، سينڌ جي پت نه وڃايائين. ٽھڪڙا ڏئي چار آڱريون سينڌ تي رکي انجام ٻڌائين، پر ٽھڪڙا ڪھاڙين جي ڪڙڪن ۾ بدلجي آيا، آڱريون ڪپجي ويون، سينڌ ڪوڙجي وئي

Wednesday, January 30, 2013

پـاشـا - جمال ابڙو


پـاشـا
جمال ابڙو
روز صبح سان گُگهوءَ جو ڀَوائتو آواز لهرون هڻندو، رانڀاٽ ڪندو، مزورن جي بستيءَ تي ڇانئجي ويندو هو. گَري ۽ تيل ھاڻي فضا کي ڄڻ ته وڪوڙي کڻي مٺ ۾ ڪندو ھو. سڄو ڏينھن ھڏ ھڻي، مزور به گودڙين ۾ اونڌا ابتا ٿيو ڪنڊن ۾ ڪِريا پيا ھوندا ھئا. ننڊ ئي ته سندن ٿڪل لڱن جي خوراڪ ھئي! گُگهوءَ جو بي وقتو۽ بي ھودو حڪم کين اڌ ننڊ مان اٿاريندو ھو. اکيون مھٽيندا، ٿيڙ کائيندا، ڦيريون پائيندا اٿندا ھئا. بس ڄڻ ته ڪُئا ٻِرن مان نڪتا. اوندھه، پوسلو ۽ ٿڌ- ڪُرڪندا، گاريون ڏيندا، رئي اڏائيندا، گھٽيءَ مان گڙڪندا ايندا ھئا. پيا ھڪ ٻئي جي مٿان ڊھندا ۽ ٿاٻڙندا ھئا. ڪارخاني جون بي خوف ڀِتيون لاپرواھيءَ سان جبل بڻيون بيٺيون ھونديون هيون. مزور ويندا ھئا گڏ ٿيندا. گپ سندن پيرن ھيٺيان پئي چِڪ چِڪ ڪندي ھئي. گوڙ ۽ شور ويندو ھو وڌندو ڦِٽ لعنت ۽ گارين جو ڌوڙيو لڳايو بيٺا ھوندا ھئا. لوھي پرزن جي کٽ کٽ ۽ ٻاڦ جو ڦرڙاٽ ويندو ھو زور وٺندو. دونھي جا ڪڪر اٿندا وڌنڌا، ديو وانگر سڄي ڳوٺ تي ڇائنجي ويندا ھئا.

پِشـُو پـاشـا - جمال ابڙو


پِشـُو پـاشـا
جمال ابڙو
رياست جي عدالت عاليه جون شوخ ۽ ڪرڙيون ڀتيون، شھر کان پري ٽڪريءَ جي ڀرسان اڏول ٿيون بيٺيون ھيون. عمارت جون ڊگھيون پٿريليون ڀتيون، ويڪرا چپٿرا منارا ۽ وڏا شاھي در، ٺھرائيندڙ جي ارادن ۽ منصوبن جو پورو پورو نقشو چٽي رھيا ھئا. ٽڪريءَ جي اوچائي، عمارت جي بي رخي ۽ وچ واري پوٺي جي رکائي ڄڻ ته پاڻ ۾ ٻٽ ٿي، ڄاڻي واڻي ھن انصاف جي گھر کي عام بستيءَ کان ڇني ڌار ڪري رھيون ھيون. ويتر ڪارو لوھي ڪڙن وارو غير ملڪي جهنگلو ڄڻ ته مڪون الاري دڙڪا ڏيئي رھيو ھو.

لاري - جمال ابڙو


لاري
جمال ابڙو
شل نه ڪنھن کي لاريءَ جو سفر پلئه پوي. ھڪ گرمي، ٻيو گُهٽ! مٿان وري ماڻھن جي پيھه پيھان! دانھون پئي پيون. او لاريءَ وارا! يار ھَل ساھه ٿو نڪري!“ ماڻھوءَ مٿان ماڻھو، پگھر پئي وھيو. لاريءَ جي ڇت تي به ماڻھو ھئا. صوبيدار صاحب اڃا ڪو نه آيو ھو. خدا خدا ڪري ھـُو  صاحب تشريف فرما ٿيو ۽ ماڻھن جي پيٽ ۾ ساھه پيو. لاري ھلي. ڪجھه ھوا لڳي، لوڏن تي ڪجھه خلاصائي به ٿي. باقي مٽيءَ جا به ڪڪر ھئا. ناسون ئي ڀرجي ويون.

Sunday, January 27, 2013

خـمـيـسـي جـو ڪـوٽ - جمال ابڙو


خـمـيـسـي جـو ڪـوٽ
جمال ابڙو
مان تن ڏينھن نماز پڙھندو ھوس. تھه سيارو ھوندو ھو، ھنڌ ۾ ويٺي ئي سئيٽر پائيندو ھوس. مٿان مفلر، ڪوٽ ۽ اوور ڪوٽ. ٺِڪر جي ڪونئري کي اڌ تائين ڪلر لڳو پيو ھوندو ھو. پاڻي اھڙو جو اصل پارو، ٿڌيءَ ھوا جا سوسٽ بدن کي ڄڻ ته چيريندا ٿي ويا. ڪُٻڙو ٿي، ڏڪندو ٿڙڪندو، مسجد ڏي ويندو ھوس. ھيترين تڪليفن کان پوءِ خدا کي البت پنھنجو ڪري سمجھندو ھوس. ڀائيندو ھئس ته بي نمازي ڪھڙا نه بيڪار آھن. در کولي ٻاھر نڪرندو ھوس ته ٿڌ جو طوفان منھنجو فخر زوريءَ مون کان کسي ويندو ھو. زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ٿڌ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه ھوندو ھو.

مـھـربـانـي - جمال ابڙو


مـھـربـانـي
جمال ابڙو
هڪ ڏينھن شام جو اسين چار يار ٺاڪ ڦاڪ ڪري، ٺھي ٺُڪي ڪاليج مان ٿيندا، ايلفيءَ ۾ گهمڻ وياسون. ڪارا چشما، ڪاريون پتلونون. اڇا بوٽ ۽ شينھن گهوڙي واريون قميصون، وارن جا موڙ مٿي تي لُڏندا پئي آيا. ڪنھن کي به مَٽ ثاني ڪو نه ٿي سمجهيوسين. ڊاڙا ٺڪاءَ هڻندا، آئي وئي تي ٽوڪون ڪندا، ٽھه ٽھه ڪندا ٿي وياسون. زمين تي پير ئي نه ٿي ٽڪيو. ڌرتي کي ڌوڏيندي، آسمان تائين پهچندي اچي ايلفيءَ ۾ ٺڪاءُ ڪيوسين.

ٿڳڙ - ڪلاڌر متوا

ٿڳڙ
ڪلاڌر متوا
ڄيٺ، آکاڙ ۽ هاڻي ته ساوڻ به پورو ٿيڻ تي آهي. بڊي جو ته ڪو ڀروسو ئي نه هوندو آهي. وسي ته وسي، نه ته نه به وسي. ها اگر گيلو ٿئي ته ٻي ڳالهه آهي!
آڪاس ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ بادلن کي ڏسي، هن کي ڪنهن اڻڄاتل ڊپ ويڙهي ورتو. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ نراس ٿي ويو. هن بي چئنيءَ وچان، ڪنهن مهل بادلن ڏانهن نهاريو ته ڪنهن مهل سڪل بٺ ٿيل ڌرتيءَ ڏي.

دردن جي وير آلڙ - سامي ميمڻ


دردن جي وير آلڙ
سامي ميمڻ
ڪنڌيءَ کان ڪيترا ئي ميل پري، سمنڊ جي ٻيٽ تي ٽڙيل پکڙيل ڪچين جهڳين مان هڪ ڪکائين جهڳيءَ مان سڏڪن جا آواز ڪکن کي چيريندا، سامونڊي فضائن ۾ گم ٿي رهيا هئا. ڪي گهڙيون، روڄ راڙو ٿيو ۽ پوءِ آهون، داهون ۽ سڏڪا ايئن سانت ۾ تبديل ٿي ويا، جيئن سمنڊ جون ڇوليون وڏي گوڙ ۽ دهمان کانپوءِ، آهستي آهستي پاڻيءَ ۾ گم ٿي وينديون آهن. هو، ڀـِنل اکين ۽ وکريل وارن سان، پنهنجي جهڳيءَ مان ٻاهر نڪتو ته ايئن محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ سندن سڄو هوڙو مهاڻن ۽ مڇيءَ سميت، ويرن جي ور چڙهي ٻڏي ويو هجي. ڄڻ لاڳيتي پندرهن ڏينهن جي مسلسل محنت کانپوءِ به کيس ايترو لاڙو ٿيو آهي جو سندن دل ٽٽل ۽ چيلهه چٻي ٿيل هجي. هو ٻيٽ جي واريءَ مان آهستي آهستي پير سوريندو، ٻيٽ جي ڪنڌيءَ ڏانهن ايئن وڌي رهيو هو، ڄڻ سندس پير اڄ ڳرا ٿي پيا هجن يا هو ڌٻڻ ۾ ڦاسي، ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي. نه ته ٻيٽ جي واريءَ سان هن جي ياري ۾ ايتري پراڻي ۽ پڪي آهي جو هو جڏهن هوڙو مڇيءَ سان ڀري، پنهنجي سنگتين سان گڏ موٽندو هو ته خوشيءَ مان ٽپا ڏيندو، سينڍيون هڻندو، مورڙو ڳائيندو پيو ايندو هو.

