Wednesday, January 31, 2024

ھڪڙي ڪلارڪ جو موت - انتون چيخوف - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھڪڙي ڪلارڪ جو موت

(روسي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: انتون چيخوف

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھڪڙي سندر شام جو، ھڪڙو سھڻو ڪلارڪ ايوان ديمترچ چيروياڪوف، ٿئيٽر اندر، اڳين سيٽن جي ٻيءَ قطار منجھ ويھي، دوربين جي مدد سان اوپيرا ’ڪارناويل جا گهڙيال‘ کان محظوظ ٿي رھيو ھيو. سندس اکيون اسٽيج ۾ کُتل ھيون ۽ ھو پاڻ کي دنيا جو وڏو خوش نصيب انسان سمجھي رھيو ھيو. ايتري ۾ اوچتو... ھيءُ ’ايتري ۾ اوچتو‘ واقعي گٺل پيٺل فقرو آھي، ليڪن جڏھن زندگيءَ ۾ ئي ايڏن غير متوقع ڳالھين جي ججھائي آھي ته ويچارا اديب، اھو استعمال نه ڪن ته ٻيو ڇا ڪن؟ خير! ايتري ۾ اوچتو سندس چھري ۾ سَرَ پئجي ويا، اکيون آسمان ڏانھن کڄي ويس، ساھ مونجھو ٿيڻ لڳس. ھن ٻوٿ کي دوربين کان ھٽايو، پنھنجي سيٽ تي صفا ٻيڻو ٽيڻو ٿي ويو ۽... آخ ڇو!!! مطلب ته کيس ڇڪ اچي وئي. ڇڪ اچڻ ۾ ڇا ھي؟ جنھن جي جڏھن دل گهري، بي ڌڙڪ ڇڪ ڏئي سگهي ٿو. ڀلا ڪير آ، جيڪو ڇڪ نه ڏيندو ھجي. ھاري، پوليس جا آفيسر حتانڪ شاھي مشاورتي ڪائونسل جي ميمبرن تائين، ڇڪون ڏيندا رھندا آھن. کيس ڪنھن به قسم جي ڪا شرمساري محسوس نه ٿي. ھن کيسي مان رومال ڪڍي، پنھنجو نڪ اگهيو ۽ تھذيب يافته ماڻھوءَ وانگر ھيڏي ھوڏي نظر ڦيريائين ته سندس ڇڪ سان ڪنھن کي ڪا تڪليف ته نه پھتي آھي. ۽ تڏھن کيس شرمساري محسوس ٿي، جڏھن ھن ڏٺو ته پھرين قطار ۾ ٺيڪ سندس اڳيان ويٺل ھڪڙو بندري قد جو ڪراڙو، پنھنجي ٺوڙھي ٽڪڻ ۽ ڪنڌ کي احتياط منجهان دستانن سان اگهي رھيو آھي ۽ چپن ئي چپن ۾ ڀڻ ڀڻ به ڪري رھيو آھي. چيروياڪوف، ان ڪراڙي کي سڃاڻي ورتو. اھو ته مواصلات جي وزارت وارو سول جنرل بزيزيالوف ھيو. سول جنرل- غير فوجي وڏو آفيسر، جنھن جو عھدو، جنرل جي برابر ھوندو آھي.

Tuesday, January 30, 2024

ڊسٽوپيا کان يوٽوپيا ڏانهن سفر - منظور ڪوھيار

ڊسٽوپيا کان يوٽوپيا ڏانهن سفر

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



ڪکو خان جي هٿن ۾ ڪتاب:

 Utopia/Dystopia -conditions of historical possibility

ڏٺم ته ڪتاب بابت پڇيومانس۔

ٻڌايائين ته: ”هن ڪتاب ۾ يوٽوپيا ۽ ڊسٽوپيا جي حوالي سان دنيا جي مختلف دانشورن جا مضمون ترتيب ڏنل آھن۔ جيڪي پڙھي پورا ڪيا اٿم۔“

Monday, January 29, 2024

تنهن عشق کي شاباس - حسين ڪپري

تنهن عشق کي شاباس

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



”توکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟“ مس پرهه سنجيدگيءَ سان چيو.

هوءَ آفيس ۾ ڪم ڪندي هئي، ڪتاب جام پڙهندي هئي ۽ اڪائونٽس آفيسر غفور صاحب هن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

هوءَ سڀني سان ائين ڪونه ڳالهائيندي هئي پر هن سان وڌيڪ فري هئي. کيس سادو ماڻهو سمجهندي هئي، جيڪو وات ۾ ايندو هوس، چئي ڏيندي هئي. انهيءَ جي باوجود به هوءَ پنهنجي روين ۾ هڪ فاصلو رکندي هئي.

