Friday, January 19, 2024

هِيناپا - جميل احمد پال - ننگر چنا

هِيناپا

پنجابي ڪھاڻي

ڪھاڻيڪار: جميل احمد پال

ترجمو: ننگر چنا



“ڪَي ڪوئسَي آمار ليکا شُندور؟” (ڪنھن چيو آهي تہ منھنجي لِکائي سھڻي آهي؟)

هِيناپا وڏي وڻندڙ لھجي ۾ پڇيو.

اڳيان ڪھڙي وَرندي مِلڻي هيس، يادِ ناهي. مون کي رڳو حِنا آپا جو لھجو ۽ صورتَ ياد آهي.

حنا آپا جي گهر ڊانس محفل ٿيڻي هئي، اِنَ ڪري هُوءَ هَٿَ سان دعوت ناما لکي ڪَن سَکِيُنِ ڏي موڪلي رهي هئي. اُتي ئي ڪنھن سَکيءَ جي ڀاءُ لِکائي ڏِسي سندس ساراھَ ڪئي هئي.



بنگالي ٻوليءَ ۾ “ح” ۽ “ھ” ۾ ڪو سَنڌو  نہ هوندو آهي ۽ نہ ئي “ج” ۽ “ذ” جي وچ ۾. حنا آپا بہ “هِيناپا” ٿي وئي هئي. مُنڍَ ۾ تہ مون کي سُڌَ ئي نہ پئي تہ سندس نانءُ ڇا آهي. هِيناپا .... هِي بہ ڀلا ڪو نانءُ آهي؟

حنا آپا مون کي ڀَلِي لڳندي هئي. هئي بہ ڏاڍي سُھڻي. بنگال جي سُونھَن جو جادو تہ مشھور آهي پر عام بنگالڻين جي لُوڻياٺي وَرنَ جي اُبَتَڙ هُنَ جو  رَنگُ چَمپَئِي هو. چَمپا جي گُلَنِ جھڙو وَرنُ. اَڇاڻِ ۾ ٿورڙي ڦِڪاڻ يا زَردائِپَ. نِيريون ۽ سايون اکيون بنگال جي پاڻين جھڙيون هئس. هُو سچُ بہ ڏاڍي سُھڻي هئي. مون کي بہ وڻندي هئي. پر مان کيس لِڪي لِڪي نہ ڏسندو هئس. لِڪي ڏِسَڻ جي گُهرجَ بہ نہ هوندي هئي. ۽ نہ وري منھنجي عمر لِڪي ڏسڻ جي هئي. يارهَنِ ٻارهَنِ سالن جو ڏِيڪرو ايڏو وڏو ڳَڀرُو ناهي هوندو جو کيس لِڪي ڇوڪري ڏسڻي پوي. هُونءَ بہ هِيناپا جا ٻہ ڀيڻ ڀائر منھنجا ڪلاس فيلو هئا. هڪ روبي ۽ ٻيو ڪوبي. جيئن مٿي ٻڌائي آيم تہ بنگاليءَ ۾ ڪيئي آوازَ مُنڍَئون هوندا ئي ناهن. اُنهن ۾ هڪ آواز “و” بہ آهي. رَوبي مطلب رَوي معنا سِجُ، ٻيو ڪوبي مطلب ڪَوي معنا شاعر. روبي مون کان هڪ ڪلاسُ اڳتي هئي ۽ ڪوبي هڪ ڪلاس پوئتي. ۽ مان ستينءَ جماعت ۾ پڙهندو هئس. هُنَن ٻنهين وانگر سندن ماءُ جون اکيون بہ ٻِليءَ جھڙيون هيون ۽ اسان جي گهر جي ٻوليءَ ۾ کيس خالا ٻِلي سَڏيو ويندو هو .... خالا وري ڪاٿي؟ بنگالي ۾ “خ” ناهي هوندي، ان ڪري “کالا امان”. ماڻهو وڏي ڄمارَ جي مايُن کي “کَلّمان” چئي سڏيندا هئا.

