Sunday, June 15, 2014

سروي حفيظ ڪنڀر

سروي
حفيظ ڪنڀر
هو پنهنجي شعبي جي ڪنهن Assignment جي لاءِ سروي ڪري رهيو هو ۽ ڪيترين ئي ڇوڪرين سان رات جو گڏ سمهي چڪو هو. ڪچهريون ڪري، نخرا ڪري، ناز ڏسي، طعنا سهي چڪو هو.
هڪڙي ڇوڪري پنهنجي پرس مان چيمپيئنزي جو شرارتي پوز ڪڍي ڏيکاريندي کيس ڀولڙي ڇاپ چيو هو ۽ هن جي چماٽ ڇوڪري جي ڳل تي ٺڪاءُ ٿي وئي هئي پر ڪلاڪ کان پو هو ڇوڪريءَ جي پيرن ۾ هو ۽ سڄي رات کانئس معافي به وٺندو رهيو. صبح جو وڃڻ وقت هن ڇوڪريءَ کي ٻه سئو رپيا ٿي ڏنا، جيڪي هن واري منهن تي هنيا.

آئوٽ آف فيشن ٿي ويل ’قدر‘ - منصور

آئوٽ آف فيشن ٿي ويل ’قدر‘
ڪھاڻي
منصور
اِئين قطع ڪو نه هو ته ڪو هُن مٿان درسي ڪتابن ۾ ايمانداريءَ متعلق ڏنل سبقن جو اثر هو، نه ئي ڪنهن پير فقير ايماندار ٿيڻ جو مٿس ڦيڻو رکيو هو. پر زندگيءَ جي مشاهدي، هن جي اندر ۾ صحيح ۽ غلط جي اهڙي دري کولي ڇڏي هُئي جو لوڪ لهوارو، اسين اوڀارا جيئن، هُن حالتن جي اُبتڙ هلڻ شروع ڪيو هو. اُنهيءَ ۾ کيس ڪيتريون تڪليفون پهچن ٿيون، ڪيترا اهنج رسن ٿا، تنهن جي پرواهه ڪرڻ سواءِ، هُو پنهنجي فيصلي تي اٽل هجي ٿو. پر ڪالهه جڏهن اُڀ ساهيءَ سان گهر رسيو ته آڏي پُڇا مان گذرڻو پيس؛ ”وري ڪنهن کان مار کايو پيو اچين! تو کي ڪيترا ڀيرا سمجهايو آهي ته شينهن جي وات ۾ هٿ نه وجهندو ڪَرِ! هيءُ زمانو هاڻ شينهن ٿي ويو آهي. جنهن ۾ ڪو به سڌو ماڻهو سڌيءَ ريت جيئي نٿو سگهي. پر تون آهين جو اُصولن جو بُخار لهڻ ئي نٿو ڏين؟“ سندس وني ڪروڌ سان گڏ، پاڻيءَ جو گلاس ڀري، ڏانهس وڌايو.

Saturday, June 14, 2014

وڏو ماڻهو - دليپ رتناڻي

وڏو ماڻهو
دليپ رتناڻي
اڄ صبح جو مون واري پراڻي سنگتي ماڪوڙي مفاهمتيءَ جي فون آئي. مون فون کنئي ته آواز سُڃاتم. چيائين ته؛ ”يار! وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين، فون ئي نٿو ڪرين.“
مون کيس چيو ته؛ ”ڇا وڏو ماڻهو اهو آهي، جيڪو فون نه ڪري يا فون دير سان ڪري؟“
چيائين ته؛ ”وڏو ماڻهو اهو آهي جيڪو لفٽ نه ڪرائي ۽ فون اٽينڊ نه ڪري. جنهن سان ملڻ لاءِ سفارشي هٿ ڪجن ۽ پوءِ به ملاقات لاءِ راضي نه ٿئي ۽ ٻئي کي گهٽ سمجهي.“
مون ماڪوڙي مفاهمتيءَ جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ته؛ ”اهي نشانيون ته ٽه پتائي قسم جي ماڻهوءَ جون آهن.“