Friday, January 25, 2013

مند نه وسندا مينهن - مدد علي سنڌي

مند نه وسندا مينهن
مدد علي سنڌي
ڊگهي،
سنسان،
سڙڪ.
چنڊ،
پوئين تاريخ جو،
ستارا مٿي، ٽمڪندڙ آڪاس تي!
ان سڙڪ تان ويندڙ ٻه پاڇا. روشني ڌنڌلي، ٻنهي پاڇن جا هٿ، هٿ ۾ ڏنل. چؤپاسي سُڃ لڳي پئي آهي.
(۽ اهو سڀ آهي ماضي. ماضي، جيڪو ڪجهه به نه هوندي، گهڻو ڪجهه هوندو آهي.) هُو بيٺل آهي گيلريءَ ۾ اڪيلو (پر هو ڪير آهي؟ ڪير آهي هو؟) اڪيلو. اجنبي، ماڻهن جي گوڙ  ۾  الڳ، جدا. ٽٽل شخص. ڪنهن سان به نه ڳالهائيندڙ. من تنها. من ۾ ڪائي ڳولا. پر ڪنهن جي ڳولا آهي! ڪنهن جي به ڳولا کي نه آهي ڪائي معنيٰ. معنيٰ ڪنهن کي به ڪونهي. معني ٰ آهي به الائي نه؟ سڀ بيڪار. بيزاريءَ جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل، هر مهل، هر هنڌ، هر ڪنهن کان، پنهنجو پاڻ کان بيزار... سک جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ من! اڻ ڏٺل انيڪ ڊپ...!
پر...
ڇا...
ڪنهن جي...
پائڻ سان...
سک ملندو؟
ملندو ڇا؟... ختم نه ٿيندڙ ڏُک!!
۽ فقط دک! (سک ڪٿي آهي؟ ڪٿي نه پاتم سک ڪڏهن! هر جنم ۽ هر دور ۾!)
پر ڇا  هو دُکي آهي؟ سک ڪٿي آهي؟ سک ڪٿي ڪونهي. ڪير آهي سُکي اهو آهي هڪ وڏو سوال!
هُن چيو هو هڪ ڀيري:
”مان نه هونديس هڪ ڏينهن جڏهن توهان جي يادن ۾، ته پوءِ ڇا ڪندا اوهين؟“
...
۽ دُک جي گهڙي وشال. ياد... ياد هڪ آهي ڌنڌلي روشني. دور کان ڏسڻ ۾  ايندڙ يادگيرين جو ڌُنڌ. ان کي دور ڪرڻ جي ڪوشش! پريان آهي روشني.. روشنيءَ جو ڪوبه انت ڪونهي... ڪابه حاصلات ڪونهي، نه وري حاصلات کي آهي ڪائي معنيٰ!
پوءِ معنيٰ ڇا آهي؟
....!
....؟
زندگيءَ جي هڪ ڀيانڪ ٻوڏ!/ وقت جي بيرحم اٿل پٿل ۾، هوءَ کانئس وڃائجي ويئي/ حياتيءَ جي گهمسان رِڻ ۾ کوئجي ويئي... پوءِ رهجي ويون سمرتيون. سمرتيون، جيڪي هونديون آهن ڪاغذ جي ٻيڙين جيان/ گهر جي اڱڻ ۾ گڏ ٿيندڙ پاڻيءَ ۾ ترندڙ، ننڍڙيون ڪاغذ جون ٻيڙيون/ لڙهي ويون، سڀ، منهنجي ۽ تنهنجي نانءَ سان!
تنهنجي
۽
منهنجي
وچ
۾
آهي
وقت
جي
هڪ
وشال
وڇوٽي.
هڪ
وشال
اونداهي
ماٿري...
***
”توهان رات ڏاڍا ياد آيا!“... موڪلائڻ مهل چيو هو هُن.
ڏٺو هوم ان مهل مٿي آڪاس کي. اُتي چنڊ نه هو. ٽمڪندڙ تارا هئا. تيز هوا هئي/ هُن جو رابيل جهڙو مُک هو. (پوءِ رات ٿي ويئي هئي ڊگهي... ڏينهن نه ٿيو ڪڏهن/ سج نه اڀريو ڪڏهن!)
...
”... ٿي سگهي ٿو آتما واپس اچي وڃي! پر قسمت يا نصيب! هڪ ڏکوئيندڙ حقيقت! پر ان کي بدلائڻ آهي تمام ڏکيو!“ چيو هوم.
”ڪنهن چيو آهي؟“ هُن سوال ڪيو هو.
”وڪٽر هيوگو!“
”اسان جي نصيب ۾ اهو ڪجهه لکيل آهي، جيڪو اسين ڪجهه ڄاڻون نٿا!“
***
ماٺ!
پريان سمنڊ جو گوڙ، لهرن جو آواز. سمنڊ جي دور دور تائين پکڙيل ڇاتي، ان مٿان شام جي پاڇن جا انيڪ رنگ ۽ روپ! ۽ سمنڊ جو پاڻي. سنجها ٿي، ته يادگيرين جو ٻري اٿيو شمعدان! جيڪو سدائين هر مهل ٿو ٻرندو رهي... سامهون سمنڊ ۾ جهازن جون نظر ايندڙ جرڪندڙ بتيون!!
امالڪ گهلي تيز هوا!
تيز هوا نم ۽ گل مهر جي وڻن مان لنگهندي، ڪوئي شور ڪندي لنگهندي ويئي.
هوا اڳي به ائين هئي تيز گهلي: امالڪ گهلي هئي تيز هوا. هن جي وارن ۾ لڳل گل رابيل جا پيا ڪري. کليل وارن جي مهڪ ويئي پکڙجي، چوپاسي!... هُن جي ياد جي مهڪ به ته ڪڏهن نه اتري سگهي هئي سندس من تان!
من ۾ آ هُن جي يادن جي سڳنڌ!
دل جي آڪاس تي آهن
تارن جون هزارين قنديلون روشن.
سچ پچ ته: وڃائجي ويل، محبوب جي ڳولا، رُڃ ۾ پاڻيءَ جي ٽيپي لاءِ ڳولا وانگر هوندي آهي. ڪوئي ڪنهن سان نه ملي سگهندو. ملاقات وڇوڙي جي شروعات هوندي آهي.
***
”تو پرفيوم ڪهڙي هنئي آهي؟“
”ڇو؟ سٺي آهي ڇا؟“ هوءَ مُرڪي پئي هئي.
”سٺي آهي، تڏهن ته پڇان ٿو“.
”پر... مون ته ڪائي پرفيوم يُوز نه ڪئي آهي اڄ!“
هُن ويجهو وڃي کيس سونگهيو هو. ڇا اها سُڳنڌ هن جي پنهنجي جسم جي هئي؟ ڪٿي هن پڙهيو هو: ”جوان ڇوڪريءَ جي لڱن جي سڳنڌ پنهنجي- هڪ خاص سڳنڌ هوندي آهي.“
***
هي زمانو آ ڏاڍو بيرحم.
پر زماني تي ڪا ميار ناهي. هر ماڻهو آهي پنهنجي ڏک ۽ سک جو پاڻ ذميوار.
(زماني کي ڪجهه نه چؤ! رب ذوالجلال چوي ٿو: وقت آئون پاڻ آهيان؟)
اسين ڪيڏانهن وڃون؟
ڪيڏانهن وڃون اسين؟
ٻاهر نڪري وڃجي!
ٻاهر ته گهور انڌيرو آهي.
۽ خوشيون، اسان جا در کڙڪائي هليون ٿيون وڃن! خوشيون اسان جا در کڙڪائي رهيون آهن. اسين دل جا در ٻيڪڙي ٿا ڇڏيون. ڪنهن اونهي ننڊ ۾ ٿا کوئجي وڃون...
دک انيڪ آهن!
سک دور ڪنهن ڏورانهين ديس هليا ويا آهن!
يادگيريون بيشمار آهن!
سمرتيون- دل جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري رهيون آهن!
۽ ٻاهر برسات وسڻ شروع ٿي ويئي آهي. آڪاس تي کنوڻ وراڪا ڏئي ٿي. سامهون سمنڊ آهي، اوندهه ۾ ٻڏل! من جو جهاز پاڻيءَ جي لهرن ۾ پيو لُڏي ۽ لمي!
***
کيس اڃا تائين هو نه وساري سگهيو! هوءَ کيس چاهيندي به نه ملي سگهي هئي. پر ڪوئي، ڪنهن کي نٿو وساري سگهي! زندگي هڪ نه کٽندڙ ڪهاڻي، جنهن ۾ ٿين ٿا ڪيترا باب! هوءَ سندس حياتيءَ جي ناول جو وڃايل هڪ باب هئي.... هن وسارڻ چاهيو هو سڀ ڪجهه! ڇا وساري سگهندو آهي ڪوئي ڪنهن کي؟ ۽ حياتي هاڻ ڪهاڻيءَ مان بدلجي، ڪنهن ڊگهي بنگالي ناول وانگر ٿي پئي هئي. جنم کان وٺي انت تائين هر شيءِ ڌنڌ ۾ وڪوڙجي ويئي هئي. پر هوءَ اڻ وسرندڙ آهي. ڪوئي سپنو آهي! سپنا  ڪيترن سپنن وانگر اونداها آهن. اڻپورا آهن...