هِيناپا گهڻي سُندَر هجڻ سان گڏوگڏ گُڻائتي بہ هئي. هُنَ کي ناچ بہ ايندو هو. ڊانس تہ بنگالين جي روحَ ۾ رَچيل هوندي آهي. هُنَن جا لوڪ گيتَ پنجابي گيتن جھڙا نہ سَھِي، بنگال جي رَسُ گُلَن وانگر مِٺا ضرور آهن. امرائو جانِ ادا ناول جي وڏي ناچڻي جي ڪَلچر سان لاڳاپو رکندڙ هڪ همراھ گهڻو اڳ بنگالي ڪلچر کي “ڪافرن ۽ هندن جو ڪلچر” چيو هو.

نورجھان جي ڳايَلَ، فلم “دلان دَي سودي” واري ڌمالَ “لال ميري پت رکيو ڀلا جهولي لالڻ....” اُنهن ڏينھن ۾ هڪدم آئي ۽ هر پاسي ڇانئجي وئي. ڪراچي ريڊيو تان، جنھن جو آوازُ ڍاڪا ۾ بہ ٿورو ٿورو پھچندو هو، اهو ڪلامُ ڏهاڙي هڪ ٻہ ڀيرا نشر ٿيندو هو. پنجابي موسيقيءَ جو جادو جھانَ جي هر ماڻهوءَ مٿان هلندو آهي. حنا آپا کي بہ اِهو گيت ڏاڍو وڻيو ۽ هُنَ مون کي فرمائش ڪئي تہ مان کيس اِهو گيت لکي ڏيان. وَرندي ڏينھن اِهو گيت نشر ٿيو تہ مون جَهٽ پَٽ ۾ لِکي ورتو. پوءِ بنگلا اَکرن ۾ صاف سُٿرو لکي وڃي حنا آپا کي پيش ڪيم. موٽَ ۾ ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ حنا آپا جي گهر ٿيندڙ ڇوڪرين جو ناچُ ڏٺم. مايا ۽ هڪ ٻہ ٻيون ڇوڪريون ساڙهيون پائي ڊانس ڪرڻ لڳيون ۽ حنا آپا ڳائڻ شروع ڪيو

دولو نہ دولائَي، دولو نہ دولائَي

ماٽي روکيلائَي

ايلو رَي راکول راجا....

تو را باجا رَي مادول باجا، تو دير ايلو رَي راکول راجا

ڇوڪرين ڏاڍي ڀلي ڊانس ڪئي. اڌ کن گيت ڳائي امالڪ حنا آپا پريشان ٿي چيس، “گهنگرو ٽاڪوئي؟” (گهونگهرو ڪٿي آهن؟) هڪدم ٽَھَڪَ ٻُري اٿيا. ڇوڪريون ڊانس ڪرڻ کان اڳ گهونگهرو ٻڌڻ وساري ويٺيون هيون. پوءِ هُنَن گهونگهرو ٻڌي نئين سِر ڊانس ڪئي. ائين مون اها ڊانس ڪيئي ڀيرا ڏٺي.

هُنَ مايا کي مون ڪجهہ ڏينھن بعد گهران ٻاهر کليل گاھ واري ميدان ۾ هڪ ڄنگهہ تي پنھنجي ڌيانَ ۾ گم ڊانس ڪندي ڏٺو، جيڪا ڊانس ڪندي ڪندي منھنجي ٻوليءَ جو لوڪ گيت ڳائي رهي هئي.

“لَٺي دي چادر، اُتي سليٽي رنگ ماهيا.....”

