Sunday, June 15, 2014

آئوٽ آف فيشن ٿي ويل ’قدر‘ - منصور

آئوٽ آف فيشن ٿي ويل ’قدر‘
ڪھاڻي
منصور
اِئين قطع ڪو نه هو ته ڪو هُن مٿان درسي ڪتابن ۾ ايمانداريءَ متعلق ڏنل سبقن جو اثر هو، نه ئي ڪنهن پير فقير ايماندار ٿيڻ جو مٿس ڦيڻو رکيو هو. پر زندگيءَ جي مشاهدي، هن جي اندر ۾ صحيح ۽ غلط جي اهڙي دري کولي ڇڏي هُئي جو لوڪ لهوارو، اسين اوڀارا جيئن، هُن حالتن جي اُبتڙ هلڻ شروع ڪيو هو. اُنهيءَ ۾ کيس ڪيتريون تڪليفون پهچن ٿيون، ڪيترا اهنج رسن ٿا، تنهن جي پرواهه ڪرڻ سواءِ، هُو پنهنجي فيصلي تي اٽل هجي ٿو. پر ڪالهه جڏهن اُڀ ساهيءَ سان گهر رسيو ته آڏي پُڇا مان گذرڻو پيس؛ ”وري ڪنهن کان مار کايو پيو اچين! تو کي ڪيترا ڀيرا سمجهايو آهي ته شينهن جي وات ۾ هٿ نه وجهندو ڪَرِ! هيءُ زمانو هاڻ شينهن ٿي ويو آهي. جنهن ۾ ڪو به سڌو ماڻهو سڌيءَ ريت جيئي نٿو سگهي. پر تون آهين جو اُصولن جو بُخار لهڻ ئي نٿو ڏين؟“ سندس وني ڪروڌ سان گڏ، پاڻيءَ جو گلاس ڀري، ڏانهس وڌايو.


هُن ڪجهه ڍُڪ ڀريا ۽ وضاحت جي بندي کولي ويٺو؛ ”قانون جي پاسداري ڪرڻ سڀني جو فرض آهي. اِهو ئي فرض ته مون انجام پئي ڏنو.“
ڪن ورهين کان سندس وني اِهي وضاحتون ٻڌندي اچي پئي، سا هاڻ ٻڌڻ بجاءِ آسمان ڏانهن هٿ کڻي بند چپن سان دُعا گهرندي، هُن ڏانهن اشارو ڪندي آهي. جنهن جو مقصد شايد اِهو ئي هوندو ته؛ اي ڌڻي تون ئي هن شخص کي ڪو عقل ڏي ته هُو حالتن جي پرک ڪري سگهي.
اصل ۾ ٿيو هيئن هو جو سگنل جي اصول مطابق، ڳاڙهي بتي ڏسي پنهنجي موٽر سائيڪل سوڌو بيهي رهيو هو ۽ پنهنجي پاسي کان هُو اڪيلو ئي بيٺو رهيو. ٻين ڳاڙهيءَ بتي ڏانهن نهارڻ به گوارا نه ڪيو. پر هُن ٻين جي پرواهه نه ڪئي ۽ تيستائين بيٺو رهيو، جيستائين ڳاڙهيءَ مان سائي بتيءَ جو وارو نه آيو. سائي بتي ٻرندي جيئن ئي اڳيان چُريو ته مخالف پاسن کان گاڏين جي ٽائرن جا چرڙاٽ شروع ٿي ويا. سو هُو هر ڪنهن کي بتيءَ ڏانهن اشارو ڪندي کين احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر اڃا ٿورو ئي اڳيان وڌيو هوندو ته پُٺيان تيزيءَ سان هڪ گاڏيءَ ايندي سندس رستو روڪي بيهي رهي ۽ اُن مان هڪ ٿُلهي پيٽ وارو ڪاٽن جي ڪلفي ڪپڙن سان لٿو ۽ مٿس مُڪون وهائڻ شروع ڪيون ته ’تون ايترو نواب آهين جو مون کي ڀونڊا پيو ڏين...“ خير ٻين جي وچ ۾ پوڻ تي جند آجي ٿيس ۽ اُڀ ساهيءَ سان اچي گهر رسيو.
اِهو ڪو هڪڙو واقعو نه پر اهڙا سوين واقعا سندس زندگيءَ جي ڪتاب ۾ محفوظ هوندا. هُن جڏهن به قانون تي عمل ڪرڻ چاهيو، قانون سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. محلي جي گهٽي ۾ واحد گهر آهي سندس، جنهن ۾ ميٽر لڳل آهي، پر ڏيڍ سال کان ڏانهنس واڌو بل اچي ٿو، جنهن جي درستگيءَ لاءِ آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ڇتو ٿي پيو آهي، سڀئي دوست ساٿي صلاحون پيا ڏينس ته ٻيلي ڪجهه ڏوڪڙ ڏئي جند ڇڏاءِ، پر هيءُ آهي جو اصولن جي ٻيڙي تي سوار ٿي انصاف جي جنگ پيو وڙهي. اِها ساڳي جنگ پنهنجي پُٽ جي نوڪريءَ لاءِ پڻ وڙهي رهيو آهي، هيستائين سندس پُٽ ڳاڻيٽي کان وڌيڪ انٽرويو ڏنا آهن. ذهين ۽ قابل هجڻ باوجود کيس نوڪري نه ٿي ملي جو هُن مٿان ڪنهن وڏيري، سردار يا جاگيردار جو هٿ نه آهي ۽ نه ئي سندس پيءُ نوڪريءَ لاءِ مقرر رقم ڏيڻ تي راضي ٿئي ٿو.
اهڙي پرڪارين ٻيا ماڻهو ته سندس مُنهن نه پون نه وري ڪجهه چون، پر سندس وني ۽ هُن جو جهيڙو جاري رهي ٿو. هوءَ کيس سمجهائيندي آهي ته ”تون جوان ٻارن جو پيءُ آهين، توکي حالتن جي نزاڪت کي سمجهڻ گهرجي. هن وقت حالتون تبديل ٿي چُڪيون آهن، پئسي ۽ رشوت سواءِ نوڪري ممڪن ناهي، نه توکي ڪو سياستدان سڃاڻي، نه وري ڪنهن جاگيردار سان تنهنجي سڃاڻ، تنهن ڪري ڇڏ انهن پراڻن فرسوده قدرن کي، هن ديس ۾ اهوئي عزت وارو ليکيو وڃي ٿو، جنهن وٽ دولت آهي، پوءِ ڀلي اها دولت ماڻهن جو رت سُڪائي حاصل ڪئي هُجئين يا ڪن لاچار ۽ بيوس عورتن جي نيلاميءَ مان.
هُو پاڻ به ان ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو، کيس خبر آهي ته مُلڪ جي اڪثريت ڪرپٽ ٿي چُڪي آهي، هر ماڻهو پنهنجي وت ۽ وس آهر برائيءَ کي پنهنجو حق سمجهي ٿو. ريڙهي واري کان وٺي پٽيوالي تائين، ماستر کان وٺي تپيدار تائين. ڪاموري کان سياستدان، جج ۽ ’جُنگ‘ جوان، مطلب ته شايد ئي ڪي ماڻهو هجن جيڪي اصولن جي پاسداري ڪندا هُجن، جن وٽ قدر ۽ آدرش هجن پر پوءِ به هر ممڪن ڪوشش ڪندي هُو اصولن واري جنگ وڙهندو رهي ٿو.
ڪي ٿورا ئي ڏينهن ٿيندا جو هڪ فروٽ واري سان مُنهن ماري ٿي پيس، پنهنجي ننڍڙي جي فرمائش تي فروٽ واري کان صوف چُڪايائين. اگهه ٻُڌي هيڪر ته چڪرائجي ويو، پر دل تي پٿر رکي سير صوفن جو تورڻ لاءِ چيائين... فروٽ واري ڪمال ڪاريگريءَ سان صوفن کي ٻن آڱرين ۾ جهلي صوف جو چڱو پاسو کيس ڏيکاريندي ڪاري ٿيلهي ۾ وجهندو ٿي ويو ۽ سير صوفن جو توري ڏانهس ٿيلهي وڌايائين ته هن پنهنجي اندر جي هورا کورا کي ماٺو ڪرڻ لاءِ صوفن کي ٻيهر جاچي ڏٺو ته چار صوف ڦٿل ۽ داغي نڪتا. ٿيلهي ريڙهي واري ڏانهن وڌائيندي بس ايترو ئي چيائين ته ڀائو تنهنجو ايمان ڏسي ڇڏيو، تنهن ڪري توکان صوف ڪونه وٺبا. سندس اهڙي عمل سبب ٻه ٻيا گراهڪ به اُتان کسڪڻ لڳا ته ريڙهي واري کي ڪاوڙ اچي وئي، چيائين پوڙها، کڙوس تون ڇا ٿو  سمجهين ته هي صوف مان پنهنجي گهران کڻي آيو آهيان، مون کي به اهڙا ئي مليا آهن، جيڪي به خريد ۾، جيڪڏهن مان گراهڪن کي نه ڏيندس ته نقصان تنهنجا وڏا ڀريندا.