ڇا ڪجي؟
سپنا ڪيترا ئي آهن. سپنا آهن الائي ڪيترا... پر سپنا ته هاڻ هو وهاڻي هيٺان رکي سمهي پوندو آهي. ننڊ هن جي سپنن کان سواءِ هوندي آهي... پر سپنا ڏسڻ به ته زندگي آهي!!
***
”هڪڙي ڳالهه  ٻڌايائين، زويا!“
”... ٻڌايو.“
”... مون کي توسان عشق ٿي ويو آهي.“
”... جناب عالي... هيءَ عشق جي بيماري توهان کي ڪڏهن کان لڳي!“ هن ٽهڪ ڏيئي کيس چيو هو.
”... هيءُ سال ڪهڙو آهي؟“
”يار، اهو به ڪو سوال آهي؟“
”... نه تون ٻڌاءِ، اڄ مان سڀ ڪجهه تنهنجو ۽ منهنجو آواز، تنهنجي ۽ منهنجي ڪمٽمينٽ هنن هوائن ۾ ريڪارڊ ڪرائڻ ٿو گهران!“
”ڇا ۾ ٿا رڪارڊ ڪريو، پنهنجي موبائيل فون ۾.“ هوءَ کلڻ لڳي هئي.
”... نه موبائيل فون ۾ نه، پر هن ڄام شوري جي هوائن ۾، جتي پاڻ ايندڙ سال نه هونداسين.“
”سائين، هي سال ۲۰۰۱ع ۽ مارچ جي اٺاويهين تاريخ آهي! پر توهان ٻڌايو ڪونه ته توهان کي عشق ڪيئن ٿيو“.
”عشق جي ڪائي مند نه ٿيندي آهي. اهو ڪڏهن ۽ ڪٿي، ڪنهن به مهل ويندو آهي وڪوڙي. اڄ ڄام شوري جي فضائن ۾ پنهنجا آواز قائم ٿي ويا، سوين سالن تائين پنهنجا هي آواز هتي ئي بيٺل رهندا، تيز هوائن ۾، وڻن جي وچ مان، بهار جي مند ۾، سرءُ جي سڪل پنن سان“.
”بس بس، سائين ڊائيلاگ ته ڪوئي توهان کان ويهي لکرائي“.
***
تيز هوا جو جهوٽو سامهون وڻن مان لنگهندي، ڪيترا پن ڪيرائي، شور ڪندو لنگهي ويو.. هو اڳتي وڌي اچي ڪتابن جي ڪٻٽ وٽ بيٺو. ڪٻٽ کولي، هن هڪ خاني مان هڪ پراڻو نوٽ بوڪ ڪڍي، ان کي کولي ڏٺو. ڏهن ورهين ۾ نوٽ بوڪ جا پنا زرد ٿي ويا هئا. هن ٻه ٽي پنا اٿلايا ته ڪيترا پراڻا سڪل گلاب ۽ موتئي جا گل ان مان ڪري وڃي پٽ تي ڪريا. هن نوٽ بوڪ تي لکيل هينڊرائيٽنگ سڃاتي. اها رائيٽنگ زويا جي هئي، اهو نوٽ بوڪ زويا جو ئي هئو. هن نوٽ بوڪ کي پڙهڻ شروع ڪري ڏنو.
Zoya Ali
English Department Jamshoro
B.A. Hons.
هُن پنو اٿلايو.
 “She walks in beauty,
like the night of cloudless,,
climes add starry skies
(-Lord Bairn)
هُن جا ورتل ڪجهه نوٽس:
There are two times, when men don’t understand a woman- before marriage and after marriage.” (Unknown)
-
Man cannot live without a permanent trust in some thing indestructible. - (Milena Jesnika 1930)
هن هڪ ٻيو پنو اٿلايو، ته بجلي هلي ويئي. ڪمري ۾ اوندهه ٿي ويئي. گهڙيءَ ۾ يو پي ايس هلڻ شروع ٿيو، ڪمري ۾ روشني اچي ويئي. کيس الائي ڪهڙو پور پيو. هو نوٽ بوڪ بند ڪري، ڪنهن ويچار ۾ هليو ويو.
***
(سُپيريان جي سورَ جو، ماڙهو ڏجي نه منجهه...)
هوءَ هئي اڃا تائين هن جي اکين جي اسابند! هُن جي سونهن کانئس نه وسري سگهي هئي... ڇاڪاڻ ته:
سپريان
جي
سونهن
جو
نڪو
قد نه مد!!
هن جا ڪجهه اِن باڪس ۾ save ٿيل sms:
The future belongs to those, who believed in the beauty of their dreams.
Zoya
Dated: 14th Feb:
-
Valentine’s is a special day, when we think of precious friends likeYou, in such a delightful way.
Zoya
14-2-2000
-
Memories past, don’t ever doubt, our friendship will last.
- Only Zoya
-
True love doesn’t have a happy ending: true love doesn’t have an ending.
Zoya
-
Our romances were untroubled and unclouded, there was no, needling or quarreling.
”جيڪو ڏک ڏئي، ان کي ڇڏي ڏي. جنهنکي ڇڏي ڏي، ان کي ڏک نه ڏي!“
***
۽ آئون اڪيلو بيٺل آهيان، اڌ پنڌ ۾. رات اماوس جي. وڄ چمڪي ته ڏٺم، پنڌ اڻانگو ۽ منزل ته گهڻو دور هئي... ۽ اڄ سچ پچ...
خوشين کي ڪا ئي عدم جي ننڊ وڪوڙي ويئي... ۽ اسين نماشام جو اڌ پنڌ ۾ رهجي وياسين اڪيلا ... ويل وقتُ ۽ وڇڙي ويل سپرين ڪڏهن به نه ايندا آهن موٽي! دل ۾ ڀلي ڪيڏا به درد ڇو نه هجن دکيل... من ۾ سورن جا آهن دونهان، لڱ ڪيڏا به ٿين لوهه، پر دک ۽ وڇوڙو ٿو انهن کي ڪٽ هڻي ڇڏي... پر دک آهي ان ڳالهه جو به، ته وساري نه سگهيس سڀ ڪجهه . وساري ڇڏجي جيڪر هن کي، هوءَ جيڪا ماضي آهي، پر ياد ميسارجي وڃي من تان... ياد ڪنهن سليٽ تي لکيل اکر هجن، ته جيڪر ڇڏجي انهن کي ميساري... دل جي ڪائي بند ٿيل دري کولي ڪڍي ڇڏجي اڇلائي. پر ماضي ڪنهن پاڇي جيان هلي ٿو گڏ. هلندو رهي ٿو گڏوگڏ...
***
”ٻڌو...“
”... جي.“
”اڄ ميڊم ليڪچر ۾ ڪجهه فارسي شعر انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايا.“
”ڏاڍو سٺو.“
”توهين به ته پاڻ کي وڏا انٽيليڪچوئل سڏائيندا آهيو؟“
”جي نه.“
”چڱو ٺهيو. پر ڳالهه ٿي ڪيم فارسي شعر جي. ميڊم هڪڙو شعر ٻڌائيندي هڪ لفظ ۾ اٽڪي پئي. صفا منجهي پئي. معنيٰ ئي نه پئي اچيس. مان ڪاپيءَ ۾ لکي آئي آهيان توهان لاءِ.“
”مون کي ڪٿان ٿي اچي فارسي.“
”پر ٻڌو ته سهي.“
”ٻڌاءِ ڀلا تون به کڻي ته ڪهڙو لفظ هو؟“
”شهرِ آشوب.“
”واه سائين، واهه جو لفظ آهي.“
”معنيٰ به خبر اٿوَ يا ٺلهي پيا واهه واهه ڪريو.“
”معنيٰ به اچي ٿي سائين.“
”پوءِ ٻڌاءِ نه.“
”شهرِ آشوب جي معنيٰ آهي، شهر لاءِ فتنو ۽ هنگامو. مقصد ته معنيٰ ٿي، شهر ۾ فتنو فساد برپا ڪندڙ!“
”پوءِ ڀلا انگريزيءَ ۾ ان جو ترجمو ٻڌايو.“
”انگريزيءَ ۾ تون ترجمو ڪري وڃي ميڊم کي ٻڌائجانءِ.“