اسان سال کن تيجَ ڳوٺ واري ڪالونيءَ ۾ رهياسين. پوءِ ڪَرمي ٽولا هليا آياسين. اِنَ کان پوءِ حنا آپا کي مون نہ ڏٺو نہ ئي سندس باري ۾ ڪجهہ ٻُڌم. بس پاڙيسري هئاسين، باقي ويجها لاڳاپا هئا ئي ڪو نہ جو اُنهن سان ملڻ وڃون ها. ڪَرمي ٽولا ۾ اسان جو ٽن ڪمرن وارن گهر هو. هڪ پورو گهر اسان جي ٽن ڀائرن جو هو. مان هاڻ اٺين جماعت ۾ هئس. تيج گائون ۾ حنا آپا جي پاڙي جي ويجهو “ڪوچُو کيت” (تُوريءَ جي واڙي) هوندو هو. ممڪن آهي تہ ڪنھن ٽاڻي اُتي متان تُوريءَ جون واڙيون هونديون هجن، هاڻ تہ بازار هئي. هتي ڪَرمي ٽولا ۾ اسان کي ويجهڙي بازار “ڀالُو گهاٽُ” هئي. هُتان وانگر هِتي بہ بُکيا نَنگا بنگالي ٿالهيءَ ۾ ٻہ چار واڱڻ رکي، ڪڏهن سائين ڀاڄين جو ٻيجارو دُوئي پيسا (ٻه پيسا) في ٻُوٽو هيٺ ڌرتيءَ تي رکي وڪڻيندا هئا. هر ٻن منٽن کان پوءِ ڪو نہ ڪو گُهرڻ وارو اچي ويندو هو. اسان “شالا پنجابي” اڳ ۾ ئي شَڪي هئاسين، هِتي اچي اڃا وڌيڪ شَڪي بڻجي وياسين. بازار ويندا هئاسين تہ دڪاندارن سان ورڪنگ رليشن شپ هوندي بہ اسان کي ائين لڳندو هو تہ اسان کي پسند نہ ٿو ڪيو وڃي. ڪو ڏوھُ بہ سمجهہ ۾ نہ ايندو هو. ڏوھَ جي گهڻو پوءِ سُڌَ پئي تہ اسان پنھنجي ٻولي ڇڏي چڪا آهيون ۽ بنگالين مان بہ اِها آسَ رکي ويٺا هئاسين تہ اُهي بہ اسان وانگر پنھنجي ٻولي ڇڏي ڏيندا .... ايڪويھ فيبروري ايندي هو تہ سڄو بنگال، بنگالي شھيدن جو ڏهاڙو ملهائيندو هو. انهيءَ ڏينھن گهٽين بازارن ۾ ڪا ٻي ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي هوندي هئي. بنگاليءَ ۾ ڳالهائيندئو تہ دڪاندار سودو ڏيندو. انهيءَ ڏينھن گهٽين بازارن ۾ سڀئي اگهاڙين پيرين هوندا هئا.

نئين گهر ۾ آڳُرَ ۾ پَٽاٽن سان گڏوگڏ گوبيءَ جو هڪ ٻُوٽو بہ آڻي پوکيوسين. ڪيئي مھينا لنگهي ويا پر گوبيءَ ۾ گُلُ نہ آيو. ڇانءَ ۾ ڦُٽَل ٻُوٽن ۾ ڦَلُ نہ لڳندو آهي.

پوءِ هَوا آنڌاريءَ ۾ مَٽجڻ لڳي. بنگالي ڪاوڙيل هئا. ۽ اسان سندن ڪاوڙ لاهڻ جي بدران هنن کي ڌَمڪائي رهيا هئاسين. مُندَ ٿڌيري پر سياسي رُتَ ڪوسي هئي. هَنڌين هَنڌين بنگالي ٻن ٻن، چئن چئن، ڇھن ڇھن جي ٽولين ۾ بيٺا ڳالهائيندا رهندا هئا. بِھاري به ائين ئي گڏ ٿيندا هئا. مان ٻاهران سودا وٺي موٽيس، گهرِ گِهڙڻَ لڳسِ ته باهر چار پنج پاڙيسري بيٺا الائي ڪھڙي ڳالهه ڪري رهيا هئا. اُنهن جي ڳالهين مان هڪ جملو منھنجو ڪَنين پيو، “ايڪچوئلي وَي بينگاليز آر ويري فُولش پيپل.” مون اَٺون پڙهندڙ کي سڄو جملو سمجهه ۾ اچي ويو هو. هُو چئي رهيو هو ته، “حقيقت ۾ اسان بنگالي ڏاڍا ڳَھلا ماڻهو آهيون.” مون گهر اچي امان کي آڏَ وڏائيءَ وچان ڏسيو ته هُو هيئن چئي رهيو هو ۽ اِنَ جو مطلب هيءُ آهي.