Sunday, January 28, 2024

رسو وڪڻڻ - حسين ڪپري

رسو وڪڻڻ

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



دڪاندار اٽو، گيهه ۽ ٻيو سامان توري دنگ ڪيو ته ڪرمشي چيو؛ ”پنج فٽ رسو ڏي.“

ڪرمشي مزور ماڻهو هو ۽ پاسي واري ڳوٺ ۾ رهندو هو. اڪثر ڪري سيڌو سامان وٺڻ دڪان تي ايندو هو. چئن ڳوٺن جي وچ تي هي وڏو دڪان هو جتي هر شئي ملي ويندي هئي ۽ جيڪڏهن پيسو ناهي ته اڌار تي به ملي ويندي هئي. پر سندس عادت هئي ته اڌار ڪو نه وٺندو هو، ڇو ته گلا کان لهرائيندو هو. انهيءَ ڪري هر شئي خريد ڪرڻ مهل ڪفايت ڪندو هو.

Monday, January 22, 2024

آگ الا ٿي ڀڙڪون - حسين ڪپري

آگ الا ٿي ڀڙڪون

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



ميڊم زينب سان منهنجي ملاقات يونيورسٽيءَ ۾ ٿي. ڪلاسن جي موڪل ٿي وئي هئي. ٽپهريءَ جو ٽاڻو هو، گهڻا ماڻهو هليا ويا هئا پر هوءَ اڃا پنهنجي آفيس ۾ ڪم ڪري رهي هئي. آئون ”سورمين سٿ“ ميگزين لاءِ سندس انٽرويو وٺڻ آيو هئس. ڏسڻ ۾ هوءَ هڪ ملوڪ، سنجيدهه ۽ باوقار خاتون لڳي رهي هئي.

تعارف کان پوءِ مون چيو؛ ”اسان هر مهيني ڪنهن اهڙي نمايان شخصيت جو پروفائيل هلائيندا آهيون جنهن پنهنجي شعبي ۾ صلاحيتن کي مڃرايو هجي.“

Saturday, January 20, 2024

عاشق زهر پياڪ - حسين ڪپري

عاشق زهر پياڪ!

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



”آخري دفعا چوان ٿو، هلين ٿي فليٽ تي يا کايان هي زهر؟“ هن ڍڪ کولي، شيشي کي پنهنجي هٿ جي تريءَ تي ابتو ڪندي چيو.

ٻٻر جي چيچڪن جهڙيون ناسي گوريون ايتريون سهڻيون پئي نظر آيون جو خطرناڪ نٿي لڳيون. برابر شيشيءَ تي لکيل هو ”پوائزن“، پر اهو نالو ته امبر سينٽ، عطر ۽ ٻين شيشين تي به لکيل ڏٺو هو. هن سندس ڳالهه کي اهميت ڪو نه ڏني ۽ سوچيو، شايد اهو ڪو پان مصالحو يا ٽيسٽي قسم جون سوپاريون آهن ۽ هي هروڀرو پيو فلمي ڊائلاگ هڻي.

گھگھو ۽ چور - منظور ڪوھيار

گھگھو ۽ چور

(ننڍڙي ڪهاڻي)

منظور ڪوھيار



عمر کائي چڙهيو آهيان. پر عادتون اڃان ٻارن واريون آهن. شام جو ملير (ڪراچي) جي بادل نالي جي وٽ وٺيون پسار پئي ڪيم، ته گھگھوءَ جي گھرڙي تي نظر پئجي وئي. اڳٺ جي ڦندڻ مان ڌاڳو ڪڍي؛ گھگھوءَ جي گھرڙي ۾ ڌاڳي جي هڪ سري کي لاهيندي ڦيرائيندي، لانڍسان سان چوڻ شروع ڪيم:

”گھگھو ڙي گھگھو، تنهنجي گھر ۾ چور گھريا ٿي!“

Friday, January 19, 2024

هِيناپا - جميل احمد پال - ننگر چنا

هِيناپا

پنجابي ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: جميل احمد پال

ترجمو: ننگر چنا



“ڪَي ڪوئسَي آمار ليکا شُندور؟” (ڪنھن چيو آهي تہ منھنجي لِکائي سھڻي آهي؟)

هِيناپا وڏي وڻندڙ لھجي ۾ پڇيو.

اڳيان ڪھڙي وَرندي مِلڻي هيس، يادِ ناهي. مون کي رڳو حِنا آپا جو لھجو ۽ صورتَ ياد آهي.