”چڱو، توهان کي پروين شاڪر جي هڪ نظم...“
”يار، پروين شاڪر جو نظم چؤ، سنڌيءَ ۾ نظم مذڪر آهي، مونث ڪونهي“.
”بس، توهان شروع ٿي ويا ان چڪر ۾، مون پروين شاڪر جي نظم... سورِي، پروين شاڪر جو هڪ نظم انگريزيءَ ۾ ترجمو  ڪيو آهي.“
”ٻڌاءِ.“
Now, that I have closed the doors,
Of the city of love
Upon my self
And have thrown the key,
Of each gate,
Into the jade, eye of see of oblivion
This little timorous felling,
Is so consoling!!
***
واقعي هو کيس ڪڏهن به نه سمجهي سگهيو.
هوءَ هئي به عجيب. ٿي سگهي، هر ڇوڪري تي عشق، بسنت جي رُت وانگر ڇانئجي ويندو آهي. پر  هوءَ...؟
رات جو آڌيءَ کان پوءِ موبائيل تي بيل وڄندي. هو ڇرڪي سيل تي نمبر ڏسي فون آن ڪندو.
”هيلو، جاڳو پيا؟“
”نه، ننڊ ۾ توکي ياد پئي ڪيم. تنهنجا سپنا پئي ڏٺم.“ هو وراڻي ڏيندو ته هو کلي ٽهڪ ڏيندي!
”ڪوڙ! ڪوڙا آهيو. ڀلا ڇا پيا ڪريو؟“
”توکي چيم ته ائين ئي ليٽيو پيو هوس. تون ٻڌاءِ هن مهل جاڳي پئين ڇا؟“
”بس ننڊ نٿي اچي.“
”ته پوءِ ڪوئي ڪتاب کولي ويهي پڙهه، ليپ ٽاپ کولي ويهي چيٽنگ ڪر!“
”ڪتاب نٿي پڙهان، پر هڪڙي سوال جو جواب ڏيو!“
”چئو.“
”توهين مون کي دوست سمجهو ٿا يا نه؟“
”هاڻ، اهو به ڪوئي سوال آهي.“
”نه ٻڌايو؟“
”اڙي ڀئي توکي ڪيترا ڀيرا چيو ته اٿم، مان توسان love ٿو ڪريان.“
”ته پوءِ love ڇا آهي. مونکي نٿو لڳي، ته ڪوئي توهين مون سان لوَ ڪريو ٿا.“
”توکي ڪهڙي ڄاڻ ته عشق ڇا ٿيندو آهي“
”ڇا ٿيندو آهي ڀلا، ٻڌايو.“
”عشق، چؤماسي جي برسات وانگر هوندو آهي. جنهن تي وسندو آهي ته پوءِ بس نه ڪندو آهي“.
”هلو سائين مڃيون ٿا. ڀلا توهين مون سان عشق ڪريو ٿا ته هن ئي مهل اسان جي بنگلي ٻاهران اچي بيهو. مان اتان توهان کي ڏسنديس.“
هو چڙي پوندو. سامهون وال ڪلاڪ کي ڏسندو ۽ پوءِ چوندو:
”ڀلا ٽائيم ڏٺو اٿئي ته گهڻو وقت پيو ٿئي.“
”ها رات جا ٽي ٿيا آهن، پر ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، بس توهين ٻڌايو، اچو ٿا يا نه؟“
”چڱو آئون اچان ٿو. پوءِ ڀلي توهان جي بنگلي واري اسٽريٽ جا چوڪيدار مون کي چور سمجهي گرفتار ڪرائي ڇڏين!“
”ڪا پرواهه ڪونهي. توهين ته پاڻ کي تمام وڏا عاشق ٿا سڏايو. پوءِ ڊڄو ڪنهن کان ٿا؟“
”ڪنهن کان به نٿو ڊڄان!“
”ته پوءِ اچو.. اچو ٿا نه!“ هوءَ زور ڏيئي چوندي.
”ها اچان ٿو!“
۽ پوءِ؟...
هڪ ڀيرو نه، پر ڪيترا ڀيرا آڌي رات جو، هو ڪار ۾ هن جي بنگلي وٽان لنگهندو... هڪ ڀيري هو سندس بنگلي جي گيٽ تي ڪيترا گلاب ۽ موتئي جا گل رکي آيو هو... اها رات اڃا تائين کيس نه وسري هئي. هو رات جو هن جي بنگلي آڏو پهتو هو. هوءَ مٿي گئلري ۾ بيٺل هئي. مٿي آسمان تي تارن جي جهرمر جهر مر لڳي پئي هئي. سامهون پارڪ ۾ نمن ۽ سرنهن جا وڻ هوا ۾ جهومي رهيا هئا. هوا گهوگهٽ ڪندي، انهن وڻن مان آرپار لنگهي وڃي رهي هئي. چؤپاسي سرنهن جي وڻن جي مهڪار هئي پکڙيل. هو ڪار کي آهستي آهستي هلائيندو اڳتي وڌيو هو. آڌي رات جي وڳڙي ۾ فقط هوا جا جهوٽا هئا. مٿي آسمان تي ٽمڪندڙ ٽيڙو ۽ دور ڪٿان کان ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز هن کي احساس ڏياري رهيا هئا، ته هيءَ رات وري ڪڏهن به نه ايندي، هوءَ دريءَ مان کيس هٿ لوڏي وش ڪري رهي هئي...
(۽ توسان ملڻ لاءِ مان هر دور ۾ جنم وٺندس. تون ڪٿي به جنم وٺندينءَ مان ايندس ڪهي تو وٽ. تنهنجي نيڻن جو غمزو، ڪڏهن به نه وسرندو.)
......
***
”جيڪڏهن تون منهنجي زندگيءَ ۾ نه هوندينءَ، ته مان تنهنجي ياد ۾ ڀڪشو بڻجي، در در وڃي توکي ڳوليندس.“ هن چيو هو هڪ ڀيري کيس. هو ٻئي ان مهل سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس بلاڪ وٽ بيٺل هئا.
هن سندس اها ڳالهه ٻڌي مرڪي ڏنو هو.
”ڇا، ڇا چيو؟ اهو جملو وري ته چؤ؟“
”مذاق ٿي اڏائين!؟“
”نه نه. اهڙي ڳالهه ڪونهي... پر توهان کي ويٺي ويٺي ڇا ٿو ٿي وڃي.“
”ڪجهه به ته نه!“
”پوءِ ائين ڇو ٿا چؤ؟“
”ان ڪري جو، مون توکي اڄ ڪنهن ٻئي سان ڳالهائيندي ڏٺو آهي!“
”ته پوءِ، ان ۾ ڇا ٿي پيو؟ مون پنهنجي ڪلاس فيلو سان پئي ڳالهايو، ڳالهائڻ ڪنهن سان ڏوهه ته ڪونهي. ڳالهايان ته مان توهان سان به ٿي!“
”مقصد ته مان ٻين وانگر آهيان نه؟“
”توهين، خدا جي واسطي اهي ڳالهيون نه ڪندا ڪريو مون سان... باقي جيڪڏهن توهان جو موڊ اڄ مون سان لڙائي ڪرڻ جو آهي، ته اها کڻي ڳالهه ڪريو“. هوءَ چڙي پئي هئي.
”تون، تون مون کي ڪنهن ڪنهن مهل نگليڪٽ ٿي ڪرين!“
”چڱو ٺيڪ آهي، جيئن توهين سمجهو، توهان سان ته بحث ڪرڻ اجايو آهي. او . ڪي گُڊ بائي!“
ايتري ۾ بَس آئي، هوءَ ان ۾ چڙهي هلي وئي.
***
سَر
نسريا
پاند
اُتر
لڳا
آءُ
پرين!
ٻاهر اتر جي هوا تکي ۽ تيز لڳي رهي آهي. هو اتر جي پاسي واري دري ٿو کولي ڇڏي. نوٽ بوڪ سندس هٿن ۾ آهي. سامهون سندس ڪتابن جو شيلف آهي. هُو هلندو اچي شيلف وٽ بيهي رهي ٿو.
بوڪ شيلف!
ڪتاب گهڻا آهن. هو بنا ڪنهن مقصد جي، ڪوئي ڪتاب ڪڍڻ لاءِ هٿ ٿو وڌائي. بي ترتيب ڪتاب... ٻه ڪتاب اچي ٿا هن جي مٿان ڪرن. هو پري ٿئي ٿو، هو جهڪي پٽ تان ڪتاب کڻي ٿو. ڪتاب آهي:
Letters to Melina
هو ڪتاب جو پهريون پنا ٿو اٿلائي.
ڪتاب جي پهرئين پني تي لکيل آهي:
Only for you. for your hart. For those days when we will not together.