تِکي آنڌاري گُهلَڻَ لڳي ته اَبو پي آءِ اي جي ٽڪيٽون ڪَٽائي، اسان سڀني کي “ويسٽ” ڇڏي ويو. هُو پاڻ موٽي ويو. اُتي فوجي آپريشن وڏي آبَ تابَ سان هلي رهيو هو. هُنَ جا خط ايندا هئا ۽ اسان کي حالتن جي سُڌَ پوندي رهندي هئي. ڀالو گهاٽَ جِي ننڍڙي بازار جتان اسان سودو سامان وٺڻ ويندا هئاسين، سا بلڊوزرن سان پَٽُ ڪري ڇڏي هئائون. هزارين ماڻهو ڀَڄي ويا هئا. ڪيترن ئي گولي ماري ڇڏيو هئائون. پوءِ جنگ ٿي، جنگ کان پوءِ هارَ ٿي. بنگالي ڌارَ ٿي ويا. هُنَن پنھنجا گيتَ، دال ڀَتُ، غريبَتَ، نعتون، ڪَٺَل، اَنناسَ ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا ڌار ڪري ورتو هو. حنا آپا به الڳ ديس جي رهاڪو ٿي رهجي وئي. هاڻ جي ڪڏهن اوڏانھن وڃڻو پيو ته پاسپورٽ ۽ ويزا جي گهرج پوندي.

مون پنھنجي ڏاڏاڻي شھر ۾ اچي اٺين پڙهي پوءِ لاهور اچي باقي جيون گهارڻ لڳي ويس.

مون کان سڀ ڪجهه وسري ويو هو. نڀاڳي يھوديءَ جي سازش جي ڪري سڀ ڪجهه ياد اچي ويو. اڄ واندو ويٺو هئس. انٽرنيٽ تي ائين ئي سَرچ ڪندي ڪندي هڪ پراڻي وسريل بنگالي نعت ياد اچي وئي ته اُنَ کي ٻُڌَڻ لاءِ دل اُتاولي ٿي وئي. مون نيٽ تي نعت جا پھريان رومن لفظ لکيا. هڪ ڪلڪ جي دير هئي ۽ ٿوري دير ۾ ڪيئي ڳائڻن پاران ڳايل اُها نعت سامهون اچي وئي. ٻُڌَم ته ساڳي سَڄَرائِپَ هئس. اُهوئي وَجَدُ جيڪو ستين جماعت ۾ هوندو هو، سو ڇانئجي ويو. پوءِ ستين جماعت جو بنگالي استادُ سڳورو اکين اڳيان اچي ويو. وڏن وڏن پوپٽن ۽ عينڪ وارو، جنھن ڪلاس ۾ جهومي جهومي اها نعت ٻڌائي هئي:

تريڀو بونير پريئو محمد ايلو ري دنيائَي

 آئَي رَي شاگور آڪاش باتاش، ديکبَي جودي آئَي

(ٻنهين جھانن جو پيارو محمد ﷺ جڏهن دنيا ۾ آيو ته سمنڊ، آسمان، هوائون کيس ڏسندا ئي رهجي ويا.) پر ڪاٿي اُهو استاد، اُها حنا آپا، ڪٿي سُندَر بَنگلا، ڪٿي اُهي فُولش پيپل بينگاليز.... انهيءَ وچ ۾ پورا پنجاھ سال پکڙيا پيا هئا.

