Showing posts with label آئوٽ آف فيشن ٿي ويل ’قدر‘، ڪھاڻي، منصور،. Show all posts
Showing posts with label آئوٽ آف فيشن ٿي ويل ’قدر‘، ڪھاڻي، منصور،. Show all posts

Sunday, June 15, 2014

آئوٽ آف فيشن ٿي ويل ’قدر‘ - منصور

آئوٽ آف فيشن ٿي ويل ’قدر‘
ڪھاڻي
منصور
اِئين قطع ڪو نه هو ته ڪو هُن مٿان درسي ڪتابن ۾ ايمانداريءَ متعلق ڏنل سبقن جو اثر هو، نه ئي ڪنهن پير فقير ايماندار ٿيڻ جو مٿس ڦيڻو رکيو هو. پر زندگيءَ جي مشاهدي، هن جي اندر ۾ صحيح ۽ غلط جي اهڙي دري کولي ڇڏي هُئي جو لوڪ لهوارو، اسين اوڀارا جيئن، هُن حالتن جي اُبتڙ هلڻ شروع ڪيو هو. اُنهيءَ ۾ کيس ڪيتريون تڪليفون پهچن ٿيون، ڪيترا اهنج رسن ٿا، تنهن جي پرواهه ڪرڻ سواءِ، هُو پنهنجي فيصلي تي اٽل هجي ٿو. پر ڪالهه جڏهن اُڀ ساهيءَ سان گهر رسيو ته آڏي پُڇا مان گذرڻو پيس؛ ”وري ڪنهن کان مار کايو پيو اچين! تو کي ڪيترا ڀيرا سمجهايو آهي ته شينهن جي وات ۾ هٿ نه وجهندو ڪَرِ! هيءُ زمانو هاڻ شينهن ٿي ويو آهي. جنهن ۾ ڪو به سڌو ماڻهو سڌيءَ ريت جيئي نٿو سگهي. پر تون آهين جو اُصولن جو بُخار لهڻ ئي نٿو ڏين؟“ سندس وني ڪروڌ سان گڏ، پاڻيءَ جو گلاس ڀري، ڏانهس وڌايو.