From: Zoya Shah
19-4-2002
هو ڪتاب کي ڏسندو ٿو رهي. ڪافڪا کي لکيل ميلينا جي خطن واري ڪتاب کي، جنهن سان هئي ڪائي ماضيءَ جي ساروڻي.
اهو ساڳيو ڪتاب سندس هٿن ۾ هو. زويا سندس ڀر ۾ هئي بيٺل. سندس عنابي نيڻن کي ڏسندي، سندس نظر هن جي پيرن تي وڃي پئي هئي. هن سندس پيرن کي چتائي ڏٺو هو ۽ پوءِ خبر ناهي کيس ڪهڙو پور پيو. هُن ڄاڻي واڻي اهو ڪتاب زمين تي ڪيرائي ڇڏيو هو ۽ پوءِ جهڪي ڪتاب کڻي زويا جي پيرن کي هٿ لاتو هو.
”ڇا ٿا ڪريو، ڇا پيا ڪريو!“ هن ڇرڪي، پنهنجا پير پري ڪيا هئا.
”ڪجهه به نه، ڪتاب ٿي کنيم.“
زويا، ان مهل، سندس هٿ جهلي چيو هو.
”واقعي ڀئي، ڏاڍا عجيب ماڻهو آهيو. ڪنهن مهل وڙهو ٿا، ڪنهن مهل پيار جي انتهائي آخري منزل تي ٿا وڃي پهچو.“
هُو چپ.
...
ڪڏهن ڪڏهن ماٺ کي به هوندي آهي پنهنجي معنيٰ... پر خبر ناهي ڇو سوجهري ۾ هلندي هلندي رات ڇو ٿي اچي وڃي. رات، جيڪا ڌنڌ ۾ وڪوڙيل آهي ۽ فقط آهي به رات. رات پٺيان رات، رات جو ڊگهو سلسلو آ هلندڙ. ڏينهن نٿو ٿئي، يادن جي ڌنڌ ۾ ڪجهه به ته نٿو ڏسڻ ۾ اچي. پر سپنا به ته رات جو ننڊ ۾ ڏسبا آهن.
(هن ’ليٽرز ٽو ميلينا‘ تي لکي ڇڏيو:
”ليليٰ جو حُسن ائين هو، جيئن رات ۾ چمڪندڙ هيرو!“
***
۽ اڄ کيس:
اڪيلائي ڏاڍو کائي رهي آهي.
.....
هيءَ بهار جي مند آهي...  هن مند ۾ اڪيلائي ڏاڍو ستائيندي آهي.
موتئي جون مکڙيون، چانڊوڪيءَ ۾ ٽڙنديون آهن... يادگيرين جا ڪڪر وڏڦڙي مينهن وانگر وسندا آهن... آڪاس ۾ وڄ جي چمڪاٽ سان، ڪنهن جي سار وراڪا ڏيئي وڪوڙي ويندي آهي.. هيءَ بهار جي مند آهي... ۽ هن مند ۾ اڪيلائيءَ ڏاڍو وڙهندي آهي!!
***
(مان هن کي ڪجهه به نه چئي سگهيس. اها منهنجي ڪمزوري آهي. چوڻ جي باوجود مان ڪجهه به نه چئي سگهندو آهيان. پر چوڻ لاءِ ڪجهه به ته نه هوندو آهي!)
***
سِي ويو ڪلفٽن ڪراچي.
هُن جو هٿ سندس هٿ ۾ هو. (کيس اڃا تائين ياد آهي) هوءَ سندس کاٻي پاسي کان هئي بيٺل. هُن جو کاٻو هٿ، سندس ساڄي هٿ ۾ هو. سندس ساڄي پاسي اونهاري جو سج ڌيري ڌيري اُلهي رهيو هو. سامهون سمنڊ جون تکيون لهرون. تيز هوا ۽ ان ۾ زويا جا اڏامندڙ وار. مٿي آڪاس تي شفق جا ڪيترا رنگ! اهي پل اپل ۾ پئي بدليا. ان مهل زويا، کيس ڏٺو هو...
...
]چند يادن کان سواءِ هٿ ڪجهه به نه ايندو... اهڙيءَ ريت، ائين عمر گذري ويندي. توکان سواءِ هڪ ڏينهن... سڀ ڪجهه هوندو. ڪجهه به نه هوندو. نه هوندينءَ تون، نه هوندس مان.[
***
هوءَ کيس ٻڌائي رهي هئي، امرتا پريتم جو هڪ نظم:
”مان توسان ٻيهر ملنديس!
خبر ناهي ڪٿي، ڪيئن، ڪهڙيءَ ريت،
پر توسان ٻيهر ملنديس.
شايد تنهنجو تخيل بنجي.
تنهنجي ئي ڪئنواس تي لهي اينديس!
پر مان توسان ضرور ملنديس.
مان ٻيو ڪجهه نٿي ڄاڻان،
پر اهو ضرور ڄاڻان ٿي،
وقت جيڪي به ڪندو،
هيءُ جنم توسان گڏ رهنديس!!“
***
پر هن جو هٿ هلندڙ جنم ۾ ئي کانئس ڇڏائجي ويو هو.
هن جو من ڀرجي آيو، (يادگيرين جي نه شروعات ٿيندي آهي، نه وچ ۽ نه پڇاڙي!!)
فليٽ جي ڪاريڊور ۾ اونداهه هئي، اوندهه ۾ هن جو من منجهڻ لڳو. هن جي دل گهريو، هو ٻاهر وڃي. پر ٻاهر وڃڻ جو ڪوئي رستو باقي هو؟ ٻاهر وڃڻ جو ڪوئي رستو ڪونهي. ٻاهر آهي گهور انڌيرو.
هو ٻئي نه ملي سگهيا، خبر ناهي ڇو؟ هن هڪ ڀيري چيو هو، ”ٿي سگهي ٿو، ملڻ نه آهي پنهنجي تقدير ۾!“
”شايد ان ڪري تو منهنجي ڪال ڪٽي ڇڏي“.
”نه موبائيل جي بيل ڪانه وڳي!“
ماضي، حال ۽ مستقبل. اهي ٽيئي زمانا اسان سان گڏ آهن. ماضي ٻئي پاڻ ٿي وينداسين. حال اسان سان گڏ هلندو، اسان ڏي نهاري پيو. مستقبل پنهنجي وس ۾ نه آهي. ياد رکجانءِ، يادگيريون سياري جي ڊگهين راتين جهڙيون هونديون آهن. انهن کان ڪڏهن به ماڻهو جند نه ڇڏائي سگهندو آهي.
ٽي. ايس. ايليٽ چوي ٿو:
گذري ويل ڳالهين ڏانهن واپس موٽڻ جي هاڻ ڪائي ڪلپنا نه اٿم.
هاڻي ڪابه اميد ڪونهي، ڪابه خواهش ڪونهي.
هاڻ ان ڳالهه جي نه اٿم خواهش:
ته ڪنهن جو خوبصورت ساٿ ملي وڃي!
***
هوءَ هتان وڃي چڪي آهي.
۽ خوش آهي پنهنجي نئين زندگيءَ سان، پنهنجي مڙس سان.
Face book!
فيس بوڪ تي:
هوءَ ان تصوير ۾ ڪيڏي نه پئي خوش ڏسڻ ۾ اچي. پنهنجي مڙس ۽ ٻار سان... پر هو کيس ڇو پيو ياد ڪري. ڇو پيو ساري ڪنهن پرڻيل ڇوڪريءَ کي... ۽ هاڻ ته هوءَ ساڳي ڇوڪري نه پر هڪ عورت بڻجي ويئي آهي...
الائي ڇو سندس دل چوي پئي،  هو نيٽ ذريعي، اي ميل ڪري هن کي. هڪ خط لکي هن کي. ٿي سگهي ٿو، هوءَ به کيس ياد ڪندي هجي... ڪافڪا سان محبت ڪندڙ ميلينا به ته پرڻيل عورت هئي...
هو ليپ ٽاپ تي ويٺو آهي، ۽ هن جي فوٽوءَ کي سيوِ ڪري ٿو ڇڏي. ان مهل سندس زال اتان لنگهي ٿي. ليپ ٽاپ تي، هُن جي تصوير ڏسي ٿي وٺي.
هو ڪنفيوز ۽ چپ، سندس زال آهستي ڳالهائڻ شروع ٿي ڪري ڇڏي، هو ڌيان ڏئي ٻڌي ٿو پنهنجي زال جو جملو:
”پاڻ ته وڃي سکيون ٿيون آمريڪا ۾، هتي اسان جي نصيب ۾ لڳا ناڪام عاشق!“
هو چپ.
۽ پوءِ ماٺ ڪري تصوير کي ڊليٽ ٿو ڪري ڇڏي.
هاءِ حياتي!... هاءِ حياتي... حياتي آ... سرءُ جي مند ۾ بيٺل اڪيلي وڻ جيان!
***
فورم شاپنگ مال ڪلفٽن ڪراچي.
هو ٻئي ايڪسيليٽرز تي وڃن پيا فرسٽ فلور ڏي.
”خبر اٿوَ. هتي هڪ ليڊي آسٽرالاجسٽ ويهندي آهي!“
”ڪٿي؟“
”ٽائيم آئوٽ ريسٽورنٽ ۾!“
”ته پوءِ؟“
”کيس هلي ٿا هٿ ڏيکاريون، خبر ناهي تقدير ۾ ڇا آهي لکيل؟“