اُهي ڪارڙا ڪوجهڙا، سَنهڙا سِيپَڪِڙا، دال سان ڀَتُ ۽ مٿان کوڙَ ساري هيڊ وجهي دَرِ (سنهڙي مڇي) کائڻ وارا ماڻهو، جيڪي ٻيپھريءَ جو غوسول (غسل) ڪرڻ کان پوءِ ئي ماني کائيندا هئا ۽ کائڻ کان پوءِ ٿورو آرام به اوس ڪندا هئا. اُهي نمازون پڙهڻ وارا بنگالي، “ز” کي “ج” چوڻ وارا . اُهي جَنِ جي نارين کي “کَلِمان” چئي مان پُڇَندو رهندو هئس ته فلاڻي وَٿَ کي بنگالي ۾ ڇا چوندا آهن. پنھنجن هڪجيڏن يا وڏي ڄمار وارن ماڻهن سان بنگالي ۾ ڳالهايو ته اڳيان هڪ جملو سدائين ٻُڌَڻ لاءِ ملندو هو:

“تُمي تو شُندور بانگلا بولتَي پارو!” (تون ته سھڻي بنگالي ڳالهائي سگهين ٿو!)

مان ٿورو لَڄي ٿي ويندو هئس ۽ دل ۾ خوش ٿيندو هئس. اڄ تائين مون کي سمجهه نه آئي ته “سَندور بانگلا” مان سندن مراد ڇا هئي؟ ڇا اُهي بنگالي کي سھڻي چئي رهيا هوندا هئا يا بنگالي ڳالهائڻ جي منھنجي انداز کي.

گهر جي ٻاهرين ورانڊي ۾ ڏهن ٻارهن ورهين جي بنگالڻ ڇوڪري منھنجي ميز تي ويٺي ڀَتُ کائي رهي هئي، ميز جي ٻئي پاسي ٻه ڇوڪرا ويٺا هئا. هُو کائڻ سان گڏوگڏ ڳالهيون به ڪري رهيا هئا. سامهون گهر جي واڙِ کان ٿورو پَرڀَرو پنجابي ڇوڪرو بيٺو، جُوھَ وجهي کين تَڪي رهيو هو. هُو ڪميڻو يا لالچي نه هو، بس هوراکورا وچان کين ڏسي رهيو هو. بنگالڻ ڇوڪريءَ هُنَ کي جُوھَ وِجهيون تَڪيندي ڏٺو ته کيس چوڻ لڳي، “کائَي بَي؟” (کائيندين؟)

ڇوڪرو لَڄِي ٿي ويو. هُنَ هِيسِجِي نَھَڪَر ۾ ڪنڌ ڌُوڻيو ۽ اڳتي وڌي ويو.

بازار ۾ اُهو ڌوٻي جيڪو سدائين ڪپڙا استري ڪندي ڏسڻ ۾ ايندو هو. سندس استريءَ واري ميز ايئن پئي  هوندي هئي جو هُو ساڄي جو ڏيکُ به ڏسندو رهندو هو. ڏهاڙي جڏهن اُهو پنجابي ڇوڪرو اُتان لنگهندو هو تڏهن هُو هُنَ کان مُرڪي پُڇَندو هو، “ڪِي کوبور؟” ڇوڪرو لَڄِي ٿي ويندو هو. ڪِي جو اِهوئي مطلب هو جيڪو پنجابي ۾ آهي (ڪھڙي؟). “کوبور” ،مان پنجابي ڇوڪري اِهو سمجهيو ته شايد کائڻ جو پُڇي ٿو. هُنَ کي ڪجهه هَٻَڪَ محسوس ٿيندي هئي. هڪ ڏينھن جڏهن ڌوٻيءَ هُنَ کي “ڪِي کوبور؟” چيو، تڏهن ڇوڪري همت ڪري چيس، “ڀات!” (ڀت)

“ڀات!” ڌوٻيءَ چيو ۽ کِلي ڏنو.