حنا آپا جي گهر ڊانس محفل ٿيڻي هئي، اِنَ ڪري هُوءَ هَٿَ سان دعوت ناما لکي ڪَن سَکِيُنِ ڏي موڪلي رهي هئي. اُتي ئي ڪنھن سَکيءَ جي ڀاءُ لِکائي ڏِسي سندس ساراھَ ڪئي هئي.

قَدرُ ۽ احساس وقت تي ڪيو - انتون چيخوف - ڊاڪٽر وجيه ڪمار نھال

قَدرُ ۽ احساس وقت تي ڪيو

(روسي ادب مان ننڍڙي ڪھاڻي)

ليکڪ: انتون چيخوف

سنڌيڪار: ڊاڪٽر وجيه ڪمار نھال



هڪ پوڙهو هاري، پنهنجيءَ بيمار زال کي ھڪ گهوڙي گاڏيءَ ۾ جنھن کي ھڪ نِٻَل گھوڙو ڇڪي رھيو ھو، اُن جي پوئين سيٽ تي سُمھاريو ۽ هو پاڻ به اڳئين سيٽ تي چڙھيو ۽ پوءِ کيس علاج لاءِ هڪ ڏورانهين شهر وٺي پئي ويو.

Thursday, January 18, 2024

اڻ سڌرِيل ڀاءُ - منظور ڪوھيار

اڻ سڌرِيل ڀاءُ

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



ڪکو خان اينڊرائڊ سيٽ جي اسڪرين ۾ جھوت وجھيون ويٺو هيو۔ پهريان زور زور سان کلندو رهيو، ۽ پوءِ روئڻ لڳو.

پڇيومانس؛ ”ڇا مسئلو آهي جو پهريان چرين وانگر کلئين پئي، ۽ هاڻي روئين پيو؟“

گوگي پير جو نئون قصو - حسين ڪپري

گوگي پير جو نئون قصو

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



موهن جي ڦٽل دڙي کان ڳپل پنڌ اڳتي جتي هڪ وسيع علائقو سم، ڪلر ۽ فصلن جي هيٺ اچي ويو آهي، اتي ڪنهن زماني ۾ وڏو شاهي ٻيلو هوندو هو جنهن جو هڪ ڪنارو ته سنڌوءَ سان ملندو هو پر ٻئي پاسي جو ڪو به ڇيهه نه هو. وڏا خوني ۽ رهزن ڌاڙيل جن تي حڪومت طرفان انعام رکيل هو سي اتي وڃي لڪندا هئا. مگر اهي به ان جي ٻاهرئين ڪناري جي ويجهڙائي تائين محدود رهندا هئا ڇو ته جيئن جيئن ان ۾ اندر گهڙبو هو ته اڳيان وڻ ايترا گهاٽا ۽ ڊگها ٿيندا ويندا هئا جو ٿوري فاصلي کان اڳتي ڪجهه به نه نظر ايندو هو. ساون ولين، پنن ۽ گاهه سان ڍڪيل غير هموار زمين تي لڌڙا، ٻگلا، مرون ۽ ٻيا شرميلا جانور پيا هلندا هئا.

Monday, January 15, 2024

نڀاڳا گهوڙا غيباڻا سوار - حسين ڪپري

نڀاڳا گهوڙا غيباڻا سوار

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



هيءَ هڪ ڏورانهين آفريقي ملڪ جي ڪهاڻي آهي. مملڪت خداد کي ته خدا پئي هلايو باقي حڪومت جو حال پورو سارو هو. سڀ ڊپارٽمينٽ جيئن هليا پئي تيئن هليا پئي، هتي صرف جهان خان واري کاتي جي ڳالهه ڪنداسين، جتي لکين ڪيس رليا پيا هئا، ڪنهن کي به انهن جي ڳڻتي ڪو نه هئي. اڪثر فريادي هلي هلي جتيون گسائي مري کپي وقت جو رزق ٿي ويا هئا، جيڪي بچيا هئا تن مان به گهڻن جو انجام ساڳيو ٿيڻو هو. انهن سڀني جو ذڪر ڪري نٿو سگهجي، تنهنڪري صرف ”نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار“ واري انهيءَ هڪڙي ڪيس تي نظر وجهنداسين جنهن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ ٻائيتال متل هو.

Sunday, January 14, 2024

ڪيئن ڀنڀوليو ڪرهو - حسين ڪپري

ڪيئن ڀنڀوليو ڪرهو!

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



عليءَ جي نجما سان واقفيت، ڪتابن جي دڪان تي ٿي. هيءُ هڪ نظرياتي پارٽي جو ڪارڪن هو ۽ پمفليٽ لکڻ لاءِ مارڪر، ڪاغذ کونئر وٺڻ آيو هو. هوءَ ڪتاب خريد ڪرڻ آئي هئي ۽ هيستائين ڦلهوري سلهوري ايترا ٿلها سنها ڪتاب وٺي چڪي هئي جو هاڻي انهن کي کڻڻ مسئلو ٿي پيو هو.