”تون ايڏي وهمي ڇو ٿي پئي آهين؟“
”ڇا آهي هٿ ڏيکارڻ ۾.“
”چڱو ٺيڪ آهي“.
هو ٻئي ريسٽورنٽ ۾ اندر داخل ٿيا. ساڄي پاسي ڪائونٽر تي ڪيترا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آرڊر ڏئي رهيا هئا. سيلف سروس سان گڏوگڏ ويٽر به موجود هئا. سامهون هڪ ٽيبل وٽ ڪرسيءَ تي، هڪڙي پوڙهي ليڊي ويٺل هئي. سندس آڏو ميز تي آسٽرولاجي جا ٻه ڪتاب پيا هئا. هو ٻئي اچي سندس سامهون ڪرسيون ريڙهي ويهي رهيا. ليڊي چيو، ”پنج سئو رپيا هر هڪ جا لڳندا.“
هُن کلي چيو هو:”او ڪي ميڊم! توهين پهرين منهنجي فيانسي جو هٿ ڏسو!“
ليڊيءَ پهرين زويا جي هٿ کي ڌيان سان ڏٺو ۽ پوءِ انگلش ۾ قسمت جو حال ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنو. هن زويا جو هٿ ڏسي چيو هو:”تون وهانءُ ڪري ڪنهن ڏورانهين ملڪ هلي ويندينءَ.“
زويا کيس چيو هو، ”پر مان ته هتي ئي رهڻ پئي گهران. ڇا مان پنهنجي پسند جي شادي ڪنديس؟“
”بلڪل نه.“ ليڊي چيو هو.
”مان هن سان، شادي ڪرڻ ٿي گهران“ زويا يڪدم چيو هو.
”چڱو ته پوءِ مان هن جو هٿ ڏسي پوءِ ٿي توکي ٻڌايان!“
۽ پوءِ هُن هٻڪندي هٻڪندي، پنهنجو هٿ ليڊيءَ کي ڏيکاريو هو.
”آئي ايم ويري سوري... پر توهان ٻئي هڪ ٻئي سان گڏ نه هوندا.“ ليڊي آسٽرالاجسٽ چيو هو.
”پر ميڊم، اسين ته سول ميريج ڪرڻ گهرون ٿا!“ زويا چيو هو.
ليڊي آسٽرالاجسٽ ورندي ڏني هئي،”مان ايندڙ مند ۾ توهان ٻنهي کي هڪ هنڌ نه پئي ڏسان. توهان ته سول ميرج جي ٿا ڳالهه ڪريو، پر مان هڪ هنڌ، هڪ شهر ۽ هڪ ملڪ ۾ توهان ٻنهي کي گڏ نه پئي ڏسان. اهو منهنجو حساب آهي. اوهين يقين ڪريو يا نه، اها اوهان جي مرضي آهي. اوهان ٻنهي جي ستارن جو حال اهو ٻڌائي رهيو آهي.  ستارا برسات وانگر فقط اشارا ڏيندا آهن. باقي وڌيڪ قدرت جو کيل آهي.“
اهو چئي ليڊي آسٽرالاجسٽ چپ ٿي وئي هئي، سندس ڳالهيون ٻڌي هو ٻئي وسامي ويا هئا. هن کيس هڪ هزار روپيو ڏنو هو ته زويا ڏک مان چيو هو،”ميڊم، ته پوءِ ڪيڏانهن وينديس مان؟ ڇا هي منهنجو ساٿ ڇڏي ڏيندو، يا مان...“ هوءَ جهڙوڪر هيسجي ويئي هئي.
آسٽرالاجسٽ چيو هو ته”انهيءَ بابت مان توکي هن مهل ڪجهه به نه ٻڌائي سگهنديس. البت اهو ضرور چوان ٿي ته نصيب جو لکيو، ڪيربه مٽائي نه سگهندو آهي! تون اڪيورس آهين، ۽ هو لبرا. اهي ٻئي اسٽارز دوست ته ٿي سگهن ٿا، پر جيون ساٿي نه!“
پوءِ هو ٻئي ماٺ ڪري سامهون وڃي ٻي ٽيبل تي ويٺا هئا. هوءَ بلڪل چپ هئي. هُن چپ چاپ زويا کي ڏٺو هو. سندس من ۾ ڪجهه اڻ تڻ شروع ٿي ويئي هئي. هُن آهستي ڀڻڪيو هو:
نه مون لاٽ للاٽ ۾،
نه ڪو تون تارو!
”ڇا چيو“ زويا ڇرڪي اٿي هئي.
”ڪجهه به نه“. ۽ پوءِ هن اٿي وڃي ڪائونٽر تي بليڪ ڪافي جو آرڊر ڏنو هو. گهڙيءَ ۾ بار ٽينڊر کيس ٻه ڪافيءَ جا ڪپ ٺاهي ڏنا. هو ٽري ۾ کڻي واپس آيو هو. زويا ان مهل هڪ هٿ کاڏيءَ تي رکي خبر ناهي ڪهڙيءَ سوچ جي سمنڊ ۾ هلي ويئي هئي. ۽ هو به ماٺ ڪري اچي ڪرسيءَ تي ويهي کيس ڏسڻ لڳو. هُن ڪافي جو ڪپ کڻي، ان مان هڪ سپ ڀري ته کيس محسوس ٿيو، هوءَ کيس ڪيتري مهل کان چتائي، نهاري رهي هئي. هُو جيڪو سندس سامهون ويٺل هو، تنهن کي خبر ئي نه پئي ته هوءَ کيس نهاري رهي آهي. کيس الائي ڇو، ان مهل ڏاڍو عجيب لڳي رهيو هو. هن جي نهار ۾ هڪ عجيب بيوسي شامل هئي. هن سوچيو، آخرڪار هوءَ ڇو پئي کيس ايڏي ٽڪ ٻڌي ڌيان سان نهاري؟
”ڇا ڳالهه آهي، ائين ڇو پئي نهارين مون ڏي، خير ته آهي؟“
هوءَ جنهن کيس ڏٺو پئي، سا سندس ڳالهائڻ تي ڇرڪي اٿي هئي.
”نه ڪا ڳالهه ڪونهي، ڪجهه به ته ناهي؟“
”پوءِ ڀلا ٻڌاءِ ته سهي، ايڏي سَيڊ ڇو ٿي وئين آهين، آخر ڇا پئي ڏٺئي مون ۾؟ لڳي ٿو ته آسٽرالاجسٽ مائيءَ جي ڳالهين جو توتي گهڻو اثر پيو آهي!“
”نه ائين ڪونهي. پر خبر ناهي، الائي ڇو. لڳندو آهي ڪڏهن ڪڏهن، سڀاڻي، يا سالن کان پوءِ ڪوئي اهڙو وقت به اچي، جو پاڻ گڏ نه هجون!“
”ائين ڇو ٿي چوين!“
”ڪهڙي خبر، نه ڄاڻ اسان ٻنهي جي سڀاڻي ۾ ڇا آهي لکيل ۽ ڪهڙي خبر...“
۽ پوءِ هو ٻئي چپ ٿي ويا هئا. ڪافي شاپ ۾ ڪيترا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ ويٺا هئا. انهن جي هيڏي گوڙ ۾ هو، الائي ڇو ٿي ويو هو ڏکارو... ۽ پوءِ هو به زويا ڏي ڏسندو رهيو هو (تنهنجي پيار جو پاڇو، منهنجي حياتيءَ جي آخري منزل آهي، ڪوبه مارڳ ڪونهي تنهنجي هنن زلفن جي ڇانوَ کان سواءِ... تنهنجو ساٿ گهرجي، بس تون ئي گهرجين، ٻيو ڪجهه به نه گهرجي، ڪجهه به نه!!)
”ڪيڏانهن کوئجي ويا.“
هو سوچ مان واپس اچي هن کي ڏٺو. سامهون سندن آڏو ٽيبل تي ڪافي جا اڌ پيل ڪپس ائين ئي پيل آهن... ائين ئي پيل رهندا.. هي ڪافي هائوس، جيڪو آهي ڀريل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان، ائين ئي رهندو. ڪافي ائين ئي پيل رهندي هنن ڪپس ۾. هوءَ اٿي هلي ويندي. سڀ هليا وڃن ٿا، هليا ويندا، يا هليو ويندو ٻنهي مان ڪوئي هڪ... خبر ناهي وري مکا ميلو ٿي وڃي... پر ڏک اهو ئي آهي، جڏهن به ملنداسين، ڪير ڄاڻي ڪٿي ڪوئي ملي وڃي. ۽ جڏهن ملاقات ٿئي ٿي، اڪيلائي ۽ انتظار جون ديوارون اڀيون ٿيو وڃن
”ڇا ٿيو...“ هوءَ کيس سڏي ٿي.
”ڪجهه به نه!“
”پوءِ آخر ڇا سوچي رهيا آهيو؟“
”اصل ۾، تنهنجون ڳالهيون، ڪنهن ڪنهن مهل ڏاڍيون عجب جهڙيون هونديون آهن!“