پوءِ پنجابي ڇوڪري کي وڃي سُڌَ پئي ته کوبور جو مطلب هو خبر، ڇا ڪھڙي خبر آهي؟

۽ منھنجو ڪلاس فيلو اَحسن، جيڪو عينڪ پائيندو هو ۽ بنگالي ٿي ڪري به پنجابين وانگر پنجابي ڳالهائيندو هو، ڙي نُونَ جي سموري سُھڻائپ سان گڏ، فوجيءَ جو پُٽ هو ۽ پيءَ جي پنجاب ۾ بدليءَ جي ڪري گجرات جي ڪنھن اسڪول ۾ پڙهي چڪو هو. تڏهن ته مون سان پنجابي ڳالهائيندو هو، بعد ۾ ڪٿي وَجُهه مليو هوندس؟ هُنَ کي به پنجابي ايتري ئي ياد رهجي وئي هوندي جيتري مون کي بنگلا ياد رهجي وئي آهي. جي جيئرو هوندو ته پنھنجن پوٽن ڏوھٽن سان شايد پنجاب جون يادون تازيون ڪندو هوندو. ڏَسِيندو هوندُنِ ته پنجابَ ۾ اهڙي مخلوق وَسندي آهي جيڪا پنھنجي ٻولي ڳالهائڻ پسند ناهي ڪندي. ۽ هُنَ جا پوٽا ڏوھٽا واتَ ۾ آڱر ڏئي سوچيندا هوندا، ڏاڏو /نانو اسان سان ڪُوڙ ڳالهائي ٿو. ائين به ڀلا ڪڏهن ٿي سگهي ٿو؟

بنگالين جا گهر ٻارن ۽ سندن ڇَپَرَ مڇين سان ڀَريل رهندا هئا. ڄارُ وِجهي مڇيون پڪڙڻُ ڪيڏو نه مزيدار ڪم هو! ۽ اوترو ئي مزيدار ڪم هوندو هو هڪ پنجابي ڇوڪري لاءِ مڇيون پڪڙجندي ڏسڻُ. ڄارَ وارو ڄارَ کي کولي سَٽَ ڏئي پاڻيءَ ۾ اُڇلائيندو هو. پوءَ هڪ ٻه منٽ اوسيئڙو ڪندو هو، پوءِ هوري هوري ڪري ڄارَ کي ٻاهر ڪڍندو هو. ڄارُ مڇين سان ڀَريل نڪري ايندو هو. وَرنَ وَرنَ جون مڇيون، ڦٿڪنديون ٻاهر اينديون هيون. ڪي ننڍيون ڪي وڏيون. ڪڏهن ڪو وڏو ڏيڏر به هوندو هو جيڪو ٽپو ڏئي ڀڄي ويندو هو. ڪڏهن ڪو ڪَڇون به. مڇيون ائين ڦٿڪنديون هيون جيئن ڪو ديسَ کان پري وڃي ديسَ جي ياد ۾ ڦٿڪندو آهي. مڇين کي چُونڊي چُونڊي بانسَ جي کاري ۾ وڌو ويندو هو، پوءِ اُنهن مٿان کوڙ ساري هيڊَ ۽ مرچ وجهي ٻوڙُ رَڌيو ويندو هو. ڪڏهن انهن مڇين ۾ مَٽَرَن ۽ سيمَ جون ڦَريون، گوبي ۽ ٻي سائي ڀاڄي به وجهندا هئا. بنگالي اِهو ٻوڙُ ڀَتَ پاڻيءَ جھڙي مَھري دال سان وڏي مزي سان کائيندا هئا. مُٺِ ۾ گهمائي گهمائي گولا ٺاهيندا ۽ کائيندا هئا. مُٺِ مان پاڻيءَ جھڙي دال وَهَندي وَهَندي ٺُوٺِ تائين هلي ايندي هُيَنِ. هُو ٻانھُنِ کي به چَٽي وندا هئا. پنجابي هنن کي کائيندي ڏسندا هئا ته ڪِرڀَ کائيندا هئا. هُنَن کي بنگالي ڏاڍا ڪِنا لڳندا هئا.