هن مٿان به ايمان جو دورو پئجي ويو، چيائين ڀائو جيڪڏهن اِها ڳالهه تون مون سان پهرين ڪرين ها ۽ ٺڳيءَ سان چار صوف هن ٿيلهيءَ ۾ نه وجهي ڏين ها ته شايد آئون توکان وٺان به ها،  پر تون جنهن ڪمال ڪاريگريءَ سان صوفن جا داغ لڪائي ماڻهن کي چريو پيو ٺاهين اِهو عمل دوخي جي ذمري ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن مُلڪ ۾ قانون هجي ها ته هوند توکي ائين ڪرڻ جي جرئت به نه ٿئي ها. تنهنڪري تون پنهنجا صوف پاڻ وٽ رک، مان پنهنجا پئسا پاڻ وٽ ٿو رکان. اِئين ئي هو هر هنڌ جهيڙيندو ٿو وتي، ناانصافي، بي ايمانيءَ خلاف سندس جنگ هلندي رهي ٿي، پر ڪير ڄاڻي ته انهيءَ جنگ لاءِ سندس ذهن سدائين سالم رهندو. ڇو جو هتي اُهي ئي زندهه رهي سگهن ٿا، جيڪي گيدي، چور، لٽيرا ۽ ڦورو هجن، جن کي پئسو کپي، هر صورت ۾- ۽ انهيءَ لوڀ هن خطي جو سُڪون ۽ امن برباد ڪري رکيو آهي. ماڻهو اجتماعيت مان نڪري انفراديت جي پڃرن ۾ ڦاسجي ويا آهن. هڪ طرف مظلوم آهن، سندن پيڙائون آهن ته ٻئي طرف حاڪم طبقو آهي جيڪو اڪثريت کي هر صورت ۾ محڪوم رکڻ چاهي ٿو. اهڙي سماج ۾ هُن جهڙن ماڻهن جي جاءِ اڳي پوءِ مينٽل هاسپيٽل ئي وڃي رهندي جو هتي قدر ۽ آدرش آئوٽ آف فيشن بڻجي ويا آهن، انهن تي جيڪو به عمل ڪندو زمانو انهن مٿان چٿرون ڪري اُن کي چريو ڪري ڇڏيندو.

No comments:

Post a Comment