”سچ ته چوان پئي. انسان کي پنهنجي سڀاڻي جي خبر پئجي وڃي ته باقي ڇا ٿي پوي؟“
”پر مان تنهنجي چاهت ۾ ۽ هي منهنجو عشق...“
”عشق ٻيو ڪجهه به ڪونهي،“ هن آهستي چيو، ”عشق هڪ احساس آهي بس. ٻيو ڪجهه به ڪونهي، اڄ آئون آهيان اوهانجي زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه، سڀاڻي نه هونديس توهان سان؟ ته پوءِ ڇا؟ ڇا ٿيندو؟“
”پر مان...“
”۽ توهان منهنجي پوري ڳالهه ٻڌو... مون چيو پئي ته اوهين به هڪ ڏينهن وساري ويهي رهندا سڀ ڪجهه ۽ مون کي به. هي پل، جنهن ۾ اسين گڏ آهيون، ائين ئي رهجي ويندا. هي ”ٽائيم آئوٽ“ ڪافي شاپ، ۾ اسين هتي ويٺل آهيون، اهي سمورا پل هتي ئي رهجي ويندا... ۽ سڀاڻي جو ايندڙ وقت ڪٿي ٿو وڃي، اسان کي پهچائي، ڪا خبر ڪونهي... ڪائي ڄاڻ ڪونهي!“
هو، ماٺ ٿي ويو هو. هن زويا کي ڏسندي سوچيو هو، ”ڇا، جنهن سان هو بيحد محبت ٿو ڪري، ان کي ڪڏهن به نه ڏسي سگهندو؟ ڇا هٿن جي ريکائن ۾ ايڏي سگهه آهي، جو هوءَ کانئس وڇڙي ويندي! هوءَ، جنهن جي وڇوڙي جو هُو هڪ پل به نٿو سهي سگهي؟ ڇا وڇوڙي جي ايندڙ گهڙيءَ کي هو برداشت ڪري سگهندو؟ پر هو ائين ڇو سوچي رهيو هو، ڇا وڇوڙو سچ پچ ته عشق جو آخري انجام هوندو آهي؟“ اهو سوچي هن ٽيبل تي پيل زويا جي ڪپ ۾ بچيل ڪافي پيئڻ شروع ڪري ڏني هئي... کيس ان مهل زويا جي چپن جو ڇهاءُ محسوس ٿيو هو ان ڪپ مان!
***
خواهشون ڪيتريون ئي آهن!
ڪلپنائون هزارين آهن!
(تڏهن ته شاڪيه مني چيو هو“ خواهشن تي ضابطو رکو!“)
دل هن جي اڃا به چاهيندي آهي ته هڪ ڀيرو، فقط هڪ ڀيرو ماضي، حال بنجي موٽي اچي... سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ڪيمپس... آرٽس بلاڪ، ڪيمپس جا روڊ، رستا، اسٽيشن، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو مقبرو... سڀ ڪجهه وڪوڙيل ناسٽيلجيا وانگر هن کي وڪوڙي وڃن. (ڇا ڄام شوري جون هوائون هن کي سڃاڻي وينديون؟)
ماڻهوءَ جي من ۾ آ ڪائي لڪل يُڌ، جيت ۽ هار جي يُڌ هلندي رهي ٿي، شروع کان وٺي، انت تائين.. نٿو اچي انت ان اندر ۾ شروع ٿيل يُڌ جو. يُڌ نٿي ٿئي ختم ڪڏهن!
....
”مان اوهان کي سڏ پئي ڪريان، توهان ٻڌو ئي ڪونه ٿا“. آواز سندس زال جو آهي، هو ليپ ٽاپ کي آف ڪري ٿو ڪري ڇڏي.
”چؤ ڇا آهي؟“
”هي توهان گهر ۾ اچو ٿا ته فقط هن ليپ ٽاپ يا ڪتابن ۾ ٿا گم رهو... ڪڏهن مون سان، به ته ڪجهه وقت گذاريندا ڪريو؟“
”ڇو، توهان سان گڏ ڪونه ويٺو آهيان؟“
”اهو توهين پاڻ کان پڇو، پنهنجي ورتاءَ تي ڪڏهن غور ڪريو!“
”ڇو ڇا ٿيو آهي... منهنجي ورتاءَ کي.“ هو ڪاوڙجي پوي ٿو.
”اوهان جو ورتاءُ غير انساني آهي... اوهين گهر ۾ رهندي به هن گهر جا نه آهيو!“
هو کيس جواب ۾ ڪجهه چوڻ چاهي ٿو، پر هوءَ سامهون ڪچن ۾ ٿي هلي وڃي، هن پريان کان ڏٺو، هوءَ اسٽرلائيزڊ بوتل ۾ پاڻي وجهي، کير پئي ٺاهي. هو اتان اٿي آهستي آهستي وڃي ٿو پنهنجي زال جي ڀر ۾ بيهي رهي. هن کي پنهنجي ورتاءَ تي، ۽ پنهنجي پاڻ تي ڏک ٿي رهيو آهي.
”آئي ايم ويري ساري!“ هو چوي ٿو.
”ڪا ڳالهه ڪونهي، اوهان کي سوري ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي!“ ائين چئي هوءَ اندر ڪمري ۾ سندس ٻار کي کير پيارڻ ٿي هلي وڃي. هو سوچي ٿو: (ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇا ٿو ٿي وڃي. مون کي ... ائين پنهنجي نظريي ۽ سوچ لاءِ، ٻين کي ڇو آزاريندا آهيون...) هو اتان هلندو ٻيهر ڊرائنگ روم ۾ اچي ٿو بيهي رهي. هو سامهون شيشي جي دريءَ مان ٻاهر نهاري ٿو. ٻاهر سرمئي شام ڌيري ڌيري پئي رات ۾ تبديل ٿئي... کيس ياد اچي ٿو، هن هڪ ڀيري چيو هو زويا کي: ”ڏک ۽ وڇوڙي جون سڀئي سيمائون ٽوڙي، اچي ويندس آئون توڏانهن...!“
۽ اها ڳالهه ياد ايندي، سندس بت ۾ سياٽو ٿو پئجي وڃي. هو اتي ئي ڊائننگ  ٽيبل وٽ ويهي ٿو رهي. ڪجهه پل ماٺ ۾ رهي، ٻيهر اٿي اندر وڃي ٿو. ميز جو خانو کولي، نوٽ بوڪ ڪڍي، اچي ڊائننگ ٽيبل وٽ ڪرسيءَ تي ٿو ويهي رهي. نوٽ بوڪ سندس هٿن ۾ آهي. هو نوٽ بوڪ کولي ٿو، اندر هڪ ويڙهيل ڪاغذ پيو آهي. ان کي کولي ڏسي ٿو، اهو زويا جو موڪليل ليٽر آهي، اهو خط هن خبر ناهي ڪيتري وقت کان آهي سانڍي رکيو. هو ڌيان سان ٿو ان کي پڙهي:
”مون کي لڳي ٿو، وري نه ملنداسين ڪڏهن... آئون پاڻ ڏاڍي منجهي پئي آهيان ته ڇا ڪريان؟ توهين سمجهو ٿا ته آئون توهان کي تنگ پئي ڪريان. پر ائين ڪونهي، دل من پئي هڻان ته ڇا ڪريان؟ ڪوئي فيصلو، مون کي ڪرڻو پوندو، توهان کي هتان جي ڪابه خبر ڪونهي، مان اوهان لاءِ تمام گهڻو سهسايو آهي. مون نٿي ڀانيو ڪو حالتون ايڏيون ڏکيون ٿي پونديون... مان توهان کي هن مهل ڏاڍو مِس پئي ڪريان. يقين نٿو اچيوَ ته رهڻ ڏيو. ڀلي توهان يقين نه ڪريو. پر مان ڄڻ ڀڳي ٽوڙي جبل سان مٿو ٽڪرائي رهي آهيان. لڳي ٿو، ورڻو ڪجهه به نه آهي. خبر ناهي ته توهين هن وقت ڪٿي آهيو؟ مون وٽ ته موبائيل فون به هاڻ ڪونهي. اڄ سچ پچ ته محسوس ڪيو اٿم. ته اسان جو سنڌي معاشرو ڏاڍو بي رحم آهي... لڳي ٿو سڀ ختم ٿي ويو. ڇا توهين هڪ ڀيرو اسان جي شهر اچي سگهو ٿا؟“
***
لفظن جي ٽرئجڊي عجيب ٿيندي آهي. ان کي فقط ذهن ئي محسوس ڪندو آهي، ۽ انسان جو سڀ کان ويري هن جو ذهن هوندو آهي.
ذهن جيڪو نه چاهڻ جي باوجود، ڪنهن کي وسارڻ نه ڏيندو آهي!! ۽ جڏهن وساري نه سگهبو آهي ته پوءِ؟ (جن کان سواءِ ڪڏهن هڪ پل به نه جي سگهبو هو، اهي يادن جي ڌنڌ ۾ ٿي ويا غروب! ۽ رهيون نه ياد شڪليون سندن.)