اُنهيءَ بنگال ۾ روزا اچڻ کان هڪ ڏينھن اڳ امان کوڙ ساري چڻن جي دال صاف ڪري دَٻي ۾ وجهي ڏني ۽ چيائين، “وڃ، وڃي پيھائين اچ!”

بيسڻُ ته عامَ جامَ ملندو هو پر نِجي شئي جو شوقُ....

ڇوڪرو ڪَچي دڳ تي هلندو هلندو ڪي ٻه فرلانگ کَنُ پري واري ڳوٺ وڃي نڪتو. پري سوپاريءَ ۽ ناريل جي وڻن جي اوٽَ ۾ لَھَڻَ جي سَنبَتِ ڪندڙُ سِجُ اُداسيءَ وچان ڇوڪري کي ڏسي رهيو هو ته پنجاب جو هيءُ ڇوڪرو هتي ڇا ڪري رهيو آهي؟

ٺُڦ ٺُڦ جي رومانوي آواز سان چَڪِي هلي رهي هئي. چَڪيءَ اڳيان ويھه کن وَٿُنِ جي پالَ لڳي پئي هئي. ٿيلهين ۽ بالٽين ۾ ڪڻڪ ۽ چانور پيسائيءَ لاءِ آيل هئا. ڇوڪري پالَ جي پڇاڙيءَ ۾ سڀ کان پوئتي پنھنجي دال وارو دَٻو رکي ڇڏيو. چڪيءَ واري جو ڌيانُ ڪاڏي ٻئي پاسي هو. پوءِ هُنَ جي اک پنجابي ڇوڪري تي وڃي پئي. هُنَ اشاري سان سَڏي ورتس، “تُمار ٽا ڪوئي؟” (تنھنجي وَٿَ ڪٿي آهي؟) هُنَ پڇيس. “اوئي دِيڪي!” ڇوڪري دَبي ڏي اسارو ڪيس.

“آنو.” (آڻ) هُنَ ڇوڪري کي چيو. (آنو؟ ائين ته پنجابيءَ ۾ به چوندا آهن.)

ڇوڪرو دَٻو کڻي هُنَ ڏي وڌي ويو ۽ چَڪيءَ واري اڳ پيل داڻا پورا ٿيندي ئي هُنَ جي دَٻي واري دال چڪيءَ ۾ لاهي ڇڏي. منٽ ڏيڍ جي اندر دَٻو ڪوسي ڪوسي بيسڻ سان ڀرجي ويو. ڇوڪري هٿ ۾ جهليل هڪ آنو ... هڪ ٽيڊي پيسو ۽ هڪ پنج پيسي چڪي واري کي ڏيڻ جو جَتَنُ ڪيو. ،“ناهين، جائو!” چڪيءَ واري بنان پيسن وٺڻ جي ڇوڪري کي هڪلي ڇڏيو.

پوري اڌ صديءَ کان پوءِ جڏهن چڪيءَ واري جا پيسا نفعي سميت سُڌَ ناهي ته الائي ڪيڏا هزار ٿي ويندا آهن، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اُهي ڪيئن موٽايان؟ ڳالهه پيسن جي ناهي، انهيءَ بي غرضيءَ جي آهي جيڪا چڪيءَ واري بنگاليءَ هڪ پنجابي سان ورتي هئي.