”شاباس آهي انهن ماڻهن کي جيڪي هن دور ۾ به ڪتابن تي پيسا خرچ ڪن ٿا.“ هن حوصله افزائي واري انداز ۾ چيو.

Saturday, January 13, 2024

تانگهه نه تاڙي تانگها تڙ - حسين ڪپري

تانگهه نه تاڙي تانگها تڙ

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



دنيا ۾ هونئن ته گهڻو ئي بي داد آهي پر هن ملڪ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هتي معاملو ئي ڪجهه اور آهي. دريا آهي پر پاڻي ناهي! هيڏي سخت گرميءَ ۾ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ ۽ ماڻهو مرون، پاڻي لاءِ واجهائين ٿا!

ڪن نيڪ مردن ثواب خاطر بس اسٽاپن، چوڪن، رستن تي ناديون ۽ ٽانڪيون ٺهرائي انهن ۾ ٿڌا پاڻي رکائي ڇڏيا آهن.

Thursday, January 11, 2024

بي جوڙ شادي - حسين ڪپري

بي جوڙ شادي!

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



زال مڙس هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا هوندا آهن. پر تصور ڪريو انهيءَ گاڏيءَ جو جنهن جي هڪ پاسي ٽريڪٽر جو ٽائر ۽ ٻئي پاسي ڍڳي گاڏيءَ جو ڪاٺ وارو ڦيٿو لڳل هجي!

ازدواجي زندگيءَ جي اهڙي بي جوڙ گاڏي هلائيندي اسان جي يار ولي محمد کي ويهه ورهيه گذري ويا پر ڪڏهن ڪنهن دوست، سنگتيءَ يا همدرد ڪو نه پڇيس؛ ”اي گاڏي وارا، ڪهڙو حال آهي؟ خوش ته آهين! ڀلي کڻي سلام دعا کان وئين پر شاباس آهي تنهنجي حوصلي کي جو اڃا ٽٽو ناهين ۽ جيئرو آهين جهان ۾!“

سوشل ميڊيا جا ڪانڌي - منظور ڪوھيار

سوشل ميڊيا جا ڪانڌي

ننڍڙي ڪھاڻي

منظور ڪوھيار



ڪکو خان ڪلاڪ کان موبائل سيٽ ۾ منهن هنيون ويٺو هيو مٿي ئي نه پئي ڪيائين۔ چانھ آئي ته منهن مٿي ڪيائين۔ پڇيومانس: ”وڏو مصروف هئين خير ته هو؟“

الٽو سوال ڪيائين؛ ”تنهنجا فيس بوڪ تي گھڻا فرينڊس آھن؟“

Wednesday, January 10, 2024

عظيم شادي - حسين ڪپري

عظيم شادي!

مختصر ڪهاڻي

حسين ڪپري



هاڻي شادي ختم ٿي وئي، مهمان هليا ويا؛ ڊيڪوريشن وارا تنبو ۽ شاميانا اکيڙي، جنريٽر، ديڳيون ۽ سامان ٽرڪن ۾ وجهي کڻائي ويا؛ پاڻيءَ جا ٽينڪر، پوليس جون موبائلون ۽ ٻي سرڪاري مشنري واپس ٿي وئي؛ بيگر ۾ آيل هاري ناري پنهنجي ڳوٺن ڏي روانا ٿي ويا ته گليون، رستا ۽ حالتون آهستي آهستي واپس ساڳي روز مرهه جي معمول تي اچڻ لڳا آهن. ماڻهو هوٽلن تي چانهه جي سرڪي لڳائي، ٻيڙي دکائي، چشڪا وٺي ڳالهيون ڪن ٿا؛ مڃڻ مراد آهي، سائينءَ دل کولي خرچ ڪيو. ڪاڄ پورا ٽي ڏينهن، ٽي راتيون هليو، ايترا دعوتي آيا جو مرشد پور شهر جي آبادي ٻيڻي ٿي وئي! ان جي ڪري جيڪا افراتفري، وٺ پڪڙ ۽ ٻڙڌڪ متي تنهن هر شئي کي الٽ پلٽ ڪري چُوڙن کان لوڏي ڇڏيو. اسي سال جا جهونا جن ننڍي هوندي کان وٺي ڪنهن جي مرڻي جو ڀت ڇڏيو نه پرڻي جو، سي به قسم کڻي چون ٿا؛ ”برابر ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ناهي، پر ههڙي شادي ڏٺيسين نڪا ٻڌيسين!“