پر ڇا سچ پچ ائين آهي؟ ڇا ياد جو انت اچي ٿو وڃي؟ زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي ياد جو انت اچي وڃي ٿو... پر خيال مري نٿو. ماڻهوءَ جي زندگي آهي دونهاٽيل، خيالن، خوابن ۽ يادن جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل. ڌنڌ گهرو آهي، گهڻو گهرو، نظر ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ۽ هو چاهيندي به ان ڌنڌ کي هٿن سان هٽائڻ جي ڪوشش نٿو ڪري، (ڇاڪاڻ ته سپنا سمورا، رڃ جيان هوندا آهن.)
***
”هاڻ وري نه ملنداسين ڪڏهن!“ هن جو آخري ايس. ايم. ايس.
...
وري جيئندن جا ميلا!
دُک نه سهڻ جي سگهه.
ڪونهي سپنا ڏسڻ جي ڪلپنا.
وقت گذري ويو.
اُداسي نه گهٽ ٿي.
اداسي گهٽائڻ لاءِ ڪهڙو رستو وٺجي؟
(کيس ياد آيو) هو پڇاڙيءَ ۾ کانئس موڪلائي به نه سگهيو! فقط هن جو ايس. ايم. ايس پهتو:
”هاڻ نه وري ملنداسين ڪڏهن!“
۽ پوءِ هُن جي فرينڊ ٽينا جو فون: زويا جو وهانءُ ٿي رهيو آهي.
***
۽ هن ڪڏهن ڪلپنا ڪئي هئي:
(تن تنين سين پيءُ، اوڏا اڏي پکڙا!) ”پر پوءِ هوءَ هلي وئي اپار...
***
هو اُٿي وڃي گيلريءَ ۾ بيٺو.
سرءُ جي سنجها ڪڏهوڪو اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويئي هئي. هو سامهون اونداهيءَ ۾ بيٺل نمن جي وڻن کي ڏسڻ لڳو. کيس الائي ڇو ان مهل هُن جي ڏاڍي ياد اچي رهي هئي. هن جي دل گهريو، هُو زويا جو نالو پڪاري. اهو خيال ايندي، آهستي هلندڙ هوا ۾  سندس نالو پڪاري ٿو. پهريون چپن ۾، ته ڪوئي ٻڌي نه وٺي، ۽ پوءِ زور سان هن جو نالو ٿو وٺي: زويا... زويا... سرءُ جي ختم ٿيندڙ سنجها جي انڌيري ۾ اهو نالو ڄڻ پڙاڏو ٿي، هوائن ۾ ٿو کوئجي وڃي. ان مهل کيس اهو نالو، لڳي ٿو ڏاڍو عجيب.
”ڇا هو کيس وساري چڪي آهي؟“ سوال ڪري ٿو پنهنجو پاڻ کان، پر کيس به ته گهڻو ڪجهه وسري ويو هو. پر هُن وساريو ڇا هو؟ ساڻس ٿيل پهرين ملاقات کان وٺي وڇوڙي تائين، جو هر پل هو کيس ياد. يادگيرين جي ڌاڳي ۾ پوتل... ۽ هو ڪجهه به نه وساري سگهيو هو. ڇاڪاڻ ته دل آهي اسرارن جي هڪ دنيا، جنهن ۾ پويل ساروڻيون، ذهن جي اسڪرين تي ٿيون هر مهل روائينڊ ٿينديون رهن. ( ۽ ڪوئي وقت اهڙو به اچي ٿو وڃي، جو سونهن جو ساءُ به ٿو نڪري وڃي، ماڻهوءَ جي زندگيءَ مان...)
(وشال آڪاس، سرءُ جو چنڊ، تيز هوائن جا گهوگهٽ... اونداهه ۾ بيٺل وڻ، وڻن مان نظر ايندڙ تارا. هو بيٺل آهي اڪيلو وڻن جي هيٺان تارن جي ڇانوَ ۾. ۽ هاڻ کيس چانڊوڪيءَ ۾ نه پر اونداهيءَ ۾ نظر ايندو آهي فقط سندس اڪيلو پاڇو!)
***
تيز هوا جو هڪ جهوٽو لڳو ته گيلريءَ جو در زور سان بند ٿي ويو. هن ڏٺو سامهون... سج، ڪياماڙيءَ وٽ ٽٻي هڻي سمنڊ ۾ ٻڏي ويو هو. سنجها ڪنهن وڏي پکيءَ وانگر، پنهنجا پَر پکيڙي اونداهيءَ جو راڄ پکيڙي ڇڏيو هو. سندس کاٻي پاسي کان شاهي قاسم پارڪ مٿان، سرءُ جي مند جو زرد، پندرهين تاريخ جو اداس ۽ تنها چنڊ، ڪڏهوڪو کڙيل هو. ان مهل ڪنهن اندران گيلريءَ جو بلب ٻاري ڇڏيو. سندس آڏو پکڙيل اونداهي، روشنيءَ ۾ بدلجي ويئي. (پر نه بدليو، سندس من جو گهور انڌيرو!)
هُن سامهون نهار وڌي، سمنڊ جون لهرون جهڙوڪر ماٺيون ٿي ويون هيون. ڪيترا اڇا پکي اڏامي اولهه ڏي وڃي رهيا هئا. ختم ٿيندڙ شام جي ماٺ جو هو چئني پاسي راڄ، فقط افق تي سندس کاٻي پاسي کان چنڊ کيس تڪي رهيو هو. زرد، ڊپريس ڪندڙ چنڊ جي نهار هن جي من جي اداسيءَ کي ويتر ويڳاڻو ڪري ڇڏيو... ۽ پوءِ ٻَرڻ ٿي ويا هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ هڪ ڪري، انيڪ يادگيرين جا شمعدان! سمرتين جون هڪ هڪ ڪري ٿي وينديون شمعون روشن!... (سار ايندي ئي گذريل وقت جي من تي هڪ ڦڪي خوشيءَ جو احساس وڃي ٿو ڇانئجي!) سچ پچ ته هوءَ کيس ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آئي هئي. (ڪا به عورت پنهنجي جاءِ تي هڪ سائيڪالاجي آهي) پيار جي پنڌ ۾ هو اڌ پنڌ ۾ رهجي ويو اڪيلو... ۽ دور دور تائين ڪابه منزل نه هئي.
... ...
... ...
هاڻ اها ڳالهه کيس سمجهه ۾ اچي ويئي هئي: ”عشق چؤماسي برسات وانگر آهي هوندو... ڪڏهن جهُڙ ٿي وسندو آهي ۽ ڪڏهن ورهين جا ورهيه مند ۽ بنا مند جي نه وسندو!!“
هن سوچيو،”ڪڏهن پنڌ کٽندا...۽ مند نه وسندا مينهن!“
... ...
... ...
Thoughts come to us from every side.
ڏک اڏوهيءَ جيان هوندا آهن. وڇوڙي جو ڏک به ماڻهوءَ کي اڏوهيءَ جيان کائيندو رهندو آهي.
***
اوچتو، پريان سمنڊ ۾ ڪنهن جهاز وسل هنئي. وسل جي آواز تي هُو سمنڊ ڏانهن نهارڻ لڳو. ڪوئي جهاز، آهستي آهستي، بندرگاهه ڏي وڃي رهيو هو. پريان سمنڊ مٿان ڇڊا ڇڊا ڪڪر ڇانيل هئا. انهن جي هيٺان، نيڻ نهار تائين، چانڊوڪيءَ ۾ سمنڊ جون ڇوليون ڏاڍي تيزيءَ سان ڪناري ڏانهن پئي آيون. ڪناري وٽ بيٺل اوچا وڻ ڪنهن ڀيانڪ آتمائن جي پاڇن جيان پئي لڳا. سامهون سمنڊ ۾ بيٺل جهازن جون بتيون، وساڻل آتمائن وانگر ٽم ٽم ڪيو پئي ٻريون. ٻاهر چؤماسي کان ماٺ جو هو راڄ. جهاز هڪ ڀيرو وري وسل هنئي ته ان جي آواز ۾ ڏاڍو کيس درد محسوس ٿيو. هو اڳتي وڌي گيلريءَ جي ديوار تي جهُڪي، پنهنجي ٿڪل نيڻن سان سامهون سمنڊ کي ڏسڻ لڳو، جيڪو چانڊوڪيءَ رات ۾ پنهنجا رنگ ڏيکاري رهيو هو.