اُهي ئي بُکيا ننگا بنگالي ، پر دل جا امير بنگالي هاڻ ڍَوَ تي ماني کائڻ لڳا آهن. هنن جي گيتن جو سوزُ ۽ ميٺاڄُ اڃا به وڌي ويو آهي ۽ اها نعت اڄ به جيئن جو تيئن سُرور ڏيندڙ هئي. پنجابي هاڻ انهن لاءِ هڪ ڏکوئيندڙ ياد ئي رهجي ويا هئا. ۽ هيڏي ڍَوَ جي پِٽِيَلَ اسان پنجابين کي ٻن ويلن جي ماني ملڻ به اوکي ٿيندي پئي وڃي.

حنا آپا ياد آئي ته اُهي طوفان به ياد آيا جيڪي سندس ديس مٿان اسان جي پنجابين پاران گذريا هئا. هنن جو اڳواڻ چوندو هو ته لکين نارين سان زنا ٿي، لکين ناريون؟ انهيءَ کان چوويھه ورهيه اڳ ورهاڱي مھل پنجاب به اهڙي ئي طوفان مان لنگهيو هو. پنجابين پاڻَ سان پاڻُ ريپ ڪيو هو. پنھنجو ريپ پاڻَ ڪرڻ وارن لاءِ ٻين جو ريپ ڪرڻ ته ڏاڍو سولو هوندو آهي. تڏهن به ڳڻپ لکن ۾ ئي هئي. پنجابين کي تڏهن به عقل به نه آيو هو؟ اُنَ مھل مذهب الڳ، ٻولي ساڳي هئي، هاڻ ٻولي الڳ ۽ مذهب ساڳيو هو. اسان پنجابين ڪڏهن به ڪنھن ساڳيائپ جو لحاظ ناهي ڪيو؟ هڪ ڄنگهه تي نچندڙَ لَٺي جي چادر وارو گيت ڳائيندڙ مايا، ڪِي کوبور؟ پڇڻ وارو ڌوٻي، پنجابي ڳالهائڻ وارو ڪلاس فيلو اَحسن، دال ڀت کائڻ واري ۽ “کائي بَي” چوڻ واري ڇوڪري، مڇين سان ڀريل ڇپر ۽ سڀني کان وڌيڪ حنا آپا .... ايڪچوئلي وي پنجابيز آر ويري فُولش پيپل.

حنا آپا به بنگال جي ريپ ٿيل نارين ۾ شامل ٿي هوندي؟ سُڌَ ناهي. هُنَ جي سُونھن فرشتن جھڙي هئي. فرشتي جو ريپ ته ٿي نه ٿو سگهي شايد؟ پيسائيءَ جا پيسا نه وٺڻ وارو، اِها وجد ڀري نعت لکڻ، ڳائڻ ۽ ٻُڌڻ وارن ماڻهن مٿان فوجي آپريشن ٿيو هو؟ حنا آپا جھڙين سھڻي لکائيءَ وارين ڇوڪرين ڇا ڪيو هو جو هنن سان اهڙو ورتاءُ ٿيو؟

مون سچي ڌڻيءَ اڳيان دعا ڪئي ته حنا آپا اهو ڏينھن شل نه ڏٺو هجي. ان اڳ هُوءَ ڪنھن ٽريفڪ حادثي ۾ مري وئي هجي، ڀِت ڪري پوڻ جي ڪري اُنَ هيٺان اچي وئي هجي. ڇت تان ڪري مري وئي هجي. ڪنھن ٻئي ڪارڻ جي ڪري پوري ٿي وئي هجي. بس ريپ کان بچي وئي هجي.

مون کي سُڌَ ناهي ته پنجاھ ورهيه پوءِ گهري ويندڙ دعا گذري ويل زماني تي ڪيئن ٿي لاڳو ٿي سگهي.....

 

(۱۸ نومبر ۲۰۲۰ع ۾ لکيل.)

(ماهوار "امرتا" حيدرآباد ۾ جنوري ۲۰۲۴ع جي پرچي ۾ ترجمو ڇپيل)

No comments:

Post a Comment